سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 6

باب: --

صفحو :7

 

خوله سهلا

اخلاقي سبق

 

اچو ته ٻارو نيڪ ٿيون

 

پيارا ٻارؤ! اچو ته اڄ کان پاڻ سوچون ته اسان سڀ نيڪ ٿينداسين. بيحد نيڪ ۽ سلڇڻا، محنت ۽ محبت ڪرڻ وارا.....سدورا ۽ سٻاجهڙا..........

هاڻي اچو ته صبح کان شروع ڪريون. جيئن نئون سج پنهنجي لاءِ نيون خوشيون آڻي. نيڪيءَ جو نئون سُرور بخشي. هاڻي سوچون ته اسان مان صبح جو سويل ڪيترا ٿا اٿن. مٺڙا ٻارو صبح جو سويل اُٿڻ جي عادت بيحد سٺي آهي. اهو ته پاڻ ننڍي هوندي کان پڙهندا آيا آهيون ته:

سويل سمجهي، سويل اُٿجي.

اوهان ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.

 

توهان صبح جو سويل اُٿندو ته ڏسندو ته پکي به سويل اٿي مٺي لات پيا لنوَن، مِٺيون ٻوليون پيا ڪن. چوندا آهن ته اهي به سويل اٿي الله کي ياد ڪندا آهن. پاڻ ته اشرف المخلوقات آهيون ته ٻارو......! اشرف المخلوقات معنيٰ خبر اٿو.....؟ ها ان جي معنيٰ آهي سڄي مخلوق ۾ سڀ کان بهتر سڀ کان سٺا.

پوءِ ٻارو جڏهن الله اسان کي سڀ کان سٺو بنايو آهي ته پوءِ اسان ڇو خراب عادتون سِکون......!

مٺڙا ٻارو اوهان کي خبر آهي ته جڏهن پنهنجي پاليندڙ ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ زمين ۾ هڪ نائب پيدا ڪرڻ وارو آهيان . انهن چيو ته ڇا تون ان کي پيدا ڪندين جو ان ۾ فساد ڪندو ۽ رت وهائيندو. ۽ اسين تنهنجي تعريف سان تنهنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا. پنهنجي پالڻهار چيو ته آءُ آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻان ٿو. پوءِ ملائڪن کي چيائين ته آدم کي سجدو ڪريو. پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي. جنهن وڏائي ڪئي ۽ الله جو چيو نه مڃيو. پوءِ حضرت آدم کي حڪم ٿيو اي آدم! تون ۽ تنهنجي بيبي حوا بهشت ۾ رهو. جتان وڻيو اتان کائو پيو پر هن وڻ جي ڀرسان به نه وڃجو نه ته نقصان ۾ ويندو. پوءِ شيطان هنن ٻنهي کي برغلائي اوڏانهن وٺي ويو. آخر جنهن مزي ۾ هو بهشت ۾ رهندا هئا. ان مان انهن کي ڪڍرايائين، پوءِ الله آدم کي حڪم ڏنو ته توهان هتان لهي هيٺ زمين تي هليا وڃو. پوءِ جيڪي ات نيڪ ٿيندا، چڱا ڪم ڪندا انهن کي ڪو ڊپ نه آهي باقي جيڪي خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪندا اهي هميشھ هميشھ دوزخ ۾ رهندا.

شيطان چيو ته مان الله جي ٻانهن جي اڳيان پٺيان ساڄي کاٻي اچي هنن کي برغلائيندس.

الله چيو ته منهنجي نيڪ ٻانهن کي تون ڪجهه ڪري ڪونه  سگهندين پر جيڪي تنهنجي پويان لڳا انهن کي توسان گڏ دوزخ ۾ ڀريندس، دوزخ اها باهه آهي، جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن، پوءِ اهي ان ۾ هميشھ رهندا.

سو پيارا ٻارو جڏهن اسان صبح جو سوير اٿڻ لڳندا آهيون تڏهن شيطان اسان کي برغلائيندو آهي ته ڀل سمهي پو، ننڊ ڪر.

پر ٻارو توهان سوچي ڇڏيو ته اڄ کان اسان شيطان جو چيو ڪونه مڃينداسين. پنهنجن وڏن کي چئي سمهو ته توهان کي سوير سج اڀرڻ کان پهرين اٿارين، پوءِ هڪ ئي سڏ تي بسم الله رحمٰن الرحيم چئي اٿي کڙا ٿيو....

