سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :2

وقت ۽ وِير

اڪبر جسڪاڻي

رات جا اٽڪل 12 ٿيا هئا، سڄي وايو منڊل ۾ ڏاڍو سناٽو ڇانئيل هو. انور ڪتاب پڙهي رهيو هو، ڪتاب پڙهندي هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، جيڪي ڪتاب جي صفحن ۾ جذب ٿي ويا. ماءُ ۽ پيءُ ڏانهن ڏسي هو پاڻ کي ندامت ڪرڻ لڳو، ۽ سوچڻ جي وير ذهن ۾ تري آيس. هن پنهنجا ٻه سال  ڪيئن نه گهمڻ ڦرڻ ۾ وڃائي ڇڏيا، ۽ هينئر هو نئين سر امتحان جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن جا ٻيا دوست ميڊيڪل ۾ چونڊجي ويا هئا. هن کي اندر منجهه ڄڻ ته جهير پيا هجن، سوچڻ لڳو: ” جي وقت پنهنجي جڳهه تي وري موٽي اچي ته مان پنهنجو هر هڪ سيڪنڊ قيمتي سمجهندس. پر نه، ڀئين نه ٿيندو، ڪڏهن به ڪالهه، اُڄ نه ٿيندي. سڀاڻ اڄ ۾ بلدبو رهندو ۽ سڀاڻ ايندو رهندو. وقت ڏاند گاڏي وانگيان هلندو رهندو.“ سوچيندي، سوچيندي هو ماضيءَ جي ڀڙن ۾ گم ٿي ويو. جڏهن مئٽرڪ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري، حيدرآباد ۾ اچي داخلا ورتي هئائين، تڏهن هن جي ذهن ۾ رڳو اها سوچ هئي، ته مان مائٽن جا پئسا سجايا ڪندس، ۽ انٽر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيندس، پر جيئن ئي ڪاليج ۾ پهتو، ته اتي اڳ ۾ ئي ٽن چئن سالن جا ڇوڪرا هئا، جن جو ڪم ئي هوندو هو: نون ڇوڪرن کي پنهنجي پڙهائيءَ جي مقصد کان هٽائي پاڻ جهڙو نڪمو ڪرڻ. جڏهن کان وٺي هيءُ هاسٽل ۾ رهڻ لڳو، تڏهن کان اهي ڇوڪرا هن وٽ ايندا هئا. پوءِ ڪڏهن فلم تي، ڪڏهن جبيس يا مڊوي تي چڪر، ۽ پوءِ رات جو هڪ يا ٻي تائين ويهي تاس راند کيڏڻ، هن کي ان وقت واقعي اهي ڳالهيون خراب لڳنديون هيون، پر هڪ ٻهراڙيءَ جو اٻوجهه ٻيو وري شهر ۾ اچڻ ڪري هن کي گهمڻ جو شوق هو. ان ڪري هيءُ انهن ڇوڪرن جي سوسائٽيءَ ۾ اچي ويو، جن هن کي پهريون سبق هيءَ ڏنو ته ، فرسٽ ايئر- ڪيش ايئر، ۽ انٽر- بنٽر، هي رات جو 2 وڳي جو سمهندا هئا ۽ صبح جو 10 وڳي يا 11 وڳي اٿندا هئا. ان ڪري ڪاليج جا ٻه ٽي مکيه پيرڊ هليا ويندا هئن، پر هنن سڀني ڳالهين، کان، هيءُ بي نياز هو، مٿان فرسٽ ايئر جو امتحان آيو. پوءِ به اهي ساڳيا ڇوڪرا ڪچهريون ڪرڻ لاءِ هن وٽ اچن. ان وقت ته واقعي وقت جو احساس ٿيو هئس، پر ڇا ٿي ڪري سگهيو، سندس پارٽنر، جيڪو هنن جي سوسائٽيءَ کان تنگ اچي مسجد ۾ وڃي پڙهندو هو ۽ ٻيا پارٽنر هن کي چيڙائيندا هئا. محنتي پارٽنر هن کي ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته : ”يار انور! تون پنهنجي پڙهائيءَ کي وٺ، وقت ڪڏهن به واپس نه موٽندو آهي، ان ڪري پاڻ تي رحم ڪر“ پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو.

فرسٽ ايئر ۾ سبجيڪٽ ته ڪليئر ڪيائين، پر رڳيون پاس مارڪون کنيائين. سندس محنتي پارٽنر 90 سيڪڙو مارڪون کنيون. هن کي ڪجهه احساس ٿيو، ۽ پارٽنر سان گڏ اسٽڊي ڪرڻ لڳو، پر هريل پٽ ڪاٿي ٿا مڙن وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه هئا. انٽر ۾ به هن پنهنجو وقت ڳالهين ۾، ۽ گهمڻ ۾ وڃايو. جڏهن مٿان امتحان ۾ باقي وڃي مهينو بچيو هو، هن کي پڙهڻ جو احساس ٿيو، پر سمجهه ۾ ڪجهه به ڪو نه پئي آيس. ڪتاب کڻڻ سان اندر ۾ مونجهه ٿيڻ لڳس. گهڻي ندامت محسوس ڪيائين، پر ڇا ٿي ڪري سگهيو. امتحان هليا، هن امتحان ته ڏنو پر جڏهن رزلٽ نڪتي، تڏهن هيءُ ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو. مائٽن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. سندس ماءُ چيو ته پٽ انور مون ته سمجهيو هو، ته تون پڙهي وڏو ڊاڪٽر ٿيندين، پر هاڻ ته منهنجي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. ڪيترن ئي مائٽن ۽ دوستن جي ٽوڪن هن کي ڏاڍو شرمايو، سندس پارٽنر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو، ۽ هن کي وقت جو احساس ٿيو، ۽ پاڻ کي روڳي سمجهڻ لڳو. پارٽنر کيس چيو ته : ”يار هن دور ۾ تون پاڻ کي روڳي ڇو ٿو سمجهين؟  زندگيءَ ۾ جيئڻ لاءِ انسان پنهنجو سهارو پاڻ ڳوليندو آهي، تون ته روڳ وٺي مري ويندين پر مائٽن جو تو کان سواءِ ڪير آهي؟ ڪڏهن ماءُ پيءُ کي ڏٺو اٿئي، ته هو توکي ڇا ٿا سمجهن؟ تون محنت ڪري ٻيهر انٽر ڏي. انور کي ڪجهه روشني نظر آئي، پوءِ ٻيهر انٽر ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻ لڳو. امتحان ويجها هئا ۽ هو ماضيءَ ۾ گم هو، ته ڪتاب هيٺ ڪري پيس. سوچ جي ساگر مان ڄڻ ته ٻاهر ڪناري تي نڪري آيو. رات جا اٽڪل ٻه وڄي رهيا هئا. ڪتاب رکي ڊائري کولي لکڻ  لڳو: ”وقت ۽ وير ڪڏهن به ڪنهن جو انتظار نه ڪندا آهن، جنهن انسان ۾ وقت سان گڏ هلڻ جي سوچ آهي، سو ڪڏهن به هن دنيا ۾ شڪست کائي نه ٿو سگهي. وقت جو هڪ سيڪنڊ به قيمتي آهي، جيڪو گذري وڃڻ کانپوءِ ڪڏهن به واپس نه موٽندو آهي. انسان ڌڪ کائڻ کان پوءِ زندگيءَ کي سمجهندو آهي. ان ڪري اسان کي کپي ته وقت سان گڏ  هلون. هاڻ مون کي وقت ڏور ڪو نه ڇڏي ويندو. مان وقت سان گڏ ڊوڙان پيو، ۽ زندگيءَ ۾ ڪجهه ماڻڻ لاءِ مان ڊوڙندو رهندس. آءُ وقت جون واڳون ورائڻ  جي قوت رکان ٿو، پنهنجي لاءِ نه، پر پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ، جن جي حياتي منهنجي خاطر ڳري رهي آهي. آءُ انهن کي سرخرو ضرور بڻائيندس، ضرور بڻائيندس.“

