سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :17

   

ڊمي

مسز ۽ ميان امين الدين وارن وٽان موڪلايوسون تھ سندس مکڙي تي اھا ئي ”پئٽنٽ“ مرڪ ھئي، جنھن سان چپن تي لڳل ”گالا“ جي سرخي بھ نھ بگڙندي آھي ۽ ماڪوڙي کاڌل بي سرا ڏند بھ نظر نھ ايندا آھن. موٽ تي بھ ھوءَ ماٺ ۾ ھئي، پر سندس رنگ ائين پئي ڪاراٽبو ويو، جيئن نيرو آسمان آنڌاري اچڻ کان اڳ پنھنجي نيراڻ مٽائي ميرانجھڙو ٿيندو ويندو آھي. گاڏي پنھنجي گھر جو گيٽ ٽپي اڃا مس بيٺي تھ پوءِ ھوءَ پاڻ جھلي نھ سگھي ۽ ڊرائور جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ ئي ”ڊور“ کولي تڪڙي تڪڙي فرش لتاڙيندي اندر ھلي وئي. اندر گھڙيم تھ سندس ولائتي سويڊ وارو پرس ٽيبل تي سٽيو پيو ھو ۽ پاڻ سيٽي تي ائين ڦان ٿي پئي ھئي، جيئن ”ارمس“ جي ڪا ”ڊمي“. مون کي ڏسي ھن ڪجھھ ڪونھ ڪڇيو، پر جان رابرٽس جي ٺھيل سئنڊل کي پيرن جي لوڏي سان ڪنڊ ۾ اڇلايائين، جن مان ھڪ پادر تھ جيٽ جھاز جي تيزيءَ سان ٽي وي اسڪرين کان ذري گھٽ پاسو ڪري وڃي ڪئبينٽ سان ”ڪرئش“ ڪيو ۽ اونڌو پئجي رھيو.

مون ھڪ نظر سندس سئنڊل تي وڌي، جي مون لنڊن ۾ رھندڙ دوست کي پنھنجي پراڻي دوستيءَ جا واسطا وجھي، ويھھ پائونڊ ڀري گھرايا ھئا ۽ ٻي نظر ھن جي منھن تي وڌم، جو امپورٽيڊ ميڪ – اپ جي باوجود ڪنھن ديسي ڌوتل ۽ ڦٽل ڪپڙي جيان ٿي ويو ھو. مان گھڙي کن تھ اتي ئي ھڪ جاءِ تي بيٺيو رھيس، پر پوءِ کيس پرڀائڻ لاءِ سندس ڪلھي تي ھٿ رکي ٺاريندي چيم: ”ڇو، ڇاھي من؟“ ”ڪجھھ ڪونھي.“ ھن رکو جواب ڏنو، پر ڳالھائڻ جو انداز اھڙو، جو گھڻو ئي ڪجھھ ھو.

”نيٺ بھ؟“

”چيومانءِ نھ تھ ڪجھھ ڪونھي.“ ھن ڀيري آنڌاريءَ جون پھريون سٽون.

مون سندس ان رھڙ تي کلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منھنجي سڪل نڙيءَ مان اھو آواز اھڙو نڪتو، جھڙو سڪرات واري حالت ۾ ئي نڪرندو آھي. مان تنھن ھوندي بھ ناس پِتو پڪو ڪري ھن جي ڀرسان وڃي ويٺس. ھوءِ سنئي سڌي سمھي پئي ھئي. سندس بلائوز ٿورو مٿي ڇڪجي ويو ھو ۽ سندس ساڙھي ھيٺ ڍاڪن تي کسڪي وئي ھئي. ساڙھيءَ جو پلئھ، جو پيٽ جا سمورا عيب ثواب ڍڪي ڇڏيندو آھي، سو ھيڏي ھوڏي ٿي ويو ھو ۽ سندس پيٽ جا ڊٻڙ ۽ ”سيزرين“ (سيزرين = آپريشن جا نشان) جو نشان ظاھر ڪري ڇڏيو ھئائين. مون پيار سان سندس پلئھ ٺاھيو تھ اھو ساڳيو ئي پيٽ نيري شفاف پلئھ مان ائين جھلڪا ڏيڻ لڳو، جيئن ڪو چوڏھينءَ جو چنڊ. ھن تنھن ھوندي بھ ڪي ڪونھ ڳالھايو ۽ خالي خولي ڇت کي تڪيندي رھي، ڄڻ تھ سندس وت ۾ اھا تربوزي رنگ جي زبان ئي ڪونھ ھجي، جنھن کان ٻارن جا تھ ڇا، پر منھنجا بھ ڏوھ ڏڪندا آھن. گھڻي گھڻي دير کان پوءِ ھن ٿڌو شوڪارو ڀريو جو منھنجي منھن تي ائين لڳو، جيئن ڪو برفاني ھوا جو زوڪاٽ. پوءِ ھن نماڻيون اکيون کڻي مون کي چيو: ”ھڪ ڳالھھ مڃيندين؟“

منھنجي دل گھريو تھ کانئس جيڪر پڇان تھ انھن پندرھن سالن جي عرصي ۾ مون سندس ڪھڙي ڳالھھ موٽائي ھئي ۽ جي مون کي ڪڏھن ڪنھن ڳالھھ تي اختلاف رھيو بھ ھجي تھ اھو ھن ھميسھ واچوڙي جيان پھرين يا ٻي سٽ ۾ ڪک پن وانگر ٻھاري اڏائي ڇڏيو ھو. پر جنھن وقت مون پنھنجي نظر ھن جي منھن تي وڌي، جو ھينئر روپ وٺڻ لڳو ھو تھ ان مٿي آسمان تي چوٽ چڙھي ويل آنڌاريءَ کي وري ھيٺ لاھڻ ۽ ان جون سٽون سھڻ جو پاڻ ۾ ڀوتو نھ ڀانيم. مون تڙ تڪڙ ۾ چيو: ”جيڪي چوين.“

