سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :14

   

 

ڪچو رنگ

ھڪ پوياڙيءَ جو جڏھن رئيس شاھنواز خان پنھنجي بنگلي جي ڪشادي اڱڻ ۾ کٽ تي ليٽيو بلگاري حق مان ڳڙ ۽ تماڪ جون ٿڌيون ۽ مٺيون ڦوڪون ڀريندي، ڪمدار ڪاراون کان سڄي ڏينھن جي ڪارگذارين بابت پڇا ڳاڇا ڪري رھيو ھو، تڏھن منشي احمد علي جو تازو ذوالفقار علي خان ڏانھن ھڪ وڏي رقم چيلھھ سان ٻڌي ويو ھو، سو سھڪندي اچي واپس وريو. ھن رئيس کان پيرن تي ھٿ رکي، جيڪا سندس ڪن ۾ ڦوڪ ڏني، تنھن ڀنڀور کي باھ ڏئي ڇڏي. ر.يس جا وار ئي کڙا ٿي ويا. سندس گھاٽيون جاڙيون ڀروون پنھنجي جاءِ بدلائي ھيٺ مٿي ٿي ويون، حقي جو نڙ چپن سان ملڻ جي انتظار ۾ ڪا مھل سندس آڱرين ۾ ڦرندو رھيو. گھڻي گھڻي مھل کان پوءِ رئيس ھڪ بي دلي ڦوڪ ڀري ۽ نڙ کي ناري ڏانھن اڇلي اٿي کڙو ٿيو ۽ چڱيءَ طرح بوٽ پائڻ کان سواءِ بوٽ کي گھليندو، حويلي ڏانھن ڀڳو. اندر گھرواريءَ کي ڏسڻ شرط ئي پري کان چيائين: ”ھي ٻڌءِ زائفان.“

”ڇو خير تھ آھي؟“ وڏيري جيڪا تازو ننڊ مان اٿي ھئي، تنھن پورو سارو گوش ڏيندي چيو. ھوءَ روز پيون اھڙيون ڳالھيون ٻڌندي ھئي. ڪنھن نھ ڪنھن ڪڙميءَ جي ڪنواري ڌيءَ جو ڀڄڻ، ڪو خون ڌاڙو، مڙئي اھڙي قسم جون ڳالھيون ھونديون ھيون رئيس کي ٻڌائڻ لاءِ.

”خبر وري ڪھڙي، ڇوري ڪاري ڪري ڇڏي.“

وڏيري پٽ جو ذڪر ٻڌي سمجھي وئي تھ رئيس جو اڄوڪو اچڻ خيري ڪونھ ھو ۽ ڳالھھ اھميت واري ھئي. ان ڪري ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي رئيس کان پڇيائين: ”ڇو ڇا ڪيو اٿئين؟“

”ڪراچيءَ ۾ منڊم سان نڪاح پڙھيو اٿئين.“

”ھي مٺيس.“ وڏيريءَ زور سان گوڏن تي ٻئي ھٿ ھنيا. ھونئن تھ وڏيري پٽ جي شادي جو ٻڌي خوش ٿئي ھا، جو ھوءَ سالن کان ان انتظار ۾ ھئي تھ سندس پيٽ ڄائو ڪنھن ٻئي پئدائش جي قابل ٿئي، پر ھتي تھ معاملو ئي ابتو ھو. ھڪ ڀاڻس جي ڌيءُ سندس پٽ جي مڱ ھئي ۽ ٻيو تھ منڊمون ھن کي ڀانءِ ئي ڪونھ پونديون ھيون. ڪيترا دفعا جڏھن رئيس صاحبلوڪن ۽ منڊمن کي شڪار جون دعوتون ڏنيون ھيون، تڏھن ھن ماڙيءَ تي چڙھي جافرين وارين درين مان منڊمن کي اوطاق ۾ ٽلندو گھمندو ڏسي، عجب ۾ پئجي وئي ھئي. سندن ننڍيون ننڍيون قميصون، سوڙھيون پتلونون، مٿن تي رنگ برنگيون ٽوپيون ۽ انھن جي ھيٺان کڙين تي جتيون، ڊگھن وارن بدران ڇوڪراڻا وار ۽ مردن سان گھمڻ گھتڻ ۽ کلڻ ڳالھائڻ، کيس پسند ڪونھ آيو ھو. ھڪ وار رئيس ٻن منڊمن کي اندر حويلي ۾ وٺي آيو ھو تھ ھن مس مس وڃي کين منھن ڏيکاريو ھو. ھن کي اھڙو شرم پئي آيو، جو ڄڻ ھو ھن جھڙيون زائفون ڪونھ ھيون، پر ڪنھن مخالف جنس مان ھيون. اھڙي ننھن جو خيال ايندي ئي ھن کي باھ وٺي ويئي، پر ھن فقط ايترو ئي چيو: ”نھ نھ، اھا ڳالھھ ڪوڙي ھوندي.“

”ڪوڙي وري ڪيئن، منشي پاڻ ڏسي آيو. ويو ھو نھ کيس پئسا ڏيڻ.“ رئيس ڏاڍيان ڪڙڪي سان چيو.