 

 

سنڌيڪار: انور الدين ڏيپلائي

هالينڊ جي ڪهاڻي

شيشي جو جبل

هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ته هالينڊ جي هڪ گهاٽي جهنگ ۾ هڪ ڪاٺير رهندو هو. هن جا ٽي پٽ هئا. ٻه وڏا پٽ ته ڏاڍا سست ۽ ڪم چور هئا پر سڀني کان ننڍو پٽ، جنهن جو نالو”پيٽر“ هو، ڏاڍو نيڪ ۽ محنتي هو. هو گهڻو ڪري پنهنجي ڀائرن جي حصي جو به ڪم ڪري ڇڏيندو هو، پر هن جا ڀائر ڏکئي وقت ۾ هن جي ڪابه مدد نه ڪندا هئا. هنن جو پيءُ پوڙهو ٿي ويو هو، ۽  هو ڪو به ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهيو هو. سندن گذر سفر ڪاٺين مان ڪوئلن بنائڻ تي هو. هو بدڪون به پاليندا هئا.

جهنگ کان ٻاهر هڪ شيشي جو جبل هو، جو ماڻهن جي توجهه ۽ طرحين طرحين جي ڳالهين جو مرڪز بڻيل هو. هيءُ جبل، جو هڪ ديوار وانگر سنئون سڌو هو. بادشاهه انهيءَ مطلب لاءِ ٺهرايو هو، ته جڏهن هو پنهنجي لاڏلي شهزاديءَ جي ارڙهين سالگرهه ملهائيندو، ان وقت شهزاديءَ کي هن جبل جي چوٽيءَ تي ويهاري ان هٿ ۾ هڪ سون جو صوف ڏيندو ۽ ماڻهو قيمتي شاهاڻو لباس پائي ۽ گهوڙي تي چڙهي ان جبل، جي چوٽيءَ تي پهچي شهزاديءَ کان اهو سون جو صوف حاصل ڪندو. ان خوشنصيب جي شادي، شهزاديءَ سان ڪرائي ويندي ۽ ان سان گڏو گڏ کيس اڌ حڪومت به ڏني ويندي.

آخر ڪار اهو ڏينهن به اچي ويو، جنهن ڏينهن اهو عجيب مقابلو ٿيڻو هو. پري پري جي ملڪن کان وڏا وڏا بهادر ۽ هوشيار گهوڙي سوار هن مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيل هئا. هڪ ميلي وانگر هر طرح ڏاڍو رونق ۽ چهچٽو لڳل هو. جيتوڻيڪ پيٽر جا ٻئي ڀائر به اُتي آيل هئا، پر پيٽر ويچارو ڪوئلن ٺاهڻ ۾ لڳل هو. ڇاڪاڻ ته هو بــَٺي ڇڏي نٿي  اچي سگهيو، ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو، ته اوچتو ڀرسان ڪنهن جو آواز آيو، ته مون کي ٿورو پاڻي پياريو. هن ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو، ته هڪ پوڙهو ماڻهو بيٺو آهي. هن جي اوچتي اچڻ تي پيٽر کي عجب ته لڳو پر هن سوچيو، ته هيءُ به شايد ڪو ميلي ڏسڻ وارو آهي، جو  رستو ڀلجي ويو آهي. پيٽر هن کي پاڻي پياريو ۽ چيو، ته بابا ميلي واري جڳهه هتان ايتري گهڻو پري نه آهي. پوڙهي ماڻهو پڇيو، ته تون ميلي ۾ ڇو نه ويو آهين؟ پيٽر جواب ڏنو، ته بابا مون کي هن بَــٺي جي نگراني ڪرڻي آهي، نه ته  سڀ ڪاٺيون سڙي رک ٿي وينديون. پوڙهي چيو، ته تون به ڀلي وڃي پنهنجي قسمت آزمائي ڪر. آءُ تنهنجي ڪم جي نگراني ڪريان ٿو. پيٽر جواب ڏنو، پر مون وٽ نه قيمتي لباس ۽ نه ئي وري گهوڙو آهي. پوڙهي چيو، ته چڱو تون پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ته وڃي ڏس. پيٽر پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن ويو، اُتي ڇا ٿو ڏسي ته سچ پچ هڪ تازو توانو گهوڙو ۽ ان جي ڀر ۾ هڪ جرڪندڙ قيمتي لباس رکيل آهي. پيٽر جلديءَ ۾ اهو قيمتي لباس پاتو ۽ گهوڙي تي سوار ٿي ميلي ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن هو اتي پهتو، ته آخري گهوڙي  سوار ناڪام واپس اچي رهيو آهي. ڪو به شخص ٿوري مفاصلي کان به مٿي جبل تي چڙهي نه سگهيو هو. هن جوان کي ايندي ڏسي سڀني ماڻهن  جون نگاهون هن طرف کڄي ويون. پيٽر گهوڙي کي اڙي لڳائي، هڪ قدم................ ٻه قدم.....................ٽي قدم .............. هن کي شهزاديءَ طرف چڙهندو ڏسي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. وڏي ۾ وڏو مشهور گهوڙي سوار به ايترو مٿي چڙهي نه سگهيو هو. نيٺ هو اڌ جبل تي پهچي ويو، پر  هاڻي گهوڙي جون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون ۽ اڳتي هلڻ کان انڪار ڪرڻ لڳو. آخر پيٽر کي هيٺ اچڻو پيو. هو هيٺ ايندي ئي اوچتو ئي اوچتو جهنگ ۾ اهڙيءَ طرح غائب ٿي ويو، جهڙي طرح پهرين هو اوچتو ظاهر ٿيو هو. ماڻهن کي انهيءَ نئين گهوڙي سوار جي ناڪاميءَ تي ڏاڍو افسوس ٿيو. هو پاڻ ۾ انهيءَ بابت طرحين طرحين جون ڳالهيون ڪندي گهر موٽي آيا.

پيٽر پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ اچي ڪپڙا بدلايا. هن کي ننڊ اچي رهي هئي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي ڀائرن جي اچڻ کان اڳ ۾ سمهي چڪو هو. هن جا ڀائر ان نوجوان متعلق ڳالهيون ڪندا واپس آيا، جنهن جي ناڪاميءَ جو سڀني کي افسوس هو. پيٽر کي ستل ڏسي هو ان تي کليا، ته هن ايڏو وڏو تماشو نه ڏٺو.

ٻئي ڏينهن به مقابلو هو. وڏا وڏا گهوڙي سوار وري به آيا. هن جا ڀائر به آيا. پيٽر وري اچي نه سگهيو. هيءُ معمول مطابق پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو، ته اڳئين ڏينهن وانگر اهو ساڳيو پوڙهو ظاهر ٿيو. ڪلهه وانگر اڄ به هن پيٽر کي هڪ گهوڙو ۽ قيمتي لباس ڏنو. اڄ جو گهوڙو ڪلهوڪي گهوڙي کان به وڌيڪ چست معلوم ٿي رهيو هو. پيٽر گهوڙي تي سوار ٿي وري شيشي جي جبل ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن هو مقابلي جي ميدان ۾ پهتو، ته آخري گهوڙي سوار وري ناڪام واپس اچي رهيو هو. نئين سوار کي ايندو ڏسي ماڻهن ۾ هڪ خوشيءَ جي لهر پيدا ٿي ويئي. انهن کي يقين هو، ته اڄ هيءُ نوجوان چوٽيءَ تائين پهچڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندو. پيٽر پنهنجي گهوڙي کي اڙي هنئي. گهوڙو تيزي سان مٿي چڙهڻ لڳو. ڏسندي  هو اڌ رستو طئه ڪري ويو.

