سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو: 1

صفحو : 10

بيبي تحفه رضه

هي ڏاڍي عارف ۽ ڪامل عورت ٿي گذري آهي. شيخ ”سري سقطي“، مشهور اولياء ذڪر ٿو ڪري، ته هڪڙيءَ رات مون کي ننڊ نٿي آئي، ۽ سڄي رات بي آراميءَ ۾ گذاريم، جڏهن صبح جو نماز پڙهي بيمارستان (اسپتال) ڏي ويس، تڏهن اُتي هڪڙي خوبصورت ٻانهي ڏٺيم، جنهن کي عمدا ڪپڙا پيا هئا، ۽ منجهانئس خوشبوءِ پئي آئي، ليڪن هٿ پير ٻڌا پيا هئس! مون کي ڏسي، هوءَ روئڻ لڳي ۽ شعر پڙهڻ لڳي، بيمارستان جي داروغي کان پڇيم ته هيءَ ڪير آهي؟ چيائين ته ”هيءَ هڪڙي ٻانهي آهي، جا چري ٿي پيئي  آهي، ۽ ان جي ڌڻيءَ هن کي بند ڪري هيڏي موڪليو آهي. هيءَ ڳالهه ٻڌي، اُها ٻانهي وري به زار زار روئڻ لڳي، ۽ عربي شعر پڙهڻ لڳي، جن جو مطلب هو ”اي لوڪو، آءٌ بيگناهه  آهيان: آءٌ ظاهر ڪري چري آهيان ليڪن منهنجي دل هوشيار آهي! مون کي بند ڪيو اٿوَ، ليڪن انهيءَ جي (يعنيٰ خدا جي) محبت کان سواءِ، آءٌ پاڻ ۾ ٻيو ڪو گناهه نٿي ڏسان. منهنجي انهيءَ سان محبت آهي، جنهن جي درگاهه جي نافرماني ڪري نٿي سگهان، جيڪا منهنجي لاءِ چڱائي ٿا سمجهن، سا منهنجي لاءِ خرابي آهي ۽ جيڪا منهنجي خرابي ٿا سمجهن سا منهنجي چڱائي آهي، جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ کي دوست ٿو رکي. انهيءَ جو ڪهڙو گناهه آهي؟“ هن جون اهي ڳالهيون ٻڌي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ روئڻ اچي ويو. هن چيو ته ”اي سِري“، جيڪڏهن تون انهيءَ کي جيئن سڃاڻڻ گهرجي تيئن سڃاڻين، ته الائجي ڪيترو روئين!“  مون پڇيس ته توکي منهنجو نالو ڪيئن آيو، مون کي ڪيئن سڃاتئي؟“ هن چيو ته جڏهن انهيءَ کي سڃاتو اٿم، تڏهن ٻئي ڪنهن کان به آءٌ جاهل نه هونديس!“  پڇيو مانس، ”توکي هتي ڪنهن بند ڪيو آهي؟“ چيائين ته ”منهنجن حاسدن، ٻَڌي ڪري، ائين ڪيو آهي“ پوءِ، دانهن ڪري ڪِري پيئي، جڏهن وري هوش ۾ آئي، تڏهن وري ٻيا شعر پڙهڻ لڳي. مون داروغي کي منٿ آزي ڪئي ته هن ويچاريءَ کي ڇڏي ڏي. هن ڇڏي ڏنس. مون چيو مانس ته ”هاڻ جيڏي وڻيئي تيڏي وڃ.“  هن چيو ته ”آءٌ ڪيڏانهن وينديس؟ هو منهنجو حقيقي مالڪ آهي، ۽ آءٌ سنديس مملوڪ يا ٻانهي آهيان: جڏهن هو راضي ٿي موڪل ڏئي، تڏهن آءٌ وڃان! مون دل ۾ چيو ته ”قسم خدا جو، هيءَ چري ته ڪين آهي، مون کان ڏاهي ٿي ڏسجي! انهيءَ وچ ۾، ”تحفه“ جو ڌڻي به اچي اُتي نڪتو، مون پڇيو مانس ته ”هيءَ ٻانهي مون کي زياده شريف ٿي ڏسجي_ ڪهڙي گناهه ڪري هن کي بند ڪرايو اٿئي؟“ چيائين ته ”چري ٿي پيئي آهي_ نڪي کائي ٿي، نڪي پيئي ٿي، نڪي سُمهي ٿي، هميشہ پيئي روئي، ۽ دانهون ڪري، اسان کي ننڊ ئي ڪرڻ نٿي ڏئي! مون وٽ ڪل ويهه درهم هئا، جي ڏيئي مون هن کي خريد ڪيو، جو هوءَ ڏاڍي ڳائيندڙ آهي: ڀانيم ته راڳ ڳائي منهنجي دل وندرائيندي، پر سگهوئي حقيقي معنيٰ وارا راڳ ڳائي زار زار روئڻ لڳي، ۽ ڳائڻ جو ساز ڀڃي ڇڏيائين _ تنهن کي سال کن ٿيندو“. پوءِ ”تحفه“ کان پڇيم ته ”ائين برابر آهي، ڪيئن؟“ تنهن تي، وري روئي، عجيب شعر پڙهڻ لڳي. تڏهن ”تحفه“ جي مالڪ کي چيم ته ”اِهي پئسا هن جي قيمت جا آءٌ ٿو ڏيان، تون هن کي آزاد ڪر.“  هن قبول ڪيو.

