سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :7

 

احمقن جو مور

سنڌيڪار: محمد اعظم شاهه جيلاني

ڪنهن زماني ۾ هڪڙو ماڻهو پنهنجي زال سان هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو. هو تمام غريب ۽ پر سست به ڏاڍو هو. هن کان ايترو به ڪو نه پُڄندو هو جو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. جڏهن زال کيس چوندي هئي، ته پاڻ بک، پيا مرون ڪم ڇو نٿو ڪرين، تڏهن چوندو هو، ته منهنجي پيءُ خواب ڏٺو آهي، ته مان دولتمند ٿيندس، پر جڏهن آءُ ٽيهن سالن جو ٿيندس ۽ هيءُ پهاڙ جيڪو اسان جي سامهون نظر اچي رهيو آهي، ان تي ويندس ۽ اتي هڪ شخص منهنجي انتظار ۾ آهي، جيڪو مون کي مالدار ٿيڻ جو راز ٻڌائيندو. ان ڪري ويچاري عورت پاڻ محنت مزدوري ڪري خرچ پکو آڻي گهر هلائيندي هئي ۽ هو ويٺو کائيندو هو. آخرڪار جڏهن همراهه ٽيهن سالن جو ٿيو، ته زال کي چوڻ لڳو،  هاڻي راز معلوم ڪرڻ لاءِ پهاڙ تي ويندس، تون فڪر نه ڪر، اهو چئي راهي ٿيو، ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هن کي هڪ بيمار بگهڙ مليو ۽ بگهڙ چوڻ لڳو: ”اي مرد! تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ هن وراڻيو ته : ”اڄ مان ٽهين سالن جو ٿيو آهيان ۽ سامهون واري پهاڙ تي هڪ شخص منهنجو منتظر آهي، ان سان ملڻ ٿو وڃان.“ بگهڙ چيو ته: ”ضرور اهو ماڻهو عاقل ۽ داناء هوندو پر منهنجي اها خواهش آهي، ته هن کان پڇا ڪجانءِ ته مان هر وقت ڇو بيمار رهندو آهيان؟“ ماڻهوءَ چيو ته: ”مان ضرور پڇندس.“ ۽ هو رستو وٺي هليو ويو. هلندي هلندي هڪڙي صوف جي وڻ وٽ پهتو. صوف جي وڻ کيس چيو: ”اي مرد! تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ هن جواب ڏنو: ”اڄ مان ٽيهن سالن جو ٿيو آهيان ۽ سامهون واري پهاڙ تي وڃي رهيو آهيان، جتي هڪ شخص منهنجو منتظر آهي ۽ مون کي دولتمند ٿيڻ، جو ڏس ڏيندو.“ صوف جي وڻ چيو ته :”ضرور اهو ڪو داناء هوندو، ۽ منهنجي آرزو آهي، ته ان کان معلوم ڪندا. ته مون ۾ ڦر ڇو نٿو ٿئي.“ هن چيو ته: ”مان ضرور پڇندس.“ هو اڳتي وڌيو، هلندي هلندي پوءِ هو هڪ درياء جي ڪناري تي پهتو ۽ درياء مان هڪڙي مڇيءَ جي نظر مٿس پئي ته چوڻ لڳي: ”اي شخص! تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ هن جواب ڏنو ته: ”مان سامهون واري پهاڙ تي وڃي رهيو آهيان، جتي هڪ شخص منهنجو انتظار ۾ ويٺو آهي ۽ مون کي دولتمند ٿيڻ جو راز ٻڌائيندو.“ مڇي چيو ته : ”بيشڪ هو ڪو داناء ۽ عاقل ماڻهو هوندو، پر منهنجي اها خواهش آهي ته، هن کان پڇندا:

        منهنجي گلي ۾ هر وقت سور ڇو رهندو آهي؟“ ماڻهوءَ وراڻيو ته:”مان ضرور پڇندس.“ ۽ هلڻ لڳو. هلندي هلندي نيٺ اچي پهاڙ تي پهتو، جتي هڪ شخص هن جو منتظر هو ۽ سلام ڪري چيائين: ”سائين! مان اچي ويو آهيان پر پهرين مون کي اها ٻڌايو، ته هن مڇيءَ کي هميشه گلي ۾ درد ڇو رهندو آهي، ۽ ڇو هن صوف جي وڻ ۾ ڦر نٿا ٿين، ۽ ڇو بگهڙ هميشه بيمار رهندو آهي؟“ اتي ان شخص فرمايو ته: ”مڇيءَ کي ان ڪري گلي ۾ سور آهي جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو موتي هن جي گلي ۾ ڦاٿل آهي ۽ صوف جي وڻ ۾ ان لاءِ ڦر نٿو ٿئي، جو هن جي پاڙ ۾ ٻه سون جون ديڳيون دفن آهن ۽ ان جي پاڙن کي اڳتي وڌڻ جي طاقت نه ٿي ٿئي، تنهن ڪري ميوي کان محروم آهي ۽ هو بگهڙ ان ڪري بيمار آهي جو هو هر وقت مڪر ۽ فريب ۾ لڳو رهي ٿو ۽ مخلوق کي نقصان رسائي ٿو پر هو جيڪڏهن ڪنهن کي نقصان نه رسائي ۽ هڪڙي بيوقوف ۽ احمق ماڻهوءَ جو گوشت کائي، ته چڱو ڀلو ٿئي.“ تنهن کان پوءِ هو بزرگ چپ ٿيو. اتي ان ماڻهوءَ وري به چيو ته :” جنهن رستي تان آيو آهين، انهيءَ ساڳئي رستي تي وڃ، ته تون دولتمند ٿئين.“ پوءِ هو واپس وريو، پر هن بزرگ جي نُقطن مٿس ڪو اثر نه ڪيو. موٽ ۾ هلندي هلندي پهرين اچي مڇي وٽ پهتو مڇيءَ کي منتظر ڏسي چوڻ لڳو ته: ”تنهنجي گلي ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو موتي آهي، تنهن ڪري تو کي سور آهي،“ مڇي چيو ته: ”اچ ۽ انهيءَ موتيءَ کي ڪڍي وٺ، ته تون دولتمند ٿئين ۽ مون کي سور کان ڇوٽڪارو ٿئي.“ پر هن چيو ته : ”مون کي تنهنجي موتيءَ جي ضرورت ڪونهي مان انهيءَ رستي ويندس ته آءُ دولتمند ٿيندس.“ ۽ اڳتي وڌيو هلندي هلندي وڻ وٽ پهتو ۽ وڻ کي چيائين ته : ”تنهنجي پاڙن ۾ ٻه سون جون ديڳيون آهن، تنهن ڪري تو ۾ ميوو نٿو ٿئي.“ وڻ چيو ته: ”تون ديڳيون ڪڍي وٺ، ته تون مالدار ٿئي.“ پر هن بيوقوف چيو ته :”مون کي تنهنجي ديڳين جي ضرورت ڪانهي، جنهن رستي تي وڃي رهيو آهيان، اتان ئي مالدار ٿيندس.“ ۽ هو رستو وٺي هليو، تان جو اچي بگهڙ وٽ پهتو. هن کي ڏسندي بگهڙ کانئس پڇيو ته: ”ڪهڙي خبر آندي اٿيئي؟“ هن جواب ڏنو ته: ”تون مڪار ۽ فريبي آهين، ان ڪري تون بيمار آهين، پر جيڪڏهن تون پاڻ کي سڌارين ۽ ڪنهن کي آزار نه رسائين ۽ هڪ احمق ۽ بيوقوف ماڻهوءَ جو ماس کائين، ته تون ٺيڪ ٿيندين.“ بگهڙ چيو ته: ”مان وعدو ٿو ڪريان ته ڪنهن کي نه ستائيندس، پر ڀلائي ڪري مون کي پاڻ سان وٺي هل ۽ ڪو احمق ڏيکارين، ته ٿورائتو ٿيندس.“ پر ماڻهو چيو ته: ”مون کي ڪم آهي مان پنهنجي ڪم تي ويندس.“ بگهڙ چيو: ”تو کي ڪهڙو ڪم آهي ۽ هن بزرگ ماڻهوءَ تو کي راز ڪو نه ٻڌايو، مون کي ٻڌاءِ ته هن تو کي ڇا چيو؟“ اتي هن ماڻهوءَ مڇي ۽ صوف جي ڳالهه ٻڌائي. پوءِ بگهڙ هن کي چيو ته : ”تو موتي ۽ ديڳيون ڇو نه حاصل ڪيون.“ هن چيو ته :”مان انهن شين کي ڇا ڪريان ها ۽ مان جنهن رستي تي وڃان ٿو، مون کي اتان دولت ملندي.“ اتي بگهڙ صاحب چيو : ”تون اڳتي وڃين نٿو سگهين، ڇاڪاڻ ته تون دنيا جي احمقن جو مور آهين. توکان وڌيڪ ٻيو احمق ڪٿان ملندو!؟“ اهو چئي همراهه تي حملو ڪري، ان کي سستيءَ جو نتيجو ڏنائين ۽ کائي ويو.