چئني طرفن کان خاموشي ڇانئيل هئي. صرف گهوڙي جي سنبن جو آواز اچي رهيو هو. هاڻي گهوڙو جبل جا ٽي حصا طئه ڪري ويو هو. شهزاديءَ کي پيٽر جي ٽوپي نظر آئي، هن چاهيو ٿي ته اڳتي وڌي صوف پيٽر جي هٿ ۾ ڏي. پر گهوڙي جو پير هڪ ڀيرو وري ٿـِڙي پيو. گهڻين ڪوششن جي باوجود به هڪ پير به هو مٿي اچي نه سگهيو. نتيجي ۾ پيٽر کي وري هيٺ لهڻو پيو. هو اڳئين ڏينهن وانگر ٿورن سيڪنڊن ۾ وري جهنگ ۾ غائب ٿي ويو. ماڻهن کي هن نوجوان جي ناڪاميءَ تي ڪلهه کان به وڌيڪ افسوس ٿيو ۽ جهنگ ۾ غائب ٿيڻ تي وڌيڪ عجب لڳو. انهن کي يقين هو، ته سڀاڻي وري شايد هيءُ نوجوان ايندو ۽ ڪاميابي حاصل ڪندو. ٻئي ڏينهن پيـٽر ڏاڍو اداس هو. اهو ڏينهن مقابلي جو آخري ڏينهن هو. هن کي يقين هو، ته پوڙهو اڄ وري ايندو، ٿيو به ائين. پوڙهو پوري وقت تي اچي پهتو. اڄ مقابلي تي وڃڻ وقت پيٽر وٽ ڪلهه کان وڌيڪ سٺو گهوڙو ۽ لباس هو. انهيءَ گهوڙي تي چڙهي پيٽر ميدان جو رستو ورتو هن کي ايندو ڏسي ماڻهو خوشيءَ وچان نچڻ ۽ نعرا هڻڻ لڳا. پيٽر پنهنجي نئين گهوڙي کي اڙي لڳائي. هيءُ گهوڙو اڳين ٻنهي گهوڙن کان تيز ۽ چست هو. چند سيڪنڊن ۾ هو اڌ فاصلي تي پهچي ويو. آخر انهيءَ هنڌ تي پهتو، جتان شهزاديءَ کي پيٽر نظر اچي رهيو هو. ڏاڍي بهادريءَ ۽ همت سان آخري ٽپو لڳائي پيٽر صوف فتحمنديءَ ۽ فخر سان کڻي پنهنجي کيسي ۾ وجهي، شهزاديءَ کي هٿ جو سهارو ڏيئي گهوڙي تي ويهاريو ۽ بادشاهه جي سامهون ڪاميابيءَ جو نعرو هڻي حاضر ٿيو.

انهيءَ وقت ماڻهو خوشيءَ کان چريا ٿي پيا. هر شخص پيٽر جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. بادشاهه پيٽر کي گلي سان لڳايو ۽ ان ڪاميابيءَ تي مبارڪباد ڏني. بادشاهه اعلان ڪيو ته: ”ڇاڪاڻ ته اڄ سڀ ماڻهو قيمتي ڪپڙا پائي آيا آهن ۽ تمام گهڻا هتي موجود آهن. ان ڪري اها شادي اڄ ۽ هينئر ٿيڻ کپي.“

آخرڪار پيٽر ۽ شهزاديءَ جي شادي ٿي ويئي. اڌ حڪومت به انهن کي ڏني ويئي. اهڙيءَ طرح هو خوشيءَ سان زندگي گذارڻ لڳا. پيٽر پنهنجي شاديءَ ۾ انهيءَ عجيب مهربان دوست پوڙهي کي به شريڪ ڪيو. ان جي لباس ۽ بزرگيءَ کان بادشاهه به متاثر ٿيو ۽ پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائينس. شاديءَ کان پوءِ پوڙهو تمام گهڻيون دعائون ڏيندو، پنهنجو نالو ۽ پتو ٻڌائڻ کان سواءِ گم ٿي ويو.

 

”گُل ڦُل“-آگسٽ 1977ع

 

ڇيلو ۽ بگهڙ

محمد اسماعيل

هڪ هڪ ڇيلو، درياء جي ڪناري تي پاڻي پي رهيو هو، ته ايتري ۾ هڪ بگهڙ اُتي اچي نڪتو.

”هن درياء جو پاڻي منهنجو آهي.“ بگهڙ چيو.

”تو پيئڻ جي همت ڪيئن  ڪئي؟“

”درياء جو پاڻي، ته جبلن تان اچي ٿو، تنهنجو وري ڪيئن ٿيو؟“ ڇيلي وراڻيو.

”بس، آءُ جو چوان ٿو، ته منهنجو آهي.“ بگهڙ اُڪڙجندي چيو.

”هاڻي آءُ توکي کائڻ کان سواءِ اصل نه ڇڏيندس.“

بگهڙ ايترو چئي، پڇ لوڏيندو هليو ويو.

ڇيلو پنهنجي گهر موٽي آيو ۽ ڏيڍيءَ ۾ ويهي روئڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته شام جو بگهڙ کيس کائڻ لاءِ اچڻو هو. ايتري ۾، هڪ چٽڪمري ٻلي اتي اچي نڪتي.

”ڇو ٿو روئين، ڇيلا!؟“ هن پڇيو.

”اڄ شام جو بگهڙ مون کي کائڻ ايندو.“ ڇيلي سڏڪا ڀريندي، جواب ڏنو.

”تون فڪر نه ڪر.“ چٽڪمريءَ ٻليءَ چيو.

”آئون پاڻهين ئي اچي تنهنجي مدد ڪنديس“

ائين چئي، چٽڪمري ٻلي هلي ويئي

ڇيلي جي دل کي اڃا به آٿت نه آئِي ۽ هو روئندو رهيو. ايتري ۾ هڪ ڀورو ڪُـتڙو آيو.

”ڇو ٿو روئين، ڇيلا!؟“ ڀوري ڪُــتڙي کانئس پڇيو.“

”اڄ شام جو بگهڙ مون کي کائڻ ايندو.“ ڇيلي روئيندي وراڻيو.

”تون ڪو فڪر نه ڪر، آءُ اچي تنهنجي مدد ڪندس.“ ڀوري ڪُــتڙي چيو.

ائين چئي، ڀورو ڪتڙو به پڇ لوڏيندو هليو ويو. ڇيلو وري به اڳي وانگر روئندو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ اڇو گهوڙو اُتي اچي نڪتو.

”ڇو ٿو روئين ڇيلا!؟“ اڇي گهوڙي پڇيو.

”اڄ شام جو بگهڙ مون کي کائڻ ايندو.“ ڇيلي روئي چيو.

”تون ڪو ڏک نه ڪر، آءُ تنهنجي مدد لاءِ ايندس.“ اڇي گهوڙي چيو. اڇو گهوڙو ائين چئي، هليو ويو.

پر ڇيلو اڃا به ويٺو روئندو رهيو. اتي هڪ وڏو هاٿي اچي نڪتو.

”ڇو ٿو روئين، ڇيلا!؟“ وڏي هاٿيءَ پڇيو.“

”اڄ شام جو بگهڙ مون کي کائڻ ايندو.“ ڇيلي روئندي چيو.

”تون ڪو خيال نه ڪر،“ آءُ تنهنجي مدد ڪندس.“ وڏي هاٿي دلاسو ڏنس.

وڏو هاٿي پڻ ائين چئي، اتان هليو ويو.