”ھل تھ واپس ھليا ھلون.“

جون مھيني جي شروعات ھئي. لڪون، ٻتون ۽ جھولا زوران زور ھئا، پر اھي جھولا مون کي ٿڌي ھير جيان پئي لڳا، ڇو تھ انھن تي ئي پنھنجو روزگار ھو. اھي جھولا ۽ ٻٽون نھ پون تھ ديرن ۾ پيل وليون ڪيئن ڳاھجن ۽ پيوندي باغ ۾ چونسي ۽ بيگن پالي جي وڻن ۾ ٽنگيل دليون ڪيئن ڪڪورجن. انھن ڏينھن مون سانده پندرھن ڏھاڙا زمين تان لڪون ۽ جھولا سھي سندس گھاٽن وارن جي ڇانو ۾ آس وٺڻ ۽ جيستائين ھو فصلي چونسا پچن، سندس چونسي جي ڦار جھڙي زبان مان اھو ساڳيو ئي سواد وٺڻ پنھنجي گھر آيو ھوس. ٻار گھڙي کن ٿي ھئي جو وڃي ستا ھئا. ھوءَ بھ ھئو مئو ٽاري اچي ڀرسان ليٽي ھئي. مون سندس پٺيءَ تان ھٿ ڦيرائي، چيلھھ واري مٿاٿريءَ کان پسار ڪندو ھيٺين حصي بئڪ تي پئي آندو، جو حصو ان ذات جي سونھن ھوندو آھي ۽ جنھن جو سنڌيءَ ۾ اھڙو سريلو نالو ڪونھي. اھو بت جو حصو ڪپڙي بنا ڪنھن استاد گويي جي ستار جي ھيٺين پالش ٿيل حصي جيان لڳندو آھي ۽ جنھن کي ھو نھائين سان لائي، پوءِ ئي ڪا وقت جي راڳڻي ڇيڙيندو آھي، اھو ساڳيو حصو ڪنھن سوڙھي ڇڪي ٻڌل ساڙھيءَ ۾ تھ وري ان کان بھ اڳرو لڳندو آھي. ھو جنھن وقت ماربل يا موزي جي لسن فرشن تي ساڙھي جا پلئھ ٺاھينديون، چيلھھ کي موڙا ڏينديون اڳيان اڳيان ترنديون ھلنديون آھن تھ پويان ايندڙ مردن جي دوڏن مان نڪتل تارن جي گرميءَ تي اھو بت جو حصو مخصوص تال ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ٿڙڪندو آھي ۽ پويان ايندڙن جي دلين کي بھ ان ساڳيءَ تال ۾ ٿڙڪائي فنا ڪري ڇڏيندو آھي. مردن جون دليون ھڪ ڀيرو ابتي تال ۾ ڌڙڪي ھميسھ لاءِ اھو روڳ حاصل ڪري وٺنديون آھن ۽ دل جي بيماري جي شروعات ان گھڙي کان ٿيندي آھي. ھا تھ مون ڳالھھ پئي ڪئي تھ منھنجو ھٿ ان وقت دنيا جھان جي ان خوبصورت چاڙھيءَ تي پئي چڙھيو ۽ مون بھ رات جي راڳڻي ڳائڻ لاءِ سوڙا پئي ملايا تھ ھن مون واري ھٿ کي عرش تان لاھي فرش تي سٽيندي چيو: ”ھٿ تھ پري ڪر، توبھھ گرمي تھ ڏس.“

”ھينئر اچي ڀيڄ ڀني آ. ڪاٿي آ اھا گرمي؟“ مون وات ۾ گڏ ٿيل گگ لاچار ڳھندي چيو.

”نسورو ناحق آ، دوزخ بھ ھھڙو ڇا ھوندو!“

مون ڪجھھ ڪونھ ڪڇيو. ھونئن مان انھن ھا ۾ ھا ڪرڻ وارن مان ھوس، جي ڏينھن جو تارا ڏسڻ تي بھ آمنا صدقنا ڪندا آھن، پر ان وقت مان ڪيئن پئي سندس ڳالھھ کي ٽيڪو ڏنو. البتھ دوزخ جھڙا ڀنڀٽ منھنجي دل ۾ سو ٻرڻ لڳا. ھن ٿوري دير منھنجي جواب جو انتظار ڪيو. کيس ڪو جواب نھ مليو تھ ٿڌو ڇنڊو ھڻڻ لاءِ چوڻ لڳي: ”سيارو ڪھڙو نھ سٺو آ ان ڳالھھ ۾.“

”سياري جو قدر بھ تھ ھي اونھارو ڪرائيندو آھي. جي اونھارو نھ ھجي تھ سيارو ڪو وڻي.“

”ٻڌان ٿي تھ اڄ ڪلھھ حيدرآباد جي موسم ڏاڍي سٺي آھي. ھل تھ مھينو کن اتي ھلي رھون.“ ھن ٿورو منھنجي ويجھو ايندي چيو.

”ڏسين ٿي تھ مٿي کنھڻ جي بھ فرصت ڪونھي.“ مون سندس چپن تي چپ چنبڙائيندي چيو.

