سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو: 1

صفحو : 11

 فخر النساء  شهده، ”ڪاتبه“

هيءَ بيبي، علامه ابو نصر بن فرج بن عمر ابريءَ جي ڌيءُ هئي. انهيءَ علامه جي وڏن مان ڪو درزڪو ڪم ڪندو هو، تنهن ڪري ”ابري“ سڏيندا هئس، جنهن جي معنيٰ  آهي سُئي هلائڻ وارو. هن جو اصل وطن”دينور“ هو، جو ايران ۽ عراق جي وچ ۾ هڪڙي جبلن جي قطار ۾ آهي، ليڪن، زماني جي ضرورتن ڪري اهو علامه پنهنجو وطن ڇڏي، اچي بغداد ۾ رهيو هو. انهيءَ هنڌ اها بيبي ”شهده“ سنه 484هه (1091ع) ۾ پيدا ٿي. ضروري تعليم ڏيڻ کان پوءِ، علامه ابو نصر، پنهنجي ڌيءُ کي وقت جي قابل عالمن جي صحبت ۽ شاگرديءَ ۾ ڇڏيو _ جيئن ته عبدالله حسن بن احمد نعماني، ابو الخطاب بطروني، ابوبڪر شارشي وغيره، جي انهيءَ وقت جا مشهور عالم هئا. جڏهن ”شهده“ تمام قابل ٿي، تڏهن پاڻ مدرسو کوليائين، ۽ گهڻن ماڻهن وٽانئنس علم جو فيض حاصل ڪيو. هوءَ تمام خوشخط هئي، ۽ اکر تمام چڱا لکندي هئي، جنهن ڪري ”ڪاتبه“ جو لقب مليس. هن جي شادي علامه ابو نصر جي وڏي شاگرد علي بن محمد بن يحيٰ سان ٿي، جو علم ۽ فضل ۾ زماني جو يڪتا عالم هو. انهيءَ شاديءَ مان پوءِ تمام چڱا نتيجا نڪتا.

 

خديجہ بنت القيم

هيءَ خاتون ، حديث ۽ ادب جي علم ۾ امام ٿي گذري آهي. هوءَ ”حمام قيمي ناطوريءَ“ جي ڌيءُ هئي، جو بغداد جو رهاڪو هو. عالمن هن خاتون کي ”اُمة العزيز“ جو لقب ڏنو هو. هوءَ سنه 608هه (1211ع) ۾ ڄائي هئي. انهيءَ وقت جي رواج موجب، هن کي تمام چڱي تعليم ملي. پهريائين وطن ۾ وڏن وڏن عالمن ۽ استادن جي شاگرديءَ ۾ فيض حاصل ڪيائين. پوءِ سفر ڪري شام جي جدا جدا علمائن وٽ علم پڙهيائين. مصر ۾، ابن حميري ۽ علي بن مختار عامريءَ وٽ، گهڻا ورهيه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم ڪيائين. حديث جي علم ۾ هن ڏاڍو نالو ڪڍيو، ۽ تاريخن ۾ اڃا تائين هن جي تعريف هلي اچي. هن سنه 699هه (1299ع) ۾ وفات ڪئي.

 

  

شجرت الدر

هيءَ خاتون  مصر جي ”ايوبيه“ گهراڻي جي ستين بادشاهه، ”ملڪ صالح“ جي سُريت هئي. ننڍي هوندي هن کي کان چڱي تعليم مليل هئي، جنهن ڪري بادشاهه وٽ هن جو ڏاڍو قدر هو. بادشاهه مان هن کي هڪڙو پٽ به ڄائو،جنهن جو نالو ”خليل“ رکيو ويو، ۽ جنهن ڪري هن کي ”اُم خليل“ جي ڪُنيت ملي. مگر اهو جلدئي مري ويو. هن کي بادشاهه پاڻ سان جنگين ۾ به کڻندو هو. بادشاهه ملڪ صالح پاڻ به ڏاڍو نيڪ، عقلمند ۽ بيدار مغز هو. تاريخ وارن هن جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. هن ملڪ ۾ ڏاڍا سڌارا ڪيا، ۽ فساد بند ڪيائين، ۽ هڪڙو وڏو مدرسو ”قصرين“ ۾ قائم ڪيائين. بحري فوج تيار ڪرايائين. سن 647هه ۾، فرانس جي بادشاهه” لوئي“ سان ”دمياط“ جي  ويجهو وڙهڻ لاءِ ويو، ته اوچتو چالهين ورهين جي عمر ۾ ۽ ڏهن ورهين جي حڪومت کانپوءِ، مري پيو. اهڙيءَ پريشانيءَ جي حالت ۾ ”شجرة الدر“ ڏاڍو همت جو ڪم ڪيو: مَلڪ صالح جا ٽي پٽ هئا، مگر انهيءَ وقت فقط هڪڙو پٽ ”توازن شاهه“ جيئرو هو، جو ”ڪيفا“ ۾ هو. ”شجرة الدر“ لشڪر کي بادشاهه جي مرڻ جي خبر نه ٻڌائي، رڳو سخت بيماريءَ جي حالت ظاهر ڪيائين، ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ هڪڙو قاصد ”توازن شاهه“ ڏي موڪليائين، جو آيو، ۽ ”شجرة الدر“ ائين ظاهر ڪيو، ته بادشاهه پٽ کي پنهنجي طرفان مدارالمهام يا جانشين ڪيو آهي. جڏهن هو دمشق ۾ وڃي”مَلڪ اعظم“ جي لقب سان تخت نشين ٿيو، تڏهن بادشاهه جي مرڻ جي خبر ظاهر ٿي. انهيءَ وچ ۾ فرانسيسي لشڪر مسلمانن تي ڪاهه پئي ڪئي، مگر ”شجرة الدر“ تجويز سان انهن کي سامهون پئي ٿي. نيٺ بحري فوج جي مدد سان، هن ”لوئيءَ“ جي لشڪر کي شڪست ڏني. هن جا 115 آفيسر ماريا، ۽ 33 جهاز گرفتار ٿيا. سگهوئي پوءِ، ”لوئي“ پاڻ به گرفتار ٿي پيو، جنهن کي وٺي هوءَ قاهره ۾ آئي.

