سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو: 2

صفحو : 21

جانان بيگم

هيءَ بيگم، عبدالرحيم خان ”خان خانان“ جي زال هئي، جو بهرام خان جو پٽ هو. هوءَ علم ۽ فضل ۾ ڪمال کي پهتل هئي. قرآن شريف جو هڪڙو تفسير به لکيو هئائين. جهانگير بادشاهه، سندس جمال توڙي ڪمال جي تعريف ٻڌي. ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڪئي، پر هن بيگم، آزاديءَ جو ٻيو اُپاءُ نه ڄاڻي، پنهنجا ڏنڊ ڀڃي ۽ پنهنجا وار سڀ ڪتري، ڳنڍڙي ٻڌي، جهانگير ڏي ڏياري موڪليا. بادشاهه سندس معنيٰ سمجهي ۽ کيس پاڪدامن ڄاڻي گذر ڪري ويو، ۽ سندس تحسين ڪيائين. هن سنه 1070هه (1659ع) ۾ وفات ڪئي. هيءُ بيت جانان بيگم جو آهي:

عاشق ز خلقِ عشقِ تو پنهان چسان ڪند،
پيداست از دو چشمِ ترش خون گريستين!
 

(يعني، عاشق پنهنجو عشق خلق کان ڪهڙيءَ طرح لڪائي ٿو سگهي. سندس ٻنهي آلين اکين مان ظاهر آهي ته هو رت ٿو روئي!)

****

 

چاند خاتون(چاند بيبي)

چاند خاتون يا چاند بيبي، حسين نظام شاهه بحريءَ جي ڌيءُ هئي، جو دکن هندستان جي نظام شاهي خاندان مان هو. هن قريب سوا سئو ورهيه دکن ۾ حڪومت ڪئي، ۽ سندس تخت  _ شهر احمد ننگر هو. هوءَ علي عادل شاهه جي بيبي هئي، جو عادل شاهي خاندان مان هو، ۽ جنهن جو تختگاهه بيجارپور هو. علي عادل شاهه جي مرڻ تي، هوءَ بيجا پور مان احمد ننگر ۾ اچي رهڻ لڳي.

                اڪبر بادشاهه جڏهن وچ ۽ اُتر هندستان جو ڪم لاهي رهيو، تڏهن دکن جي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. شاهه مراد ۽ مرزا خانخانه کي انهيءَ لاءِ موڪليائين. انهيءَ وقت احمد ننگر جي تخت تي برهان نظام شاهه هو. نظام شاهه برار جو صوبو اڪبر کي نذرانو ڪري ڏنو هو، پر انهيءَ ڪم پوري ٿيڻ کان اڳي ئي برهان شاهه مري ويو، ۽ برار تي اڪبر جو قبضو ٿي نه سگهيو. شهزادو مراد ۽ خان خانان لشڪر سميت گجرات ۾ لٿا پيا هئا، ته من انهيءَ جي هٿ ڪرڻ جو  وجهه ملي. انهيءَ وچ ۾ برهان شاهه جي جانشين ابراهيم شاهه، اميرن کي ماري وڌو، ۽ منجهو خان شاهي وڪيل، آهنگ خان ۽ اخلاص خان _ انهن ٽنهي اميرن جي وچ ۾ تخت نشيني جي لاءِ جهيڙو هو. هر ڪنهن پنهنجو پنهنجو بادشاهه بنايو. نيٺ منجهن نفاق وڌيو، ۽ خونريزي ٿيڻ لڳي. منجهو خان ڪاوڙ ۽ ساڙ مان شهزادي مراد کي لکيو ته ”نظام شاهي حڪومت جي قوت گم  ٿي وئي، اوهين هيڏي اچو ته آءٌ اوهان کي احمد ننگر جو قلعو حوالي ڪريان“. مراد اُٿي اوڏي هليو، ۽ خانخانان به بدخشان جي واليءَ شاهه رخ مرزا، شهباز خان، راجا جگناٿ، راجا درگا، رامچندر ۽ ٻين اميرن کي وٺي روانو ٿيو. جڏهن اُهي سڀ احمد ننگر کي ويجهو آيا، تڏهن منجهو خان جي اک پٽي، ۽ هو پنهنجي تڪڙ ۽ اُٻهرائيءَ تي ڏاڍو پشيمان ٿيو، ڇالاءِ جو انهيءَ وچ ۾ هو ٻين کي دٻائي پاڻ زور وٺي خودمختار ٿي ويو هو _ لاچار قلعو ڇڏي ٻاهر نڪتو.