”ھن جھان جا تھ ڪم ئي ڪونھ کٽندا.“

”ڇا ڪجي، مڙئي جيئن تيئن گذارڻو.“

”ڏس نھ ٻارن کي بھ گرميءَ جون موڪلون آھن. آخر ھنن ويچارن ڪھڙو گناھ ڪيو جو ٻارھين مھيني بھ کين تفريح نھ ملي.“

مون ان ڳالھھ جو جواب پچائڻ لاءِ پنھنجا چپ وڌايا تھ ھن وري چپ ڀڪوڙيندي چيو: ”ٿورو ترس، ساھ تھ کڻان ڪن دم منجھائي ماريندين.“

مان حڪم جو بندو ترسيس تھ ھن ساڳيو الاپ ڪيو. ”جواب ڇو نھ ٿو ڏئين، وات ۾ مڱ پيل تھ ڪونھ اٿيئي.“

”ڇا جو جواب ڏيان؟“

”مان تو سان ڇا ڳالھايو؟“

”الائي، توکي خبر آھي تھ توسان ھوندو ھان تھ پوءِ ڪا ڪل خبر ڪانھ پوندي اٿم.“

ھوءَ دل ئي دل ۾ گھڻو خوش ٿي ۽ مون واري نھ ٻڌڻ واري گناھ جي ڪا سزا نھ ڏنائين، پر ٻيھر ڳالھھ کي ساڄو ڪندي چوڻ لڳي: ”چيم پي تھ ٻارن کي بھ موڪلون آھن ۽ توکي بھ ريسٽ ملي پوندي.“

”مان ھر حال ۾ مست آھيان، پنھنجي ڳالھھ ڪر.“ مون کلندي چئي ڏنو.

”ڀلا مون کي بھ نيٺ گھمائڻو ڦيرائڻو اٿئي. ھن ننڍي شھر ۾ تھ دم ئي ٻوساٽجي ويو آھي.“

مون کي اھا خبر ھئي تھ اھو سمورو پيٽ جو سور ھن کي پنھنجو ھو. مون کي ۽ ٻارن کي ريسٽ ڏيڻ جون ڳالھيون تھ رڳو ڀرڻيون ھيون، جن سان ھن پنھنجو ميدان پئي ٺاھيو. عورتون مٿي کان پيرن تائين نمائشي ھونديون آھن ۽ ھن ۾ اھا ستي تھ رھندو سرس ھئي. مون کيس پِٽائڻ لاءِ چيو: ”خيرپور ھروڀرو ننڍو شھر تھ ڪونھي. تنھن کان سواءِ ساھيڙيون بھ کوڙ اٿئي. اپوا جون ميٽنگون ۽ مينا بزاريون بھ ٻارھوئي پيون ٿين.“

”ان ۾ ڇا ٿو ٿئي. ھتي نھ ڪپڙي پائڻ جو مزو ۽ نھ ڏسڻ جو مزو.“

”ڇو، ھتي تھ ڊريس شو ٿيندا آھن!“

”ڌوڙ ٿيندا آھن.“ ھن جڪ کائيندي چيو.

”باقي اھي ميلاد ٻيلاد ڇا آھن.“

”ميلاد لاءِ تھ خدا لڳ ائين نھ چؤ، مسلماني کان ٿو وڃين.“

”توھان عورتنم واريءَ مسلمانيءَ جي بھ مون کي خبر آ. اوھان جو مذھب آ چلڪو.“

ھن کي مون واري ڳالھھ لڳي تھ دل سان، پر شرم پرچائڻ لاءِ ھوءَ ٽھڪڙو ھڻي نٽائڻ لڳي. لاچار ٻيو ڪو چارو نھ ڏسي آڳ قبوليندي چيائين: ”ھتي سوسائٽي آھي ڪھڙي؟ روز ساڳيا ماڻھو، جن کي ماڊرن فيشن جي خبر ڪانھ. تنھنجي منھنجي ريس تھ ڪپڙو گھرائين سبائين تھ فيشن نڪري وڃي. ڀلا اھڙين ساھيڙين مان مون کي ڪھڙو مزو ايندو؟“

”من، بيگم خان ۽ بيگم ڪوڪب بھ تھ ھتان جون آھن.“

”بيگم خان کي ڪھڙي فيشن جي خبر، ھوءَ تھ سدائين مون تي ريس ڪندي آھي. ٻٽي ڀيرا مون وٽان ڪيٽلاگ گھرايائين.“

”باقي ويچاري بيگم ڪوڪب تھ ھينئر ڌوپجي وئي آھي ۽ سمورو ڪلف نڪري ويو اٿس.“

”ڇو، ڇو؟“

”آخر پنجون ٻار ڄڻيون اٿائين. من، ٻار ڄڻڻ بھ سئي جي پاکڙي مان ھاٿي لنگھائڻو آھي. توبھھ منھنجا رب توبھھ.“ ھن کي دل ئي دل ۾ ايترن ٻارن ڄڻڻ تي افسوس ھوندو ھو ۽ ڪنھن نھ ڪنھن نموني اھو اندر جو سور ٺاريندي ھئي.

”تون تھ پنجن ٻارن ۾ بھ من لڳي پئي آھين.“ مان سندس چپن تي مھر ھڻي ان ڳالھھ جي تصديق ڪئي.