وڏيريءَ کي تھ اھا ڳالھھ سورھن آنا دل ۾ چڀي وئي، جو برابر منشي پئسا کڻي ويو ھو، پر تڏھن بھ نڪاح واري ڳالھھ تي اعتبار ڪرڻ لاءِ اڃا گھڻي ڳالھھ گھربي ھئي. سندس خاندان ۾ آخر ڪير ستو جتو ھو. مڙسس شاھنواز خان، سھرس قيصر خان ۽ ان جي پيءُ سنجر خان جون ڳالھيون ڪنھن کان ڳجھيون ھيون. ماڻيون تھ برابر سوٽيون ۽ ماساتيون ئي ھيائون، پر شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ڇا نھ ڪيو ھئائون. ذوالفقار علي بھ سندن ئي اولاد ھو، جاءِ ھميشھ پيڙھ تي ئي ويندي آھي. موڪلن ۾ ڳوٺ ھوندو ھو تھ حويلي ۾ ڪم ڪار ڪندڙ جوان ٻانھين سان کيچل ڪا کانئس ڳجھي ڪانھ ھوندي ھئي. اھا ڳالھھ اڻ ٿيڻي ڪانھ ھئي، جو ھو شھر ۾ نڪاح پڙھڻ کان سواءِ ئي شادي وارا مزا وٺي سگھي. منشي برابر اکين سان ڏسي آيو ھو، پر اکين ڏٺي ڳالھھ تي بھ ويچار ڪرڻ لازمي ھو. ان ڪري وڏيريءَ رئي جو پلئھ مٿي تي ٺاھيندي، اکيون ھيٺ ڪري چيو: ”نڪاح ڪونھ ڪيو ھوندائين، ائين مڙيئي.......“ زائفان ماڻھو وڌيڪ ڇا پئي چئي سگھي.

رئيس بھ وڏيريءَ جي مڙيئي کي سمجھي ويو، سو ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳو: ”ائين ٻئين ڪانھ آھي. خود منشي سان پاڻ سڄي ڳالھھ مڃي کيس ايلاز ڪيائين تھ مون کي اھا ڳالھھ نھ ٻڌائي، پر منھنجو منشي مون کان اھڙيون خون جھڙيون ڳالھيون لڪائيندو؟“ رئيس ٺھھ پھھ وڏيريءَ جي ٿوري گھڻي شڪ کي دور ڪندي چيو ۽ پوءِ ڏانھس ائين تڪڻ لڳو، ڄڻ کيس چوندو ھجيم ائين ٻئين ھجي ھا تھ ڪا ايڏي فڪر جي ڳالھھ ھئي؟“

وڏيري ڳالھھ تي اعتبار ڪري سن ۾ پئجي وئي. ويچاريءَ کي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي جا مھڻا ياد اچڻ لڳا. ھوءَ پريشان ٿي وئي ۽ مڙس ڏانھن ڪنڌ کڻي پڇيائين: ”پوءِ؟“

”پوءِ ڇا؟ بس ائين سمجھھ ڄڻ ذوالفقار ڄائو ئي ڪونھ ھو.“

ٻاھر نوڪر چاڪر منشي احمد علي کي جھار وانگر وٺي ويا ھئا. ھرڪو ان راز جي معنيٰ ڳولڻ لاءِ بيچين ھو، جنھن رئيس کي ڪچھري مان اٿي گھر ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ھو، پر منشي احمد علي ڪنھن کي ترين تيل لائڻ نھ پئي ڏنو. ھر ڪنھن کي پئي جواب ڏنائين: ”ٻڌائڻ جو امر ڪونھي، رئيس کان پاڻ پڇجو.“

ڪمدار بيگ محمد، جنھن کان رئيس تِر جيتري ڳالھھ بھ ڪانھ رکندو ھو، تنھن کي منشي جي ٽيڳر تي ڏاڍي خار پئي آئي ۽ ھن مھڻو ڏيندي کيس چيو: ”چڱو منشي تون نھ ٻڌاءِ، باقي رئيس اچڻ سان ڳالھھ ڪندو.“

انھن ئي ڳالھين ۾ ھئا، جو رئيس موٽي آيو ۽ ٻاھر اڱڻ ۾ بيھڻ بدران ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويٺو. منشي ۽ ڪمدار بيگ محمد بھ سندس ڪڍ لڳا ويا. کٽ تي ويھندي ئي رئيس ڪمدار ڏانھن نھاريندي چيو: ”چڱو ٿيو ڪمدار جو تون ايو آئين، منشي جو احوال ٻڌءِ؟“

”نھ سائين.“ ڪمدار منشيءَ ڏانھن وڏائي سان ڏسندي چيو، ڄڻ کيس چوندو ھجي: ”ڏٺئي، تو اجايو پئي منھنجو مان وڃايو.“

”چڱو منشي، تون پيرائتو احوال ٻڌاءِ.“ رئيس منشي کي چيو.

