سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

باب: --

صفحو : 2

ڇپائيندڙ پاران

 ڪتاب ”تحفة النسوان“ ۾ شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ عرب، عجم ۽ هند سنڌ جي 36 شريف ۽ مشهور عورتن جو ذڪر ڪيو آهي. شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ چواڻي، ته هن ڪتاب جو مضمون عربي، فارسي ۽ اردو ڪتابن تان گڏ ڪيو ويو آهي، ۽ گهڻن جو ذڪر مختلف تاريخن ۾ ڏنل آهي. ڪتاب جي اهميت جي خبر ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ئي پڌري ٿئي ٿي، ته هيءُ ڪتاب اڄ جي سماج ۾ ڪيترو اهم آهي.

          سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان اهائي ڪوشش رهي آهي، ته هو پنهنجي اشاعتي پروگرام ۾ اهڙن ڪتابن کي اوليت جي بنياد تي شايع ڪري، جن جي اڄوڪي سماج ۾ گهڻي گهرج آهي. ڇو ته عورت هڪ بهتر سماج جي اڏاوت ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، تنهن ڪري اهڙين نامور ۽ تاريخ ساز شريف عورتن جو ذڪر ڪرڻ اڄ جي سنڌي عورت جي سامهون بيحد ضروري آهي. ان خيال کي به نظر ۾ رکي هن ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ڪيو ويو آهي. هيءُ اصل ۾ ٽيون ڇاپو آهي. هن جا پهريان ٻه ڇاپا سال 1958ع ۾  سال 1975ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا. بورڊ ساڳي ئي جذبي ۽ قدر سان هن ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ڪري دلي مسرت محسوس ڪري ٿو.

 

اعجاز احمد  منگي

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو ، سنڌ

 

 

پيش لفظ

ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارو مدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود  هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.

          زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب ۽ تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن، ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو. نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سَون اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان جي ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل اُملهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو؟ سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.

          سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان سترهن ڪتاب؛ گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهاز آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت الانشاء، گل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت، سڀا جو سينگار، خودياوري، دلارام ۽ مقالات الحڪمت اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي ارڙهون ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

           سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي اشاعتي پروگرام جو هڪ شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي از سرنو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام تحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال_ ٻن جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن، جنهن مان عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي، بورڊ اهي ناياب ڪتاب صرف جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿو پڌرا ڪري، بلڪه انهن کي لائق اديبن هٿان نئين سر سڌاري ۽ طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان ٺاهي سيگاري پوءِ شايع ٿو ڪري. ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نَون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هيءُ پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه سئو قديم خواهه جديد، مگر ناياب ٿيل، ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا خيرخواهه، بورڊ جي جي هنن ڪوششن کي همتائيندا، ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدار مشورن سان هميشه نوازيندا رهندا.

 

محمد ابراهيم جويو

25 ڊسمبر 1958ع

حيدرآباد سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org