”ھا، پر ھر ڪنھن جي ھاٺيءَ تي مدار آھي. ھن ويچاريءَ سان تھ ٻارھين مھيني ٻار جي تعدي آھي. ھڪ اڃا ڄائو ناھي تھ ٻيو ان جي ڪڍ.“

”ٻيو بھ سبب آھي.“

”ڪھڙو؟“

”تون سدائين ٻار کي مٿيون کير پيارين.“

ھن کي شايد مون واري ڳالھھ مان ٿوري ٽوڪ نظر آئي يا دل ئي دل ۾ کيس پاڻ ککيو، جو پاڻ واري ننڍي ڪاڪي ٻاھرين کير تي ھئي ۽ ان ۾ اھا سگھھ ڪونھ ھئي. ان ڪري ھن ان ڳالھھ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي: ”ان ڏينھن ڏاڍو مزو ٿيو.“

”ڇا ٿيو؟“

”بيگم ڊي سي وٽ اپوا جي ميٽنگ ھئي. مان اڳ ساڻس ڪونھ ملي ھيس. تازو بدلي ٿي آيا آھن نھ.“

”ھا، ھي پاڻ وارو ڊي – سي.“

”سو مان جو ويم تھ کيس ”وش“ ڪري وڃي ٻئي صوفي تي ويٺس. پر آصف ھر ھر جو نظر ڦيرايان تھ بيگم ڊي.سي جي مون ۾ جوھ. اھا ڳالھھ ٻٽي ڀيرا مارڪ ڪيم. موٽندي بيگم انصاري ٻڌايو تھ ھن ڪو وقت مون لاءِ پئي پڇيو ۽ کيس اعتبار ئي نھ پئي آيو تھ مان ڪو ٻارن جي بھ ماءُ آھيان.“

”ھا، اھا ڳالھھ تون اڳ ۾ بھ ٻڌائي آھي تھ عام ڪري ناواقف ڀلجنديون آھن.“

”ھا، کوڙ ڀيرا ائين ٿيو آ. الائي ڇو؟“

”من جي انصاف ڪرين تھ اھو اٿئي منھنجو ڪريڊٽ. توکي رکيو بھ اٿم پام جي ٻوٽي جيان سائو چھچ، سنئون سڌو.“

”پر ھينئر پوئين ٻار کان پوءِ پيٽ ٿورو وڌيل ٿو لڳيم.“

مون ان بھاني سموري بدني بناوٽ جو ڀرپور جائزو ورتو ۽ کيس دلجاءِ ڏيندي چيم: ”توکي اجايو احساس آھي. ھي ڪو پيٽ آ؟ وري ھو لنڊن مان جو ”ڪورسيٽ“ گھرايو ھيئي؟“

”اھو تھ پائيندي آھيان؟“

”پوءِ باقي ڇا جو ڳاراڻو؟“ مون سندس چيلھھ ۾ ھٿ ورائيندي چيو.

”ٻي ڪا ڳڻتي ڪونھي پر ھتي سخت بور ٿي پئي آھيان.“

”ويجھھ ۾ ڪو فنڪشن ڪونھي ڇا.“

”ھجي تھ ڇا، نھ ھجي تھ ڇا. مان ھن سوسائٽي ۾ ائين ويڳاڻي گھمندي آھيان، جيئن........ جيئن.“ ھوءَ تشبيھھ ڳولڻ لڳي.

”جيئن برفاني ملڪن جو نيرڳ ھتان جي پولاھين ۾.“ مون کلي جملو پورو ڪيو.

”نھ نھ، ھروڀرو اھو مطلب نھ ھو منھنجو.“ ھن ظاھر ۾ نھنڪر ڪندي چيو.

”ڀلا ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج.“

”ھا ائين کڻي چئھ.“

”پوءِ ان ۾ ڪھڙو فرق؟ ساڳي تھ ڳالھھ ٿي.“

”توسان پڄڻ جي ڪا ڀيڻي ڪونھي. ڀلا حيدرآباد ڪڏھن ٿو گھمائين؟“

”توکي آبي ۾ بھشت ٿو گھمايان، ٿورو ڇڙو ويجھو اچ.“

”چرچن ۾ ڳالھھ نھ ٽار. ھا ڪر يا ننھن.“

مون ان مھل ڪجھھ بھ پئي ڪڇيو تھ ڪم خراب پئي ٿيو، ان ڪري ان ڳالھھ کي وري نٽائيندي کيس چيم: ”ھن مھل تھ اھي بي سريون ڳالھيون نھ ڪر. ھي وقت آ ڪو انھن ڳالھين جو؟“

”باقي ڇا جو آ؟“ سمجھندي بھ ھوءَ وري پڇڻ لڳي.

”سولي سنڌيءَ ۾ ٻڌايانءِ يا فارسيءَ ۾؟“

پر ھن پوءِ بھ شرم کان ڪو جواب نھ ڏنو. مون ھن کي پاڻ ڏي ڇڪيو تھ منھنجي سيني سان ائين چنبڙي وئي، جيئن ساڳ جي ڪاٺيءَ ۾ اکڙوت جو ڪو پيوند. ڪپڙن جو سرڙاٽ ٿيو، پوءِ مون کي تھ ھن جھان جي خبر پئي نھ ھن جھان جي.