 آءُ اُهي پئسا گڏ ڪرڻ ويس، جو مون وٽ هڪڙي پائي به ڪانه هئي. حيران سرگردان ٿيو وتيس. رات جو مون کي ننڊ نه آئي. خدا کي پئي سوال ڪيم ته منهنجي مراد پوري ڪر، ۽ مون کي مفلس ٺهرائي خوار نه ڪر. اڌ رات جو هڪڙو ماڻهو، چئن غلامن سان، هڪڙي شمع کڻي اُتي آيو. پڇيو مانس ته ”ڪير آهين ۽ ڇو آيو آهين؟“ چيائين ته ”اڄ رات ”احمد بن مثنيٰ“ مون کي خواب ۾ ملڻ آيو، ۽ اچي حڪم ڪيائين ته پنج بدڙيون سون جون کڻي، ”سري سقطي“ کي وڃي ڏي، ته هو ”تحفه“ کي خريد ڪري، جو ”تحفه“ سان منهنجي گهڻي خاطري آهي“. هيءُ ٻڌي آءٌ خوش ٿيس، پئسا وٺي رکيم، ۽ خدا جو شڪرانو ادا ڪيم، جڏهن صبح ٿيو، تڏهن انهيءَ بيمارستان ۾ ويس، ”تحفه“ جو مالڪ به اُتي آيو، پر روئندو آيو. پڇيومانس،”روئين ڇو ٿو جيڪي پئسا گهريئه ٿي، سي آندا اٿم؟“ هن چيو ته ”اي سري“، اهي پئسا مون کي نه گهرجن، مون ”تحفه“ کي خدا جي واٽ ۾ آزاد ڪيو، ڇالاءِ جو رات خواب ۾ مون کي ”تحفه“ جي لاءِ ڏاڍو ڊيچاريو اٿن، ۽ خوف ڏنو اٿن. آءٌ هن کي ته ڇڏيان ٿو، پر پنهنجو سڀ مال به خدا جي واٽ ۾ ڏيو ٿو ڇڏيان!“ انهيءَ وچ ۾ ”تحفه“ دانهون ڪندي، شعر پڙهندي، جهنگ ۾ گم ٿي ويئي، ۽ ڳولئي به نه لڌي_ جڏهن پوءِ آءٌ مڪي ۾ ويس، تڏهن وري ڏٺومانس _ چرين وانگي، جهنگ ۾ اڪيلي پئي گهمي، ۽شعر پئي پڙهيائين. انهيءَ صورت ۾ اوچتو ڪري پيئي، ۽ مري ويئي. پوءِ اُتي کڻي دفن ڪيوسينس. ”سري سقطي“ ٿو چوي ته هن عورت ۾ مون ايتريون ڪرامتون ڏٺيون، جيتريون ڪنهن ٻئي اولياء ۾ نه ڏٺيم.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org