                چاند خاتون ڏٺو ته اسان جي ابي _ ڏاڏي جي حڪومت ٿي گُم ٿئي، تنهن پڪو ارادو ڪيو ته ڪنهن به طرح پنهنجي بادشاهي بچائينديس. پهرين ته هن ڪن مخالف اميرن کي تجويز سان قلعي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڪن کي وري پرچائي ٺاهي ڇڏيائين. گولڪنڊا جي بادشاهه قطب شاهه ۽ بيجارپور جي بادشاهه عادل شاهه کان مدد گهريائين، ۽ قلعي کي چوڌاري مضبوط ڪري، شهزادي مراد ۽ خان خانان جي لاءِ منتظر ٿي ويهي رهي. 23 تاريخ ربيع الثاني سنه 1004هه (1595ع) جي، شهزادي پنهنجي فوج قلعي تي آندي. چاند خاتون به حڪم ڏنو ته اسانجين توبن جا منهن کولي ڇڏيو. اهو سارو ڏينهن مراد مٿا هنيا ته قلعي تائين وڃون، پر اڳتي چُري نه سگهيو. شام جو مراد ٿڪجي موٽي ويو. ٻئي ڏينهن شهزادو مراد، شاهه رخ مرزا خانخانان، شهباز خان، راجا جنگنه ناٿ ۽ ٻيا، قلعي کي چوڌاري گهيرو ڪري ويهي رهيا. چاند خاتون جي مدد لاءِ ڪي نظام شاهي امير آيا، پر خانخانان انهن کي قلعي ڏي وڃڻ نه ڏنو. اهو گهيرو مهينن جا مهينا هليو، پر ته به هو قلعو وٺي نه سگهيا. هوڏي چاند خاتون جي مدد لاءِ عادل شاهه پنجويهه هزار سوار آندا، قلب شاهه پنج _ ڇهه هزار سوار ۽ ڪي پيادا آندا، ۽ منجهو خان، اخلاص خان ۽ آهنگ خان نظام شاهي اميرن به پنهنجي فوج آندي: انهيءَ طرح هڪ زبردست فوج گڏ ٿي ويئي. هيءَ خبر ٻڌي، شهزادو مراد ڊڄي ويو. نيٺ، صلاح ڪري ٺهراءُ ڪيائون ته انهيءَ مددي فوج جي اچي پهچڻ کان قلعو  وٺجي، پر وڙهي اندر وڃڻ ته مشڪل هو! ٽن مهينن ۾ هنن قلعي جي ٺُل تائين پنج ڳُجهيون سرنگهون کوٽيون، ۽ انهن ۾ باروت وڌائون، انهيءَ لاءِ ته انهن کي باهه ڏيئي قلعو اُڏائي ڇڏين. پر چاند خاتون کي انهن سرنگهن جي خبر پئجي ويئي. هڪدم انهن سرنگهن جو باروت ڪڍائي، انهن کي مٽيءَ سان ڀرائڻ لڳي. مراد کي ته تڪڙ هئي ته انهيءَ قلعي جي فتح رڳو منهنجي نالي ٿئي. خان خانان جو نالو ئي نه ٿئي، سو هن کي خبر ڏيڻ کانسواءِ، ٻنپهرن جو لشڪر وٺي آيو ته باروت باهه ڏيئي قلعو اُڏائي ايتري ۾ چاند خاتون ٻه سرنگهون ڀرايو هيون، ۽ ٽي پئي ڀرايائين، ته شهزادي باروت کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڏنو. اهڙو اوچتو ٺڪاءُ ٿيو، جو ماڻهن ڀانيو ته گوڙ، سان آسمان ڦاٽي پيو، ۽ ڪوٽ جي ڀت جا پنجاهه گز ڪِري پيا. سامهون شهزادو، پنهنجن راجپوتن ۽ مغلن جي لشڪر سان، نظر آيو. بس، قيامت لڳي ويئي. ڪم ڪرڻ وارن پنهنجو ڪم ڇڏي ڏنو، سپاهين جا هٿ پير ساڻا ٿي پيا، ۽ لشڪر جا سردار ڀڄي ويا: مطلب ته ساري قلعي ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. چاند خاتون جي همت ڏسو! هڪدم هٿيار ٻڌي، گهوڙي تي چڙهي ۽ ترار کڻي، پردي کان ٻاهر ٿي. شهزادي اڃا پئي ويچار ڪيو ته باقي ٻه سرنگهون به ڇٽُن، ته پوءِ قلعي تي حملو ڪريان، پر خبر تڏهن پيئس، جڏهن جهٽ ۾ چاند خاتون انهيءَ ڀڳل ڀت وٽ سوين توبون بيهاري ڇڏيون، ۽ ساري فوج کي همتائي ۽ دڙدلاسو ڏيئي، جنگ لاءِ تيار ٿي بيهي رهي. مغل ۽ راجپوت ڏاڍي زور شور مان ڪاهي آيا. شهزادي ڏاڍا مٿا هنيا، پر چاند خاتون هڪڙو انچ به اڳتي وڌڻ نه ڏنس. اها جنگ اهڙي همت ۽ دليريءَ سان هن ڪئي، جو شام تائين قلعي جي کاهي راجپوتن ۽ مغلن جي لاشن سان ڀرجي ويئي. آخر، شهزادو نااميد ٿي موٽي ويو. رات جو چاند خاتون هٿيار ٻڌي اچي ڀڳل ڀت وٽ بيٺي. ۽ پنجاهه ئي گز وري کڙا ڪري، جوڙائي ڇڏيائين. صبح جو مراد کي اها ڀت صحيح سالم ڏسي، حيرت لڳي ويئي. مراد ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ همت هارجي ويس. نااميديءَ ۾، سڀني اڪبري اميرن پاڻ ۾ صلاح مشورت ڪئي. جڏهن ڏٺائون ته هيءُ قلعو وٺڻ آسان نه آهي. تڏهن صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. چاند خاتون_ جنهن کي انهيءَ لڙائيءَ کان پوءِ ”چاند سلطانه“ جو خطاب ڏنو ويو _ پهرين صلح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جو پڪ هيس ته هنن کي سگهوئي ڀڄائي سگهبو، پر جڏهن ڏٺائين ته قلعي اندر رهندڙ ماڻهو گهڻا مهينا بند رهي رهي ٿڪجي پيا هئا، تڏهن انهن جي منٿن تي لاچار صلح منظور ڪيائين، ۽ جيئن فوتي بادشاهه انجام ڪيو هئو، انهيءَ موجب، برارجو صوبو شهزادي مراد جي حوالي ڪيائين.