صبوح جو اٿيس تھ پکين جي لاتين سان گڏ ٻارن ۾ بھ چوٻول متل ھو. سوٽ ڪيسن ۽ ٽرنڪن ۾ ڪپڙن ۽ زيورن جي سٿ سٿان ھئي. مان انھن يڪ رطفي تيارين تي گھڻو ئي ٻوٿ سڄايو، پر پوءِ ڪنھن ننڍي توڙي وڏي چخي ئي ڪونھ ڪئي. اھا ڳالھھ برابر ھئي تھ پوءِ مون بھ ڏنو ڪنو نھ ڪيو ۽ حيدرآباد پھچڻ تائين اڳ اڳ ۾ ھوس ۽ مون واري بيگم فوج سوڌو پٺيان ھئي. پر جنھن ماڻھو اٺ کي ڏٺو ھوندو، سو عجب نھ کائيندو – اٺ جو ناڪيلي ۾ ھٿ پوندو اٿس تھ ھڪ ئي سٽ سان ايڏي ساري جبل جيڏي جا وڃي گوڏا کپندا آھن. پوءِ جت جي ھوندي اٿس مٿس سٿ سٿان، پر حرام جو پوءِ ڪو ڪڻڪي. منھنجا گوڏا تھ وري منڍ کان ان جاءِ تي کتل آھن ۽ رھندو لائن واري رات منھنجي سالين سس اھڙا ساٺ سڳڻ ڪيا؟ جو جيڪي ٿوري گھڻي رڏي ھيم سا الائي ڪاڏي غالب ٿي وئي. رھندو جو چکي چريو ٿيس تھ قصو حاتم طائي وانگر. ھڪ ڀيرو ڏسڻ جي تمنا اٿم. ان تمنا ۾ مون واري نڪ ۾ جيڪا ناڪيلي آھي، سا اڃا دائم قائم آھي ۽ ھڪ ڀيري جو ھيٺائين ٻولي، اٺ وانگر پنھنجي مٽ ۾ پاڻ ترڪيو آھيان تھ پيو ترڪان. حيدرآباد ۾ وري سوٽ جو گھر اٿم، جو بھ ساڳي وڻ جي ٻي لام يعني منھنجي ساليءَ سان پرڻيل آھي. سو اتي جڏھن پھتاسون تھ ڄڻ پنھنجي گھر آياسون. ٻنھي ڀينرن جو پاڻ ۾ تارون مليل ھيون ۽ اسان ٻنھي سوٽن کي رڳو تيار ٿيل پروگرام مليو، جنھن ۾ صبوح جو ڪوٽڙي گھمائڻي ھئي تھ شام جو المنظر، رات جو سيڪنڊ شو کان پوءِ مون کي سو ”ٿرڊ شو“ جي اجازت ھئي، پر سڄو ڏينھن ڄنگھون ھڻڻ بعد اھو شو مون کي ائين لڳندو ھو، جيئن ڪو ”چئريٽي شو“ جنھن ۾ ٻئي ڌريون ڇڙو بيگر لاھينديون آھن. پوءِ جڏھن حيدرآباد جون سموريون فلمون ڏسجي چڪيون ۽ نوان ڪپڙا سبجي چڪا، تڏھن ھڪ رات ٿڌي ھير ۾ ساڳيو ئي ويراڳ ھليو. ھوءَ منھنجي انھن سمورين ڳالھين تي تئو گھمائيندي چوڻ لڳي: ”گھمائيندين ڦيرائيندين يا ائين ٻڌي ٻوٿ واپس موٽائيندين؟“

”۽ ھن وقت تائين ڇا ھو؟“ مان جڪ کائيندي ٻرندي پڇندي چيو.

”ان کي گھمڻ ڦرڻ ٿورو چئبو آ.“

”باقي ڇا کي چئبو آ؟“

”ھتان جي فئمليز سان تھ دعا سلام ڪيون نھ......“

”تھ ڪيتري پاڻي ۾ آھن؟“ مون جملو پورو ڪندي چيو.

“تون تھ ھر ڳالھھ مان پنھنجو مطلب ٿو ڪڍين. حيدرآباد جي ھوائن مٿو ڦيري ڇڏيو اٿئي.“ ھن منھن ۾ سونڊ وجھي چيو.

سندس اوچتو پسرجڻ تي مون کان اھو سچ چوڻ وارو دورو وسري ويو. مون ان جي اگرن نتيجن تي سوچيو تھ منھنجي ھٿن مان ڀولي بھ ڇڏائجي وئي. مون دستور موجب ٺاھ ڏانھن قدم وڌائيندي چيو: ”جاني، ڪجھھ ڀوڳ مان ”انجاءِ“ ڪرڻ تھ سک.“

”نھ نھ، مون کي اھڙا ڀوڳ نھ وڻندا آھن.“

”ڀلا ڪنھن جي گھر ھلندينءَ؟“ مون سنئين سڌي پٽڙي ورتي.

”توکي خبر، ھيترا سارا دوست اٿئي.“ ھن بھ ڪانٽو بدلايو.

”نادر ڏي ھلون جنگشاھي؟“ مون کي ڀاڄائيءَ جي پلي جو پلاءُ ياد اچي ويو ۽ سندس سڪ مان سگھري اچڻ جون دعوتون.

”گھڻو پنڌ آ ھتان جنگشاھي؟“

”اھو سؤ سوا ميل اوٽ موٽ.“

”جنگشاھيءَ ۾ ڇا رکيو آھي؟ آھي تھ ننڍو واھڻ.“

”اتي ڀرسان نوري ڄام تماچي واري ڍنڍ آھي، ڪينجھر.“

”ڍنڍ کي ڇا ڪنداسون؟“

”بوٽنگ بھ ڪنداسون تھ ڍنڍ ڪناري پسار بھ ڪنداسون.“

”نڪو“ ھن ٻوٿ چٻو ڪيو.