    توازن شاهه، تخت تي ويهڻ کانپوءِ ”شجرة الدر“ جو احسان وساري، سندس برخلاف ٿيو، ۽ هن کي دڙڪا ڏيڻ لڳو. مملوڪن جي فوج ”شجرة الدر“ سان مليل هئي، ۽ اُها فوج ڏاڍي زور ڀري هئي. تنهن توازن شاهه کي ماري وڌو. تخت جو وارث ڪونه هو، تنهن ڪري زور سان شجرة الدر کي تخت تي ويهاريائون، ۽ امير  عزالدين ( يا معز الدين) کي لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيائون. (اُهو اصل مَلڪ صالح جو زر خريد غلام هو). هن راڻيءَ مُلڪ جا سڀ فساد بند ڪرائي ڇڏيا، ۽ ڏاڍو سڌارو ڪيائين. هن فرانس سان عهد نامو ڪيو، جنهن موجب ”لوئي“ بادشاهه کي مارايائين: پنهنجا مسلمان قيدي وري ورتائين، ۽ ”دمياط“ جو گهڻن ورهين کان فرانسيسي وٺي ويا هئا، سو موٽائي ورتائين، اَٺ لک دينا، لُٽ  جي چٽي، به هنن کان ڀرائي ورتائين. لوئي فرانس پهچڻ شرط عهد شڪني ڪري، جنگ شروع ڪئي، تنهن تي شجرة الدر هن سان جُٺ ڪرڻ لاءِ هڪڙو عربي قصيدو هن ڏي موڪليو، جنهن جو پهريون بيت هن طرح هو:

        ”قل للفرانس اذا جئتہ، مقال صدق عن قوه من نصيح.“

        انهيءَ قصيدي جو مطلب هي هو ته ”اي قاصد تون جڏهن فرانس ۾ لوئيءَ وٽ وڃين، تڏهن چئجئينس ته آءٌ توکي نصيحت ڪندڙ وانگي سچ ٿو چوان، ته تو بي عقلي ڪري پنهنجن پنجاهه هزار سنگيتن کي قبر ۾ وجهي ڇڏيو، جن مان فقط ڪي زخميل وڃي بچيا آهن، جي اسين ٻيو ڀيرو توتي قصد ڪري آياسين، ته اهو ساڳيو مڪان، جتي تون هيترا ڏينهن قيد هئين، اهو تنهنجي لاءِ اڃا خالي پيو آهي!“

        هيءُ قصيدو ٻڌي ”لوئي“ شرمندو ٿيو، ۽ جنگ جو خيال لاهي ڇڏيائين.

        سگهوئي پوءِ شجرة الدر، سردار عزالدين سان شادي ڪئي. اڳي انهيءَ خاندان مان ڪا زال بادشاهه نه ٿي هئي، تنهن ڪري ماڻهن حلب جي واليءَ، ”ملڪ ناصر“، آخرين عباسي خليفي به پنهنجي دعوي پيش ڪئي. شجرة الدر ڏٺو ته ماڻهن جي راءِ مرد بادشاهه ڏي آهي، ۽ وڙهڻ سان مفت خونريزي ٿيندي، تنهن ڪري پاڻ بادشاهي ڇڏي، پنهنجي مڙس عزالدين جي فرمانبرداري قبول ڪيائين، جو بادشاهه ٿيو. انهيءَ طرح هن راڻيءَ مڙيئي ٽي مهينا حڪومت ڪئي، مگر تمام چڱي ڪئي، ۽ سڀني مصر جي بادشاهن کان مشهور ٿي ويئي. شجرة الدر، مڙس کي حڪومت جي ڪم ۾ مدد ڏيندي آئي، ستن ورهين کان پوءِ ، سنه 655هه (1257ع) ۾، عزالدين ”موصل“ جي حاڪم جي ڌيءُ سان کڻي شادي ڪئي، تنهن تي شجرة الدر ڏاڍي ڪاوڙي، ۽ محسن جوهريءَ سان سازش ڪري، هن کي حمام ۾ مارائي ڇڏيائين. انهيءَ وير وٺڻ لاءِ، عزالدين جي هڪڙي سُريت _ جنهن مان هن کي هڪڙو پٽ هو. ڪنهن بهاني تي پنهنجون ڪي ٻانهيون وٺي، شجرة الدر جي گهي ويئي، ۽ اتي انهيءَ کي خنجر هڻي ماري وڌائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org