منشي دستور موجب منڍ کان احوال شروع ڪيو تھ ڪيئن ھن سڄي رات گاڏيءَ ۾ اک بھ ڪونھ ٻوٽي ھئي، متان ڪو بشني چيلھھ سان ٻڌل رقم ڇوڙي کيس ٺلھو نھ ڪري وڃي. ڪيئن صبح جو ھو ننڍي رئيس جي بنگلي تي پھتو تھ کيس اڪيلو ڏسڻ بجاءِ ھڪ منڊم صاحب کي بھ ڏٺو ھئائين، جنھن جي ھٿن تان اڃا مينديءَ جو رنگ بھ ڪونھ لٿو ھو. ڪيئن سندس پڇڻ تي ننڍي رئيس جو منھن ون ون ڪري ويو ھو ۽ کيس ايلاز ڪيا ھئائين تھ اھا ڳالھھ ڪنھن کي نھ ٻڌائي. ايتري ڳالھھ ٻڌائي منشي احمد علي، ڪمدار ڏانھن داد طلب نگاھن سان ڏسندي چيو: ”ادا ڪمدار، ڏس تھ ھيءَ ڳالھھ گندڙي جو ٽنگ تھ ڪانھ ھئي، جو ليڙو ڏيانس تھ بند ٿي وڃي. ھتي تھ ٻنڀ ڦاٽل ھو، سو مان ڪيئن پئي لڪايو.“

ڪمدار بيگ محمد، جنھن ننڍي رئيس کي ڪلھن تي گھمايو ھو ۽ جيڪو ننڍي رئيس کي ڏاڍو ڀائيندو ھو، تنھن کي منشي جي ان تڪڙي ڳالھھ تي خار آئي. ھن کي جي اھا ڳالھھ ڪن پئي ھا تھ شايد ان تي ڪک بھ رکي ھا، پر رئيس جي سامھون ھو منشي کي ڇا پئي چئي سگھيو؟ ھن فقط ايترو ئي چيو: ”ھا ادا منشي، بابي سان ڪھڙا ڪوڙ.“

رئيس جنھن کي اھي ڊگھيون ڳالھيون نھ پئي وڻيون، تنھن منشي کان پڇيو: ”تو ذوالفقار کي اھو ڪونھ چيو تھ مون کي اھا ڳالھھ ڪانھ وڻندي.“

”سائين مان ڇا چوانس، پاڻ کي نھ پئي سجھيس.“ منشيءَ جواب ڏنو.

رئيس ماٺ ڪري سوچ ۾ پئجي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڪمدار بيگ محمد منشيءَ کي چيو، حقيقت ۾ ھن ڳالھھ رئيس جي ڪن تي ھڻڻ پئي گھري. ”ادا منشي، ننڍڙو رئيس بھ سياڻو آھي، جي ھٿ ھنيو ھوندائين تھ ڏسي وائيسي ڪنھن خاندان گھراڻي ۾.“ ائين چئي ڪمدار رئيس ڏانھن نھاريو، جنھن کي اھو گفتو نھ ڏڻيو. نرڙ تي گھنج وجھي، ھن رھڙ ڏيندي ڪمدار کي چيو: ”ڪھڙا خانداني آھن وڏن شھرن وارا ڪمدار، تون ھروڀرو ذوالفقار جي ڀر وٺندو آھين. ھاڻي تنھنجي خير خواھي اھا آھي جو تون صلاح ٿو ڏئين تھ کيس ان ڳالھھ تي ڪجھھ بھ نھ چئجي.“

”سائين، ڀلا ھاڻي ھٿن وڍي ڳالھھ، ڇا ڪري سگھبو؟“

”اڙي، تھ تنھنجي مرضي آھي تھ ان ڇوڪريءَ کي گھر ۾ آڻيان، جنھن کي چادري تھ ڇا پر رئو پوتي بھ مٿي تي ڪونھي.“ رئيس جون اکيون ٽانڊاڻي وانگر الا ڇڏڻ لڳيون.