”پوءِ ڪاڏي؟“

”ھتي بھ تھ کوڙ دوست ھوندءِ، اتي تھ ڊار ھڻندو آھين.“

”ڀلا شارق مشرف؟“

”اھو جنھن جي گھر کي ڪبوترن جي کڏ سان ڀيٽايو ھيئي؟“

”اھي تھ مان ڀوڳ ڪيا ھئا، پر تون قرب تھ ڏس. شارق جي ماءُ جيءَ ۾ جايون ڏيندءِ.“

”مسز شارق ڪونھي ڇا؟“

”نھ پيڪين ويل آھي.“

”پوءِ ان کان سواءِ ڪھڙو مزو.“

”ڀلا غلام علي موھل؟“

”ڪٿي رھندا آھن.“

”گھر جو پورو پتو ڪونھي، پر گھڻو ڪري ريشم گلي ڀرسان.“

”نھ بابا نھ.“

”توکي تھ ڪو گھر وڻي ئي ڪونھ ٿو.“ مون ڪڪ ٿيندي چيو.

”لطيف آباد يا جي آر ڪالونيءَ ۾ ڪو دوست اٿئي؟“

ايندي ويندي ٻنھي ڪالونين جا سھڻا بنگلا ڏٺا ھئائين.

”ھڪ نظر حسن آھي، پر ان کي ڀاڀي مريءَ کنڀي کڻي وئي آھي.“

”ھا ڏس نھ ان کي چئبو گھمائڻ ڦيرائڻ. توکي تھ حيدرآباد تائين پئي ٻرو چڙھيو.“

دل گھريو تھ نظر حسن بابت ٻڌايانس تھ سندس گھر واريءَ کيس بھ ائين حرام ڪري ڇڏيو آھي، جو نھ ڪنجھي ٿو ۽ نھ ڪڻڪي ٿو. پيو ڀولي وانگر ڪڍ گھمي. پر مون کي خبر ھئي تھ ھوءَ ان ڳالھھ کي ھڪدم پاڻ ڏانھن اشارو سمجھندي. ان ڪري مون ان ڳالھھ جو ڪو جواب نھ ڏنو. فقط ايترو چيم: ”ڀلا فيصلو ڪر نھ.“

”فيصلي لاءِ ڇڏيو ڇا اٿئي؟“

”ھيترا گھر ٻڌايامانءِ.“

”سڀ ڪنگلا، ڪنھن گھر ۾ ڊرائنگ روم بھ ڪونھ.“

”ڇو خدا جو ڏنو سڀ ڪجھھ اٿن. ڊرائنگ روم نھ ھوندن تھ ڪو پٽ تي ٿورو ويھاريندءِ.“

”اھڙو خدا جو ڏنو شل دشمن کي بھ نھ ڏي. ويچارين جي تھ حياتي ئي زھر ھوندي.“ ھن کي مون وارن يارن جي گھر وارن جي اچي ڳڻتي لڳي.

اوچتو مون کي ڪوھ نور ملز وارو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ميان امين الدين ياد اچي ويو، جنھن سان منھنجي سٺي سلام دعا ھئا. مان حيدراباد ايندو ھوس تھ ڪڏھن ڪڏھن وٽس ويندو ھوس. پاڻ ميان صاحب ۽ بيگم صاحبھ ھر ڀيري ڊنر کارائڻ کان سواءِ ڪونھ ڇڏيندا ھئا. وڏي شاھي ڊائننگ ٽيبل جي ٽاپ تي براس جي چمڪندر ڪئنڊل اسٽئنڊس ۾ وڏيون موم بتيون ھيون. الائي ڪيترا ڪورس سرو ٿيندا ھئا ۽ ھر ڪورس بعد انگلش ايماسڊ پليٽ بدلبي ھئي. ان جي بجاءِ ٻي رکبي ھئي. اھا دعوت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھلندي ھئي. ميان ۽ بيگم صاحب وڏا مانائتا ھئا ۽ مان ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندا ھئا. ميان ۽ بيگم صاحبھ کي يورپ ۾ بھ ڪاروبار ھو ۽ سال مان ڇھھ مھينا ٻاھر ولايتن ۾ پيا گھمندا آھن. ميان صاحب جو يادگيرو ايندي منھنجي مٿان پيل ڇپ ڇيتيون ڇيتيون ٿي پئي ۽ مون سک جو ساھ ڀريندي کيس چيو: ”ھا ھڪ جاءِ سجھي ٿي، تنھنجي ئي مطلب جي. سڀاڻي اوڏانھن ھلنداسون.“

”مون کي بھ تھ ٻڌاءِ.“

”مسٽر ۽ مسز امين الدين ڪوھ نور ملز وارا.“

”ھا، ايڏانھن ھل نھ. باقي اڳھون ڪھڙيون ڍونڍون ڍورا کنيا ھيئي.“

”مون کي ھينئر ياد آيو.“ مون ڏند ٽيڙي خطا مڃي.“

”پوءِ ڪڏھن؟“

”ڪنھن بھ وقت، صرف چوڻ جي دير آھي.“

”پوءِ ڪرين ڇو نھ ٿو ٽيليفون؟“

ھوءَ تيستائين منھنجي ڪڍ ڪڍ ھئي، جيستائين مون ميان صاحب سان ڳالھائي ”ڪنفرم“ نھ ڪيو ھو. ميان صاحب تھ ان کي پنھنجي عزت افزائي سمجھي اسان کي ڊنر يا لنچ لاءِ چيو ھو، پر مون ٻئي ھنڌ ھجڻ جو بھانو ڏئي صرف چانھھ جي ڪوپ جي استدعا ڪئي ھئي. ان ئي ڏينھن شام جو ھڪ وڏو لفافو نارمل دعوت نامي سان اچي پھتو ھو.

