سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 6

باب: --

صفحو :3

 

اعجاز محمد اسماعيل عرساڻي

(سلسليوار باتصوير ڪهاڻي)

 

 

 

اهو ڇا آهي جيڪو آءُ ٻڌي رهيو آهيان؟

گڏهه تمام بيوقوف جانور ٿيندا آهن!

پيارا ٻارو! اچو ته توهان کي ٻڌايان ته گڏهه اهڙا بيوقوف جانور نه ٿيندا آهن، جهڙو انهن کي سمجهيو وڃي ٿو. رڳو انسان ئي نه آهن جي سڀڪجهه سمجهن ٿا. گڏهه به اهڙا ئي سمجهدار ۽ هوشيار آهن، جهڙا ماڻهو آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي ماڻهن کان به وڌيڪ سمجهن ٿا.

آءُ هڪ جهونو گڏهه آهيان ۽ هاني آءُ پنهنجي مالڪڻ مان ڏاڍو خوش آهيان. آءُ هميشھ ساڳين حالتن ۾ ڪو نه رهيو آهيان تنهن ڪري شايد توهان منهنجي آکاڻيءَ کي پسند ڪريو.

مون کي ياد نه آهي، پر آءُ اڃا ننڍو ئي هئس ته مون کي ٻن پائونڊن ۾ وڪيو ويو هو. مون کي هڪ هاريءَ جي زال خريد ڪيو، هوءُ تمام پوڙهي عورت هئي ۽ آءُ توهان کي ٻڌائيندس ته هوءَ مون سان ڪهڙي هلت هلي، ڇو جو هوءَ هڪ بي رحم عورت هئي.

 

 

هر اڱاري جي ڏينهن ڀر واري شهر ۾ بازار لڳندي هئي، تنهن ڪري منهنجي مالڪڻ پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش کڻي وڃي بازار ۾ وڪڻندي هئي. هوءَ هڪ اڱاري کان ٻئي اڱاري تائين پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش ۽ پنهنجي ڪڪڙين جا بيدا گڏ ڪندي ويندي هئي. هوءَ پنهنجي ڍڳين جي کير مان مکڻ ۽ برفي ٺاهيندي هئي ۽ بازار واري ڏينهن صبح جو باغ مان سڄو سڪل ميوو ۽ تازيون ڀاڄيون بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ کڻندي هئي. اسان وٽ ڪا گاڏي ڪانه هئي، تنهن ڪري منهنجي مالڪڻ به وڏيون ٽُڪريون ٺاهيون هيون جِن کي هوءَ پينيئرس (Panniers) چوندي هئي، جن ۾ سڀ مکڻ ۽ بيدا وجهندي هئي ۽ انهن کانسواءِ جيڪا جاءِ بچي پوندي هئي ان ۾ ڀاڄيون ۽ ميوا وجهي ڇڏيندي هئي. هوءَ ٻنهي ٽوڪرين کي چمڙي جي ٻن رسين سان ٻڌي ڇڏيندي هئي ۽ پوءِ منهنجي پٺن تي اهڙيءَ طرح رکندي هئي جيئن هڪ پينيئر منهنجي هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي. جڏهن آءُ ڀرجي ويندو هئس تڏهن هوءُ پنهنجي ڌيءَ کي سڏ ڪندي هئي ته منهنجي لاءِ اسٽول کڻي اچ ته آءُ هن تي چڙهي ويهان ۽ هوءَ  پاڻ سان گڏ هڪ ڏنڊو کڻندي هئي ۽ پوءِ مون کي بازار ڏانهن ڪٽيندي هڪليندي هلندي هئي.

آءُ اڱاري جي ڏينهن کان ڊڄندو هئس ڇو جو هن ڏينهن تي بازار لڳندي هئي ۽ منهنجي مالڪڻ مون کي خراب لفظ ڳالهائيندي هئي. اهو ننڍو شهر جتي بازار لڳندي هئي. هتان ٽي ميل پري هو، ۽ آءُ هن جي ڌڪن کان بچڻ لاءِ جيترو ٿي سگهندو هو اوترو تيز ڊوڙندو هئس. جيتوڻيڪ منهنجون ٽنگون گهڻي بار جي ڪري تمام گهڻو ٿڪجي پونديون هيون ته به هوءَ نهايت بي رحميءَ سان مون کي پٺيءَ ۽ ڳچيءَ تي ڌڪ هڻندي هئي ۽ چوندي هئي ”جلدي هل اي نالائق جانور پنهنجي سست هڏن کي جلدي چور نه ته توکي سڌو ڪري ڇڏينديس.“

 

 

آخر آءُ هن جي اها خراب هلت سهي نه سگهيس ۽ مون خيال ڪيو ته آءُ هن جي خدمت نه ڪريان، تنهن ڪري مون پنهنجي بدن کي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين لوڏيو ۽ هن کي ڪيرائي وڌم.

