سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :1

”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

دين محمد ڪلهوڙو

 ڇپائيندڙ پاران

 ٻارَ، سماج جي ايندڙ اڏاوت جا بنياد ۽ معمار ٿين ٿا، تنهنڪري انهن جي ذهني ۽ جسماني تربيت ۽ نشونما به ايترو ئي توجهه لهڻن ٿيون، جيترو هڪ مضبوط عمارت جي اڏاوت لاءِ سُٺي سِرَ جو هجڻ ضروري آهي. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا وڏا آهن، تنهنڪري انهن جو ذهني ۽ جسماني طرح چُست ۽ ذهين هجڻ بيحد ضروري آهي. هن خير جي ڪم ۾ نه رڳو والدين ۽ استادن تي، پر ملڪ جي ادارن تي به فرض ٿئي ٿو، ته اهي ملڪ ۽ قوم جي نئين ترقي ۽ تعمير لاءِ ٻارڙن تي دل جان سان ڌيان ڏين. ٻارڙن جي هر طرح سان سار سنڀال لهن، هنن جي بهتر تعليم، تربيت ۽ تفريح سميت ٻين بنيادي ضرورتن کي به پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ڇو ته سنڌي سماج کي جتي مثالي ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل، جج، صحافي، بيوروڪريٽ ۽ سياستدان وغيره گهرجن ٿا، ته اُتي باشعور تخليقڪارن جي به اشد ضرورت رهي ٿي، ڇو ته  تخليقڪار نه رڳو ڪائنات جي سمورن لقائن، مظهرن ۽ رازن کي عيان ڪري ٿو پر هو انهن جي اهميت کان به اسان کي واقف ڪري ٿو. مجموعي طرح هن نيڪ ڪم ۾ اسان جا علمي، ثقافتي ۽ ادبي ادارا ئي اڳتي اچي سگهن ٿا. اڄ جي ٻارڙن جي علمي ۽ ادبي تربيت ڪرڻ لاءِ اهڙا دلچسپ علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڪتاب دستياب ڪري ڏنا وڃن، جن سان ٻارڙن جي علمي ۽ ادبي ذوق وڌيڪ پختو ٿئي ۽ خاص طور تي منجهن تخليقي صلاحيتون به اجاگر ٿين. ڇو ته صحتمند ۽ معياري علم و ادب پڙهندڙ اڄ جو ٻار سڀاڻي جو سٺو تخليقڪار ۽ عالم بڻجي سگهي ٿو، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي.

ڪتاب ’گل ڦل‘ چونڊ ڪهاڻيون اڄ جي نئين نسل جي ذهني ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي هڪ ورتل بنيادي ڪوشش آهي. هن مجموعي ۾ اهي ئي ڪهاڻيون شامل آهن، جيڪي ”گُل ڦُل“ ۾ ڇپيون ويون آهن. بورڊ جي پبليڪيشن شعبي جي ورڪر مسٽر دين محمد ڪلهوڙي هنن ڪهاڻين کي سهيڙي ۽ ايڊٽ ڪري ٻارڙن لاءِ هڪ سهڻو ۽ دلچسپ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. مسٽر هارون چنه ڪهاڻين جا اسڪيچ تيار ڪيا ۽ بورڊ جي پبليڪشن آفيسر عبدالحفيظ قريشي انهن اسڪيچن جي سيٽنگ ڪري ڪتاب کي ديده زيب بنايو. هن ڪتاب ۾ هر قسم جي ٻارڙن جي ذهني معيار جو خيال رکيو ويو آهي. اميد ٿي ڪجي، ته مسٽر دين محمد ڪلهوڙي صاحب جي هيءَ محنت اڳتي هلي ضرور رنگ لائيندي.