ٻئي ڏينھن اٿڻ سان ھن شام لاءِ تياري شروع ڪئي. سڀ کان وڌيڪ اونو کيس پنھنجن ھٿن، پيرن ۽ منھن جو ھئو. ھونءَ بھ ھوءَ روز سيارو ھجي توڙي اونھارو، اٿڻ مھل ۽ سمھڻ مھل پاڻ کي الائي ڪھڙين ڪريمن سان مھٽ مھٽان ڪندي ھئي. وري جڏھن کان ملڪ ۾ خواتين ڊائجسٽ شروع ٿيا ھئا تھ سبزي مارڪيٽ مان ايندڙ سلاد جا پن، ونگا ۽ ليما تھ ھن جي بلي ھوندا ھئا ۽ منھنجي گنھگار اکين ڪڏھن مانيءَ جي ٽيبل تي ڪونھ ڏٺا ھئا. وري منھنجو ھڪ دوست لنڊن پھتو ھو تھ ھن اتان ٻھ عورتن جا پرچا ”وومن“ ۽ ”ومنز اون“ جاري ڪرايا ھئا، جن جي پڙھڻ کان پوءِ تھ کيس ڪابھ لوڪل شيءِ نھ وڻڻ لڳي ھئي ۽ سندس جتين کان وٺي پرسن ۽ ڪريمن تائين سڀ شيون اتان اچڻ لڳيون ھيون. پر اھو صبوح تھ سڀني صبوحن کان وڌيڪ پيارو ھو ۽ اھڙي شام روز روز نھ اچڻي ھئي. ان ڪري ھن نئين سر منڍ کان وٺي شروعات ڪئي ھئي. ان مھٽ مھٽان جي مرحلن کان واندي ٿي، ھن باٿنگ سالٽ جي سموڙي شيشي شب ۾ اوتي. ھن ھڪ وڏو غسل ورتو ھو ۽ جڏھن اھي سڀ خوشبويون سندس جسم جي خوشبوءِ سان رلي ملي ھڪ ٿي ويون، تڏھن ھوءَ اھي سموريون سرھاڻيون کڻي مون وٽ آئي ۽ مون کان پڇڻ لڳي: ”ھاڻي ٻڌاءِ تھ شام پايان ڇا؟“

”اھو پرابلم تنھنجو آ.“ مون ڪتاب ٺپيندي جواب ڏنو. مون کي خبر ھئي تھ ڪتاب پڙھندي کيس جواب ڏنم تھ چيھاڙيون چيھاڙيون ھوندو.

”مطلب تھ ساڙھي پايان يا ڪو بيل باٽم سوٽ؟“

”لازما ساڙھي.“ مون ٺھھ پھھ چيو. ھڪ تھ ساڙھي ھن کي پسند ھئي، ٻيو تھ شام جو سندس پويان ھلڻ وقت پنھنجي بھ چاندي ئي چاندي ھئي.

”ساڙھي تي تھ منھنجي بھ مرضي ھئي، پر پايان ڪھڙي؟“

”ھاڻي اھا صلاح پاڻ ۾ ڀينر ڪيو.“

”تون بھ صلاح ڏي نھ.“

”پيازي ليس واري ساڙھي پاءِ.“

”اھا ھڪ ٻھ ڀيرو پاتي آ، ھينئر ڪڪ ٿي پئي آھيان.“

”ڀلا بنارسي ”موف“ ڪلر واري.“

”اونھون، بنارسي تھ ھر ايرو غيرو ٿو پائي.“

”پوءِ؟“ مون ڪڪ ٿيندي چيو. پائيندي اھا جا سندس دل ۾ ھوندي.“

”بلو شفان واري ساڙھي لاءِ ڪھڙو خيال اٿئي؟“

”ڪھڙي؟“

”اھا جنھن تي سيڪونس جو ڪم ٿيل آھي، جا مھينو ٿيو ٻارھين سوين ورتي ھئي.“

”اڙي ھا، اھا تھ مون کان وسري وئي.“

”آھي بھ ماڊرن فيسن ۽ ان تي ولائتي جتيون ۽ پرس بھ اٿم.“

”ٻيو ڇا کپي، خدا خير ڪري.“

شام جو جڏھن ھوءَ چار ڪلاڪ اڳ تيار ٿيڻ شروع ٿي، تڏھن ئي ڪو وقت تي وڃي سندس ميڪ – اپ پورو ٿيو. ميزبانن جي شاھي محلات جھڙي بنگلي ۾ ھلي اسان جي گاڏي بيٺي تھ بيگم ۽ ميان اسان کي پورچ جي ڏاڪڻ وٽ گريٽ ڪيو. ھوءَ خوش خوش بيگم صاحبھ سان گڏ اندر ڊرائينگ روم ڏانھن ھلي وئي. مان ۽ ميان صاحب ٽيرس تي ڪرسيون وجھائي چيس راند ۾ لڳي وياسين. اندران ڊرائينگ روم مان ڪڏھن ڊنر بيل جھڙين گھنٽين جھڙا ٽھڪڙا پئي ٻڌڻ ۾ آيا، جن منھنجي ڪنن جو سمورو گوش پئي ان پاسي ڪيو. منھنجيون ويڳاڻيون اکيون بھ نور وڌائڻ لاءِ پئي ھيڏانھن ھوڏانھن ڦريون ۽ ڪو ساڙھيءَ جو جھلڪو يا سٺي صورت ڏسي پي ٺريون. راند ۾ منھنجو ڌيان پورو سارو ھو، سو پھرين راند ھارائي، ٻي لاءِ پئي ڳوٽون ويھاريوسين تھ اندران واپس ھلڻ جو پيغام آيو.