 

 

”گل ڦل“ –جنوري-فيبروري1977ع

 

 

 

 

گُڏي

شمس الدين سومرو

وڏيري سومار جي ڳوٺ ۾، سندس بنگلي جي سامهون هڪ تمام وڏو ميدان هو. ميدان جي اُڀرندي پاسي مسجد هئي. مسجد جي در وٽ هڪ ڪئبن، ۽ هڪ ٻه دڪان هئا. ميدان جي اتر پاسي ڳوٺ جي ٻارن لاءِ هڪ پرائمري اسڪول هو، جيڪو وڏيري سومار پاڻ ٺهرايو هو. ميدان جي ڏکڻ طرف اتي رهندڙ ماڻهن جا ڪَچا گهر، بس اسٽاپ ۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ هڪ کوهه هو، ۽ الهندي پاسي وڏيري سومار جو بنگلو ۽ ان جي ٻنهي پاسي وڏا رستا هئا.

وڏيري سومار جي بنگلي جي اترين پاسي واري گهٽيءَ ۾ هاشم نالي سندس هڪ ڪمدار، جيڪو ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ سان اتي رهندو هو. ان جو پڻ ڪَچو گهر ٺهيل هو. هاشم کي وڏيري وٽ ٿورو گهڻو ڪم ڪندي ڪي ورهيه ٿي ويا هئا. اها جاءِ به وڏيري هن کي ڏني هئي. هاشم پنهنجي وڏي پٽ احمد کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو، سندس ڌيءُ ڀوري، ماسي ملوڪان جي گهر قرآن شريف پڙهڻ ويندي هئي ۽ پنهنجي ماءُ کي گهر جو ڪم ڪار ڪرائيندي هئي. باقي ننڍڙو پٽ سانوڻ اڃا ننڍڙو هجڻ ڪري، ڪڏهن اسڪول ۾ ويندو هو، ته ڪڏهن سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر پاڙي ۾ ٻارن سان راند ڪندي گذاريندو هو.

سانوڻ جو پيءُ ڏهاڙي صبح جو ڪم تي وڃڻ کان اڳ، احمد ۽ ڀوريءَ کي اٺ-اٺ آنا خرچي ڏيئي پوءِ ڪم تي ويندو هو، سانوڻ کي پڻس کان خرچي وٺڻ جي اڃا پوري ساڃهه ڪانه هئي. ٽنهي ٻارن جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو. احمد اٺ آنا وٺي ٿيلهو کڻي اسڪول ويندو هو، ته ڀوري پنهنجي ماءُ کي ڪم ڪار پورو ڪرائي پوءِ قرآن شريف پڙهڻ ويندي هئي. ڪيڏيءَ مهل سانوڻ کي به وٺي ويندي هئي ۽ اتي شيون کارائيندي هيس. شين جي لالچ ۾ هو اُتي ويٺو هوندو هو.

شام جو جڏهن هاشم گهر موٽندو هو، ته پنهنجي ٻارن جي کائڻ لاءِ ڪانه ڪا شيءَ وٺيو ايندو هو ۽ اها شيءِ ٻارن کي کارائي، سانوڻ کي هٿ کان وٺي، واڍن جي پڙ جي چؤنڪ وٽ، مسجد جي سامهون پيل پٿر تي اچي ويهندو هو. انهيءَ هنڌ تي گهڻو ڪري ٻارن ۽ ماڻهن جي رش هوندي هئي، جو پاڙي جا ماڻهو ڪمن تان اچڻ کان پوءِ پنهنجن پنهنجن ٻارن کي وٺي اچي انهن پٿرن تي ويهندا هئا. پوءِ وڏا پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا هئا، پنڌ ڪرڻ وارا ٻار، مسجد جي چوڌاري ڊوڙون پائي، پيا هڪٻئي کي پڪڙيندا هئا، ته صفا ننڍڙا ٻار، جيڪي مائٽن جي هنجن ۾ هوندا هئا، سي ڪنڌ لوڏي تارا ڦاڙي هٿ مٿي کڻي پيا ماڻهن کي ڏسندا هئا. ڪي ٻار مائٽن کان پيسا وٺي مسجد جي ڀر ۾ پيل چاچا خانوءَ جي ڪئبن تان بسڪوٽ، کٽمٺڙا، ڀڳڙا ۽ بوڙينڊا وٺي کارائيندا هئا.

سانوڻ به پنهنجي پيءَ جو هٿ ڇڏائي ٻين ٻارن: عبدالله، لونگ، جانو ۽ همير، جيڪي سندس هم عمر هئا، انهن سان راند ڪندو هو. انهيءَ چؤنڪ وٽ بس اسٽينڊ ۽ اسڪول ويجهو هجڻ ڪري، ٻيا به شين وارا ويهندا هئا. ڪن وٽ ڪَـــچالو، ڪن وٽ کيرڻي، ته ڪن وٽ ڪلفيون ۽ ڳنڍا هوندا هئا. چاچا خانوءَ جي ڪئبن جي پاسي ۾ هڪ سيڌي جو دڪان چاچا عمر جو هو، ان وٽ تيل، گيهه، اٽي، لوڻ،کنڊ کان سواءِ ٻارن لاءِ کٽمٺڙا، چاڪليٽ ۽ ٻيون به شيون هونديون هيون، پر گهڻو ڪري سڀني ٻارن جو لاڙو چاچا خانوءَ جي ڪئبن ڏانهن هوندو هو، جو چاچا خانو پاڙي جو بزرگ هئڻ ڪري سنڀي ٻارن کي سڃاڻندو به هو، ته سهڻي نموني ۽ پيار سان ٻارن سان پيش ايندو هو. چاچا خانوءَ جو اهو قاعدو هوندو هو، ته ڪنهن به ٻار کي هٿين خالي واپس ڪو نه ڪندو هو، ڪو به ٻار پيسو ٽڪو گهٽ کڻي ايندو هو يا ڪجهه به نه کڻي ايندو هو، ته به ان کي بسڪوٽ يا کٽمٺڙو ضرور ڏيندو هو. ڪنهن ٻار جي گهڻين شين لاءِ ضد ڪرڻ تي ان کي اُهي شيون ڏيئي، هڪ ڪاغذ جي بنديءَ تي اُن جي پيءُ جي نالي تي اها پيسا لکي ڇڏيندو هو. چاچا خانو جمعي ڏينهن بندي کڻي پيو حساب ڪندو هو: بادل ساڍا ٻارنهن آنا، ممو هڪ رپيو ٻه آنا، رمضان نَوَ آنا، امام علي يارنهن آنا- ته قادر ڇٽاڻي اٺ آنا.

جڏهن ته چاچا عمر ٻارن کان ورچندو هو ۽ اوڌر به ڪو نه رکندو هو، ان ڪري تمام ٿورا ٻار چاچا عمر کان شيون وٺندا هئا. باقي پاڙي جا سڀ ماڻهو چاچا عمر کان ئي سيڌو سامان وٺندا هئا.