                چاند بيبيءَ جي نسبت ۾ ڪتابن وارن عجيب عجيب ڳالهيون لکيون آهن. خافي خان پنهنجيءَ تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”هن پهرين مغلن جي لشڪر تي چانديءَ جا گولا توبن مان هنيا، ۽ جڏهن اهي کپي ويا، تڏهن ٽامي جا هنيائين، ڪي چون ٿا، سون جون اشرفيون به هنيائين، ۽ جڏهن اهي پوريون ٿيون ۽ جواهرات به کٽڻ تي آئي، تڏهن صلح ٿي پيو“. 

****

 

 دائود خان جي بيبي

هيءَ بيگم اصل ته هڪڙي هندو زميندار جي ڌيءُ هئي، جا پوءِ مسلمان ٿي هئي. سردار دائون خان پِنيءَ سان انهيءَ جي شادي ٿي هئي. هيءُ  سردار احمد آباد گجرات جي صوبي جو حاڪم هو. قوم جو افغان هو، ۽ ڏاڍو زبردست ۽ دلير هو.

                جڏهن فرخ سير دهليءَ جي بادشاهه جو سندس سپہ سالار ۽ امير الامراء حسين علي خان سان تڪرار ٿيڻ لڳو، ۽ حسين علي خان جي سرڪشي بادشاهه کي ڏاڍو تنگ ڪيو، تڏهن بادشاهه هن کي ناس ڪرڻ لاءِ هيءُ بهانو  ڳولي ڪڍيو، جو هن کي حڪم ڏنائين ته گجرات جي سردار دائود خان پِني سان وڃي وڙهه. جڏهن حسين علي خان وڏو لشڪر وٺي احمد آباد کي ويجهو آيو، تڏهن دائود خان کي چواڻي موڪليائينس ته اچي نئين بادشاهه جي فرمانبرداري قبول ڪر. دائود خان انڪار ڪيو. ڪي چون ٿا ته بادشاهه جي اشاري سان هن انڪار ڪيو ۽ وڙهيو، انهيءَ سان وڏا وڏا سپاهي سردار شامل هئا. ٻئي طرف جنگ جي تياري ڪرڻ لڳا.