پيارا ٻارو! ڏسو هن ظالم عورت مون کي ڪيئن ٿي ماريو، پر مون هن کي ٻيو دفعو ڪيرائڻ مناسب نه سمجهيو. اسين مارڪيٽ وياسين، پوءِ اها ٻئي کارا منهنجي پٺن تان لاٿا ويا ۽ پاسي ۾ ميدان تي رکيا ويا ۽ مون کي هڪ وڻ سان ٻڌائين ۽ پاڻ ماني کائڻ ويئي. جيتوڻيڪ آءُ هن جو سڀ سخت ڪم ڪندو هئس، تڏهن به هوءَ منهنجو خيال نه ڪندي هئي. جيڪڏهن هوءَ مهربان مالڪڻ هجي ها ته مون کي ڪجهه گاهه ۽ ٿورو پاڻي ضرور ڏي ها، پر نه! هن کي صرف پنهنجو خيال هو.

هڪ ڏينهن جڏهن تمام گهڻي گرمي هئي ۽ آءُ وڻ سان ٻڌل هئس ۽ ذري گهٽ اُڃ ۾ مئس ٿي، ڇو جو هوءَ مون کي اڪيلو ڇڏي ويئي هئي، تنهن ڪري مون پنهنجي آسپاس نهارڻ شروع ڪيو. مون ڏٺو ته کارن جون ڀاڄيون منهنجي پهچ ۾ هيون جو آءُ هنن کي کائي سگهيس ٿي. اهي ڪهڙيون نه سايون ۽ تازيون هيون، انهيءَ ڪري آءُ انهن کي کائڻ تي مجبرو ٿي پيس. آءُ ويجهو ٿيس ۽ هڪٻئي مٿان گوبيون کائڻ لڳس، تان جو هڪ کارو ختم ٿي ويو. واه واه! اهي ڪهڙيون نه سٺيون هيون. مون هن کان اڳ اهڙي تازگي بخشيندڙ شيءِ نه کاڌي هئي. آءُ جيئن ئي آخري گوبي کائي رهيو هئس ته منهنجي مالڪڻ واپس اچي ويئي، جڏهن هن  مون کي چٻاڙيندو ڏٺو ۽ ڏٺائين ته هڪڙو کارو، جنهن ۾ ڀاڄيون پيل هيون، خالي پيو آهي ته هن نااميديءَ ۾ رڙ ڪئي. مون هن جي رڙ جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. پنهنجا چپ چٽيا ۽ ڏانهس بهادرن وانگر ڏٺو ڄڻ ته آءُ چئي رهيو هئس ”اهو سڀڪجهه تنهنجو ڏوهه آهي، تون وڃي پنهنجي ماني کايو اچين ۽ مون کي ڪجهه به کاڌو نٿي ڏين.“

آءُ اهي بڇڙا لفظ نٿو دهرايان جيڪي هن مون کي چيا، پوءِ هوءَ پر ڀرو هلي ويئي ۽ هڪڙي لٺ کڻي آئي ۽ اچي منهنجي پٺن ۽ ٽنگن تي وسڪارو ڪيائين جا ڳالهه آءُ وڌيڪ سهي نه سگهيس، سو مون وٺي پٺيان اِٽون هنيون ۽ هڻي کيس ڪيرائي وڌم.

