سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ”گل ڦل“ چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو :4

 

نٺر نينگر

حبيب الله رحيم بخش مرزا

گهڻي وقت جي ڳالهه آهي، مان تڏهن حيدرآباد واري ’گورنمينٽ هاءِ اسڪول‘ ۾ ماستر هوندو هئس. اسان جو هيڊ ماستر هڪ قابل ۽ شريف استاد هوندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، مون کي سڏائي چيائين: ”ادا، هينئر مون کي انسپيڪٽر آف اسڪولس وٽان فون آئي آهي، اُن صاحب کي جناب ڪمشنر صاحب حڪم ڪيو آهي، ته سندس بنگلي تي اهڙو ڪو استاد موڪلي جو تجربي وارو ماڻهو هجي ۽ جنهن کي سنڌي ٻولي چڱيءَ طرح سان ايندي هجي.“ وڌيڪ چيائين ته: ”منهن جي مرضي آهي، ته اوهان ئي اهو ڪم سرانجام ڏيو.“

مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. تجربي وارا ۽ سنڌي زبان جا ڄاڻو ته گهڻائي استاد هئا، پوءِ مون کي ان ڪم لاءِ ڇو منتخب ڪيو ويو هو! بهرحال مون پنهنجي محسن هيڊ ماستر صاحب کان ائين پڇيو، ته آخر ڪهڙو سبب هو، جو ڪمشنر صاحب مون کي پنهنجي بنگلي تي سڏائي رهيو هو؟ پر هن صاحب ان جو ڪو به خاطر خواهه جواب نه ڏنو. مون کي اچي هورا کورا لڳي، سو مون کيس ائين عرض ڪيو، ته مون کي ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر سان فون تي ڳالهرايو وڃي، ته مان ساڻس ڳالهايان. هيڊ ماستر فون ڪئي، پوءِ فون رکي چيائين: ”انسپيڪٽر صاحب اوهان سان نه ٿو ڳالهائي، باقي ائين چوي ٿو، ته اوهين ضرور ايندا.“

هڪ ٻيو استاد جو اتي سائنس پڙهائيندو هو، ۽ منهنجو دوست به هو، تنهن چيو: ”ادا، هڪ اهڙي استاد کي ان لاءِ طلب ڪيو ويندو آهي، جو هُو ڪجهه سمجهائي، يا سيکاري. اوهان استاد آهيو، مان ته ائين چوندس ته اوهان وڏي ٺاٺ سان وڃو، ٿي سگهي ٿو، ته ان ۾ ڪا فائدي جي ڳالهه هجي.“

ڪمشنر صاحب جو بنگلو ڪافي پري هو، مون کي اوڏانهن ئي وڃڻ لاءِ چيو ويو هو. مون هڪ ٽانگو ڀاڙي تي ڪيو ۽ هيڊ ماستر صاحب کان اجازت وٺي، جناب ڪمشنر صاحب جي بنگلي جو رخ ڪيم. ان مهل ڏينهن جا يارنهن يا ٻارنهن وڳا هئا ۽ ڏينهن به ڏاڍو گرم هو.

        بنگلي تي پهچڻ کان پوءِ معلوم ٿيم، ته صاحب بهادر ڪيڏانهن ٻاهر هليو ويو آهي. مون کي ٻڌايو ويو، ته مان سندس ’نائڪ‘ سان ملان ۽ ڪجهه دير لاءِ انتظار ڪريان. مون ائين ئي ڪيو. ڪمشنر صاحب جي بنگلي جي اُڀرندي طرف هڪ ننڍي ڪوٺي ٺهيل هئي. شايد ڪنهن زماني ۾ اهو طنبيلو ٺهيل هو، مون کي ان طرف اماڻيو ويو. ڇا ڏسان ته چند ماڻهو، جي ظاهريءَ طرح عرضدار هئا، ان ڪوٺيءَ ۾ ويٺا هئا. ڪوٺيءَ ۾ ٻه – چار پراڻيون ڪرسيون ۽ هڪ آرام ڪرسي رکيل هئي مان هڪ ڪرسيءَ تان مٽي ڇنڊي ويهي رهيس.