ڪمدار دٻ کائي ماٺ ٿي ويو، پر رمز سھي ڪري ويو تھ جي ھن ھڪ اکر بھ ننڍي رئيس جي ڀر ڳالھايو تھ پوءِ عزت جو خير ڪونھي. ھونئن بھ ھي معاملو وڌيڪ ڳالھائڻ کان چڙھي ويو ھو. ھو رئيس کي اھا صلاح ڪونھ ڏئي ھا تھ ان حويلي ۾، جتي نر پکيءَ جو بھ حڪم ڪونھ ھو، ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ کي آڻي جا منھن اگھاڙي ھئي. ھو چپ ڪيو ويٺو ھو. جھٽ پلڪ کان پوءِ رئيس ٿڌو ٿيو تھ وري بھ پاڻ اھو گفتو ڪيائين: ”ڪمدار، ھاڻي صلاح ڪر تھ ڇا ڪيون؟ رستم خان جو پنھنجي ڌيءُ کي گار ڏني آھي، ان جو ڇا ٿيندو؟“

ڪمدار رئيس جي سوال پڇڻ سان سھي ڪري ويو تھ رئيس کي گار جو تھ فڪر کڻي ھو، پر گھڻي ڳڻتي ان ملڪيت جي ھئس، جنھن جي وارث رستم خان جي نياڻي ھئي ۽ جنھن ڪري ئي ھن پنھنجي پٽ جو مڱڻو، گھر ۾ ڀائيٽيءَ ھوندي بھ رسم خان جي نياڻيءَ سان ڪيو ھو. ڪمدار رئيس جي ڳڻتي لاھڻ لاءِ چيو: ”سائين، ان جو فڪر نھ ڪريو. اھا ٿوري ڇڏيندو.“

پر رئيس کي ان ڄٽڪي عقل تي ڏاڍي خار آئي. ھن ڪرڙيون اکيون کڻي ڪمدار کي چيو: ”اڙي ڪيئن ڪري سگھندو ٻي شادي، اھا پڙھيل ڳڙھيل کيس صحيح ڏيندي؟ وجھائيندي سڀني کي ڪاٺ ۾.“

ڪمدار بيگ محمد جواب ٻڌي چپ ڪري ويو. رئيس جي ڳالھھ پوري ھئي. حڪومت ٻي شادي تي بندش وڌي ھئي. ڪمدار ويچاري ڄٽڪي عقل موجب ھڪ صلاح ڪڍي ڦھڪائي ھئي ۽ جا ثاب نھ پئي ھئي. زمين جي ڪس پڪائي، فصلن جون ڪٿون، ڪاٽڪاڻا فيصلا ھجن ھا تھ ھو اھڙي صلاح ڏئي ھا، جيئن منڊي تي ٽِڪ، پر ھتي تھ معاملو کانئس چڙھيل ھو. ھو عقل جون ڊوڙون ھلائي ھلائي ٿڪو ھو، سو ماٺ ڪري رئيس ڏانھن ائين تڪڻ لڳو، جيئن کيس چوندو ھجي: ”سائين، اسان جون ڄٽڪون صلاحون ڪھڙيون بيھنديون. تون ئي پنھنجي وڏي مغز کان ڪم وٺي ڪا صلاح ڪڍ.“

رئيس جيڪو يڪو سوچ ۾ پئجي ويو ھو، سو منشي ۽ ڪمدار کي ماٺ ۾ ڏسي سمجھي ويو تھ سندس فيصلي جي انتظار ۾ ھئا. ھن بنا دير جي ڪمدار کي چيو: ”ڪمدار، تون ذوالفقار ڏي وڃ ۽ کيس چئو تھ شرا جا ٽي ڀتر ڏئي ھڪدم ھيڏي ھليو اچي. ٻي صورت ۾ اسان ائين سمجھنداسين تھ ھو اسان لاءِ مري ويو.“

ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ڪمدار بيگ محمد واپس آيو تھ حوالن وٺڻ کان اڳ ئي سندس منھن جي رونق مان ظاھر ھو تھ کيس ڪھڙو جواب پلئھ پيو ھو. ھن اشراف بھ بنا لڪ لڪاءَ جي مختصر لفظن ۾ کولي ٻڌايو: ”سائين، ننڍي رئيس جواب ڏنو تھ: ”ونين تان سر جون سٽون ڏبيون آھن، کين ڇڏي نھ ڏبو آھي.“ وڌيڪ ھن خط بھ لکيو اٿو.“ ائين چئي ڪمدار صدريءَ جي اندرين کيسي مان لفافو ڪڍي، رئيس کي ڏنو، جنھن ۾ لکيل ھو:

”بعد پيرن چمڻ جي عرض تھ ڪمدار اوھان جو نياپو ڏنو. جيڪڏھن اوھان حڪم ڏيو ھا تھ پاڻ کي ماري ڇڏيان، تھ اھا منھنجي لاءِ ڏکي ڳالھھ ڪانھ ھئي. پارس منھنجي حياتي آھي، ان کان سواءِ جيئڻ منھنجي وس کان ٻاھر آھي. زياده حد ادب.“

اوھان جي خاڪپاءِ

ذوالفقار

رئيس خط پڙھي خار ۾ ڳارھو ٿي ويو ۽ خط کي چيھاڙون ڪري اڇلي ڇڏيائين. ٿوري دير کان پوءِ اندر حويلي ڏانھن ويو تھ گھر واري کي چيائين: ”ٻڌءِ ذوالفقار جو جواب؟“

”ڇا ٿو چئي؟“

”چئي ٿو تھ پارس کي ڪونھ ڇڏيندس، جيستائين سريءَ ۾ ساه آھي.“

”پارس ڇا؟“ وڏيري نھ سمجھي سگھي.

”پارس آھي ننھڻين جو نالو.“

وڏيري ننھن جو نالو ٻڌي عجب ۾ پئجي وئي. سندس خاندان ۾ پھريون سنڌي سلي ۾ نالا ھئا. ھدايت خاتون، فاطمھ، حاجران ۽ جنت پارا جي گذاري ويل وڏڙين، ڪراڙين، نانين ماسين جا ڦيرائي آسيس طور ڄمندڙ ڇوڪرين تي رکبا ھئا. ان کان پوءِ ٿوري ترقي مثال طور: زبيده، زيب النساءِ، پر ھھڙو نالو نھ ھنن ڪڏھن ٻڌو ھو نھ رکيو ھو. وڏيريءَ کي پڪ پئجي وئي تھ سندس پٽ ڪنھن واڻياڻيءَ سان نڪاح ڪيو آھي. ان ڪري ھن گھٻرائجي رئيس کان پڇيو: ”ماريئي، ڪنھن واڻياڻي سان شادي ڪئي آھي ڇا؟“

رئيس کي تھ پارس جي معنيٰ جي خبر ھئي، جو ھن ٻڌو ھو تھ پارش پاھڻ ڏورانھين جبلن ۾ ڪن ڀاڳ وارن کي ملندو آھي، جنھن جو تاثير اھڙو ٿيندو آھي، جو ڪنھن لوھ کي گسائجي تھ اھو بھ سون ٿي پوندو. ھو ڪڻڪ جي گوئدن ۾ آيل ڪونجن کي ماريندو ھو تھ انھن جون گجيون پاڻ کولي ھڪ ھڪ پٿر جي ذري کي آزمائيندو ھو، جو ھن ٻڌو ھو تھ فلاڻي ڪن فلاڻي زميندار کي ڪونج جي گجيءَ مان پارس ھٿ آيو ھو. رئيس کي پارس نالي ٻڌڻ سان ڪو گھڻو عجب ڪونھ لڳو ھو، جو ھن کان بھ اور نالا ٻڌا ھئا، پر جيئن تھ ھن کي ذوالفقار تي ڏاڍي ڪاوڙ ھئي، ان ڪري ھن وڏيريءَ کي برغلائڻ پئي گھريو. ھن فقط ايترو جواب ڏنو: ”ٻيو نھ تھ پنج وقت نمازڻ سان شادي ڪئي اٿئين؟“

وڏيري اھو جواب ٻڌي سوچ ۾ پئجي وئي. منٽ کن کان پوءِ پڇيائين: ”ھاڻي ڇا ٿيندو؟“

”ٿيندو وري ڇا؟ مان سڀاڻ ئي وڃي ٿو سڄي ملڪيت انور علي جي نالي داخل ڪرايان. باقي رھيو رستم خان، ان ڏي تون ۽ مان ڳچي ۾ ڪپڙو پائي ھلي معافي وٺنداسون.“ رئيس ٺھھ پھھ جواب ڏنو.

وڏيريءَ جي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي. انور علي بھ برابر سندس پيٽ ڄائو ھو، پر تنھن ھوندي بھ ذوالفقار علي سندس پھريتي پٽ جي ڪٿي پئي جاءِ ڀري سگھيو. برابر ٻئي سندس اکين جو نور ھئا، جي ذوالفقار سڄي اک تھ انور کٻي اک ۽ انور سڄي اک تھ ذوالفقار کٻي اک، پر ھڪ اک جي سونھن ٻئي اک سان ئي آھي. وڏيريءَ جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ۽ ھن روئڻھارڪو ٿي چيو: ”خدا خدا ڪر، ائين ڪيئن ڪندين؟“