اڳي جڏهن هاشم پنهنجي وڏي پٽ ۽ ڌيءُ کي اٺ اٺ آنا ڏيندو هو، ته سندس وڏو ڀاءُ ته اوڏيءَ مهل ئي ڳچيءَ ۾ ٿيلهو وجهي اسڪول ويندو هو ۽ سندس وڏي ڀيڻ، ماءُ کي ڌُئاري، ڪيڏيءَ مهل پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ سانوڻ کي ساڻ ڪري يا اڪيلي پاڙي ۾ وڃي، شيون وٺي، پيسا ختم ڪندي هئي، پر جڏهن کان وڏيري سومار جي ڌيءُ شهزاديءَ لاءِ وڏيري وڏي شهر مان پنجاهه رپين ۾ هڪ خوبصورت گُڏي آندي هئي، ۽ اها گُڏي سانوڻ، ڀوري ۽ ٻيا شهزاديءَ جي گهر ڏسڻ ويا هئا، ته اوڏيءَ مهل شهزاديءَ ان گُڏي کي زريءَ جو ڀريل چولو، سٿڻ ۽ رئو ڍڪايو هو، ته ڀوريءَ کي اُها گُڏي ڏاڍي وڻي هئي ۽ دل ۾ خيال ڪيو هئائين، ته شام جو مان به بابا کي اهڙي گُڏي وٺي ڏيڻ لاءِ چونديس. پوءِ هوءَ شام ٿيڻ ۽ پيءَ جي اچڻ جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳي هئي.

شام جو سندس پيءُ گهر ۾ پير ئي مس رکيو، ته ڀوري وڃي ٽَـــنگُن ۾ چنبڙي پيس، ويهڻ ۽ ساهه پـٽڻ به ڪو نه ڏنائينس.

”بابا، مون کي به وڏي گُڏي وٺي ڏيو، ته مان به ان کي زريءَ وارا ڪپڙا پارايان.“

سانوڻ جي پيءُ، جو ڀوريءَ سان ڏاڍو پيار هو، سو کيس ٻنهي ٻانهن کان جهلي مٿي کڻي، پنهنجين ٻانهن تي ويهاري، پيار ڪري چيائين:

”پُــٽ اهڙيون ڏهه گُــڏيون توکي وٺي ڏيان، تون هڪ گُڏيءَ جي ڳالهه ٿي ڪرين!“

سانوڻ جي پيءُ جو ايترو چوڻ، بس پوءِ ته اهڙو وٺي ضد ڪيائين، جو چئي ته: ”ويهڻ ڪو نه ڏينديس، پهرين مون کي گُڏي وٺي ڏي.“

پيءُ گهڻو ئي سمجهايس ته :”پٽ! ويهڻ ته ڏي، ماني کاوان ته پوءِ ٿا بازار هلون.“ پر هوءَ ڪانه مُڙي، وري لالچ ڏنائينس ته: ”ڀوري، تو کي شهزاديءَ جي گُڏي کان به سُٺي گُڏي ٿو وٺي ڏيان.“ تڏهن به ڪو نه مڃيائين. پوءِ سندس پيءُ اهو چئي پنهنجي جان ڇڏائي ته: ”جيسين مون کي پيسا ملن، تو جيڪي پيسا گڏ ڪيا هجن، اهي مون کي ڏي، ته هينئر ئي هلي گُڏي وٺي اچون.“

اها ڳالهه ڀوريءَ جي ذهن ۾ ويهي ويئي ۽ پنهنجي پيءُ کي ڀاڪر پائي ضد ختم ڪيائين :”چڱو بابا! توهان مون کي جيڪا خرچي ڏيندا  آهيو نه، هاڻي اها مان گڏ ڪري رکنديس. پوءِ الاهي پيسا گڏ ٿين، ته توهان مون کي شهر مان شهزاديءَ جهڙي وڏي گُڏي وٺي ڏجو.“

هاڻي ڀوري ويچاري گُڏي وٺڻ جي شوق ۾ هڪ پيسو به خرچ ڪانه ڪندي هئي. پنهنجين جيڏين سرتين کي شيون کائيندي ڏسي. ماٺڙي ڪري گهر اچي، پنهنجي جمع ڪيل پيسن کي ڏسندي هئي ۽ گڏي وٺڻ جي شوق ۾ سڀ شيون وسري ويون هيس. احمد کي ڳالهيون ٻڌائيندي هئي:

”ادا ! مان به شهزاديءَ جهڙي وڏي گُڏي وٺنديس. اُن کي سٺا سٺا ڪپڙا پارائينديس، ۽ ان کي ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏينديس.“

احمد وري چوندو هئس ته : ”ادي، پوءِ مان وري هڪ وڏو گڏو وٺندس. پوءِ انهن جي شادي ڪرائينداسين.“

ته ڀوري يڪدم جواب ڏيندي هيس ته : ”نه ادا نه، مان پنهنجي گُڏيءَ جي شادي ڪانه ڪرائينديس. پوءِ تون وري منهنجي گُڏي کڻي ويندين.“

ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل ڀوري اچي ماءُ جو مٿو کائيندي هئي: ”امان منهنجا الاهي پيسا ڪڏهن جمع ٿيندا؟ ڪيترن پيسن ۾ گُڏي ملندي؟ امان، منهنجيءَ گُڏي لاءِ ڪپڙا ٺاهي ڏيندينءَ نه؟“

ماڻس جڏهن بيزار ٿيندي هئي، ته چوندي هيس: ”پهرين تون پيسا ته جمع ڪر.“

هڪ ڏينهن احمد پڙ ۾ آيو، ته ڏٺائين ته جمعي جي گهر جي ڀت وٽ ٻارن جا هشام لڳا پيا هئا. هڪ ٻئي کي ڌڪا پئي ڏنائون. هو به اهو تماشو ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ڏٺائين، ته جمعي جي گهر جي ديوار تي هڪ وڏي دفتري لڳل  هئي ۽ ان تي مختلف سامان: هوائي جهاز، موٽر، ٽانگو، توتاري، ٻين ننڍين ننڍين شين کان سواءِ هڪ وڏي گُڏي سڀني سامانن جي وچ ۾ ڌاڳي سان ٻڌل هئي. ٻارن جي وچ ۾ هڪ لالو پٺاڻ هڪ ڳوٿري جهلي بيٺو هو ۽ ان ڳوٿريءَ ۾ پرچيون هيون، ٻار چار آنا ڏئي هڪ هڪ پرچي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجهي ڪڍي رهيا هئا. پوءِ جنهن جو پرچيءَ تي لکيل نمبر، جنهن رانديڪي سان مليو ٿي، ته ان ٻار کي لالو پٺاڻ اهو رانديڪو ٿي ڏنو، نه ته ان پرچيءَ تي بسڪوٽ يا کٽمٺڙو ٿي ٻار کي مليو.

احمد به انهيءَ گُڏي کي ڏسندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو، ته وڏي شهر ۾ گُڏي ڪيڏي نه مهانگي آهي ۽ هتي رڳو چئن آنن ۾ ٿي گُڏي ملي. احمد به ڀيڻ لاءِ چئن آنن ۾ گُڏي وٺڻ جو خيال ڪيو. ڏسندي ڏسندي دُرو، موٽر کٽي ويو، حفيظ  کي توتاري ملي. رشيده ۽ شوڪيءَ گڏي کٽڻ لاءِ ڏاڍيون پئي پرچيون ڪڍيون.

احمد کي به سوين خيال اچڻ لڳا، ته جيڪڏهن مان به چئن آنن ۾ ادڙيءَ کي گُڏي کٽي ڏني، ته هوءَ ڪيڏي نه خوش ٿيندي ۽ مون سان اڃا به گهڻو پيار ڪندي. پر جيسين احمد چار آنا گهران کڻڻ ويو، تيسين لالو پٺاڻ صورتي بند ڪري، ٻارن کي ٻئي ڏينهن صبح جو اچڻ لاءِ چئي هليو ويو.

احمد کي ان ڏينهن ٻي ڪابه ڳالهه نه پئي وڻي، صبح ٿيڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو. ڪنهن سان ڳالهه به ڪانه ڪيائين، جو چاهيائين ٿي، ته اوچتو ئي اوچتو پنهنجي ڀيڻ کي گُڏي آڻي ڏيندس، ته سندس ڀيڻ جي حيرانيءَ جي حد نه رهندي ۽ شهزادي جهڙي گُڏي ڏسي، ڏاڍي خوش ٿيندي ۽ سندس پيسا به بچي پوندا.

صبح جو جڏهن احمد پنهنجي پيءُ کان خرچي گهري ته سندس پيءَ حيران ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته احمد کي خرچي ري گهرئي ملندي هئي. هاشم سڀني ٻارن کي خرچي ڏيئي ڪم تي هليو ويو. ان ڏينهن احمد اسڪول ڪو نه ويو.