اوندهه ٿيندي ئي، ننڍي چٽڪمري ٻلي، ڀورو ڪُـتڙو، اڇو گهوڙو ۽ وڏو هاٿي، سڀ اچي ڇيلي جي گهر پهتا. پوءِ پاڻ ۾ سڀ صلاح ڪرڻ لڳا، ته ڇيلي جي مدد ڪيئن ڪجي.

چٽڪمريءَ ٻليءَ چيو: ”ڇيلڙا! تون ڪٿي ٻاهر وڃي لڪي ويهه، ۽ آءُ چلهه ۾ ٿي لڪي ويهان. جڏهن بگهڙ تو کي گهر ۾ نه ڏسندو، ته ضرور سوجهري ڪرڻ لاءِ چلهه ڏانهن ايندو. ان مهل آءُ پنهنجن تيز چنبن سان هن کي رهڙي وجهنديس.“

ڀوري ڪُـــتڙي چيو: ”ٻليءَ جي هٿان رهڙجي، بگهڙ ضرور ٻاهر ڀڄندو. آءُ دروازي جي پٺيان لڪي ويهندس ۽ جيئن ئي هو ٻاهر نڪرندو، ته آءُ کيس چڪ هڻندس.“

اڇي گهوڙي چيو:  ”جڏهن ڀورو ڪُـــتڙو بگهڙ کي چڪ هڻندو، تڏهن هو گهر جي پٺ ڏانهن ڀڄندو. آءُ لڪو بيٺو هوندس ۽ جيئن ئي  بگهڙ اتان اچي نڪرندو، ته آءُ هن کي زوردار پُستي ٺڪاءُ ڪندس.“

وڏي هاٿيءَ چيو ”آءُ هن وڏي وڻ هيٺان بيٺو هوندس، جڏهن بگهڙ وڻ جي پاسي کان اچي لنگهندو، تڏهن آءُ کيس پنهنجيءَ سونڍ ۾ کڻي، درياء ۾ ڦٽو ڪندس.“

اهڙيءَ طرح، سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي ويو، ڇيلو ٻاهر وڃي هڪ ننڍڙي ٻوڙي ۾ لڪي ويٺو.

ننڍڙي چٽڪمري ٻلي ٽپو ڏيئي، وڃي چلهه وٽ ويٺي. ڀورو ڪتڙو جهُڪي در جي پٺيان لڪي ويٺو. اڇو گهوڙو گهر جي پٺ ۾ لڪي بيٺو ۽ وڏو هاٿي وڻ هيٺان بيهي رهيو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ، پوڙهو بگهڙ، ٿپ ٿپ ڪندو اتي اچي پهتو.

هو گهر ۾ اندر گهڙيو، پر اوندهه ايڏي ته هئي، جو کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي اچي سگهيو.

لاچار روشني ڪرڻ لاءِ پوڙهو بگهڙ چلهه وٽ آيو.

چٽڪمريءَ ٻليءَ اکيون چمڪائيندي پنهنجا چنبا وڌائي، بگهڙ جو سڄو منهن رهڙي وڌو.

”آهه!“ بگهڙ سور وچان دانهن ڪئي ۽ گهٻرائجي، پٺتي هٽيو.

در جي پٺيان لڪل ڀورو ڪتڙو هڪدم اڳتي وڌيو، ۽ هن پوڙهي بگهڙ جي ٽنگ ۾ چڪ هڻي ڪڍيو.

”هاءِ، هاءِ!“ پوڙهو بگهڙ سور وچان دانهن ڪري وٺي ڀڳو. هن هڪدم جهوپڙيءَ جي پوئين پاسي ڀڄڻ جي ڪئي، پر اڇي گهوڙي پنهنجي پوئين لَتَ کڻي، کيس زور سان پستي هنئين، جا اهڙي زور سان لڳيس، جو پوڙهو بگهڙ وڃي وڏي وڻ وٽ ڪريو.

پوڙهو بگهڙ چٽڪمري ٻليءَ کان پنهنجو مُنهن پَـٽائي، ڀوري ڪتڙي کان ٽنگ کارائي، اڇي گهوڙي جي پُـــستي جهلي، ڦان ڪري اچي پَــٽ تي ڪريو ۽ اُٿي نه سگهيو.

اُن وقت وڏي هاٿيءَ بگهڙ کي پنهنجيءَ سونڍ ۾ کڻي، پري وڃي درياء ۾ اڇلايو. پوڙهو بگهڙ پاڻيءَ ۾ گهوتا کائيندو ويو ۽ وري ڪڏهن به ڇيلي کي کائڻ نه آيو، ۽ ڇيلي جي جان ڇُــٽي پئي.

گل ڦل-جنوري 1974ع

 

ناروي جي لوڪ ڪهاڻي

ضدي زال

سنڌيڪار: جيئل داس

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو هاري رهندو هو. سندس زال ڏاڍي ضدي ۽ جهيڙاڪ هئي. اها عورت اهڙي ضدي ۽ هٺ ڌرم هئي جو ضديءَ کان ضدي شخص به سندس مقابلو ڪري نه سگهندو هو. سڀ پاڙيسري هن مان عاجز ۽ تنگ هئا. ڪو شخص ڪا ڳالهه چوندو هو، ته هيءَ اُن جي خلاف ڳالهائيندي هئي. جيڪڏهن ڪو چوندو هو، ته فلاڻي شخص ڏاڍي سٺي نصيحت ڪئي آهي، ته هوءَ هڪدم جواب ڏيندي، ته هن جي ڳالهه ته بلڪل واهيات هئي. اهوئي حال دڪاندارن سان به هو. دڪاندار هڪڙيءَ شيءِ جو نالو وٺندو هو، ته  هوءَ وري ٻي شيءِ گهرندي هئي. پاڙيسري ته خير کڻي هن مان عاجز هئا پر ويچاري هاريءَ جي جان ته هميشه عذاب ۾ رهندي هئي. جيڪڏهن هو چوي‏ ته اڄ مان پنهنجي ڀاءُ وٽ ويندس، ته هيءَ چوي ته، نه نه اڄ منهنجي ڀيڻ وٽ هلڻو آهي. ڪڏهن هو قميص کي ٽوپي ڏيڻ لاءِ هن کي چوي، ته هوءَ وري سندس جوراب ڪڍي ويهي رهي. جيڪڏهن هو ماني گهرندو هو، ته هيءَ وري پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڏيندس هيس، ۽ جيڪڏهن پاڻي گهرندو هو، ته چانهه تيار ڪري کڻي ايندي هئي. مطلب ته ويچارو هاري، جيڪا به ڳالهه چوندو هئس، ته هوءَ ان جي ابتڙ ڪندي هئي.

پاڙي وارا جيڪڏهن هاريءَ سان سندس زال جي شڪايت ڪندا هئا، ته چوندو هو: ”ڀائرو! توهان کي، ته هن سان ڪڏهن ڪڏهن واسطو ٿو پوي پر مون کي ڏسو، ته مان ڏينهن رات انهيءَ سان ڪهڙيءَ ريت گذر ڪريان ٿو؟“ منهنجي مصيبت جو ته توهان اندازو ئي نٿا لڳائي سگهو. مان آرام سان کاڌو به نٿو کائي سگهان. جيڪڏهن زور سان ٿو چٻاڙيان، ته هوءَ چوي ٿي ته آهستي آهستي کاءُ. سڄي پاسي تي ٿو سمهان، ته هوءَ مون کي جاڳائي چوي ٿي، ته کٻي پاسي ٿي سُــمهه.

هڪڙي ڏينهن هاري ۽ سندس زال پنهنجي ٻنيءَ تي ويا، جنهن ۾ هنن سرنهن پوکي هئي. ٻنيءَ تي پهچي هاريءَ چيو:”فصل پچي ويو آهي، اڱاري ڏينهن لابارو وجهنداسون.“

”اڱاري ڏينهن نه پر سومر ڏينهن.“ سندس زال چيو.