ٿوريءَ دير کان پوءِ، صاحب جو نائڪ آيو. کيس مٿي تي خاڪي رنگ جو پٽڪو، اڇي ميري قميص ۽ خاڪي شلوار پيل هئي. مون سان ائين ڳالهائڻ لڳو، جيئن ڪو پوليس آفيسر ڳالهائيندو هجي، مون ٻڌايومانس، ته مان پاڻ نه آيو آهيان، مون کي هتي گهرايو ويو آهي. پوءِ ٿورڙو سوچي چيائين:

”هائو هائو، مون سمجهيو. اوهان ماستر صاحب آهيو. اوهان کي صاحب بهادر جي ننڍي فرزند کي پاڙهڻ لاءِ گهرايو ويو آهي. ٺيڪ ٺيڪ، اوهين انتظار ڪريو، مان اچان ٿو.“

شايد نائڪ کي وڏي صاحب جي ماني ٽڪيءَ جو انتظام ڪرڻو هو، جو هو اتان اُٿي پرڀرو، بورچيخاني جي طرف ويو هليو. مان ان پراڻيءَ ڪرسيءَ تي پُــٺي ٽيڪي آرام ڪرڻ لڳس. پنجن_ ستن منٽن کان پوءِ وري نائڪ آيو ۽ منهنجي ڀر ۾ اچي ويٺو. هاڻي سندس ورتاءُ هڪ پوليس واري جهڙو نه هو. هاڻي هو کِــلي کِــلي ڳالهائي رهيو هو. مون  کي چيائين:

”سائين، منهنجو به هڪ پُــٽڙو آهي، اهو پڙهندو آهي، جي اوهان کيس ٽيوشن ڏيو، ته واهه واهه ٿي وڃي.“

مون کي عجب به لڳو ۽ خار به آيم. منهن ۾ گنڊ وجهي چيم: ”مان ڪنهن کي ٽيوشن نه ڏيندو آهيان.“ وڌيڪ چيم: ”جيڪڏهن وڏو صاحب گهر ۾ نه آهي، ته مان واپس وڃان ٿو. منهنجو هتي ويهڻ ضروري نه آهي.“

تڏهن يڪدم چيائين: ”سائين خفي نه ٿيو. صاحب نه آهي ته ڇا ٿيو، اسين جو ويٺا آهيون. اسين اوهان جا خادم آهيون.“

سمجهيو هوندائين، ته هڪڙو شريف ماڻهو ملي ويو اٿم. ڪم از ڪم پٽ جي لاءِ ٽيوشن جو ڪم ته کانئس وٺان. يڪا يڪ بنگلي جي طرف کان کيس سڏ ٿيو. ان مهل هڪ موٽر به اچي گيٽ وٽ بيٺي. ان مان صاحب وڏي جا ڪِـــڪا ۽ ڪڪيون لٿا، جي ڪتابن جا بُـــجڪا لوڏيندا اندر بنگلي ۾ آيا.

نائڪ اٿيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ وري واپس آيو. اچڻ سان چيائين: ”سائين اُٿو، هلو.“

مون پڇيومانس: ”ڪيڏانهن هلان.“ جواب ڏنائين: ”اندر بنگلي ۾“.

 مون چيو : ”صاحب ڪونهي. مان اندر نه ويندس.“

ڏٺم ته بنگلي جي اڳ واري دروازي وٽ هڪ عورت بيٺي هئي. شايد صاحب جي بيگم هئي. مون ڏي ائين نهاري رهي هئي، ڄڻ ته سڏ ٿي ڪيائين.

مان اٿيس، سندس ويجهو آيس. انگريزيءَ ۾ چيم : ”آءُ هاءِ اسڪول جو ٽيچر آهيان. مون کي هتي گهرايو ويو آهي.“

بيگم صاحبا جهڙي صورت جي موچاري هئي، اهڙي طبع جي چڱي ٿي ڏٺي. مون کي اندر وٺي ويئي ۽ وڃي هڪ ڪمري ۾ وهاريائين. اهو ڪمرو ٻين ڪمرن کان ذرا ننڍو ٿي لڳو، شايد اڀياس جو ڪمرو هو. مون کي ويهاري مائي ڪيڏانهن وئي هلي. مان اڪيلو ويٺو رهيس.