احمد اٺ آنا کڻي پڙ ۾ لالي پٺاڻ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن لالو پٺاڻ آيو، ته احمد جي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي ۽ وڏي رعب سان لالي پٺاڻ کي چار آنا ڏيندي، ڳوٿريءَ مان پرچي ڪڍي، گُڏيءَ ڏانهن نهارڻ لڳو، پر پرچيءَ تي ڪجهه به لکيل ڪو نه هو. احمد مايوس ٿي ويو، ايتري ۾ ٻيا ٻار فيضو، يعقوب، صديق، نواز علي به اچي ويا ۽ انهن به پرچيون ڪڍڻ شروع ڪيون. صديق وٽ تمام گهڻا پيسا هئا ۽ هو بار بار چار آنا ڏئي پرچي ڪڍي رهيو هو، جڏهن صديق وٽ آخري چار آنا بچيا، ته کيس هوائي جهاز مليو، احمد ٻيو ڀيرو به چار آنا ڏنا پر ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيس. احمد گُڏي کٽڻ جي لالچ ۾ گهر ڏانهن ڀڳو، ته جيئن ٻيا پيسا کڻي اچي پرچيون ڪڍي. احمد گهر پهتو، ته ڏٺائين ته سندس ڀيڻ ۽ ماءُ گڏي لاءِ جمع ڪيل پيسا ڳڻي رهيون هيون. احمد پنهنجي ڀيڻ کي نهايت معصوميت سان چيو ته :”ادي، مون کي هڪ رپيو ڏي.“

ڀوريءَ پنهنجي ڀاءُ کي پهرين ته انڪار ڪيو: ”ادا نه، مان ٿي هڪ رپيو ڏيانءِ، مون  گُڏي وٺڻ لاءِ جمع ڪيا آهن.“

پر پوءِ جڏهن مجبوراً احمد ٻڌايس ته: ”ادي، تو کي رڳو هڪ رپئي ۾ گُڏي آڻي ٿو ڏيان، تون مون کي رڳو رپيو ته ڏي. پوءِ تو کي وڌيڪ پيسا جمع ڪرڻ جي ضرورت ڪانه پوندي.“

ڀوريءَ جو هڪ رپئي ۾ گُڏي ملڻ جو ٻڌو، ته ڏاڍي خوش ٿي ۽ يڪدم احمد کي هڪ رپيو ڏيئي چيائين: ”سچي! گُڏي ملندي؟“

احمد بنا جواب ڏيڻ جي ڀيڻ کان رپيو وٺي ڊوڙ پاتي. سڀني  بيٺل ٻارن کي ڌڪا ڏئي. ڏاڍي رعب سان لالي پٺاڻ کي رپيو ڏيندي ڳوٿريءَ مان پرچي ڪڍيائين. لڳاتار ٽي پرچيون ڪڍڻ کان پوءِ به جڏهن گُڏي وارو نمبر ڪو نه نڪتو، ته احمد مايوس ٿي ويو. منهن ئي لهي ويس. سڀ ٻار مٿس کلڻ لڳا. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو هو، پر پاڻ کي سنڀالي ورتائين، کيس ڀوريءَ سان هڪ رپئي گُڏي آڻڻ واري ڳالهه ياد اچڻ لڳي. هن کي اها به خبر هئي، ته جيڪڏهن ڀوريءَ لاءِ گُڏي نه نڪتي، ته ڀوريءَ کي ڪيڏو نه ڏک ٿيندو. هن جون نظرون ٽنگيل گُڏي ۾ کُپي ويون ۽ هن ڪنهن به طرح گُڏي کٽڻ جو دل ۾ فيصلو ڪيو.

احمد وٽ هاڻي باقي چار آنا بچيا هئا ۽ اها سندس چوٿين پرچي هئي. هن ٿيلهي کي زور زور سان لوڏي ان ۾ هٿ وجهي، هڪ پرچي ڪڍي، لالي پٺاڻ کي ڏني ۽ پنهنجا ٻيئي هٿ صورتي واري ٽنگيل گُڏيءَ ۾ وڌائين، جيئن پرچي نه نڪرڻ جي حالت ۾ هُو گڏي کڻي ڀڄي وڃي، پر ائين نه ٿيو. هاڻي لالي پٺاڻ به هن جو هٿ پري هٽائڻ بجاءِ، هن کي ڪجهه ڪو نه چئي سگهيو ۽ لالو پٺاڻ، احمد جي ڪڍيل پرچي، ان تي لکيل نمبر ۽ گُڏيءَ تي لکيل نمبر ڏانهن ڏسي رهيو هو. جڏهن لالي پٺاڻ، احمد کي ڪجهه به ڪو نه چيو، ته سڀني ٻارن کي پڪ ٿي وئي، ته گُڏي احمد جي ٿي ويئي آهي.

ڀوري جيڪا درزوادي ۾ گُڏيءَ لاءِ اکيون وجهيون ويٺي هئي، سا احمد جي  هٿ ۾ شهزاديءَ جهڙي وڏي ۽ ٺاهوڪي گُڏي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڊوڙ پائي وڃي احمد ۽ گُڏيءَ کي ڀاڪر پاتائين ۽ يڪدم هن جي وات مان نڪتو: ”منهنجي ڀاءُ، منهنجي ڪاڻ نيٺ گُــڏي آندي ڙي آندي!“

 

”گل ڦل“- ڊسمبر1979ع

 

من جهوريندڙ ماضي

الطاف حسين سميجو

اڄ گلابيءَ جي هوٽل ٻاهران توقع کان وڌيڪ رش هئي، هر ڪنهن جي واتان صرف اها وائي ٿي نڪتي. ”اڄ نئين فلم آهي! اڄ نئين فلم آهي!“ هوٽل جي گيٽ ڪيپر غلامونءَ جون نظرون مسلسل بيٺل ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ انهن معصومن جي ڳولا ۾ هيون، جيڪي اسڪول وڃڻ بدران فلم ڏسڻ لاءِ آيا هئا يا اچي رهيا هئا. بيٺل ماڻهن جي ميڙ ۾ هن کي ٿورڙو پريان ڪجهه شاگردن جو ٽولڙو نظر آيو، جيڪو شايد فلم جي سٺي ۽ خراب هئڻ تي اڳڪٿي ۽ بحث ڪري رهيو هو.

هن دل ۾ سوچيو: ”جيسين گيٽ کولڻ جو حڪم ملي، تيسين ڪوشش ڪري، ته شاگرد اجايو وقت وڃائڻ بجاءِ اسڪول ڏانهن واپس موٽي وڃن.“ هن پنهنجي ارادي کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم اڳتي وڌايو ۽ اچي شاگردن جي ڀرسان بيهي رهيو.

”آءُ اوهان کي ڪجهه ڏينهن کان هتي ڏسندو رهيو آهيان. ڇا، اسڪول کان موڪلون آهن؟“ غلامونءَ ڳالهائڻ جي شروعات ڪندي پڇيو.

”نه!“ ڪنهن شاگرد مختصر جواب ڏنو، ۽ پوءِ سڀيئي کيس گهورڻ لڳا.

”ته پوءِ اوهين پنهنجو قيمتي وقت هتي، هن گندي ماحول ۾، ڇو ٿا وڃايو؟ ڇا، اوهان کي خبر نه آهي، ته وقت ڪيترو قيمتي آهي، جنهن جو ڪو به مُـــلهه ناهي؟“ هن کين سمجهائيندي ٻڌايو.

”غلامون! اسان جي مرضي، اسين اسڪول وڃون يا هتي اچون، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟“ هڪ شاگرد ڪاوڙ مان ڳالهايو.

” ۽ هونئن به اوهان کي خوش ٿيڻ کپي ته ٻه-چار، گراهڪ وڌي رهيا آهن.“ هڪ ٻئي شاگرد ڳالهائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.

اهو ٻڌي، غلامونءَ هڪ زهر جو ڍُڪ ڀري ڳيت ڏني ۽ ڦڪي مرڪ مرڪي ڳالهائڻ لڳو: ”خوشي ضرور ٿئي ها، اوهان جي جاءِ تي ڪو ٻيو اڻپڙهيل يا اهو ماڻهو هجي ها، جنهن لاءِ وقت قيمتي نه هجي ها.“

غلامونءَ هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”آءُ ڄاڻان ٿو، ته اوهان مان ٻه امير هوندا ته ٻه غريب. سچ پڇو، ته اوهان کي ڏسي مون کي پنهنجو من جهوريندڙ ماضي ياد اچي ويندو آهي. دل ايذاءَ ۽ پيڙاءَ سبب سڏڪي پوندي آهي.“ سندس اکيون آليون ٿي چڪيون هيون.