هاري چيو: ”چڱو سومر تي سهي، مان پنهنجي دوستن ’هالوارڊ‘ ۽ ’هنس‘ کي به ڪم ۾ مدد ڪرائڻ لاءِ ساڻ وٺي ايندس.“ زال چيو: ”انهن کي اصل نه آڻجانءِ، پر ’ٿورا‘ ۽ ’ايرڪ‘ کي آڻجانءِ.

ويچاري هاريءَ کي، ته انهن ڳالهين ٻڌڻ جي عادت پئجي ويئي هئي. هن چيو، ”ٺيڪ آهي! ’ٿورا‘ ۽ ’ايرڪ‘ کي ئي آڻيندس، ۽ اسان صبح جو ستين وڳي کان ڪم شروع ڪنداسين.“

زال چيس، ”ستين وڳين کان نه، بلڪ ساڍي ڇهين وڳي کان وٺي ڪم شروع ڪنداسين.“

هاريءَ آسمان ڏانهن ڏسندي چيو: ”هن هفتي موسم سٺي رهندي.“

”نه مينهن پوندو.“ زال چيو.

هاريءَ چيو ”مينهن پوي يا اُس نڪري، اسان ڏاٽي سان پوک لڻنداسين.“

زال وڏي آواز سان چيو: ”ڇا چيئي ڏاٽي سان؟ نه نه، ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ فصل قئنچيءَ سان لڻبو.“

”قئنچيءَ سان!“ هاريءَ حيرت مان وراڻيو.” ڪنهن به اڄ تائين قئنچيءَ سان فصل لڻيو آهي؟“

”نه، نه، فصل ڏاٽي سان ئي لڻيو ويندو.“

”هر گز نه، قئنچيءَ سان ئي لڻبو.“ هاريءَ جي زال به وڏي زور سان چيو.

آخر ٻئي اهو بحث ڪندا درياء جي پُل تي پهچي ويا. هاريءَ وري چيو، ”ڏاٽي سان.“

”قئنچيءَ سان! قئنچيءَ سان! سندس زال رڙ ڪئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويئي، ۽ هن کي ڪجهه به نظر ڪونه آيو ۽ درياء ۾ ڪري پئي. درياء ۾ ڪرڻ شرط ئي هوءَ گهوتا کائڻ لڳي، جڏهن هوءَ مٿي آئي، ته ڪنهن کي مدد لاءِ پڪارڻ جي بجاءِ زور سان چيائين: ”قئنچي سان!“ ۽ ائين چئي وري گهوتا کاڌائين. هاريءَ به رڙ ڪري چيو: ”ڏاٽي سان!“ پر هاڻي هن ۾ ڳالهائڻ جيتري سگهه به ڪانه رهي هئي. ٿوريءَ دير کان  پوءِ هوءَ وري مٿي آئي ۽ چوڻ لڳي: ”قئنچيءَ سان، قئنچيءَ سان!“ ائين چوندي وري گهوتا کائڻ لڳي، ۽ وري جڏهن مٿي آئي، ته هاريءَ رڙ ڪري چيو: ”ڏاٽي سان!“ پر هاڻي هن ۾ ڳالهائڻ جي طاقت به ڪانه رهي هئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ وري گهوتا کائڻ لڳي، پر هن پنهنجو هٿ مٿي کنيو ۽ آڱرين جي اشاري سان ٻڌايائين ته : ”فصل قئنچيءَ سان ئي لڻبو!“ ۽ پوءِ هوءَ وري مٿي نه آئي.

هاري ڳوٺ واپس ويو ۽ پنهنجن دوستن کي اطلاع ڏنائين. سڀئي گڏجي درياء تي ويا ۽ هاريءَ جي زال کي درياء ۾ اندر گهڙي ڳولڻ لڳا. جيڏانهن پاڻي وهي رهيو هو،  اوڏانهن پري پري تائين ڳولا ڪيائون، پر هن جو پتو ڪو نه پيو. سڀئي پريشان هئا، ته آخر هوءَ وهندي وهندي ڪيڏانهن هلي ويئي، پر هاريءَ چيو: ”اوهان شايد پوريءَ طرح هن مان واقف ناهيو، ته هوءَ ڪيتريقدر نه ضدي هئي. ٻيو ڪو هجي ها، ته ان جو لاش بيشڪ لهواري پاڻيءَ ڏانهن وڃي ها، پر هوءَ ضرور اوڀارو ويئي هوندي. هلو ته مٿي هلي ڏسون.“ ۽ جڏهن ماڻهن مٿانهينءَ ڏانهن وڃي ڏٺو، ته هاريءَ جي ڳالهه سچي نڪتي. هن جو لاش سچ پچ اوڀارو لڙهندو پئي ويو. ماڻهن چيو: ”واقعي حد کان زيادهه ضدي نڪتي.“

 

 

”گل ڦل“- جون 1976ع

 


 

مانيءَ ڳڀو

جمال رند

گهران نڪري، اچي اوطاق تي ويٺس، نم هيٺان ڪرسي وجهي پنهنجو نئون سوچيل افسانو ويهي لکڻ لڳس. لکڻ ۾ ئي هئس، ته ڀرسان ڪنهن شيءَ جي ڪرڻ جو آواز ڪنين پيم. مٿي نهاريم....... ڏار تي ويٺل هڪڙي ڪانوَ پئي ڪان ڪان ڪئي. نهاري، وري لکڻ ۾ مشغول ٿي ويس.

”اڙي، بک لڳيوَ ته  ماني، ماني ڪريو، هونئن ته کنگهوئي ڪو نه ٿا!“

اوچتو ئي اهو سنهڙو ۽ سريلو آواز ٻڌي، وائڙو ٿي ويس. آسي پاسي نظر ڪيم. بنهه پيرن وٽ، ڪو تازي اُڦراٽي جو ٽڪر پيو هو! سڄو ئي گيهه ۾ شل هو، جڏهن ڏسي ورتومانس، ته ڇاپاڪي واري ڇپ هڻي، پهرين ته صفا چُپِ ٿي ويو، ۽ پوءِ ڪنهن ڌَڪيل شيءَ وانگر، ليٿڙڻ لڳو. ڪانوَ اڃا به پئي ڪان ڪان ڪئي. آءُ عجب ۾ هئس، ته هو وري ڳالهائڻ لڳو:

”عجب نه کاءُ........ مون تو کي سڏيو!“

سوچيم، ڳالهائي ته برابر اهو ئي پيو! چيومانس، ”چئه ڀلا، ڇو سڏ ڪيئه؟“

”مٿي نه، جيڪو ڪانءُ ويٺو آهي. پهرين ته انهيءَ کي اُڏاءَ، آءُ انهيءَ جي چهنب مان ڪريو آهيان- ڏاڍو ڌڪ لڳو اٿم!“

مون ڪانوَ کي هڪل ڪئي.

مانيءَ ڳڀي چيو: ”ڌڪ به لڳو اٿم، پر هاڻي ڪرڻ جو سو ڏاڍو ڏک پيو ٿئيم، ڀانئيان ته ڪانوَ جي چهنب ۾ ئي..........“

”سو وري ڪيئن؟“ مون وچ ۾ پڇيومانس: ”اڳهرو جو چيئه، ته انهيءَ ڪانوَ کي اُڏاءِ........ پاڻ ڪانوَ جهڙي گندخور کان بچيو آهين، ڏک ڇو ٿيڻ کپي؟“

هن هڪ ڊگهو ۽ ٿڌو ساهه کنيو، ۽ پوءِ نماڻي نوع ۾ چوڻ لڳو: ”اها ڊگهي ڳالهه آهي ........ توکي ايترو وقت ئي ڪو نه هو.“

”تون ٻڌاءِ ته سهي، وقت کي پهچي رهنداسين“

”پر تون ته ڪجهه لکي رهيو هئين،!“

”ڏس، لنواءِ نه ! آءُ هڪ افسانو لکي رهيو هئس. تون پنهنجي ڳالهه ڪر، آءُ قلم رکي ٿو ڇڏيان“ ايئن چئي اٿي مون کيس پٽ تان کڻي، پنهنجو سامهون ٽيبل تي آڻي رکيو.