ويجهڙ واري دور کان بورڊ جي اها پوري ڪوشش هلي رهي آهي، ته سنڌ  جي ٻارڙن جي علمي ۽ ادبي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کين اهڙو علمي ۽ ادبي ماحول مهيا ڪري ڏنو وڃي، جنهن سان ٻارڙن جي نه رڳو علمي ۽ ادبي صلاحيتن جي آبياري ٿئي، پر گڏو گڏ مثالي ٻار بڻائڻ ۾ به کين هٿي ملي. هن سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير ۽ بورڊ جي چيئرمين جناب پير مظهر الحق صاحب جن جون ته خاص هدايتون ۽ احڪام مليل آهن. اسان جي به دلي خواهش آهي، ته پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن جي هر لحاظ کان خبر چار لهون.

 پروفيسر سيد زوار حسين شاهه نقوي

 سيڪريٽري

   سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو، سنڌ

خميس 14- ذوالقعد 1429هه

بمطابق 13 نومبر 2008ع

 

ارپنا

ڌرتيءَ جي سمورن

ابهم، نڌڻڪن ۽

اڻپڙهيل ٻارڙن جي نانءَ

 

دين محمد ڪلهوڙو

 

پيش لفظ

جديد ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ ڪردار نگاريءَ جي فن، جا ترقي ڪئي آهي، ان جو مدار انساني شعور جي ترقي يافته روين ۽ قدرن تي رکيل آهي، ڇو ته انسان، ابتدا کان پنهنجي شعور ۽ ادراڪ ذريعي ترقي پـذير کان ترقي يافته ۽ سڌريل دور ڏانهن سفر ڪندو پيو اچي. ڪهاڻيءَ جو فن جيئن، ته انساني سماج جو هڪ منعڪس رويو آهي، جنهن ڪري ان رويي به انساني شعور سان گڏوگڏ ترقيءَ جا مرحلا طئه پئي ڪيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته جديد ڪهاڻي پنهنجي ارتقائي سفر ۾ موضوع کان ويندي مڪالمه نگاريءَ ۽ منظم نگاريءَ تائين، ترقي ڪئي آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار، مڪالمه ۽ منظر وغيره هڪٻئي کان الڳ نه ٿيندا آهن، پوءِ اها چاهي جديد ڪهاڻي هجي يا اوائلي مافوق الفطرت ڪهاڻي. البت انهن جي طبيعت ۽ مزاج ۾ وقت ۽ حالتن پٽاندر فرق اچي سگهي ٿو.

اوائلي ڪهاڻيءَ ۾ ڏسبو، ته اُن جا ڪردار به اُن دور جي مافوق الفطرت روين کان متاثر ٿيل نظر ايندا، پر جديد دور ڪهاڻيءَ ۾ موضوعن جي نواڻ، تلخ حقيقتن ۽ سچن واقعن، طلسماتي ۽ فينٽسي ڪهاڻيءَ جو خاتمو آڻي ڪردارن کي حقيقي معنيٰ ۾ جدت، سونهن ۽ نُدرت بخشي آهي. حالانڪه آڳاٽين ڪهاڻين ۾ جنن، پرين ۽ ديون جي داخلا اجائي نه هئي، پر اهو اُن دور جي انساني شعور مان ڦٽل هڪ منعڪس رويو هو، جنهن سان ان دور جي ڪهاڻيڪارن جهڙوڪر ڪهاڻين ۾ نه رڳو انساني نفسيات جي تاريخ سهيڙڻ جو ڪم ڪيو، پر ان رويي ذريعي انساني نفسيات ۾ جرئت ۽ بهادري پيدا ڪرڻ جي هڪ ڪوشش به ڪئي.

حالانڪه ڪهاڻي فقط ڪهاڻي ٿيندي آهي، ٻاراڻي ڪهاڻي نه ٿيندي آهي. ڪتاب ۾ لفظ’ٻاراڻيون‘ رڳو اِن لاءِ لکيو ويو آهي، ته جيئن خبر پوي، ته هيءُ ڪتاب خالص ٻارڙن لاءِ لکيو ويو آهي. دراصل اهو به هڪ سماجي رويو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻين جي سطح کي ٻارڙن جي دلچسپيءَ سان ملحوظ رکيو ويندو آهي.