شاباس ٻارو شاباس..... سويل اٿندڙن جو الله بخت به بلند ڪري ٿو.

شال الله توهان سڀني کي نيڪ ڪري.

 

گل ڦل لاءِ ايجنٽ گهرجن

 

سنڌ جي هيٺين شهرن لاءِ ايماندار ايجنٽ گهرجن: ڪشمور، ڳڙهي ياسين، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، پير جو ڳوٺ، راڻيپور، ڪنڊيارو، ڀريا، مٺياڻي، محرابپور، پڊعيدن، ٺارو شاهه، نوشهروفيروز، مورو، دولتپور، قاضي احمد، سانگهڙ، ٽنڊوآدم، سنجهورو، مٽياري، ماتلي، بدين، ميرپورساڪرو، ڪوٽڙي، سيوهڻ، ميهڙ، جوهي، دادو، وارهه، باڊهه، راڌڻ، رتوديرو، قمبر.

خط و ڪتاب ڪريو: محمد امين بلوچ،

                        مئنيجر ماهوار ”گل ڦل“

سنڌي ادبي بورڊ، پوسٽ باڪس 12، حيدرآباد.

 

 

ع. م پلهه ڳوٺ گلاب پلهه.

 

سهڻا سخن

 

1- ٽي شيون محبت وڌائڻ جو ذريعو آهن. (1) سلام ڪرڻ (2) مجلس ۾ ٻين لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ (3) سامهين ماڻهوءَ کي تمام سهڻي نالي سان سڏ ڪرڻ.

 (حضرت عمر رضه).

2- دل مثل آهي سندس زندگي علم آهي. علم به مثل آهي، سندس زندگي علم طلب ڪرڻ ۾ آهي.

(حضرت ابوبڪر رضه)

3- اهڙي ڳالهه نه چئو جيڪا ٻڌندڙ جي سمجهه کان ٻاهر هجي.

(حضرت عثمان رضه)

*مٺو شاهه بختاور ٺٽو.

1- الله جي محبوب کي اڪيلائي وڌيڪ پسند ايندي آهي.

(حضرت عثمان رضه)

2- غريب جو هڪ درم صدقو، امير جي لکن درمن جي صدقي کان وڌيڪ آهي.

(حضرت عثمان رضه).

 

ڇا اوهان کي خبر آهي ته

 

غلام النبي جمالي ٽنڊوڄام

1- ماڪوڙي ڄمڻ کان مرڻ تائين ننڊ نه ڪندي آهي.

2-دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو قلعو ”رني ڪوٽ“ سنڌ جي دادو ضلعي ۾ آهي.

3- دنيا جي سڀ کان پراڻي اخبار ”پيڪنگ گزٽ“ چين ۾ آهي جيڪا لڳاتار 350 سالن کان شايع ٿي رهي آهي، ان جا 500 ايڊيٽر ڦاسي کائي چڪا آهن، تنهن هوندي به اخبار بند نه ٿي آهي.

4- دنيا ۾ سڀ کان وڏي لائبريري پئرس ۾ آهي، جنهن جو نالو ”بلي“ آهي.

 

عبدالقادر ميمڻ ڏيپلو

1- دنيا ۾ سڀ کان وڏو غاليچو لنڊن ۾ آهي، جنهن جو وزن هڪ سئو مڻ آهي.

2- دنيا ۾ سڀ کان وڏو هوائي اڏو آمريڪا ۾ آهي.

 

ايم يو اشرف پنگريو

1- دنيا ۾ سڀ کان وڏو جبل ”هماليه جبل“ آهي.

2- دنيا ۾ سڀ کان وڏو ٽاور ”ايفل ٽاور“ ٿٻيٽ ۾ آهي.

3- دنيا ۾ سڀ کان وڏو گهنڊ ”گريٽ بيل“ ماسڪو ۾ آهي.

4- دنيا ۾ سڀ کان وڏي ريل روس ۾ آهي.

 

سليم رضا ڀٽي دڙو

1-افريڪا ۾ 10 سالن کان گهٽ عمر وارن کي سئنيما ڏسڻ جي اجازت نه آهي.

2- نيويارڪ (آمريڪا) جي هڪ نمائش ۾ هڪ شخص چانور جي هڪ داڻي تي 14 هزار اکر لکيا.

3- انسان جو وار هڪ سال ۾ 16 انچ وڌي ٿو ۽ آڱر جو نهن هڪ سال ۾ صرف اڍائي انچ.