رئيس جنھن کي پنھنجي پٽ تي ڏاڍي خار ھئي، تنھن گھر واريءَ کي رھڙ ڏئي جواب ڏنو: ”خدا جو قسم، ھتي ھجي ھا تھ گولي ھڻانس ھا. مان اھا ڳالھھ ڪيئن سھندس تھ ابن ڏاڏن جي گڏ ڪيل ملڪيت ۾ سڀاڻ منڊم جو پٽ حصيدار ٿئي؟ اھو بھ الائي ڪنھن جو؟ ڪو سڄو ڏينھن ذوالفقار زال تي پھرو ڏيندو؟“

وڏيريءَ ان وقت تھ ڪجھھ ڪونھ ڪڇيو، پر رئيس سمھي رھيو تھ ھڪ ٻانھيءَ کي گھرائي سمجھايائين تھ وڃي ڪمدار بيگ محمد کي چئي تھ جي سڄي عمر جو نيمڪ ھڪ گھڙيءَ ۾ ملھائڻو ھجيس تھ ڪيئن بھ ڪري رئيس کي ان انڌ جي گھوڙيءَ تان لاھي. ٻئي ڏينھن صبوح جو رئيس پنھنجي ڪاغذن جون دستيون کڻائي، تعلقي ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ٻاھر نڪتو تھ ڪمدار بيگ محمد کيس جيپ ۾ ويھڻ وقت ھٿ ٻڌي چيو: ”سائين، جوانيءَ ۾ گھوڙا ۽ پٽ ارڏا ئي سونھندا آھن. گھوڙن جي ارڏائي وڃائي راھ تي آڻڻ سوارن جو ڪم آھي ۽ پٽ کي ڳراٽڙي پائي ٿڌي سيني سان سمجھائڻ پيءُ جو ڪم آھي.“

”ڪھڙو مطلب آ تنھنجو؟“ رئيس منھن ۾ گھنڊ وجھي چيو.

”قربان ٿيانءِ، منھنجو مطلب آھي تھ ھڪوار پاڻ کيس ٿڌي سيني سمجھايوس، جي نھ سمجھي تھ پوءِ ھوءَ گوءِ، ھو ميدان. کاتو بھ ڀڳو نٿو وڃي پوءِ بھ ڦيرائي سگھبو.“

رئيس جيستائين سوچي جواب ڏي، تيستائين ڪمدار ٽِپ ڏئي جيپ جي پوئين سيٽ تي ويھي رھيو ۽ رڙ ڪري منشي کي چيائين: ”منشي! ھي ڪاغذن جون دستيون ھٿيڪيون ڪري اندر موڪل. رئيس ۽ مان ننڍي رئيس ڏي ھڪ ھڪاڻي لاءِ ٿا وڃون.“

رئيس شاھنواز ”پارس ڪوٽ“ جي ڪمپائونڊ اندر قدم رکيو تھ سندس مٿو ئي چرخ ٿي ويو. حالانڪ ھن اھا جاءِ اونھاري جي سک لاءِ پاڻ خريد ڪئي ھئي، پر ھينئر اندر نئين ڊزائين جي رکيل گل ٻوٽن، وڏي لان، ڪوٺي جي نئين رنگ روغن ۽ ان جي مٿان ڪارن اکرن ۾ لکيل نالي ”پارس“ سڄو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو ھو. ڪمدار بيگ محمد جو ھي سڀ ڪجھھ اڳ ۾ ڏسي ويو ھو، تنھن رئيس کي ٺارڻ لاءِ چيو: ”سائين، جاءِ ھميشھ وسونءَ گھرندي آھي. ھينئر ڏسو، ڪيڏا نھ قمام ٿي يا آھن.“

رئيس کي دل ۾ تھ اھي قمام ڏاڍا وڻيا، پر ڪمدار کي ڪو جواب نھ ڏنائين. انٽرنس گيٽ تي پھچي ھن بٽڻ دٻايو ۽ جنھن دروازو کوليو، سو ذوالفقار ئي ھو. پيءُ جي رعبدار چھري ۽ ٽانڊاڻن جھڙين اکين کي ڏسي ھن جا تاڪ نڪري ويا، پر ھن پان سنڀالي پيرن تي ھٿ رکي سندس آجيان ڪئي ۽ اچي ڊرائنگ روم ۾ ويھاريو. رئيس ڀت تي ٽنگيل وڏين وڏين تصويرن ۽ فرش تي وڇايل غاليچن کي ڏسندي ذوالفقار کي چيو: ”ذوالفقار، مان تنھنجا ھي ٺٺ ڏسڻ ڪونھ آيو آھيان، پر تو سان آخري دفعو ڳالھائڻو اٿم.“