ٻاراڻي ادب ۾ ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي، پر تنهن هوندي به ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ انفرادي طرح ڪوششون ورتيون ويون آهن ۽ ٻارڙن لاءِ ماهوار رسالا ۽ مخزن ڇپجن ٿا، پر اهي ڪوششون، سرڪار طرفان پذيرائي نه ملڻ سبب عارضي ٿين ٿيون، ڇو ته ٻارڙن جي اهڙي سلسلي کي مستقل هلائڻ لاءِ باقاعده هڪ نيٽ ورڪ هئڻ گهرجي ۽ اهو ڪم سرڪاري سطح تي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو.

سنڌ ۾ سرڪاري طرح، ٻاراڻي ادب جي ترجماني ڪندڙ صرف هڪ ئي ماهوار رسالو ’گُل ڦُل‘ آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان جنوري 1959ع ۾ جاري ڪيو ويو، جو اڃا تائين  هر مهيني پنهنجي آب و تاب سان نڪرندو رهي ٿو. سنڌ سرڪار طرفان ٻاراڻي ادب جو هيءُ ئي واحد ۽ ترجمان رسالو آهي، جنهن ۾ ٻارڙن جون لکڻيون ڇپجن ٿيون ۽ انهيءَ عمل سان ننڍڙن اديبن جي همت افزائي به ڪئي وڃي ٿي، جو هڪ نهايت چڱو ۽ واکاڻ جوڳو عمل آهي.

جن ڏينهن ۾ آءُ انچارج ايڊيٽر ’گُل ڦُل‘ ٿيو هئس، ته انهن ڏينهن ۾ ”گل ڦل“ کي ٻارڙن لاءِ هڪ مثالي تنظيم بنائڻ لاءِ ڪي رٿائون جوڙيون، جن تي ڪن سببن جي ڪري عمل نه ٿي سگهيو. مقصد اهو هو، ته انهن رٿائن وسيلي عملي تعليم ۽ تربيت ذريعي سٺا ذهن پيدا ڪجن، جيڪي نئين سنڌ جي تعمير ڪري سگهن.

هن وقت هيءُ رسالو ٻاراڻي ادب جي اوسر ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن جو ڪريڊٽ سنڌي ادبي بورڊ جي لائق وائيس چيئرمين جناب شيخ عزيز صاحب ۽ سيڪريٽري جناب سيد زوار حسين شاهه نقوي ڏانهن وڃي ٿو، جن صاحبن ذاتي دلچسپي وٺي، ٻاراڻي ادب لاءِ ڪوششون ورتيون آهن، نه ته هن ڪتاب جو ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچڻ محال هو.

هن مجموعي ۾ ٻارڙن لاءِ ترتيب ڏنل ڪهاڻيون جديد دور جون لکيل ڪهاڻيون آهن، جيڪي گهڻو ڪري 60 واري ڏهاڪي کان پوءِ لکيون ويون آهن ۽ ماهوار ”گُل ڦُل“ ۾ ڇپيون ويون آهن، جن مان ڪجهه ڪهاڻيون پرڏيهي ادب مان ترجمو ٿيل آهن، باقي ڪهاڻيون اصلوڪيون ۽ طبعزاد آهن.