”من جهوريندڙ ماضي!“ سڀني گڏجي دانهن ڪئي.

”لڳي ٿو، اهو ڪنهن فلم جو نالو آهي؟“ هڪ شاگرد طنز ڪندي چيو.

”ڇا ٿيو هو، چاچا گلامو؟ پنهنجي ماضيءَ متعلق ڪجهه اسان کي به ٻڌاءِ.“ هڪ شاگرد سندس اکيون آليون ڏسي، قرب منجهان پڇيو.

غلامونءَ ٻيهر ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو:

”آءُ جڏهن ٻارهن سالن جو هئس، ته ان وقت مون کي پنجين پاس ڪرڻ کاءِ پوءِ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا وٺرائي ڏني ويئي، آءُ روزانو اسڪول باقاعدي ۽ پابندي سان ويندو هئس، اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان، ته مان پنهنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو ۽ دادلو پٽ هئس، ان ڪري مون کي تمام گهڻو پيار ۽ قرب ملندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پڙهڻ ۾ دلچسپي وٺندو هئس. پوءِ، هڪ ڏينهن اسيمبليءَ جو گهنڊ اڃا ڪو نه وڳو هو، ته ڪجهه هم ڪلاسي اچي منهنجي ڀرسان ويٺا ۽ فلم تي وڃڻ جي دعوت ڏنائون، مان مسلسل انڪار ڪندو رهيس، پر انهن مان هڪ چيو: ”يار، اڄ جيڪڏهن اسڪول نه وياسين، ته ڇا ٿي ويندو، ۽ هونئن به هڪ ڏينهن ۾ ڪو خاص فرق ته ڪو نه پوندو. وري سڀاڻي اسڪول اچي حاضر ٿينداسين.“ هن جي انهي جملي تي ٿورو غور ڪيم، انڪار هائوڪار ۾ بدلجي ويو ۽ ساڻن گڏ هلڻ لڳس. پوءِ، انهيءَ هڪ ڏينهن کان پوءِ، اسان جو اهو هڪ ڏينهن ڪڏهن به نه کُــٽو ۽ فلم ڏسڻ اسان جو معمول بڻجي ويو. منهنجي اعمالن جي سُڌ منهنجي مائٽن کي پئي، ته اهي مون تي سخت ناراض ٿيا ۽ مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ تنبيهه ڪرڻ لڳا.  پر مون تي سندن دڙڪن جو ڪو به اثر نه پوندو هو، ڇاڪاڻ ته اهو گهڙيءَ کن جو کيل محسوس ٿيندو هو، جيئن پوءِ تيئن مون ۾ خود غرضي پيدا ٿيندي ويئي ۽ مان روزانو گهر کان دير تائين رات جو ٻاهر رلڻ لڳس ۽ اسڪول بدران فلم ڏسڻ منهنجو روز جو ڪم ٿي ويو. هميشه مون تي جڏهن به بابا ڪاوڙبو هو، ته امڙ سندس دڙڪن کان بچائي ويندي هئي، ۽ ڪيترائي ڀيرا سمجهائيندي به رهندي هئي، پر منهنجا ساڳيا لاٽون ساڳيان چُـــگهه. منهنجي انهيءَ عمل جو رد عمل اهو نڪتو جو امان بيمار ۽ بابا پريشان رهڻ لڳو....آءُ هڪ ڏينهن اڃا ستو پيو هئس جو بابا اُٿاريو ۽ چيو: ”آءُ ٻنيءَ تي وڃي رهيو آهيان، تون ماءُ کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃ.“ ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن امان جي طبعيت تمام خراب هئي. مون سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، ۽ تيار ٿي، اسڪول وڃڻ جو بهانو ٺاهي، اچي سئنيما تي پهتس ۽ فلم ڏسندو رهيس- تان جو شام ٿي ويئي. جنهن وقت گهر پهتس، ان وقت منهنجي دنيا اُجڙي چڪي هئي.“ غلامون سڏڪڻ لڳو.

کن کان پوءِ غلامونءَ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”مطلب اهو، ته هن دنيا ۾ اولاد لاءِ ماءُ ئي اها هستي هوندي آهي، جيڪا پنهنجي اولاد جي هر ڏک توڻي سک ۾ برابر جي شريڪ هوندي آهي، سان مون کي هن ڪِــن جهڙي جهان ۾ ڇڏي اهڙيءَ راهه جي پانڌياڻي ٿي ويئي هئي، جتان اڄ تائين ڪو به واپس نه وريو آهي ۽ نه ورندو.

منهنجي مٿي تان شفقت جو هڪ هٿ کڄي چڪو هو، ته ٻيو هٿ ٻنيءَ ٻاري جي ڪمن ۾ رُڌل رهيو. نتيجي ۾، آءُ ويتر ڇڙواڳ ٿي ويس. اهڙي طرح، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي اسڪول سيٺ گلابيءَ وارو هوٽل بنجي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته سيٺ منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ هوٽل ۾ ئي ڪم تي لڳائي ڇڏيائين، جنهن کي منهنجي پيءُ به پسند ڪيو ۽ مون کي به مفت فلمن ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. ائين ئي، مان بُرن جي صحبت ۾ اچي، پنهنجي روشن مستقبل کي آڱر کان جهلي. تاريڪيءَ ۽ هڪ ٻاٽ اوندهه طرف وٺي آيس، جتي روشنيءَ جو ڪو به ڪرڻو نظر ڪو نه پئي آيو. مون کي وقت جي وڃائڻ جو احساس ان وقت ٿيو، جڏهن پنهنجن هم ڪلاسين کي وڏين ڊگرين ۽ نوڪرين ۾ ڏٺم ۽ مان اتي جو اُتي گيٽ ڪيپر ئي رهجي ويس. هن وقت منهنجي روئڻ مان ڪجهه به نه ورندو، ڇاڪاڻ ته وقت منهنجي هٿن مان نڪري ڪوهين ڏور ٿي ويو آهي، ۽ هن وقت ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، ڪجهه به نه. اُن لاءِ منهنجو اوهان کي عرض بلڪه ايلاز هيءُ آهي، ته بُـــرن جي صحبت کان بچو ۽ وقت جو قدر ڪريو. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۽ روشن مستقبل اوهان جو منتظر آهي.“

”غلامون، او غلامون!“ سيٺ گلابيءَ جي سڏن گلاموءَ جي ماضي جي يادن کي ٻنجو ڏيئي، حال ۾ گهلي آندو ۽ غلامونءَ جون سوچون وکِرجي ويون.

”دروازو کول ۽ گهنٽي وڄاءِ ته هرڪو وڃي اندر ويهي.“ سيٺ حاڪماڻي انداز ۾ چيس. غلامونءَ انهيءَ وعدي سان ڇوڪرن کان موڪلايو، ته هو ڪڏهن به فلم تي نه ويندا ۽ روزانو اسڪول پابنديءَ سان ويندا.

غلامونءَ جي ڳالهين جو ڇوڪرن تي تمام گهرو اثر پيو ۽ کين وقت جي قيمتي هئڻ جو احساس پڻ ٿيو.

”واقعي يار، وقت اسان جي هٿن ۾ آهي، جي وقت اڄ اسان جي هٿن مان نڪري ويو، ته ڪڏهن به نه ملندو، ۽ سواءِ پڇتاءَ جي ڪجهه به ڪين ورندو. ان ڪري اسان کي وقت کي قابو ڪرڻو آهي ۽ دل لڳائي پڙهڻو آهي، ته جئين اسان مان ڪو ٻيو غلامون جنم نه وٺي.“

سڀئي دوست پاڻ ۾ وعدي جو هٿ ملائي، اُٿي هلڻ لڳا. هاڻي سندن قدم هوٽل بجاءِ اسڪول طرف هئا.