”نيٺ نه مڙئين! چڱو ڪَــــنُ ڏيئي ٻڌ. هيءُ به هڪ افسانو آهي، نئين کان نئون، ۽ پراڻي کان پراڻو. دراصل اهو افسانو منهنجي ڏکن ڀري زندگيءَ جي حقيقت آهي. مون کان سواءِ، انسان جي زندگي به ڪهڙي ڪارج جي؟ انسان ته آهي ئي مون جهڙن ٽڪرن تي پليل جانور !..... مون انسان کي جانور ڪوٺيو، تو کي ڪاوڙ ته ڪانه لڳي.....؟ ڪاوڙ لڳئي، ته کڻي چُپ ڪريان! چيو به ته تو پاڻ نه، ته آءُ ٿورئي ڳالهه ٻڌائڻ پيو گهران!“

دل ۾ چيم. ٻيلي، ڪري ته ڪُـپت ٿو، پر هن جو سنهڙو آواز ڏاڍو پئي وڻيو، پر اندر ۾ به ڪي پوسراڻيون ٿي معلوم ٿيون،  سو خوشامند ڪري پڇيومانس: ”ڪاوڙ ڇو لڳندي....... تون ڪوڙ ٿورئي ٿو هڻين! جيڪا ڳالهه آهي، سا ڪري وڃ.“

انهيءَ تي ٿورو مرڪي ڏنائين ۽ چوڻ لڳو: ”اهو ته تون ڏسي رهيو آهين، ته آءُ ڪڻڪ جي مانيءَ جو ٽڪر آهيان، مون کي ڪنهن پالي نپائي هن شڪل ۾ آندو. انهيءَ وچ ۾ مون تي ڇاڇا ٿي گذريو، ۽ پوءِ آءُ انهيءَ ڪانوَ جي ور ڪيئن چڙهيس. اهو سڄو معاملو آءُ توکي ٻڌائيندس....... پر ٻڌجانءِ ڌيان سان! اهي ئي منهنجا تجربا آهن، ۽ اهائي منهنجي زندگي........“

”ٺيڪ.“ مون وڌيڪ اشتياق ڏيکاريندي چيو.

”مون کي ياد آهي.“ هن ڳالهه شروع ڪئي. ”اڄ کان لڳ ڀڳ ڏيڍ سال اڳ، آءُ داڻن جي شڪل ۾ هئس گُنديءَ ۾ بند، سالو ڪڙميءَ جي ٿَلهي تي پيو هئس، ڪافي وڏي برادري هئي. اسان جي گُنديءَ ۾ اسين هڪ ٻئي مٿان سٿيا پيا هئاسون. سالوءَ جي زال گُنديءَ جو ليڙو توڻي چاپڙ ڏاڍي خبرداريءَ سان بند ڪيو هو. ڇو ته اسان سڀني کي ٻج لاءِ رکيو ويو هو. سُرو به کائي وڃي ها، جي سالوءَ جي زال ٻه چار دفعا اسان کي گُنديءَ مان ڪڍي ٿَلهي تي اُس ۾ نه پکيڙي ها. ٻيو جو کڻي اسان سان نم جا پن گڏيائين، سو اسان جو ئي دم پيو گهٽجي! ڪوڙان کان سُرو به ڪوهان ڏور- اسان مان هڪ به داڻو سُري جو شڪار نه ٿيو. اسين پنهنجي برادريءَ ۾ خوش هئاسون. ”هڪ ڏينهن ٻاهران وڏا وڏا آواز اچڻ لڳا. اهي کوڙ جا ڌڌڪا هئا. ٿوريءَ ويرم کان پوءِ اچي وڏ ڦڙي مينهن جو سٽڪو اهڙو ٿيو، جو سالوءَ جي زال چاپڙ مٿان تڏي ٽڪر به ڏنو، پر ڳڙن جي سٽ سٽان هڻي گنديءَ کي ڀڃي وڌو. اسين به ريلو ڪري وڃي ٿَلهي تي پکڙجي پياسين. جيئن رڍن جا ڦر شام جي وقت گوديءَ مان نڪرندا آهن. سالوءَ جو سڄو ڪٽنب اچي مٿان ڪڙڪيو. پوتين ۽ جهولين ۾ کڻي، مينهن کان بچائي وڃي اندر رکيائون، جڏهن مينهن بند ٿيو، تڙڪو نڪتو، ۽ اڱڻ ڦَڪرو ٿيو، ته اسان سڀني کي کڻي، سُڪڻ لاءِ وري اچي ٻاهر اڱڻ تي پٿاريائون. اسين ڏاڍا خوش ٿياسون. ڄڻ ته ڪا وڏي آزادي ملي هجي! هفتي اڌ ۾ سالوءَ جي زال نئين گُندي ٺاهي ورتي ۽ اسان کي وري به کڻي انهيءَ ۾ بند ڪيائون. مينهن واري ڏينهن..... اسان کي ته ڪا تڪليف ڪانه آئي، پر ڏٺوسين ته سالوءَ جي گهر ۾ ٿرٿلو پئجي ويو هو- ڄڻ ته سڄي گهر جو ساهه ئي اسان ۾ هو!“

”..... انهيءَ نئين گُندي واري گهر ۾ اسان تي الائي ڪيترا صبح ۽ ڪيتريون راتيون گذري ويون. اندر ته اوندهه ئي اوندهه هئي، پر هڪڙي شام مون کي ڪڏهن به نه وسرندي. اها شام مون کي ياد آهي، اها آهستي آهستي اونداهيءَ ۾ بلدجي رهي هئي، پکي پکڻ پنهنجي گذر گشت کان آجا ٿي، وڃي آکيري ڀيڙا ٿيا هئا. اسين سڀ گُنديءَ مان نڪري، ٿَلهي تي راهه  جي شڪل ۾ پيا هئاسين. وڻن جي جُهڳٽن ۾ ويٺل پکين چُون-چُون-چان-چان جا سُريلا آواز پئي ٻوليا. ڄڻ ته اهي اسان کي ڏسي خوش پئي ٿيا. ها، بلڪل انهيءَ وقت...... سالوءَ جي ننڍڙي نينگر، بانبڙا ڏيندي، پنهنجي ڀَڳل ٽُٽل ٻُوليءَ ۾”ماني- ماني“ پئي ڪئي. ماني هجي ته مليس!.... رات کان وٺي توڻ ئي ڪانه ٿي هئي. اَنُ هجي ته ٿئي! ننڍڙو ٻار ويٺي رنو. ايتري ۾ سالو آيو، هٿ ۾ ڪو تعويذ هئس. سو زال کي ڏيندي چيائين: ”هن کي ڌوپ واس ڏيئي، پوءِ هن ڪوري کنجيءَ ۾ ٽانڊي تي رکي، ٻج کي ان جو دونهون ڏي“. مائيءَ اسان کي تعويذ  جو واس ڏنو. پوءِ گهڙي کن رکي، سالو پاڻ اچي اسان جي مٿان تعويذ وارو پاڻي ڇنڊڻ لڳو. ٻئي ڏينهن اسان کي ٻنيءَ ۾ ڇٽڻو هئس، معصوم اڃا تائين پئي ماني- ماني ڪئي. مٿان رات اچي ٿي. سالو به ائين چئي ويندو رهيو ته : ’ٻج کي بي سڀو نه ڪبو.... سڀاڻي ڪٿان اَنَ لَپَ وٺي ايندس، هينئر ڪمن کي ٺپري سمهاري ڇڏيو! مون کي ايترو افسوس ٿيو ..... سچ پچ، ان وقت جيڪڏهن آءُ هن صورت ۾ هجان ها، ته ٽپ ڏيئي وڃي معصوم جي هٿن ۾ پوان ها.“