ذوالفقار پيءُ جي رعبدار منھن ڏانھن نھاري ڪنڌ ھيٺ ڪري بيھي رھيو. ھن جواب ڏيڻ چاھيو، پر کانئس ھڪ اکر بھ ڪونھ اڪليو. وري بھ رئيس چيو: ”جوڻي کي سمجھاءِ تھ مون سان ملڻ نھ اچي، نھ تھ ٽڪو ملھھ ڪندوسانس. بھتر تھ ائين ٿيندو تھ کيس چؤ تھ ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ پيڪين ھلي وڃي، جو متان مان تکو مٺو ڳالھايان.“

ذوالفقار دل جھلي جواب ڏنو: ”اوھان بابا بلاشڪ کلي ڳالھايو، ھوءَ صبوح کان پيڪين وئي آھي.“

ننھن جي غير حاضري ٻڌي رئيس جي پھريون دل تھ ٿي تھ جيڪر پٽ کي چئي: ”پيڪين وئي آھي يا ٻي پاسي؟“ پر پوءِ ھن سوچيو تھ ننگ ڀولن کي بھ پيارا آھن، ھتي تھ سندس اڳيان ذوالفقار ھو. ان ڪري ھن فقط ايترو ئي چيو: ”چڱو ٿيو جو منھنجين اکين ئي ڪانھ ڏٺي.“

ٿوري دير چپ ٿي وئي. رئيس سوچڻ لڳو تھ مطلب واري ڳالھھ کي ڪھڙي نموني شروع ڪري ۽ ڪٿان شروع ڪري؟ پر جڏھن رئيس کي خيال آيو تھ اڳلو سندس پٽ ئي تھ ھو، جنھن سان ڪنھن تمھيد جي ضرورت ڪانھ ھئي، تڏھن ھن کي جلالي اچي وئي، ”اڙي ڪھڙو فيصلو ڪيو اٿئي؟“

”مان ڪھڙو فيصلو ڪري ٿو سگھان، بابا!“

”نيٺ ڪجھھ تھ بَڪ.“

”مان پارس کي ڪونھ ڇڏيندس.“

”پوءِ ان جي نتيجي جي خبر اٿئي؟“ رئيس خارن مان پڇيو.

”ھا، ڪمدار ٻڌايو.“

”نھ، توکي پوري خبر ڪانھي. توکي مان ملڪيت مان ٽڪو بھ ڪونھ ڏيندس. ھي بنگلو بھ منھنجو آھي، اھو بھ خالي ڪرڻو پوندءِ.“ رئيس کولي ٻڌايو.

”جيئن حڪم ڪندؤ، تيئن ڪندس.“

رئيس ڪجھھ چوڻ ۾ ھو تھ ايتري ۾ بيري اچي ذوالفقار کي ٻڌايو تھ ڪليڪٽر صاحب کيس فون تي سڏي رھيو ھو. ڪليڪٽر جو نالو ٻڌندي ئي رئيس جو ٽنگ تي ٽنگ چاڙھيون ويٺو ھو، سو کڙو ٿي ويھي رھيو. رئيس بنيادي زميندار ۽ وڏي حيثيت وارو ھو. ضلعي جي مختيارڪار ۽ ڊپٽين سان سندس يارويسي ھوندي ھئي، پر ڪليڪٽر ھميشھ اگرا ھوندا ھئا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائي، پوءِ باريابي جو حڪم ڏيندا ھئا ۽ وري ٻن منٽن ۾ ٺشڪائي ڇڏيندا ھئا. پڳ ٻڌڻ کان پوءِ رئيس جو گھڻن ئي ڪليڪٽرن سان واسطو پيو ھو. ڪيترن جا نالا بھ کيس ياد ھئا. ھڪڙو ٽاٽن ھو، ٻيو سليدو ھو، ٽئين جو نالو ھيليفاڪس ھو ۽ وري ھوٿ ھو، جنھن کي سڀ ڀوت سڏيندا ھئا. پوءِ ٻھ ٽي ديسي بھ آيا ھئا، پر سڀ ڄڻ ھڪ ئي سريگر جي ھڪ ئي قالب جا نڪتل ھئا. سڀني کي اھا ئي رکائي، اھا ئي وڏائي ھئي. کين ان رکائي ۽ وڏائي ڪرڻ جو سبب بھ ھو. ڪنھن زميندار کي منٽن ۾ وڏو زميندار يا فقير بھ ڪري سگھندا ھئا. حڪومت جو سندن لکيو مڃيندي ھئي تھ ھرڪو کانئن ڪنبندو ھو. ابتو ڪھن يا سبتو ڪھن، سندن ڪٺي حلال ھئي ۽ سندن ڪاتي کي مڻيو ھو. رئيس وڏو، پٽ کي ھڪ اھڙي ڪليڪٽر سان فون تي ڳالھائڻ لاءِ ويندو ڏسي دل ۾ گھڻو خوش ٿيو. ھڪ اھڙي ڪليڪٽر کيس روبرو گھرائڻ بدران فون تي پئي ساڻس ڳالھايو. رئيس سمجھي ويو تھ اھو ڦل فقط ان ڪري مليو ھو، جو سندس پٽ اعليٰ تعليم يافتھ ھو. پر جي ھو پڙھيل نھ ھجي ھا، تھ ھو بھ صاحب سان ٻھ منٽ ملڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪري ھا ۽ پوءِ مس مس کيس باريابي جو حڪم ملي ھا.