4- جپان جي اسڪولن ۾ شاگردن کي ٻنهي هٿن سان لکڻ سيکاريو وڃي ٿو.

 

ارشاد احمد سومرو شڪارپور.

1- سج زمين کان 9 ڪروڙ 30 لک ميل پري آهي. ۽ روشني ستن منٽن کانپوءِ زمين تي پهچي ٿي.

2- دنيا جو تمام پراڻو شهر دمشق آهي.

3- انسان جي سڄي بدن ۾ اٽڪل 3 ڪروڙ سوراخ ٿيندا آهن جن مان پگهر نڪرندو آهي.

 

گرو ڏنو-جي-پنجواڻي شهدادڪوٽ

1- لنڊن جي ”لٽن هائوس“، برطانيا ۾ رانديڪن جو عجائب گهر آهي، جنهن ۾ مختلف هنڌن تان خوبصورت ۽ تاريخي رانديڪا تقريبن ٽي هزار گڏ ٿيل آهن. هن عجائب گهر کي هيلي ڊيڪن برپا ڪيو، جو ڊبلن ۾ پيدا ٿيو ۽ رانديڪن جي تاريخي موضوع تي گهڻن ئي ڪتابن جو مصنف ٿي گذريو آهي، سندس خيال موجب غير ملڪي زبانن، جاگرافي ۽ پوشاڪن جي لهاظ کان جيڪڏهن ٻارن کي رانديڪن ذريعي تعليم ڏني وڃي ته ٻار دلچسپي سان تعليم ڏني وڃي ته ٻار دلچسپي سان تعليم وٺي سگهن ٿا ۽ مستقبل جي تعمير ۾ خاص اهميت رکي سگهن ٿا. سندس خيال کي وڏي اهميت ڏني ويئي ۽ سندس عجائب گهر جي ايسٽر ۽ ڪرسمس جي موقعي تي نمائش ڪرائي ويئي.

2- انگلستان ۾ ”بڪنگهم پيلس“ سن 1703ع ۾ ڊيوڪ آف بڪنگهم تيار ڪئي، جنهن کان جارج ٽئين شاهي محل خاطر خريد ڪري، ڇهه لک پائونڊ خرچ ڪري شاهي محل تعمير ڪرايو، هي محل چاليهه ايڪڙن تي پکڙيل آهي،جنهن ۾ ڇهه سئو ڪمرا ۽ ٻاهرين اندرين درن درين جو تعداد ڏهه هزار آهي، هن محل ۾ دفتر، ٻارن لاءِ پارڪ ۽ سڄي دنيا جا قيمتي تحفا، سون چاندي ۽ جواهرات موجود آهن.

محل جي وڏي ايراضي هئڻ ڪري هڪ دفعي ”ملڪ ميري“ کي پنهنجي ڪمري ۾ ڳولڻ ۾ ٽي ڪلاڪ صرف ٿيا ۽ موجوده ملڪ،سائيڪل استعمال ڪندي آهي، هن محل جي مٿان جهنڊو هميشھ لهرائيندو رهندو آهي، جنهن لاءِ هڪ نوڪر رکيل آهي، جو هوا بند ٿيڻ جي صورت ۾ مصنوعي هوا پيدا ڪري جهنڊي کي لهرائيندو آهي.

3- آسٽريليا ۾ سها في سال ٽي ڪروڙ پائونڊ فصل جو نقصان ڪندا آهن، ايڏي وڏي نقصان کي روڪڻ لاءِ سن 1880ع ۾ هڪ قانون ٺاهيو ويو، جنهن موجب سهن کي مارڻ ۽ انهن جون منڍيون آڻڻ واري کي انعام ڏنو ويندو هو ۽ هر سال پوڻا ٽي ڪروڙ منڍيون حڪومت کي حاصل ٿينديون هيون پر تڏهن به سهن جو تعداد ڪين گهٽيو ۽ ترڪيب ناڪامياب ويئي ۽ حڪومت جو نو لک پائونڊ خرچ ٿي ويو.

 

وڌي جڏهن وڏو ٿيندس

گل ڦل جي هن انعامي مقابلي ۾ مٿئين عنوان تي مضمون لکي موڪلڻ جي آخري تاريخ 25 جون 1975ع آهي. هن پرچي جي صفحي 22 تي شايع ڪيل اعلان کي درست ڪري پڙهڻ گهرجي.  -ايڊيٽر

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com