مون کي خبر آهي ته مون هن کي ڏاڍو ايذاءُ پهچايو. اٽڪل ويهه کن ماڻهو مارڪيٽ مان ڊوڙي آيا ۽ مون تي حملو ڪيائون. ڪن مون کي ٺونشا هنيا ۽ ڪن مون کي لٺين سان ڌڪ هنيا ۽ ڪن ٻن-ٽن ڄڻن وڃي مالڪياڻيءَ کي اٿاريو ۽ انهيءَ کي کڻي ويا. آءُ مرڻ گهڙيءَ تائين اها مار ياد ڪندس. جڏهن اهي مون کي ماري ماري ٿڪجي پيا، تڏهن مون کي ڪجهه وقت اڪيلو ڇڏي ڏنائون، جيئن ته ڪنهن به ماڻهوءَ منهنجو ڪو به خيال نه ڪيو، مون وري ٻي کاري مان به ڀاڄيون کائڻ شروع ڪيون، جيڪي هُنن کي منهنجي پهچ کان پري ڪرڻ وسري ويون هيون. مون اچي ذري گهٽ کارو کائي ختم ڪيو هو ته مون کي مار ياد پيئي، ٿورو وقت خيال ڪرڻ لڳس ته مار کان ڪيئن آزاد ٿيان ۽ پوءِ جنهن رسيءَ سان ٻڌل هئس ان کي چڪ هڻڻ لڳس ۽ ڪوشش ڪري ان کي پنهنجن تکن ڏندن سان ڇنڻ لڳس. مون جلدئي رسو ٽوڙي ڇڏيو ۽ چپ چاپ ڪري رستو وٺي هلڻ لڳس ۽ کڻي جهنگ منهن ڪيم.

ڪيترائي ماڻهو مارڪيٽ ڏي آيا ويا پئي ۽ جڏهن هنن مون کي اڪيلو ڏٺو ۽ منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌل پٽو ڇنل ڏٺو تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا ”ڏسو! هي گڏهه ڇنائي ڀڳو آهي!“ ٻئي ماڻهوءَ جواب ڏنو  ”ها ائين برابر آهي، هن کي پورهيو ڪرڻ نٿو وڻي ۽ غلام ٿي رهڻ نٿو چاهي.“ ۽ ائين چئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا. ”هن کي پٺن تي ڪابه شئي لڏيل نه آهي“ ٻئي وراڻي ڏني. ”شايد هن ڪا حرڪت ڪئي آهي، تنهن ڪري ڀڳو پيو وڃي“ هن جي دوست جواب ڏنو. هڪ نوجوان عورت واڪو ڪري چيو ته ”پڪڙيوس پڪڙيوس ته منهنجو ننڍو ڇوڪرو هن تي چڙهي هلي“ هن جي مڙس چيو ”بيشڪ هو توکي پڻ کڻي هلندو، هو ڪافي سگهارو آهي.“

 

پوءِ ڇا ٿيو؟

اهو ايندڙ پرچي ۾ پڙهندا

 

الطاف حسين يوسف زئي

 

علي آباد عرف رني ڪوٽ جو  قلعو

 

سنڌ جي پراڻين ۽ تاريخي جاين ۽ شهرن جون تصويرون ٻارن جي دلچسپيءَ لاءِ اسان ڏيندا رهيا آهيون. هن پرچي جي آخري صفحي تي اسان علي آباد عرف رني ڪوٽ جي هڪ يادگار تصوير ڏني آهي. ٻارن جي دلچسپيءَ لاءِ رني ڪوٽ بابت هي مضمون پڻ شايع ڪري رهيا آهيون، جيئن سنڌ جي پراڻي تاريخ جي معلومات ۾ سندن واڌارو ٿئي.-ايڊيٽر

 

سنڌ جي حڪمران ميان نورمحمد ڪلهوڙي، عمرڪوٽ جي قلعي کي هڪ مضبوط ۽ حفاظت جي لحاظ کان وڏي بندوسبت سان پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيو هو، ليڪن نادر شاهه جي ڪاهه وقت کيس فرار ٿيڻ جي واهه به ڪانه ملي، ڇالاءِ جو ڪڇ، مارواڙ ۽ جوڌپور جي راجائن ۾ کيس ڪوبه آسرو نه هو ته هو ڪا مدد يا مهرباني ڪندا. از انسواءِ عمرڪوٽ جي قلعي جي مضبوطيءَ جي خبر 1813ع واريءَ ڪاهه ۽ فتح وقت ظاهر ٿي. حالانڪه قلعي جو دروازو ۽ ڀتيون (ديوارون) پڪين سرن سان مضبوط ٻڌل هيون. ليڪن ديوارن جو بنياد ڀت تي رکيل هو، جنهن ڪري ٽالپرن جي لشڪر سولائيءَ سان هيٺان سرنگهون هڻي بارود ڀري، ديوارون ڊاهي وڌيون. هن حادثي کانپوءِ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، نواب ولي محمد خان کي سڏايو ۽ ملڪ جي آخري بچاءَ (دفاع) خاطر هڪ مضبوط قلعي ٺهرائڻ بابت ساڻس صلاح مشورو ڪيو. نواب ولي محمد خان کي قلعن ٺهرائڻ جو وڏو تجربو هو، انهيءَ ڪري پاڻ ميرن کي مشورو ڏنائين ته قلعو ڪوهستاني علائقي جي الهندي طرف ٺهرايو وڃي. جيئن جنگ وقت قلعي کان ٻاهر ڪوهستاني علائقو اسان لاءِ پشت پناهه بنجي. اهو مشورو سڀني کي پسند آيو، ان لاءِ قلعي جي تعمير جو ڪم نواب ولي محمد خان جي سپرد ٿيو.