هن ڪتاب ۾ ”منهنجو ڪير؟“ ۽ ”امان ! مان اسڪول ڪو نه ويندس،“ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون آهن ۽ هنن ڪهاڻين جي پڙهڻ لاءِ ٺيڪ ٺاڪ گردو ۽ جگر کپي! ڇو ته اهي ٻئي ڪهاڻيون ٻاراڻي معيار کان ڪي قدر مٿي آهن، پر جيئن ته اهي ”گُل ڦُل“ ۾ ڇپيل آهن ۽ ٻيو ٻارڙن متعلق ئي لکيل آهن، تنهن ڪري انهن کي هن مجموعي ۾ جيئن جو تيئن شامل ڪيو ويو آهي، ته ڀلي هن ڪتاب مان رڳو ٻارڙا نه پر وڏا به عبرت ۽ نصيحت حاصل ڪري سگهن. جمال ڀنڊ جي ڪهاڻي ”ماني ڳڀو“ جناب شوڪت حسين شوري جي راءِ مطابق،  اها جيتوڻيڪ فينٽسي ڪهاڻي آهي، پر چڱي سمجهه وارن ٻارڙن جي لاءِ دلچسپيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي، ان ڪري هن ڪهاڻيءَ کي به شامل ڪيو ويو آهي. ”هڪ هرڻيءَ جي ڳالهه“ ۾ حميد سنڌيءَ ديس واسين کي هڪ پيغام ڏنو آهي، جنهن ڪري ان ڪهاڻيءَ کي مجموعيءَ جي زينت بڻايو ويو آهي. هن مجموعي ۾ مون پنهنجي لکيل ڪالم ڪهاڻي ”عنايت جون خبرون“، جيڪا ”گُل ڦُل“ ڊسمبر 2004ع جي شماري ۾ ڇپي هئي، کي به شامل ڪرڻ ٿي گهريو، پر ڪن دل گهُـرين دوستن، ڪهاڻيءَ کي پڙهي راءِ ڏني، ته اها ڪالم ڪهاڻي آهي، جا ڪهاڻيءَ جي فارميٽ ۾ فٽ نه ٿي ٿئي، دوستن جي انهيءَ راءِ کي اهميت ڏيندي، اُن ڪهاڻيءَ کي مجموعي ۾ شامل نه ڪيو ويو. بهرحال مان ڪو عالم ته نه آهيان، جو هرو ڀرو اُن تي بحث ڪريان، پر مان ايترو سو ضرور ڄاڻڻ گهران ٿو، ته مضمون جي لحاظ کان ڪالم ڪهاڻي، ڪهاڻيءَ جي ڪنهن به جنس ۾ اچي ٿي يا نه؟

ويجهڙ واري عرصي ۾ پروفيسر نثار احمد نوراني صاحب جون لکيل ’قرآني ڪهاڻيون‘ ”گُل ڦُل“ ۾ سلسليوار ڇپيون آهن، نوراني صاحب، قرآني قصن کي ٻارڙن لاءِ دلچسپ بڻائي ڪهاڻيءَ جي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي هڪ سٺي محنت ڪئي آهي. منهنجي تجويز آهي، ته اهي ڪهاڻيون مجموعي جي صورت ۾ بورڊ انتظاميا کي ڇپڻ گهرجن.

آخر ۾ آءُ، مانَواري سائين شيخ عزيز وائيس چيئرمين، سائين زوار حسين نقوي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ مانواري پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جو تهه دل ٿورائتو آهيان، جن هن رٿا کي منظور ڪري مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو. جناب شوڪت حسين شوري صاحب جو، ته آءُ قدري احسانمند آهيان، جن صاحبن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون بچائي، هن مسودي کي  نظر مان ڪڍيو ۽ پنهنجن مفيد مشورن کان نوازيو. هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ مهربان دوست حفيظ قريشيءَ جو به وڏو هٿ آهي. انهن مڙني لائق دوستن ۽ احبابن جي قدري مهربانين سان ٻارڙن لاءِ لکيل هي ڪهاڻيون، مجموعي جي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتيون آهن. هاڻي پڙهندڙ حضرات تي ڇڏيل آهي، ته اهي هن مجموعي تي ڪهڙي راءِ ڏين ٿا.

 

واپڊا ڪالوني، ڄـام شورو                               دين محمد ڪلهوڙو

13- نومبر 2008ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com