ٿوري دير کان پوءِ مائي صاحبا هڪ ستن- اٺن ورهين جي نينگر کي پاڻ سان گڏ وٺي آئي. نينگر کي منهنجي ڀر ۾ ويهاري چيائين:

”ماستر صاحب، هن کي سنڌي نه ٿي اچي. اوهين سندس مدد ڪريو. کيس ڪجهه قدر سنڌي سبق سمجهايو.“

مون ڇوڪر کان هڪ – ٻه سوال پڇيا ۽ ائين چيم، ته هو ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيو هو. هن پنهنجي ٿيلهي مان ’سنڌي ٻاراڻو ڪتاب‘ ڪڍي منهنجي اڳيان رکيو. مون سوچيو، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کي پاڙهڻ لاءِ جناب ڪمشنر صاحب کي ڪيتري نه تڪليف وٺڻي پئي. اسڪول جي انسپيڪٽر کي فون ڪيائين ۽ ان کان هڪ استاد جون خدمتون ورتائين وغيره. وري خيال ڪيم ته ڪو ٻيو ماڻهو هٿ لڳين ها، ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها.

مان جو هتان ڏاڍي ٺٺ سان سنڀري آيو هئس سو ڪتاب کولي ڇوڪر کي سيکارڻ لڳس. ڇوڪر به ڪو ڏنگو نينگر هو. امالڪ، قميص لاهي کڻي اڇلايائين. مون پڇيومانس: ”قميص ڇو لاٿي اٿئي؟“ ته يڪدم انگريزي ۾ چيائين: Sir, its too hot”

خيال ڪيم ڪرسچن اسڪول جو ڪِــڪو آهي. هن سان جيڪڏهن حرفت سان پيش نه اچبو، ته ڳالهه نه ٺهندي. سو مان کيس ڏاڍي بردباريءَ سان سيکارڻ لڳس. ان وچ ۾ ڇوڪر جي ماءُ اٿي ڪيڏانهن هلي وئي هئي.

مون محسوس ڪيو ته برابر گرمي هئي. اڃ به ڏاڍي لڳي هئم، ته به مان هڪ هڪ ڪري ان ننڍي ڪتاب جا سبق، نينگر کي پاڙهڻ لڳس.

جان ڏسان ته ڀر واري ڪمري ۾ شيشي جي پٺيان ڪو ماڻهو بيٺو آهي، ۽ اسان کي ڏسي رهيو آهي. اها ڇوڪر جي ماءُ ۽ وڏي صاحب جي بيگم هئي. شايد مائيءَ تسلي ٿي ڪئي، ته واقعي ڇوڪر پڙهي رهيو آهي. ڀلا، هڪ ڪمشنر جي بيگم هئي. ٻين سڀني کي پنهنجو زيردست ٿي سمجهيائين. ڪم از ڪم مون ائين محسوس ڪيو هو.

مان ته پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئس. پهريان پنج کن سبق تڪڙا تڪڙا پاڙهي ويس. پوءِ ٿڪجي پيس. سمجهيم ته ان مهل ٻه کن وڳا هئا. ڇوڪر کان پڇيم: ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ جواب ۾ شايد ’احمد علي‘ يا ’علي احمد‘ نالو ٻڌايائين. مان وري کيس پاڙهڻ لڳس، ته نه اها بيگم صاحبا ڏسڻ ۾ آئي، نه وري اهو نائڪ ٿي نظر آيم. ائين محسوس ڪيم، ته هتي اچي ڦاٿو هئس. وڏي ڳالهه ته ماني کائڻ جو وقت ٿي چُــڪو هو. پڪ هئم ته جتي آيو هئس اُتي چانهه ته پري جي ڳالهه پر، پاڻيءَ جي گلاس جي به اميد نه هئم. ڏاڍو ششدر ٿيس. جيڪا اميد رکي آيو هئس، اها ڳالهه ته وئي اوجهڙ ۾.