نواب ولي محمد خان ملڪ جي هر حصي کان پوريءَ طرح واقف هو، جنهن ”سن“ جي تاريخي شهر کان 18 ميل ڏکڻ طرف ”نئن رني“ جي هڪ ماٿريءَ کي قلعي جي تعمير لاءِ منتخب ڪيو. هيءَ ماٿري قدرتي طور چوڌاري هڪ ڪرنگهيدار ٽڪري، ديوار طور بيٺل هئي. جنهن کي فقط ٻن هنڌن تي گهٽ (خال) هئا: (1) الهندي طرف، جتان نئن ماٿريءَ ۾ داخل ٿِي ٿي ۽ (2) اُڀرندي طرف جتان نئن ٻاهر نڪتي ٿي. ساوڻ جي موسم کانسواءِ به نئن جي پيٽ  ۾ هڪ قدرتي چشمو هو، جنهن جو پاڻي قلعي جي فوج ۽ اندر ماٿري جي آباديءَ لاءِ پڻ پورو ٿي سگهيو ٿي. انهيءَ سهوليت موجب هي هنڌ قلعي جي تعمير لاءِ هر طرح سان موزون سمجهيو ويو، چوڌاري ٽڪري واري ديوار جا خال (شگاف) ۽ گهٽ گهارا نواب ولي محمد خان پهريائين پٿر جي اوساري کڻائي مضبوط ۽ پختا ڪرائي بند ڪرايا ۽ ٽڪري جي ڪرنگهي کي بنياد طور استعمال ڪري ان تي قلعي جي ديوار (عالم پناهه) ٺهرائي. اندر ماٿري ۾ هڪ قدرتي مٿانهين ٽڪرائتي جاءِ تي اندريون خاص محفوظ قلعو جاين ۽ جڳهين لاءِ ٺهرايو. نئن جي اندر گهڙڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وارن گهٽن تي پليون (موريون) ٻڌائي مورچن ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو. اُوڀر طرف واري پل جي هيٺان لوهه جي دروازن ۽ مٿان قلعي جي خاص دروازي جو اهتمام ڪيو ۽ انهيءَ دروازي تي توبون رکايون. هن قلعي جو مکيه ڪم سن 1819ع ۾ مڪمل ٿيو. اندرئين قلعي جو نالو ”شير ڳڙهه“ رکيو ويو هو ۽ سڄي قلعي جو نالو ”علي آباد“ تجويز ڪيو ويو. ليڪن ”نئن رني“ جي خيال سان عوام ۾ ”رني ڪوٽ“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

هي سنڌ جو تاريخي قلعو (علي آباد عرف رني ڪوٽ) اڄ ڏينهن تائين موجود آهي جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو قلعو ليکيو وڃي ٿو. جو حفاظتي نقطه نگاهه کان سنڌ جي ماهر انجنيئر وزيراعظم ولي محمد خان جي حسن انتخاب ۽ اڏاوت جي سٽاء جي لحاظ سان سندس معماري ۽ انجنيري شعور جو جيئرو جاڳندو شاهڪار آهي. نواب ولي محمد خان جي نگراني جو اهو نتيجو نڪتو جو هيڏو شاهي قلعو فقط سترهن لکن رپين ۾ ٺهي راس ٿيو. ٽالپوري عهد حڪومت ۾ ملڪ جي دفاع جي سلسلي ۾ بيدار مغز حڪمران جي دورانديشي ۽ سنڌ ۾ قلعن جي فن تعمير جو هي هڪ بينظير يادگار آهي.