 

”گل ڦل“ ڊسمبر-1993ع

 

هيءَ دنيا

بخت جمال شيخ

مان بازار جي ويڪري گهٽيءَ ۾ گهمندي، هيڏي هوڏي نهاريندي اڳتي وڌندو پئي ويم. مون کي تازا تازا صوف وٺڻا هئا. ڪيترائي ريڙهي وارا، ريڙهي تي مختلف ميوا سينگاريو، هوڪا ڏيئي رهيا هئا...... ادا ڀائو هيڏانهن اچجاءِ...... ٻيلي اڄ صبح تازا آندا اٿم..... او...... هي انگورن جو ڇڳو ته ڏس، ادا! رس ٿو ٽمين، ٻيلي! رڳو ڏيڍ رپئي پاءُ ٿئي.. چڱو، هي ڏاڙهون ته ڏس! ڳاڙها ڳٽول ادا! کائيندين ته هري پوندين.... هر هر پيو ايندين- ڀلا..... هي ڪيوڙي جي ڦري، ته کائي ڏس..... پيسا نه ڏجانءَ...... خاص حيدرآباد کان گهرايا اٿم.... (آهستي چوي ٿو) .....او...... ڪو وڏو بد نصيب آن......ههڙو مال ڪو نه کاڌءِ. ته باقي ڇا کاڌءِ هن فاني جهان ۾.

اوچتو منهنجي نظر هڪ ٻارڙي تي پيئي. منهنجي عمر کان ڪي ٻه ٽي سال گهٽ..... اهو ئي ڪو ڏهن-يارهن سالن جو هو. سندس گلابي مائل ڀوري رنگ واري منهن تي ڏاڍي معصوميت هئي. اکين مان غريب لياڪا پئي پاتا. سندس بدن تي ميرا، گدلا ۽ ڪٿان ڪٿان ڳريل ڪپڙا پهريل هئا. پيرين اگهاڙو، وارن کي ڦڻي ڪو نه ...... هٿن تي مهينن جي گَر چڙهيل هئس. هو چورَ ۽ ڊٺل نظرن سان ميوي واري کي ڏسندي. ريڙهيءَ جي ڪنڊ کان رکيل ڏاڙهونءَ طرف هٿ وڌائي رهيو هو. جڏهن ريڙهيءَ واري کيس ڏٺو ٿي، تڏهن هيسيل ۽ پريشان نظرن سان، ريڙهي جي ٻي ڪنڊ طرف هٿ اڀو ڪري، آڱر سڌي ڪندي، کانئس تڪڙ ۾ پڇيائين ٿي ...... ”ڪاڪا! او  هوءَ موسمي گهڻي جي آهي؟“

”چا آنا“ ريڙهيءَ وارو جواب ڏئي وري ڪنهن ٻي لنگهندڙ ڳوٺاڻي کي پاڻ طرف سڏڻ ٿي لڳو ته : ”ادا! هي ڪيلا! حيدرآباد کان...... هي انگور چمن کان....... ادا! هي

ڇوڪري هڪ دفعو وري ڏاڙهونءَ طرف هٿ وڌايو...... اوچتو سندس نظر منهنجي گهوريندڙ اکين تي پئجي وئي. هن يڪدم هيسجي هٿ هيٺ ڪري، نظرون جهڪائي ڇڏيون. سندس اکين ۾ زخمي هرڻيءَ جهڙو ڊپ ڀرجي آيو. ڪشادي گلابي نراڙ تي هلڪڙي پريشاني جي ريکا ظاهر ٿي. کيس اهو ئي خيال آيو هوندو، ته متان ساڻس وڙهان يا ريڙهيءَ

واري کي ٻڌايان. هو ڪنڌ هيٺ ڪري ريڙهيءَ کان پري هٽي......... ڊگهي بازار ۾ اڳتي وڌڻ لڳو. ڪجهه پنڌ پري وڃي، وري هڪ ٻي ريڙهي جي ڀرسان بيٺو. اکيون کڻي ريڙهيءَ واري کان مٿي ٽنگيل ڪيوڙن جي بها پڇيائين. وري بيهي ڪجهه سوچڻ لڳو. جڏهن ڏٺائين، ته ريڙهيءَ واري جو ڌيان ٻي طرف آهي، ته هوشيارپ ۽ چُستيءَ سان ڀرسان پيل نارنگيءَ ۾ هٿ وڌائين ۽ چورُ نظرن سان ريڙهيءَ واري کي گهوريائين، ته مون تي نظر پئجي ويس. ڇرڪ ڀريائين، ۽ سندس هٿ مان نارنگي نڪري وڃي گاڏڙي تي ڪري، ريڙهي واري چهڙ پٽيس..... ”اڙي! هل ڙي ڇورا- ڇو بيٺو آن“ هُن جي اکين ۾ ڳوڙها ترندي ڀانئيم، حسرت سان گهڙيءَ لاءِ نارنگيءَ تڪي اڳتي وڌيو. هاڻي هو تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو. هر هر ٿي شڪ هنيائين، ته ڪٿي مان سندس ڪڍ، ته نه ٿي آيس. سندس گهمڻيءَ ۾ ڏڪڻي چٽيءَ طرح ڏٺم.

..... ۽ پوءِ ڪجهه دير لاءِ مان به وائڙو ٿي ويس. هو جيئن ئي بازار جي آخري ڇيڙي وٽ پهتو، تيئن اتي بيٺل ريڙهيءَ تان سٽ ڏيئي ڏاڙهون کنيائين..... ۽ ڀريائين ڊُڪ.

ريڙهي وارو اوٻاسي ڏئي رهيو هو. سندس اکين آڏو، هڪ ننڍڙو ڇوڪرو ڏاڙهون کڻي.....اِهو گم ٿي ويو. ريڙهيءَ واري ڀري سندس ماءُ، ڀيڻ ۽ آڪهه کي ٽي-چار ڳريون غائبانا گاريون وهائي ڪڍيون........ ۽ وري باقي رهيل اڌ اوٻاسي پوري ڪرڻ لڳو.

مان ڀڄندو ڇوڪري جي ڪڍ ڊڪيس. الاهي ڇو؟ پنهنجي ليکي. بس مان سندس ڪڍ ڊڪندو رهيس ۽ هو به مون کي پويان ايندو ڏسي اڃا تيزيءَ سان ڊڪڻ لڳو. هن منهنجي ته شيءِ ڪو نه چورائي هئي. هو ڊڪي رهيو هو ۽ مان به سندس ڪڍ ڊڪندو ٿي ويس، تان جو ٻئي ٿڪجي پياسون. هو هڪ هنڌ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيو. سندس بدن سهڪڻ سان گڏ ڏڪي به رهيو هو ۽ سندس اکين ۾ ڏاڍو ڊپ هو. ڏاڍو ڪرب هو. ڏاڍو ڏک ۽ سور هو. مان ڪجهه دير لاءِ منجهي پيس. وڌي وڃي آهستي آهستي سندس ڪلهي تي هٿ رکيم. نڄاڻان ڇو منهنجي دل ۾ ايتري همدردي ۽ خلوص اڀري آيو. سندس ڪلهي تان هٿ کڻي، هن جي مُنجهيل وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏيڻ لڳس. سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. هن جو سڄو بدن جهڄي پيو. مون کي پنهنجي لڱن ۾ سياٽيون اڀرندي محسوس ٿيون. ڀانئيم ته منهنجون اکيون به آليون ٿي چڪيون هيون. مون سندس مٿي کي ڇڪي پنهنجي سيني سان لائي ڇڏيو. منهنجي اندر ۾ ٿڌ ۽ سڪون جي هلڪڙي لهر لهندي وئي. مون ڄڻڪ سڏڪندي کيس چيو:

”منهنجا ڀاءُ! منهنجا دوست! منهنجا عزيز! مان محسوس ڪريان ٿو، ته تنهنجي پيٽ ۾ بک آهي. تنهنجي لڱن ۾ ڪمزوري آهي.  تنهنجي ذهن ۾ سوچون آهن. ٻين جهڙيون....... جيڪي سڄو ڏينهن کائيندا، عيش ڪندا ٿا وتن، جن جو هر قدم نرم غاليچن تي ٿو پئي، جيڪي ڪارين ۾ ٿا سفر ڪن. ڀاءُ، مان ڄاڻان ٿو، ته تنهنجو کيسو خالي آهي ۽ اهو ڀرجي ڪو نه ٿو سگهي. منهنجا عزيز! مون کي خبر آهي، ته تنهنجو ڏوهه تنهنجي غربت آهي، تنهنجي پيءُ جي غربت آهي. منهنجا دوست! تو کي به حق آهي ته تون ڏاڙهون کائين، صوف کائين. انگور کائين ۽ نرم بسترن تي سمهين، ساون ساون ڇٻر وارن باغن ۾ ڪڏين ٽپين، توکي نوان ريشمي ڪپڙا هجن، چمڪدار بوٽ هجن.....پر ..... منهنجا دوست..... منهنجا عزيز..... تون چوري ڪري ڪڏهن به اهو ڪجهه حاصل ڪري نه سگهندين، تو کي هميشه ڊپ رهندو، ته متان ڪو ڏسي وٺي ۽ متان ڪو پڪـڙي، متان ڪو ماري. منهنجا ڀاءُ! مان تو کي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان، پنهنجي....... پنهنجي چوريءَ جي. دوست، مون به چوري ڪئي هئي سال کن اڳ....... مون هڪ دڪان تان هڪ کيڏوڻو ورتو هو چئين آني، پر مون کي هڪ ٻي دڪان تي، ان کان به سٺو، ان کان به وڻندڙ ۽ چلڪندڙ....... هڪ ٻيو کيڏوڻو نظر آيو هو. دوست! منهنجي کيسي ۾ پائي به ڪو نه هئي، پر منهنجي اچي دل هِـــر کي هئي. مون آهستي آهستي لڪي لڪي، اهو کيڏڻو چورايو..... مون کيڏوڻو چورايو..... ٻڌين ٿو نه دوست...... مون کيڏوڻو کڻي کيسي ۾ وڌو...... پوءِ خبر ٿي ڇا ٿيو؟ مون کي دڪاندار ڏسي ورتو.... مون کي پڪـڙي ڏاڍي ڦيهه ڪڍيائين..... اصلي ڏاڍو ماريائين، منهنجي پيءُ کا ڌار ڪُٽرايائين. بابا جي بيعزتي ڌار ڪيائين. دوست! مون کي ڏاڍو شرم ٿي آيو. اصلي چاهيم ٿي، ته اتي ڌرتي ڦاٽي پئي........ ۽ مان سندس سيني ۾ سمائجي وڃان...... منهنجي پيءُ کي ملندڙ گاريون منهنجي ڪنن ۾ پگهريل ۽ رجيل شيهي جيان لهنديون ٿي ويون..... ڀانئيم ٿي ته لڱن ۾ رت نه..... پر باهه ڊوڙي رهي آهي.... منهنجا دوست سمجهين ٿو نه تون؟ مون ان ڏينهن کان پوءِ چوري نه ڪئي. مان به تو وانگر غريب آهيان. غريب پيءُ جو پٽ آهيان.... بابا ڏينهن رات اٽي جي چڪيءَ تي مزدوري ڪندو آهي.... امڙ رلهيون سبندي آهي، تڏهن وڃي ڏينهن جا ٽي ويلا ٽرندا آهن.... منهنجا پيارا  دوست..... اسان جو ڏوهه..... اسان جي غربت آهي.... اسان جي جهالت آهي.... اسان جي سستي ۽ ڪمزوري آهي..... منهنجا سڄڻ! مون ان ڏينهن کان پوءِ اسڪول جي ڪمن ۾ سخت محنت ڪئي.... مون اٺين جماعت ۾ اسڪالرشپ کنئي..... هاڻي مون کي هر مهيني ٻارنهن رپيا ملندا آهن...... اهو منهنجي محنت جو انعام آهي.... مان هاڻي سٺا سٺا ڪتاب وٺندو آهيان ..... اهي پڙهندو آهيان ..... پوءِ منهنجي دل چوندي آهي، ته اڃا وڌيڪ پڙهان.... آءُ ....تون ۽ مان گڏجي محنت ڪريون ۽ ڏاڍو پڙهون........ تون پنجين جماعت ۾ پڙهندو آهين نه.............؟ تون اسڪالر جو امتحان ڏي. خدا سائين ڀلائي ڪندو... اچ ته اسان ڏاڍي محنت ڪريون. ڦٽو ڪر........ ان ڪني حرام چوري کي........ او هُتي پرتي نالي ۾ .......... ڏاڍو چڱو ڪيئه - اڳتي جڏهن به شيءِ وٺين ته پيسن تي وٺي کائيندو ڪر. ٺيڪ آهي نه........... هٿ ملاءِ....... وعدو؟........... پڪو وعدو........... سچو سخن........ ٺيڪ آ..... تون هاڻي گهر وڃي هاڻي ئي محنت ڪرڻ شروع ڪري ڏي......... شاباس هيءَ دنيا محنتن ۽ بردبار شخصن جي آهي..... هتي جدوجهد ڪندڙ انسان ئي جيئرا رهي سگهندا آهن.

۽ جڏهن مان هن کي ڇڏي گهر ئي موٽيس........ تڏهن اوچتو ڄڻڪ روح مان سٽ اڀري وئي... سوچيم..... جيستائين، هي ٻارُ امتحان ڏئي پاس ڪري، اسڪالر کٽي...... ڇا تيستائين ميوو نه کائي......... کيس پيسن تي ميوي وٺڻ جي صلاح ڏني.... پر..... هو پيسا ڪٿا آڻيندو؟ ڪاش غريب کي به جيئري رهڻ جو حق ملي پوي.

 

”گل ڦل“ – نومبر 1976ع

 

خدا تعاليٰ تي ڀروسو

سنڌيڪار: رضيه طارق

شفن، گلو ۽ ڪمالو ٽيئي پاڻ ۾ گهرا دوست هئا. اهي هڪ ئي شهر، هڪ ئي پاڙي ۽ هڪ ئي گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. انهن جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي.

شفن ۽ گلو وڏيءَ همت وارا به هئا. انهن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو شوق هو، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا هئا، ته ان کي محنت ۽ شوق سان توڙ رسائيندا هئا. نيٺ هڪ ڏينهن انهن ڪاروبار ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ۽ پنهنجي شهر جا وڏا ڪاروباري سڏجڻ لڳا.

هنن جو ٽيون دوست ڪمالو ٿورو ڪاهل ۽ سست هو ۽ قناعت پسند به هو، هن رسيون وٽڻ جو ڪم سکيو هو. هو گهر ۾ ئي رسيون وٽيندو هو ۽ پوءِ بازار ۾ وڃي دڪاندارن کي وڪڻندو هو.

شفن ۽ گلو سوداگريءَ جو مال کڻي ٻين ملڪن ۾ به ويندا هئا. هو سال ۾ چار ڀيرا پنهنجي شهر کان ٻاهر ويندا هئا ۽ ٻن، ٽن مهينن کان پوءِ جام منافعو ڪمائي موٽي ايندا هئا. هو جڏهن به پنهنجي شهر ۾ ايندا هئا، ڪمالي جو حال احوال پڇڻ ضرور ايندا هئا ۽ ان کي مجبور ڪندا هئا، ته هو به انهن سان گڏ شهر کان ٻاهر هلي پر هو هر ڀيري انهن کي چوندو هو:

”خدا مون کي گهر ويٺي روزي پهچائي ٿو، ته مان ڇو ناشڪرو ٿيان.“ هڪ ڀيري جڏهن شفن ۽ گلو ٻاهران واپس آيا، ته معمول موجب ڪمالي کي ڏسڻ هن جي گهر ويا. ڏسن ته هو هميشه وانگر رسيون وٽي رهيو هو. ڪمالي جي دوستن هن کي چاليهه اشرفيون ڏنيون ۽ چيائون ته :”هن رقم مان ڪو ڪاروبار شروع ڪر، ته جيئن رسيون وٽڻ واري ڪم مان ڇوٽڪارو ملي سگهئي.“

ڪمالو اشرفيون وٺي بازار ويو. هن بازار مان گوشت خريد ڪيو ۽ باقي اشرفيون کڻي گهر به نه پهتو هو ته هڪ سرڻ جهپڙ هڻي گوشت ۽ اشرفين جي ڳوٿري پنهنجي چنبن ۾ جهٽي وئي ۽ ڪمالو هٿئين خالي گهر موٽي آيو.