                دائود خان جي بيبيءَ جي پنهنجي مڙس سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. ۽ دائود به هن جي چڱين وصفن ۽ اخلاقن ڪري هن تان ساهه صدقو ڪندو هو. جڏهن جنگ جي لاءِ سنبري نڪرڻ تي ٿيو، تڏهن پهرين زال کان موڪلائڻ آيو. بيبيءَ روئي چيس ته ”منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“ دائود خان چيو ته ”پياري، تون هڪڙي آبروءَ واري سردار جي ڌيءُ آهين، ۽ هڪڙي بهادر سپاهيءَ جي ننگ ناموس جي مالڪياڻي آهين. توکي ڪنهن هدايت ڪرڻ جو ضرور ڪونهي توکي پنهنجي مڙس جي درجي جي خبر آهي. ۽ هن جي عزت آبرو رکڻ جو رستو توکي اچي ٿو. مون توکي خدا جي حوالي ڪيو، ۽ پنهنجو ننگ ناموس تنهنجي حوالي ڪيو. دائود خان ائين چئي، جنگ جي ميدان ڏي روانو ٿيو. عقلمند ۽ بهادر بيبيءَ پنهنجي محلات ۽ جنگ جي ميدان تائين ماڻهو بيهاري ڇڏيا، ته گهڙيءَ گهڙيءَ کيس جنگ جي خبر ڏيندا رهن. نيٺ ٻنهي طرفن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي. ٻيئي طرف تمام چڱا وڙهيا، ۽ ٻنهي ڏاڍي بهادري ۽ همت ڏيکاري. نيٺ حسين علي خان جو لشڪر  غالب ٿيڻ لڳو، تڏهن دائود خان پاڻ حسين علي خان سان ڪوشش ڪري وڙهڻ لاءِ نڪتو. دائود خان جي بيبيءَ کي اهو سڀ احوال معلوم پئي ٿيو. جڏهن ڏٺائين ته مڙس جا سڀ بهادر سردار مارجي ويا، ۽ پاڻ وڙهڻ لاءِ ويو آهي. تڏهن هوءَ پاڻ پنهنجي لاءِ رٿ ڪرڻ لڳي. هن پنهنجي خاص نوڪرياڻيءَ کي حڪم ڏنو ته ”خان جو خنجر کڻي آڻي منهنجي پاسي ۾ رک“. نوڪرياڻيءَ ته حڪم بجا آندو، ليڪن ساري محلات ۾ هر ڪنهن کي _ ڪي پنهنجي لاءِ، ۽ ڪي بيبيءَ جي خوفناڪ ارادي کان _ دل ۾ بي آرامي پيدا ٿيڻ لڳي. پڪ هين ته خان جي مارجڻ جي خبر ٻڌي ضرور پاڻ کي به ماريندي. هنن کي هن ڪري به فڪر زياده ٿيو، جو بيبي پيٽ سان هئي. اُتي، نوڪرن اچي خبر ڪئي ته هاڻي دائود خان جو هاٿي دشمن جي لشڪر ۾ گهڙي پيو آهي، ۽ گهڻي اميد ڪانه ٿي نظر اچي. تڏهن بيبيءَ پنهنجي خاص دائيءَ کي پاڻ وٽ سڏائي ويهاريو، ۽ لڙائيءَ جي آخرين نتيجي جي لاءِ منتظر ٿي ويٺي. ستت ئي نوڪر اچي روئي خبر ڏني ته ”دائود خان مارجي ويو“ هيءَ خبر ٻڌي،  ساري محلات ۾ قيامت جهڙو گوڙ مچي ويو. بيبيءَ ٻين وانگي رنو پٽيو ڪين، پنهنجي پڇاڙيءَ جي فڪر ۾ رهي. جيڪو خنجر گوڏي هيٺ مسند تي رکيو هوس سو جهٽ ڏيئي کنيائين، ۽ آرام سان پنهنجي پيٽ کي چهڪ ڏيئي، پيٽ مان ستين مهيني جو ٻار  ڪڍي، پنهنجي دائيءَ کي ڏنائين، ۽ چيائينس ته ”هن يتيم جي سنڀال  سان پرورش ڪجئين، جو اها دائود خان جي نشاني ڀلي ته ياد رهي،“ ائين چئي ۽ ٻار هن جي حوالي ڪري، پوءِ انهيءَ ساڳئي خنجر سان پاڻ کي به پورو ڪري ڇڏيائين. هي حال ڏسي، ساري محلات ۾ هاءِ هاءِ ٿي ويئي. سگهوئي حسين علي خان جا ماڻهو دائود خان جي محلات جو قبضو وٺڻ آيا. بيبيءَ جو هي حال ڏسي، سڀ وائڙا ٿي ويا. جهڙو دشمن تهڙو دوست جي اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. حسين علي خان پاڻ ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ ساري حقيقت لکي بادشاهه ڏي دهليءَ رواني ڪيائين. ٿوري ئي عرصي ۾، اها ياد رکڻ جهڙي همت ۽ بهادريءَ جي ڳالهه، ساري هندستان ۾ ڳائجي وئي.

****

 


 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org