مسٽر ۽ مسز امين الدين کان موڪلايوسون تھ سندس مکڙي تي اھا ئي ”پئنٽنٽ“ مرڪ ھئي، جنھن سان چپن تي لڳل ”گلا“ جي سرخي بھ نھ بگڙندي آھي ۽ ماڪوڙي کاڌل بي سرا ڏند بھ نظر نھ ايندا آھن....... پر سندس رنگ ائين پئي ڪاراٽبو ويو، جيئن نيرو آسمان آنڌاري اچڻ کان اڳ، پنھنجي نيراڻ مٽائي ميرانجھڙو ٿيندو ويندو آھي..... اندر گھڙيم تھ ڏٺم تھ ھوءَ سيٽي تي ائين ڦان ٿي پئي ھئي، جيئن آرمس جي ڪا سينگاريل ڊمي...... گھڻي دير کان پوءِ ھن اھڙو ٿڌو شوڪارو ڀريو جو منھنجي منھن تي ائين لڳو جيئن ڪو برفاني ھوا جو زوڪاٽ...... پوءِ ھن نماڻيون اکيون کڻي مون کي چيو: ”ھل تھ واپس ھليا ھلون.“

”ڇو من، اڃا تھ ھفتو کن ٿيو آ آئي.“

”پويان سمورو گھر رلي ويو ھوندو.“

”پر پوئتي گھر ۾ آھي ڪير؟ سڀ ڀاتي تھ ھتي آھيون.“ مون کيس ياد ڏياريو.

”نيٺ گھر تھ آھي. پويان نوڪر جيڪي ڇنڊ ڦوڪ ڪندا ھوندا سا خبر اٿئي.“

”من خيرپور ۾ تھ اڃا ڇتي گرمي ھوندي.“

”پنھنجي گھر ۾ گرمي بھ سون.“

ھن جڏھن ڪا جاءِ نھ ڏني تھ مون پوءِ کانئس سڌو سوال ڪيو: ”تون شايد ”امينز“ وٽ انجواءِ نھ ڪيو.“

”نھ خاص ڳالھھ تھ ڪونھي.“ ھوءَ ھيٺائين ڪيئن ٻولي.

”مسز امين ۽ سسٽرس ڪيئن ھيون؟“ مون ٻيو رستو ورتو ان راز ڳولڻ لاءِ.

”مڙئي ماڻھن جھڙا ماڻھو.“

”نھ من، مسز امين تھ پنھنجي نالي ساڻ آھي.“

”اوھان مردن کي ھروڀرو پراڻو چلڪو وڻندو آھي.“

”مان ھن کي توسان ڀيٽايان تھ ڪونھ ٿو، پر.......“

”ھا چمڙي سو مون کان ”فيئر“ اٿس.“ ھن مس ڪا ڳالھھ مڃي.

”۽ فگر؟“

اتي ھوءَ سور نھ سانڍي سگھي ۽ ڀريل غباري وانگر گھڻو ئي دم جھليائين. پر نيٺ ڦاٽي پئي. ”آصف خبر اٿئي تھ ستن ٻارن جي ماءُ اٿئي.“

”تون ڏس.“

”پڪ ئي پڪ ”ھارمونز“ وٺندي ھوندي، تڏھن تھ جوان لڳي پئي آھي.“

”تون بھ تھ پنجن ٻارن ۾ من لڳي پئي آھين.“ مون کيس آٿت ڏنو.

”نھ آصف، ھن اڳيان تھ ڪجھھ ناھيان.“ ھن کان ٿڌو ساھ نڪري ويو.

”سندس ڪپڙا ڏٺئي؟“

”الا! ڪپڙن تي تھ نظر ئي نھ پئي بيٺي.“

”ڀلا تنھنجو ڇو موڊ آف ٿي ويو؟“

”آصف نھ پڇ، اندر ئي سڙيو پيو آ.“

”ھن ڪي سوسڙيون ساڙيون ڇا؟“

”نھ نھ، ھوءَ تھ ڏاڍي عزت سان ملي. سندس نڻانن بھ ڏاڍو قرب ڏنو.“

”باقي ڇا ٿيو؟“

”اھو ٿيو جو دل پئي گھريو تھ زمين جاءِ ڏي تھ پيھي وڃان.“

”ڀلا ٻڌائين ڇو نٿي؟“

”ڇا ٻڌايانءِ؟ دل ٿي چوي تھ ھن ساڙھيءَ کي تيلي ڏئي باھ ۾ ساڙيان.“

”ڪمال ٿي ڪرين. ھھڙي پياري ساڙھي کي ساڙيندينءَ؟“

ھن ڪو جواب نھ ڏنو. ڏٺم تھ سندس اکين جا ڪٽورا پھرين آبجي ويا ۽ پوءِ شفاف ڳوڙھا سندس پنبڻين تي ائين اٽڪي پيا، جيئن ساري سارھيءَ تي ڪو موتين جو ڪم. اتان اھي موتي ٽٽا تھ ھوءَ بھ پاڻ جھلي نھ سگھي ۽ سڏڪا ڀريندي چوڻ لڳي: ”اعتبار ڪندين تھ اسان جي ويھڻ سان بيگم امين جي نوڪرياڻي جو ٽرالي گيڙي آئي تھ ھن کي ھوبھو ساڳي ساڙھي پئي ھئي..... اھو ئي ”سيڪونس“ جو ڪم ۽ ساڳيو ئي رنگ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com