شفن ۽ گلو جڏهن مسافريءَ تان موٽيا ۽ پنهنجي دوست جي خبر گيريءَ لاءِ هن جي گهر پهتا، ته هو گهر جي ٻاهران ويٺو رسيون وٽي رهيو هو. هو ڏاڍا حيران ٿيا، ۽ انهن هن کي چيو: ”تو اشرفين مان ڪو به فائدو نه ورتو. دستور مطابق پنهنجي پراڻي ڌنڌي ۾ لڳو پيو آهين. آخر ڇو!؟“

ڪمالو کين سِرڻ واري ڳالهه ٻڌائي، دوستن افسوس ڪندي وري هن کي چاليهه اشرفيون ڏيندي چيو ته: ”هاڻي ٻڌاءِ تون هنن اشرفين جو ڇا ڪندين؟“ ڪمالي چيو: ”خدا بهتر ڄاڻي ٿو، هي اشرفيون ڪيڏانهن وينديون، خدا تعاليٰ تي ڀروسو ڪريو.“

 

ڪمالو اشرفيون کڻي گهر هليو ويو ۽ پنهنجي زال کان چوري سموريون اشرفيون مٽيءَ جي ديڳڙيءَ ۾ رکي ان جو منهن بند ڪري زمين ۾ پوري ڇڏيائين. پراڻي زماني ۾ اهو دستور هو ته خرڪار گهر گهر وڃي مٽي جمع ڪندا هئا. ڪمالي جي گهر  به ڪچو هو ۽ ان جو اڱڻ به تمام وڏو هو. ان ڪري هن جي زال ڪڏهن ڪڏهن خرڪارن کي مٽي وڪڻندي هئي.

هڪ ڏينهن جڏهن مٽي خريد ڪرڻ وارا آيا ته زمين کوٽيندي انهن کي هڪ مٽيءَ جي ديڳڙي به لڌي. ڪمالي جي زال اها ديڳڙي به مٽيءَ سان گڏ وڪڻي ڇڏي.

هڪ ڏينهن جڏهن ڪمالي کي پيسن جي ضرورت پئي، ته هو ديڳڙي ڳولڻ لڳو، پر جتي هن ديڳڙي لڪائي هئي، اها جڳهه خالي هئي. هن پنهنجي زال کان ديڳڙيءَ بابت پڇيو، ته هن ٻڌايس: ”اها مٽيءَ سان گڏ خرڪارن کي وڪڻي ڇڏيم.“ ڪمالي کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر هو چپ رهيو. ڪمالي جا دوست جڏهن سفر تان موٽيا، ته پنهنجي دوست لاءِ سوکڙي به وٺي آيا پر جڏهن هو، هن وٽ ويا، ته هن کي ساڳي ريت رسيون وٽيندي ڏٺائون. هاڻي ته هن جا دوست هن تي سخت ڪاوڙيا ۽ چوڻ لڳا:

”تون ڏاڍو نڪمو آهين، ڪاهل آهين، تو ۾ همت ناهي، تون ڪيستائين رسيون پيون وٽيندين؟“

ڪمالي هنن کي پنهنجي زال ۽ خرڪارن جو قصو ٻڌايو ۽ چيو:

”دوست! فڪر نه ڪريو خدا تي ڀروسو ڪيو، اهو ئي پالڻهار آهي. وقت تي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“

دوستن جڏهن ڪمالي جي ڳالهه ٻڌي، ته هو هن جي سادگيءَ تي کلڻ لڳا ۽ چيائون:”دوست تون ايترين اشرفين سان ڪجهه به نه ٺاهيو. هاڻي اسان تو کي هڪ هڪ پيسو ڏيون ٿا، تون ان سان وڃي قسمت آزماءِ“

ڪمالي کانئن ٻه پيسا ورتا. هڪ پيسو هن وٽ پنهنجو هو. هو بازار ويو ۽ ٽن پيسن جي مڇي خريد ڪري آيو ۽ زال کي چوڻ لڳو ته: ”هن کي صاف ڪري جلدي پچاءِ.“ جڏهن هن جي زال مڇيءَ جو پيٽ چيريو ته مڇيءَ جي پيٽ مان هڪ سهڻو ۽ چمڪندڙ پٿر نڪتو. هن اهو پٿر کڻي ڪمريءَ ۾ رکي ڇڏيو. ۽ هن جا ٻار ان پٿر سان کيڏڻ لڳا.

هڪ ڏينهن جڏهن رات ٿيڻ واري هئي ته ڪمالي جي زال ڏيئو ٻارڻ چاهيو پر تيل نه هو. هوءَ ڪمري مان تيل جي بوتل کڻڻ وئي، ته ڇا ٿي ڏسي جو ورانڊي جي ڪنڊ ۾ ڪا شيءِ چمڪي رهي آهي، جنهن سان سڄي ڪمري ۾ روشني ڦهليل آهي. هيءُ ته اهو ئي پٿر چمڪي رهيو هو، جنهن کي هنن معمولي شيءِ سمجهي ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. هاڻي هن کي ڏيئي ٻارڻ جي ضرورت نه هئي، ڇو ته پٿر گهر ۾ روشني پکيڙي ڇڏي هئي.

ڪمالي جي پاڙي ۾ هڪ جواهري رهندو هو، جنهن جي زال جو ڪمالي جي گهر اچڻ وڃڻ هو. هڪ شام جو جڏهن هوءَ ڪمالي جي گهر آئي، ته پٿر ڏسي وائڙي ٿي وئي. هوءَ سمجهي وئي ته هيءُ ڪو وڏو قيمتي پٿر آهي. هن گهر وڃي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو. مڙس زال کي پنجاهه رپيا ڏنا، ته وڃي پٿر خريد ڪري اچ. پر ڪمالي جي زال پٿر وڪڻڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن جواهري مايوس ٿي ويو، ته هن پنهجي زال کي پنج سوء رپيا ڏنا، ته وڃي اهو پٿر خريد ڪري اچي، پر وري به ڪمالي جي زال پاڙيسرڻ کي پٿر نه ڏنو.

جڏهن ڪمالو گهر آيو، ته هن مڙس کي جواهريءَ جي پنجاهه ۽ پنج سوء رپين واري سموري ڳالهه ٻڌائي. زال جي ڳالهه ٻڌي ڪمالي چيو :”تون پٿر نه وڪڻي عقلمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي، اهو ضرور قيمتي پٿر آهي.“

ٻئي ڏينهن هو پٿر کڻي بازار ويو ۽ هڪ جواهريءَ کي ڏيکاريائين. اهو جواهري وڏو ايماندار ۽ نيڪ هو. تنهن چيس: ”نوجوان تون هڪ گڏهه ڪاهي اچ ۽ جيتريون اشرفيون کڻي وڃي سگهين گڏهه تي، کڻي وڃ.“

ڪمالو رپين ۽ اشرفين جا انبار گڏهه تي کڻي آيو ۽ هن ان دولت مان سڀ کان پهرين پنهنجي رهڻ لاءِ محل ٺهرايو ۽ باقي دولت مان هن ڪاروبار شروع ڪيو.

دوست جڏهن ڊگهي سفر تان واپس آيا، ته سڀ کان پهرين ڪمالي جي خبرگيري ڪرڻ لاءِ هن جي گهر پهتا ۽ اهو ڏسي حيران ٿي ويا، ته ڪمالي جي ڪچي گهر جي جاءِ تي هڪ محل اڏيل آهي ۽ محل جي دروزاي تي هڪ چوڪيدار پهرو ڏيئي رهيو آهي. هنن دربان کان پڇيو: ”هيءُ ڪنهن جو محل آهي؟“ دربان چيو: ”سائين، هيءُ هن ڳوٺ جي وڏي امير ڪبير ڪمال خان جو محل آهي.“ اها ٻڌي هنن جو مٿو ڦرڻ لڳو. هنن دربان کي چيو ته :”وڃ ۽ صاحب کي چئو، ته تمام پري کان سندس مهمان آيا آهن.“

دربان جڏهن اطلاع ڏنو ته ڪمالي چيو: ”مهمانن کي اوطاق ۾ ويهار، ته مان اچان ٿو.“

هو اوطاق ۾ داخل ٿيا، ته اهو ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ڪمالي جي اوطاق به ڪنهن ننڍي محل کان گهٽ نه هئي.

ايتري ۾ ڪمالو به اچي ويو. هن جڏهن پنهنجن دوستن کي ڏٺو، ته بي اختيار هنن ڏانهن وڌيو ۽ وڏي جوش سان هنن کي ڀاڪر پاتائين ۽ پوءِ دير تائين ٽيئي دوست ڪچهريون ڪندا ۽ کِلندا رهيا. ڪمالي ڳالهين ڳالهين ۾ پنهنجي دوست کي مڇي ۽ قيمتي پٿر جو قصو ٻڌايو ۽ چيو: ”مان نه چوندو هئس ته خدا تعاليٰ تي ڀروسو رکو، پنهنجي وقت تي سڀ بهتر ٿي ويندو آهي.“

”گل ڦل“ –مارچ 2005ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com