سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 6

باب: --

صفحو :9

 

هنن سان ملو

 

362- نالو: ٻلديو ڪمار (پڙهندڙ ڪلاس ستون اي)

عمر: 10 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: ڀٽائي مڊل اسڪول، ڪنڌڪوٽ

 

363- نالو: عبدالعزيز کٽي (پڙهندڙ ڪلاس اٺون بي)

عمر: 12 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، بدين.

 

364- نالو:عبدالستار ”عبد“ ٽالپر.

عمر: 15 سال.

وندر: خط لکڻ ۽ قلمي دوستي.

 

ائڊريس: معرفت ايس ڊي او قاضيا بئريج ڪالوني، بدين.

 

365- نالو: رحمت الله چانڊيو (پڙهندڙ ڪلاس ستون).

عمر: 11 سال.

وندر: والي بال ڪرڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: هاءِ اسڪول، ننگرپارڪر.

 

366- نالو:نرگس فرزانه شيخ (پڙهندڙ درجو نائون)

عمر: 14 سال.

وندر: ڀينرن ۽ ڀائرن جي خطن جا جواب ڏيڻ.

ائڊريس:گهر نمبر 1301- ب نوحاڻي گهٽي لاڙڪاڻو.

 

 367-نالو: محمد اڪمل ميمڻ (پڙهندڙ نائون ڪلاس).

عمر: 14 سال.

 وندر: غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ ڪنهن کي نه ڏکوئڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

 

368- نالو: عبدالله سومرو.

عمر: 16 سال.

تعليم: ڪلاس نائون.

وندر: رسالو پڙهڻ رانديون وغيره.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

 

369- نالو: غلام حيدر ”اياز“ زرداري ڪلاس نائون،

وندر: اسڪولي ڪم ۾ محنت ڪرڻ، ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سرهاري تعلقيو شهدادپور، ضلعو سانگهڙ.

 

370- نالو؛ پرڪاش لعل ڪنگراڻي.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي ۽ تعليم پرائڻ.

پڙهندڙ: درجو ڇهون بي.

ائڊريس: ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

 

371- نالو : الهه بچايو ”صابر“ ماتلي.

عمر: 12 سال.

تعليم: سنڌي ستون.

وندر: ”گل ڦل“ پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ خط جو جواب جلد ڏيڻ وغيره.

ائڊريس: محمد اسماعيل جڳسي پان هائوس اسٽيشن روڊ ماتلي ضلعو بدين.

 

372- نالو: خدا بخش ڪانڌڙو (پڙهندڙ ڪلاس اٺون).

عمر: 15 سال

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: برانچ مڊل اسڪول حاجي عبدالله ڪانڌڙو لڳ دڙو ضلعو ٺٽو سنڌ.

 

373- نالو: محمود الحسن نورمحمد مغل، پڙهندڙ ڪلاس اٺون اي.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: عبدالرحمان مغل بنگلو نمبر ڊي. 5 سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو.

 

374- نالو: عبداللطيف سومرو لاڙڪاڻو پڙهندڙ ڪلاس اٺون.

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو سنڌ.

 

375- نالو: اشفاق علي جعفري.

عمر: 10 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس:نيڪ محمد بلوچ منزل آتمارا پريتمداس روڊ ڪراچي نمبر 2 لياري.

 

376-نالو: عطا حسين شاهه ولد غلام محمد شاهه.

عمر: 14 سال.

وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.

 

377- نالو: پورڻ لعل.

عمر: 12 سال.

وندر: قلمي دوستي ۽ فلم ڏسڻ.

پڙهندڙ: درجو ڇهون بي.

ائڊريس: ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

 

378- نالو: درشن لعل گهنشام.

پڙهندڙ ڪلاس ستون اي.

عمر: 13 سال.

وندر: فوٽُ ۽ رنگ ڪرڻ.

ائڊريس: گلو مل گوڌرن درس مهربان بازار ڪنڌڪوٽ.