”......ٻئي ڏينهن، پرهه ساڻ، اسان کي ڳوڻين ۾ بند ڪري، گاڏيءَ ۾ رکي، اچي ٻنيءَ تي لاٿائون. سالوءَ کي ڪا خوشي هئي رڳو پئي ٽڙيو ۽ مشڪيو، ڄڻ ته ڪو گنج هٿ آيو هجيس! بسم الله ڪري جهول ڀري، اسان کي ٻارن ۾ ڇٽڻ لڳو، جوڙن جي ڪئي هئائين ونگار، سو سج بيٺي ئي ٻني کيڙي ويئي. وري ان جي ٻئي ڏينهن پاڻ ۾ پٽس سوڍي، گڏجي ٻنا به ڪڍي ڇڏيا. ٻه ٽي ڏينهن پکين به اسان کي ڏاڍو ستايو، سالوءَ جي هڪل هاهڙ اسان کي پئي بچايو، نه ته جيڪر انگورن ۾ ئي پٽجي وڃون ها.“

”..... آهستي آهستي، ڏينهن گذرڻ سان، اسان جي سينن مان ڦڪي رنگ جا سَلا اڀرندا، ۽ ٻاهرين دنيا جي هوا کائڻ سان، رنگ ڦيرائيندا رهيا. هفتي اڌ ۾، سڀ ڦڪا سلا ساوا چَـــــــهچُ ٿي پيا. اسان جي برادريءَ مان هر هڪ سَليَ، پنهنجي مالڪ جي بک ٽارڻ لاءِ سندس تتيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪيل محنت جي اجوري لاءِ پنهنجي وسئون ڪين گهٽايو. وقت جي رفتار ۾ پاڻيءَ جي پيچَ سان، اسين وياسين قد ۾ ڊگها ٿيندا. اسان مان هرڪو ٻوڙو، مڙس جي چڱي موچاري ڀاڪر جي برابر هو. هن اسان جي تات سنڀال ائين ٿي ڪئي، جيئن ڪو پيءَ پنهنجي پهريتي پٽ کي پالي. اسين ته ڄڻ هن جو روح هئاسين، بلڪ هن جي سڄي ڪٽنب جو جياپو ئي اسان تي هو....!“

مانيءَ ڳڀي کان ٿڌو ساهه ڀرجي ويو، ۽ هو ماٺ ٿي ويو.

”تون چُـــپ ڇو ٿي وئين..... ٻڌاءَ پوءِ ڇا ٿيو؟“

.اڳتي نه پُڇُ ته مون ڇا ڏٺو.....؟“ جهيڻي آواز سان هو چوڻ لڳو. ”پيسجي اَٽو ٿيس، ۽ اڄ ماني به ٿي ويس، پر اُهو سور اڃا نٿو وسريم!“

”آخر ڪهڙي ڳالهه آهي. مون کي به ته ٻڌاءِ؟“

”ڇا ٻڌايان!“ گهڙي کن ترسي پوءِ چوڻ لڳو:“ سالوءَ جو پاڻيءَ جو وارو هو. پاڻيءَ تي پڇڙيءَ وارن جو ڪو اڳي ئي جهيڙو هو. سالوءَ جي مجيريءَ چيو، ته : ’اڄ اسين ٻارهين وڳي بدران ڏهين وڳي پاڻي ورائينداسين، ڇو ته آبدار پاڻيءَ جو وارو ائين ٻَڌي ڏنو آهي.‘ اڙي ها،....اتي هڪڙو ٿلهو متارو نئون نئون ماڻهو اچي پڌاريو. وڏيون مڇيون، وڏو پٽڪو، گهوڙي تي چڙهي آيو هو، وڏيرو وڏيرو ٿي چيائونس، انهيءَ وڏيري سالوءَ ۽ پٽس سوڍي کي ورتو ۽ ٻيا به اَٺ نوَ همراهه ساڻ ڪري وڃي پاڻي وهايائون. پڇڙيءَ ۾ پاڻي لٿو، ته جوان پنج-ست اچي سهڙيا. اڃا ڳنڍو هيٺ تي لوڙهيائون مس، ته سوڍي هڪل ڪَــين ته: ’متان پاڻي وهايو اَٿوَ..... حساب ڪتاب ڪري، پوءِ پاڻي هيٺ نيو!‘ هتان به هڪل سان هڪل ٿي.... ۽ جهليندي ئي سوڍي کي جو ٻه هٿڙي ڪري ولوءَ ڪهاڙي هنئي، ته سِري وڃي پرتي پئي! پوءِ ته هئي ڪهاڙين جي راند ...... نيٺ ٻيا سڀ ڀڄي ويا ۽ سالو به ڌڪجي اتي پئجي رهيو. پڇڙي وارا پاڻي وهائي ويندا رهيا. پاڻي ته پاڻيءَ جي ماڳ، سالوءَ پنهنجي ڪونڌر پٽ ڪُــهائي وڌو. جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن سالوءَ جي رڙيون ڪيون، سي اڄ به مون کان نٿيون وسرن. ٿوريءَ دير کان پوءِ سندس لڏو به اتي سهڙيو...... جهنگ ۾ ڪهرام مچي ويو. آخر سالوءَ کي سمجهائي، لاش کڻائي سڀئي گهر روانا ٿي ويا. سوڍي جي ماءُ جو پار ڪڍي روئڻ ۽ سالوءَ جي دردناڪ اوڇنگارن، اسان جي دل ۾ ڏاڍا وڍ وڌا....... ائين پيا چاهيو ته جيڪر انهيءَ وڏيري جي مُـــنڍي موت کي ڏيئي سوڍي جي ساهه کي ورائي اچي سالوءَ جي حوالي ڪريون-پر، اسين ڪڻڪ جا ٻوڙا، ائين ڪٿي ٿي ڪري سگهياسين؟ ڪاش اسين ڄمون ئي نه ها.....؟،

مانيءَ جو ڳڀو، ايترو چئي، خاموش ٿي ويو، سندس درد انگيز داستان ٻڌندي، منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو. اسين ٻئي ڪجهه وقت خاموش هئاسين. پوءِ وري هن پاڻ ئي چوڻ شروع ڪيو:

”پورن اٺن ڏينهن کان پوءِ..... ساڳيو سالو، هٿ ۾ لٺ کنيو، ٽلڪندو ٽلڪندو اچي اسان وٽ نڪتو. اهو اڳوڻو دم خم موڪلائي ويو هئس، منهن ۾ ايترا ته گهنج پئجي ويا هئس ڄڻ ته مٿس ڪڏهن خوشيءَ جو پاڇو به ڪو نه پيو هو. اَڏن ۽ نائڪن جي ٻنن تي سوڍي جا پير ڏسي، ور ور ڪري پئي رنائين. جڏهن اوچتو ڪو هوا جو جهوٽو ٿي آيو، ته به اسان اوچو ڳاٽ ڪري لهرايو نٿي، رڳو انهيءَ ڪري ته متان اسان کي لڏندو لمندو اوچي قد ڏسي، پٽس جا اهي لفظ ياد پونس، جيڪي هو اسان جي وچ ۾ بيهي سالوءَ کي چوندو هو: ’بابا، ڏس ته سهي، مون کي ڪڻڪ اُرهه تي ٿي اچي!‘ چئن ايڪڙن ۾ پکڙيل فصل مان، سالو نيٺ روئندو گهر ڏانهن ويو.“