ٻاهرين دروازي جو ڪم خاص ڪري هيٺان لوهي دروازن جو ڪم اڃا باقي هو ته نواب صاحب کي مير صاحبن ڪنهن خاص مشوري لاءِ گهرائي ورتو، جنهن ڪري هو موريءَ جي هيٺان لوهي دروازن جي ترتيب ڪاريگرن کي سمجهائي ويو، ليڪن اهي ساوڻ ۾ نئن جي پاڻيءَ جي طاقت جو صحيح اندازو ڪري نه سگهيا، ان ڪري ڪافي ڪوششن هوندي به هيٺين لوهي دروازن هڻڻ ۾ ڪاميابي نه ٿين. نواب صاحب جو خيال هو ته ڪو موقعو مليو ته اهو رهيل ڪم مڪمل ڪرائي ڇڏيندس، ليڪن افغانن ۽ انگريزن جي سازش سبب ڏهه- پندرهن سال سياسي معاملات حل ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ آخر هي سنڌ جو سپوت سن 1247هه 1832ع ۾ فوت ٿي ويو، جنهن ڪري رني ڪوٽ جي دروازن جو اهو رهيل ڪم ائين ئي رهجي ويو.

علي آباد عرف رني ڪوٽ جي انجنيئر نواب ولي محمد خان جي مختصر سوانح:

سنڌ جي سونهاري سر زمين جيڪي اعليٰ ۽ قابل احترام شخصيتون پيدا ڪيون آهن، تن ۾ نواب ولي محمد خان به هڪ آهي. کيس اسان سنڌ جي تاريخ جو مکيه ۽ روشن تارو شمار ڪري سگهون ٿا.

نواب ولي محمد خان لغاري سن 1750ع مطابق 1165 هه ۾ اڀپور لڳ (موجوده تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ) ۾ ڄائو، جتي سندس بزرگ سن 1140هه ڌاري سنڌ ۾  پهريون ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا هئا. سندس ولادت وقت سنڌ جو ميان نورمحمد ڪلهوڙو حڪمران هو. ان وقت سنڌ ۾ تعليم جو معيار تمام گهڻو بلند هو.

نواب صاحب تعليم کان فارغ ٿي مير فتح خان ٽالپر جي عملي سان شامل ٿيو، جنهن ڪري هن بختاور امير جي قوت و اقبال سان گڏ سندس بخت به اوج کي رسيو.

نواب ولي محمد خان جهڙي ڪامياب سپھ سالار، سفير، وزير، منتظم، انجنيئر، حڪيم، شاعر ۽ محب وطن، وسيع نظر، روشن دماغ ۽ همھ گير شخصيت کي هر دلعزيز هرفن موليٰ ۽ هرهنڌ ڪامياب بنايو. هي جهڙو هو حڪمرانن وٽ مقبول، اهڙو هو سنڌ جي راڄن ۽ رعيت جو محبوب، ملڪ جي اميرن جو مٿس اعتبار هو، ته ٻاهرئين حاڪمن وٽ به سندس وقار هو. جنگ جي ميدان ۾ هو هڪ بهادر شهسوار ۽ پيشقدمي ڪندڙ ڪمانڊر هو. سياسي معاملن ۾ سنڌ جو ڪامياب سفير هو ۽ انتظامي صلاحيتن جو مالڪ هو. روينيو، زراعت وغيره جو ماهر، انجنيري فن ۽ آبپاشي خواه تعميري ڪمن جو ڄاڻو هو. طب ۽ معالجت ۾ نامور طبيبن ۾ شمار ٿيو ٿي ۽ کيس ”سنڌ جو لقمان“ لقب مليل هو. تصنيف ۽ شاعريءَ ۾ خصوصي مقام حاصل ڪيائين.

ٽالپرن سان وفاداري، سنڌ جي رعايا جي خيرخواهي ۽ پنهنجي وطن جي ننگ و ناموس جي نگهداشت نواب صاحب جو خاص شيوو هو.


 

اوهان جي نيڪي

اوهان کي ڪم ايندي، هينئر اوهان کي موڪلون آهن. انهن ۾ اوهين اهڙو ڪو نيڪ ڪم ڪريو جيڪو هتي ۽ هُن دنيا ۾ اوهان کي مانائتو ڪري. اهو نيڪيءَ جو ڪم اسان ڏانهن لکي موڪليو. اهو گل ڦل ۾ شايع ڪيو ويندو ۽ وري ٻارن کان راءِ وٺي، ٽن چونڊ نيڪي ڪندڙ ٻارن کي پنجن پنجن رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا.  -ايڊيٽر

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com