 

379- نالو: نارا چند پٽ هردومل گيهي (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون اي).

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

عمر: 12 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

 

380- نالو: رفيق احمد سومرو ولد ايم خميسو (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

عمر: 15 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: رفيق احمد پان هائوس دڙو.

 

381- نالو: جئرام داس ولد راول مل.

پڙهندڙ؛ ڪلاس ستون.

عمر: 13 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ

 

382- نالو: شاهه نواز هوت بلوچ (پڙهندڙ ڪلاس ستون اي)

عم: 15 سال.

وندر: گل ڦل ۾ سڀ ڪجهه موڪلڻ ۽ ٻارن کي لکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهڏو ضلعو ٿرپارڪر.

 

383- نالو: بدر الدين قاضي.

عمر: 12 سال.

وندر: ڪهاڻيون ۽ ٽي ويءَ ۾ ٻارن جا پروگرام ڏسڻ.

ائڊريس: بدر الدين قاضي معرفت جناب حڪيم محمد بخش نصرپور.

 

384- نالو: راڻو مل ٽي پرياڻي لهاڻه.

عمر: 16 سال.

وندر: ناول ۽ رساله پڙهڻ.

ائڊريس: رميش لعل-ايم –پدواڻي ڪلاس اٺون بي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي ٿرپارڪر

 

385- نالو: غلام بانو ولد گلزار علي (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون).

عمر: 15 سال

وندر: فوٽو گڏ ڪرڻ.

ائڊريس:معرفت سيتل مل دوڪاندار محله ڏهوٽ آباد، نظاماڻي، خيرپورميرس سنڌ.

 

386- نالو: پريم چند ولد ويرو مل.

پڙهندڙ ڪلاس ستون اي.

عمر: 15 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: شداڻي اسٽورس مين روڊ ميرپورماٿيلو.

 

387- نالو: سريچند لال پٽ بشڪومل منڌاڻ (پڙهندڙ ڪلاس اٺون اي)

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ، رسالا پڙهڻ گل ڦل پڙهڻ ۽ خطن جا جلد جواب ڏيڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ، ضلعو جيڪب آباد سنڌ.

 

388- نالو: وارث علي شاهه.

پڙهندڙ: درجو نائون.

عمر: 14 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

 ائڊريس:معرفت غلام رسول شاهه، پان ٻيڙي هائوس ٽنڊو محمد خان

 

389-نالو: عبدالاحد ولد عبدالقادر شيخ پڙهندڙ ڪلاس پنجون.بي

وندر: راند روند ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت ظهير الدين شيخ، ڪلاس نائون اي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري سنڌ.

 

390- نالو: عبيدالله ولد عبدالقادر شيخ (پڙهندڙ ڪلاس پنجون. ب).

عمر: 15 سال.

وندر: راند ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت ظهير الدين شيخ ڪلاس نائون اي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري سنڌ.

 

391- نالو: محمد وارث ڏاهري.

عمر: 16سال.

وندر: سنڌي ٻارڙن جي خدمت ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت گهرام ڏاهري شاهپورچاڪر.

 

سلام ۽ سنيها

 

شڪارپور کان افسر حسين شاهه لکي ٿو:

ادا، هن دفعي وارو پرچو خاص نه هو، ڇو ته ان ۾ منهنجو ڪجهه به مواد ڪونه هو. مون ڊرامي نموني ٻن دوستن جي گفتگو اوهان ڏانهن موڪلي آهي. اها شايع ڪندا. ادو شوڪت حسين استعيفيٰ ڇو ڏئي ويو. اوهان پنهنجو ۽ ادي شوڪت جو فوٽو شايع ڪندا. اوهان کي ايڊيٽر ٿيڻ جي مبارڪ هجي.  (ڀاءُ، اوهان جو مواد ڪونه هو، ان ڪري اوهان کي پرچو خاص نه لڳو، اها به مهرباني. اوهان جي ڊرامي نموني گفتگو، واري تي شايع ڪبي. ادو شوڪت پنهنجي خانگي مجبورين ڪري استعيفيٰ ڏيئي ويو آهي. ادي شوڪت ۽ منهنجو فوٽو ”گل ڦل“ آهي، ڪيئن اوهان کي پسند آيو؟)