”.....پيٽ جي هڻ هڻان ۾ شايد ٻيون سڀ ڳالهيون وسريو وڃن....... جڏهين اسين آڀو ٿياسين، ته هو اسان کي ڏسي خوش ٿيندو هو. ٺاهي لابارو لاهي ڪُـــٽي سَٽي، ٿورن ڪَـــڏن کان سواءِ، اسان کي راهــِه ٺاهي کڻي ڇڏيائين. بٽئيءَ جو ڏينهن آيو ۽ سالو به پنج- ڏهه ڳوڻيون کڻي اچي کري ڀيڙو ٿيو. ايتري ۾، انهيءَ ڏينهن نه، جيڪو نئون ماڻهو آيو هو، سو وري به گهوڙي تي چڙهي آيو . ڏاڍي پئي ڄمت رکيائين، ڄڻ ته فصل کي پاڻ هٿن سان پوکيو هئائين! اوريون پريون بنديون کڻي، ڌڻي بنجي اچي کٽ تي چڙهي ويٺو. الائي ڪهڙا ڪهڙا بل چاڙهي، سڄي ٻار- جي ٻار کڻي پنهنجين ڳوڻين ۾ ڀرتي ڪرايائين. سالوءَ ويچاري ڏاڍيون ليلاٽيون ڪيون، ڄڻ ته پني پيو. نالا، پلاند.....، چويس پيو: ’رئيس، خدا جي واسطي ائين نه ڪريو! ڪَـــتيءَ جو حساب ڪَــــتي تي رکو. اوهان جو انجام به اهو هو. منهنجن ٻچن تي ڪهل ڪريو! اوهين به اولادي آهيو.‘ پر هن جي دل ۾ رحم جي رتي  ڪانه هئي. آخر ۾ رهيل ڪڏا سالوءَ کي نصيب ٿيا....... باقي ٿيو ڀلو. شام جو جڏهن هن ڪڏن جي ڳوڻ ڀري، آخري حسرت ڀري نظر اسان تي وڌي، تڏهن اسان کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هو نظر ئي نظر ۾ ائين چوندو هجي ته :’اي ڪڻڪ جا داڻو! اوهان کي ياد هوندو، ته مون ان ڏينهن پنهنجي ننڍڙي معصوم کي بکيو سمهاري ڇڏيو..... سياري توڙي اونهاري، پيرين پٺيءَ اگهاڙي، راتين جو لُــنڊيون لتاڙي، مون اوهان جي حفاظت ڪئي، پوءِ به اهي ڪڏا، ۽ بس....!‘ بس ان وقت جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟ دل ۾ پيا چئون ته جيڪر اسان کي باهه لڳي وڃي، سڙي رک ٿي وڃون. پر ائين ڪو نه ٿيو. اڃا سالوءَ ڪڏن جي ڳوڻ پئي کنئي، ته ساڳيو ننڍڙو نينگر اچي چنبڙيس. چوڻ لڳس: ’ابا، اَنُ ڏي، ڀڳڙا وڃي وٺان، بک لڳي آهي. سالو روئڻهارڪو ٿي ويو. ڪڏن جي ڳوڻ ڏانهن اشارو ڪري، هيترو چئي، پٽ کي ساڻ وٺي، ويندو رهيو، ’پٽ، هيءُ پير جو ٽويو آهي، وڏيرو ڳالهائيندو! هل ته گهر ٿا هلي شيءَ وٺون.‘

”.....اسان کي کڻي اچي ڀانڊي ڀيڙو ڪيائون. آخر انهيءَ ڳوڻ جو وارو به آيو، جنهن جي اٽي مان آءُ بنيس. ان ڏينهن رئيس کي ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻو هو، سو ماني لاءِ پئي تڪڙ ڪيائين. ان لاءِ، گهڻو گيهه وجهي، اُڦراٽو پچايائون. دٻڪيءَ ۾ وجهي، مکڻ جو چاڻو مٿانئس رکي، جيئن ئي ننڍي نينگر رڌڻي مان ٻاهر ٿي نڪتي، مون قدرت کي آخري حجت جو سوال ڪيو: ’تو وٽ به انڌير آهي....، ڪمائي هڪڙن جي کائين ٻيا! انهيءَ کان ڪاري ڪتي جي پيٽ ۾ وجهينم، باقي هن حرامخور جو لقمو نه بناءِ.....!‘ جيئن نينگر اڳتي وڌي، منهنجي دل وڌيڪ ٿي سڙي ۽ کامي...... وڏيري هٿ به وڌايو..... بس اها ئي گهڙي هئي.... اوچتو ئي اوچتو، هڪڙي ڪانوَ مٿان اچي پر کنڊيريا، ۽ هڻندي ئي جهپ، کڻي وٺي اُڏاريم! وچ تي ٻيا ڪانو به اچي ڀائيوار ٿيس، ۽ مون کي ڇني ڳڀي جي صورت کڻي ڏنائون. ڪجهه ٽڪر هيٺ ڪريا، سي ڪُـــتن کي نصيب ٿيا. وڏيرو صاحب، منهن ڀيلڙو ڪري، ڳچ تائين ڪانوَن ڏانهن نهاريندو رهيو. پنهنجو لقمو ائين کسبو ڏسي، سڙيو پوسريو، ته گهڻو ئي هوندو، پر هاڻي ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟..... اهو ساڳيو ڪانءُ، جنهن کي تو اُڏائي ڇڏيو- هن تنهنجي وڻ تي اچي ويٺو هو، ۽ مون کي پَـــٽڻ جي ٿي ڪيائين، ته آءُ سندس چهنب مان ڇڏائجي اچي تنهنجي پيرن ۾ پيس. ڏاڍو ڌڪ لڳو اٿم. لڱ لڱ پيو سور ڪريم! ڏاڍي خوشي ٿيندم، جيڪڏهن تون مون کي ڇنڊي ڦوڪي سالوءَ جي ننڍڙي نينگر کي ڳولي، ان جي هٿن تائين پهچائي ڇڏين! هو هينئر به منهنجي لاءِ روئندو هوندو.....!“

منهنجو وارُ وارُ ڪانڊارجي ويو. مانيءَ ڳڀي لاءِ واجهائيندڙ بيشمار معصومن جون ٻاڪارون، منهنجي ڪنن ۾ گونجي ويون .... هزارن سالن کان بکن ۾ پاهه ٿيندڙ انسانن جو هڪ طويل سلسلو منهنجن نگاهن مان گذري ويو- بي اختيار، منهنجي زبان مان نڪري ويو: ”يقين رک، مون کي معلوم آهي، ته تون هڪڙي سالوءَ جي نينگر کي نٿو کپين. پر اهڙا لکين سالو ۽ انهن جا بکايل ٻارڙا، نماڻن نيڻن سان تو لاءِ واجهائيندا ٿا رهن....... اڄ کان پوءِ آءُ تو سان انجام ٿو ڪريان، ته تو کي هزارن ورهين کان پنهنجي اپائيندڙ کان پري رکڻ ۾ جيڪي مڪر ۽ فريب جون جابر طاقتون استعمال ٿينديون پئي رهيون آهن، تن کي ننگي ڪرڻ لاءِ آءُ پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين جدوجهد ڪندو رهندس!“

مانيءَ ڳڀي جي چپن تي اطمينان جي مُـــرڪ ڇائنجي ويئي، ۽ چيائين: ”مبارڪ منهنجا محسن!.....شل تون ڪامياب ٿئين!“

 

 

”گل ڦل“ – آڪٽوبر 1979

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com