ڇوڪر اهڙو ڏنگو، جو جهڙوڪر سڄو ڪتاب ياد هئس، جنهن شيءَ جي معنيٰ پڇانس چئي: ”ها، ها. مون کي معنيٰ اچي ٿي“. پڪ ته پنهنجن استادن کي ڏاڍو تنگ ڪيو هوندائين. آيس ڪجهه به ڪين ٿي. پاڙهيندي پاڙهيندي هڪ لفظ تي اچي بيهي رهيس. ان جو بدل مون کي انگريزيءَ ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو، اهو لفظ ”سينهو“ هو. نينگر کي سمجهائڻ لاءِ جنسي، مٿي تي رومال ويڙهي رکيم ۽ چيم ته: ”اهڙي شيءِ رکي مٿان دلو يا دلي رکي ويندي آهي. هُـو پوءِ به نه پيو سمجهي. نيٺ ائين چئي مون کي خوش ڪيائين: ”هائو سائين مون اهو ڏٺو آهي. اڳتي پاڙهيو.“

مان ڇوڪر کي پاڙهيا به پيو ۽ هيڏي هوڏي به پيو ڏسان، ڊپ هئم متان ڪنهن دريءَ جي شيشي مان ڪو منهنجي ”سي. آءِ. ڊي“ نه ڪندو هجي. ڀلا اهڙو ڪمرو هو، جنهن کي چئني طرفن کان آدم قد شيشا لڳل هئا.

مس مس بيگم صاحبا آئي. مون کيس ايندو ڏسي يڪدم ٽپڙ ويڙهيا، اُٿي بيٺس ۽ چيم :”هاڻي آءُ وڃان ٿو.“ هُـــن ڪو به جواب ڪين ڏنو. ويندي ويندي چيم: ”ڇا، سڀاڻي به اچان؟“ تنهن تي چيائين: ”نه اوهان وري تڪليف نه ڪندا.“

مون به ائين چيو: ”اوهان جي ڪڪي کي ته گهڻوئي ڪي اچي ٿو، ڏاڍو ذهين نينگر آهي. سچ پچ کيس ٽيوشن جي ڪابه ضرورت ڪانهي.“

ائين چئي مان بنگلي کان ٻاهر آيس. اڳ کان نائڪ منهنجو رستو روڪيو بيٺو هو. مون کي ڏسڻ سان چيائين: ”سائين منهنجي پـٽڙي جي به پارت اٿوَ. اوهان سان پيا وهنداسين.“

دل ۾ خيال ڪيم، گاڏيءَ جو ڀاڙو ته ويو. هاڻي ڀڄي جند ڇڏايان متان ڪنهن ڏچي ۾ نه پوان. سو نائڪ کي نڪو ها چيم نڪو نه پنهنجو ٿيلهو ڪڇ ۾ ڪري پنهنجي گهر  جو رستو ورتم.

”جان بچي ته لک کٽياسين.“

”گل ڦل“-جون 1978ع

 

انگلستان جي ڪهاڻي

بادشاهه ۽ پادري

سنڌيڪار: مراد علي مرزا

 ڪنهن زماني ۾ انگلستان (برطانيا) تي هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. بادشاهه جو نالو ’جان‘ هو. اهو بادشاهه ظالم ۽ حاسد هوندو هو. هو سمجهندو هو، ته سڄي انگلستان ۾ مون کان سواءِ نه ڪنهن وٽ دولت هجي ۽ نه عزت! هِن کي جيڪڏهن ڪنهن شخص تي شڪ ٿيندو هو، ته ماڻهو هُــن جي عزت ڪن ٿا ۽ هُــن جي ڳالهه مڃن ٿا، ته پوءِ بادشاهه انهيءَ شخص جو دشمن ٿي پوندو هو ۽ هُــن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو.

هڪڙي ڀيري بادشاهه کي خبر پئي، ته ڪنٽربريءَ جي وڏي پادريءَ وٽ تمام گهڻو ڌن دولت آهي. هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان گهر ٺهرايو آهي ۽ هڪ سؤ ماڻهو نوڪر رکيا اٿس، جيڪي چيلهه سان سونا ڪمربند ٻڌن ٿا. انهيءَ کان سواءِ گهر ۾ هُــن تمام قيمتي سامان به گڏ ڪيو آهي. اهي ڳالهيون ٻڌي بادشاهه ’جان‘ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو پادريءَ سان حسد ڪرڻ لڳو. نيٺ هڪ ڏينهن هِن پادريءَ کي گهرايو ۽ چيائين: ”پادري! مون ٻڌو آهي، ته تنهنجو گهر منهنجي محل کان به وڏو آهي، ڇا اها ڳالهه سچي آهي؟“

پادريءَ هٿ ادب سان ٻڌي چيو ته: ”بادشاهه سلامت! اهو نسورو ڪوڙ آهي. سڀيئي ڄاڻن ٿا، ته آءُ ايترو دولتمند ڪونه آهيان. آءُ پنهنجي ڪمائيءَ کان سواءِ ٻئي جو پيسو به پاڻ تي خرچ ڪرڻ گناهه سمجهان ٿو“.