 

جهڏي گدام کان شاهنواز هوت لکي ٿو:

رسالو تمام سٺو آهي، جنهن ٻارن کي اونداهه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو آهي. آءُ ڪي تجويزون پيش ڪريان ٿو، جيڪي عمل ۾ آڻيندا.  (1) گل ڦل جون شاخون کوليون وڃن. (2) رسالي جا صفحا وڌائي قيمت وڌائي وڃي. (3) ڪارٽون ڏيندا ڪريو. (ادڙا! شاخن کولڻ جي مونجهاري ۾ اسان پوڻ نٿا چاهيون، ان جي عيوض اسان ٻارن ۾ لکڻ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪرڻ گهرون ٿا، جيئن هو آئيندي جا وڏا ٿي ڪي ڪارناما سرانجام ڏين. ڪارٽون شايع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. موڪليو، سٺا هوندا ته ضرور شايع ڪبا).

· دڙو ضلعي ٺٽي کان شبانه پروين لکي ٿي:

ٽي مهينا ٿيا آهن ته مون ڪهاڻي ”نصيب ائين هوم“ موڪلي هئي، پر اڃا تائين شايع نه ٿي آهي، اها ڪنهن به صورت ۾ شايع ڪندا، نه ته ڳالهه ڪونه ٺهندي ۽ آءُ هميشھ لاءِ ناراض ٿي پونديس. (ادي، ڪاوڙ نه ڪر، ذرو ٿڌي مغز سان سوچ ته اها ڪهاڻي، گل ڦل ۾ شايع ٿيڻ جهڙي آهي؟ گل ڦل ۾ ٻارن لاءِ اخلاقي، اصلاحي ۽ سبق آموز ڪهاڻيون شايع ڪرڻيون آهن، ان ڪري تون اهڙي قسم جي ڪهاڻي لکي موڪل اسان اها ضرور شايع ڪنداسون. اميد آهي ته گل ڦل جي خاطر تون ضرور ڪا سٺي ڪهاڻي لکي موڪليندينءَ.)

هيٺين ادڙن پنهنجي خطن ۾ گل ڦل جي مواد ۽ ڇپائيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ مڪمل ساٿ ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي: خيرپور ناٿن شاهه کان شيخ سرور ناٿن شاهي، ڪراچيءَ جي ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ملير کان رسول بخش خاصخيلي،  دڙي ضلعي ٺٽي کان رفيق احمد ميمڻ لاکاڻي ۽ گلزار علي ميمڻ، ڳڙهي ياسين کان ذوالفقار علي ميراڻي، ڳوٺ نم ليار کان غلام عباس نظاماڻي، ٽنڊي محمد خان کان خليل ناصر ميمڻ، شڪارپور کان بابو عبدالرشيد ابڙو.

 

لاڙڪاڻي کان اسلم سنديلو لکي ٿو:

 هن مهيني جو پرچو پڙهيم ۽ پرچي ۾ ڪجهه تبديليون محسوس ڪيم. ادي شوڪت جي استعيفيٰ جو پڙهي ڏک ٿيو. الائي ڇو اسان ننڍڙن ڀائرن کي ڇڏي ويو. اوهان کي مبارڪون عرض رکان ٿو، پرچي جي معيار کي ڪجهه وڌايو. پنهنجي پياري پرچي لاءِ ڪجهه مواد حاضر آهي، آشا اٿم ته ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ جڳهه ڏيندا (ادل، شڪر آهي جو اوهان پرچي ۾ تبديليون ته محسوس ڪيون. پرچي جي معيار جو مدار به اوهان ڀائرن تي آهي، جهڙو مواد موڪليندا، اهڙو ئي پرچو نڪرندو. اوهان جو مواد واري تي شايع ڪبو. هن پرچي بابت راءِ ضرور موڪليندا).