ذوالفقار علي ڪليڪٽر صاحب سان فون تي ڳالھائي موٽي آيو تھ رئيس کانئس پڇيو: ”ڪھڙي ڪليڪٽر جو فون ھو؟“ رئيس جي پڇڻ جو مطلب ھو تھ نالو معلوم ڪري وڃي ڳوٺ ۾ ھلائي تھ فلاڻي ڪن فلاڻي ڪليڪٽر سان سندس پٽ جي دوستي آھي. اوسي پاسي جي زميندارن ۾ وڏو اثر پئي ھا.

”پارس جي پيءُ جو.“ ذوالفقار تھ جواب ڏئي ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھي رھيو، پر رئيس جي زبان سو تارونءَ سان چنبڙي وئي. ھن جون اکيون ڦوٽارجي ويون. ھن غور سان ذوالفقار ڏانھن ڏٺو، جنھن جو سھرو ڪليڪٽر ھو ۽ جيڪو سندس اڳيان ڪنڌ جھڪائي، ھٿ ٻڌيو ادب سان ويٺو ھو.

ايتري ۾ رئيس جي پويان ڪنھن زناني کڙيءَ جي ڪٽ ڪٽ جو آواز آيو. ھن ڪنڌ ورائي ڏٺو تھ ھڪ بنا برقعي، بنا پوتي رئي، وارن ڪٽيل سھڻي ڇوڪڙي بيٺي ھئي. ھن وري ذوالفقار ڏانھن ڏٺو، جو اھو مذڪور ڏسي گھٻرائجي ويو ھو. رئيس شاھنواز خان سمجھي ويو تھ اھا ڇوڪري ٻي ڪا نھ، پر سندس ننھن پارس ھئي. ھو ٽپ ڏئي اٿي کڙو ٿيو ۽ کيسي مان پنجن پنجن سون جا ٻھ نوٽ ڪڍي پارس جي ھٿ تي ائين رکيائين، جيئن ھو پنھنجي ضلع آفيسرن جي ٻارن کي خرچيون ڏيندو ھو ۽ پوءِ پارس جي مٿي کي چمندي چيائين: ”پٽ، مون کي ھن قصي جي خبر ڪانھ ھئي، نھ تھ ائين ھٿين خالي نھ اچان ھا.“

پارس نئين ڪنوار وانگر شرمائي ننھن کي ڏندن سان ڪترڻ لڳي تھ رئيس آئيندي ڏانھن ڊگھي نظر ڪري وري چيو: ”پٽ، بيشڪ تون پارس آھين؟“

پارس ساڙھيءَ جي پلئھ کي انداز سان ھر ھر ڪلھي تي ٺاھيندي، لڏندي لمندي سھري لاءِ چانھن جو انتظام ڪرڻ وئي تھ رئيس ذوالفقار ڏانھن پيار ۽ محبت سان نھاريندي چيو: ”پٽ، مون کي اڄ ئي ڪليڪٽر صاحب سان ملائجانءِ.“

پوءِ جڏھن رئيس ۽ ڪمدار واپس ڳوٺ لاءِ اسھيا، تڏھن ڪمدار بيگ محمد جنھن سمورو عرصو سرونٽ ڪوارٽر ۾ گذاريو ھو ۽ جنھن کي ان سڄي قصي جي خبر ڪانھ پئي ھئي، تنھن رئيس کان پڇيو: ”ڇا ٿيو سائين؟“

پر رئيس ان ڳالھھ جو ڪو جواب نھ ڏئي، رھندو ڪمدار کان پڇيو: ”خبر اٿئي ڪمدار تھ منھنجو سيڻ ڪير آ؟“

”نھ سائين، مون کي ڪھڙي خبر!“

”ھتان جو ڪليڪٽر نياز محمد سي.ايس.پي.“

جيستائين ڪمدار بيگ محمد سي.ايس.پي لفظ کي سمجھي، پوءِ ڪو اظھار ڪري تھ رئيس وري چيو: ”سندس بدلي جو حڪم نڪتو آھي. گھڻو ڪري ٻن ٽن مھينن ۾ پنھنجي ضلعي جي چارج وٺندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com