 

هالا نوان کان خليفو محمد جمن سرهيو لکي ٿو:

انعامي مقابلي لاءِ مضمون موڪليو اٿم. هڪ آکاڻي ”عقلمند ڇوڪر“ موڪليان پيو، جيڪا ڪنهن به رسالي ۾ شايع ٿيل ڪانهي. اگر شايع نه ڪندا ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو ۽ دل کٽي ٿي پوندي، ان ڪري ضرور شايع ڪندا. (ادا، تنهنجو انعامي مقابلي وارو مضمون ته پهتو پر آکاڻي ان لفافي ۾ ڪانه هئي، شايد اوهان کي موڪلڻ وسري ويئي، ان ڪري اها آکاڻي موڪل، اگر سٺي هوندي ته ضرور شايع ڪبي).

 

دڙو ضلعي ٺٽي کان ڪنيز فاطمه ميمڻ لکي ٿي:

ادا انور، آءُ هڪ دفعو وري خط لکي رهي آهيان ته هڪ ڪهاڻي موڪلي رهي آهيان اميد ته شايع ڪندا. مون ڪيترا ئي خط لکيا آهن. پر مون کي نااميد ٿيڻو پيو، منهنجو نالو شايع ڪونه ٿيو. هاڻي توکي ڪهاڻي موڪليان ٿي اميد اٿم ته تون ضرور شايع ڪندين ۽ مون کي نااُميد نه ڪندين. (ادي، تنهنجو نالو ته شايع ڪري رهيو آهيان، باقي ڪهاڻي ته ٻارن جي رسالي جي ڏانءَ وٽان ڪانهي، ان لاءِ تون دل ۾ نه ڪج، باقي ڪا سٺي ڪهاڻي لکي موڪليندينءَ ته ضرور شايع ڪبي).

 

لاڙڪاڻي کان شفيع محمد سنديلو لکي ٿو:

مون کي گل ڦل ڏاڍو پسند آهي، جي اوهان اجازت ڏيو ته لاڙڪاڻي ۾ گل ڦل جي شاخ کوليان. مون ڪهاڻي لکي آهي، جيڪا ضرور شايع ڪندا. ٻارڙن لاءِ سهڻيون خبرون، سائنس ۽ ٻين علمن بابت وڌيڪ خبرون موڪليندو رهندس. (ادا، گل ڦل اوهان جو پنهنجو رسالو آهي، ان ڪري ئي اوهان کي وڻي ٿو. شاخن جي مونجهارن کي ڇڏيو. اوهان جي ڪهاڻي ته شايع ڪانه ٿي سگهي، ٻارن لاءِ سهڻيون خبرون ۽ عام معلومات ڪڏهن ٿا موڪليو. انتظار رهندو).

هنن ڀائرن گل ڦل جي سٺي نموني شايع ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي: لاڙڪاڻي کان اخلاق انصاري، غوثپور کان رامچند هاسيجا، ستيا پال ڪنگراڻي ۽ شنڪر لال شهزادو، تلهار کان عبدالرزاق کٽي. ڳوٺ گهنور خان زرداري کان غلام حسين مشتاق، دڙي کان رفيق احمد سومرو، لاڙڪاڻي کان زاهد سنڌي، جيڪب آباد کان اسرار اعوان، عندل، لاڙڪاڻي کان خليل احمد شيخ، دڙي کان حسن محمود ڀٽي (اوهان جي ڪهاڻي سٺي نه آهي. ٻي سٺي موڪليو). ڄامشورو حيدرآباد کان محمود الحسن مغل، ٽنڊو محمد خان کان ٺاڪر داس شرما. دڙو کان راڻا محمد انور سومرو. ٺٽي کان شوڪت علي کماڻ پروانو ۽ حيدرآباد کان عبدالرحمان قاضي.

 

کپرو کان شرف الدين بلوچ لکي ٿو:

”گل ڦل“ جي جيتري به تعريف ڪجي، اها گهٽ آهي، رسالي کي وڌيڪ سهڻو بڻائڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏيو ته سٺو ٿيندو. 1- ”ڀلا ٻڌايو ته“ وري شروع ڪيو وڃي 2- ناقابل اشاعت مضمونن جي فهرست ڏني وڃي (3) رسالي کي مختلف رنگن ۾ سينگاريو وڃي 4-اسان کي رسالي وٺڻ ۾ تڪليف آهي ڇو جو هتي ”گل ڦل“ لاءِ ڪوبه ايجنٽ ڪونهي. ان لاءِ ڪا تجويز ٻڌائيندا. (ادا، ”گل ڦل“ جي ساراهه، اوهان جي پنهنجي ساراهه آهي، ڇاڪاڻ ته هي اوهان جو رسالو آهي. اوهان جي ڏنل تجويزن تي اسان عمل شروع ڪري چڪا آهيون. هن پرچي بابت راءِ موڪليندا. رسالي وٺڻ لاءِ ٻه طريقا آهن، هڪ ته محمد رحيم ڪنڀر اخبارن جي ايجنٽ کي منهنجا سلام ڏيندا ۽ کيس چوندا ته هو ”گل ڦل“ گهرائي ۽ اوهان به کيس ٻيا ٻار گراهڪ ٺاهي ڏيو، ٻيو ته  اوهان اسان کي لکي موڪليو ته رسالي وي. پي ڪري موڪليون. اوهان کي گهر ويٺي ملندو رهندو).

 

گجو ضلعو ٺٽو کان زمان علي جوکيو لکي ٿو:

سڀ کان پهرين اسان جي رسالي ”گل ڦل“ جي ايڊيٽر جا فرائض سنڀالڻ تي مبارڪباد. اميد آهي ته توهان اسان جو رسالو وڌيڪ سينگاريندا. مهرباني ڪري ٻارن جا فوٽو ڏيندا ڪريو. اپريل 1975ع واري پرچي ۾. ”بخت جي بازي“ ۽ ”ڏاڙهون شهزادي“ تمام وڻيا. (ادا، مبارڪ لاءِ مهرباني. ”گل ڦل“ پنهنجي سرهاڻ پاڻ پيو پکيڙي ۽ ان ۾ اوهان ادڙن جو ئي ساٿ آهي. ٻارن جا فوٽو آگسٽ کان ڏيڻ شروع ڪنداسون، اهڙو اعلان هن پرچي ۾ ڪيل آهي.)

 

حيدرآباد کان عنايت علي ڀٽي لکي ٿو:

 مان توهان جو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ٿورائتو آهيان جو ٻارن لاءِ ايڏي وڏي محنت سان هي رسالو ڪڍون ٿا. مهرباني ڪري هيٺين ڳالهين تي ضرور ڌيان ڏيندا. 1- رسالو بازار ۾ تمام گهڻو دير سان اچي ٿو. 2- عام معلومات يا ذهني ورزش جو مقابلو هر مهيني ڪرايو 3- سوال ۽ جواب جو ڪالم شروع ڪيو . 4- ناقابل اشاعت جو ڪالم رکو 5-ڪارٽون ۽ تصويرون هئڻ ضروري آهن. 6- باتصوير قسطوار ڪهاڻي شروع ڪريو. (ڀاءُ، رسالو ڏينهون ڏينهن بازار ۾ جلد ايندو ٿو وڃي، هاڻي اميد آهي ته اوهان کي پهرين تاريخ کان به اڳ ملي ويندو. باقي ٻين ڳالهين تي گهڻي قدر اسان عمل شروع ڪري ڏنو آهي، جنهن جو ثبوت  هي پرچو آهي. سوال ۽ جواب ڪالم شروع ڪرڻ لاءِ اڃا گنجائش ڪانهي، ڇاڪان ته نڪي صفحا وڌائي ٿا سگهجن ۽ نڪي قيمت وڌائڻ جو ارادو آهي.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com