بادشاهه ’جان‘ وراڻيو ته: ”ڇا تون اهو چوڻ گهرين ٿو، ته آءُ ٻين جي دولت خرچ ڪريان ٿو؟ سمجهين ٿو ته ائين چئي، تو منهنجي بي عزتي ڪئي آهي، پر اهڙيءَ گستاخيءَ جي سزا موت آهي.“

پادري اهو ٻڌي گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو: ”بادشاهه سلامت! منهنجو مطلب هرگز اهو نه هو. مون ته رڳو ايترو چوڻ گهريو، ته ماڻهو مون بابت غلط ڳالهيون ڪندا رهن ٿا.“

پر بادشاهه ڪاوڙ وچان وراڻيو: ”انهيءَ هوندي به مون کي تنهنجي ڳالهائڻ جو طريقو بلڪل نٿو وڻي. انهيءَ جي توکي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر آءُ توکي هڪڙو موقعو ڏيان ٿو. جيڪڏهن تون منهنجن ٽن سوالن جا صحيح جواب ڏيندين، ته تو کي ڇڏي ڏبو، نه ته توکي قتل ڪيو ويندو.“

ويچارو پادري ڪري به ڇا ٿي سگهيو. تنهن ڪري هٿ ٻڌي چوڻ لڳو: ”بادشاهه سلامت! آءُ ڪوشش ڪندس.“

بادشاهه چيو ته :”پهريون سوال هيءُ آهي، ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟ هڪڙي هڪڙي پيسي جو حساب ڪري ٻڌائجانءِ. ٻيو سوال هي آهي، ته  جيڪڏهن آءُ گهوڙي تي سوار ٿي سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان ته گهٽ ۾ گهٽ ڪيترو وقت لڳندو؟ ٽيون سوال هيءُ آهي، ته هن وقت آءُ ڇا پيو سوچيان؟“

اهي سوال اهڙا، ته ڏکيا هئا جو انهن مان ڪنهن هڪ جو به جواب ڏيڻ پادريءَ جي وس جي ڳالهه نه هئي. تنهنڪري هن وري به گوڏن ڀر ڪري سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت گهري. بادشاهه ’جان‘ پادري کي مهلت ڏني ۽ پادري ســڌو آڪسفورڊ ويو، جتي وڏي يونيورسـٽي آهي ۽ وڏا عالم ۽ قابل ماڻهو رهن ٿا، پر اُتي به ڪنهن بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڏنا. اهڙيءَ طرح پادري ويچارو ڦيريون ڏيندو رهيو، پر ڪٿي به کيس ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو، جيڪو بادشاهه جي سوالن جا جواب ڏيئي سگهي. ٽن هفتن جي مهلت کي ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪي ٻه ٽي ڏينهن وڃي رهيا هئا.  پادري مورڳو پنهنجي زندگيءَ مان اچي بيزار ٿيو هو ۽ ڏاڍو اٻاڻڪو ۽ اُداس ٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. گهر ڏانهن ايندي رستي ۾ هن کي هڪڙو چارڻ مليو، جيڪو هن جا چوپايا چاريندو هو. چارڻ جو پادريءَ کي ملول ڏٺو، سو ادب سان سلام ڪري پڇڻ لڳو: ”سائين! بادشاهه جي درٻار جي ڪا خبر چار ڪريو.“

”خبر ڏاڍي خراب آهي“. پادريءَ وراڻيو: ”منهنجي حياتيءَ جا باقي ٽي ڏينهن وڃي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن ٽن ڏينهن ۾ آءُ بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڳولي سگهيس، ته پوءِ منهنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“

چارڻ پڇيو : .سائين! ”اهي ڪهڙا سوال آهن؟“

پادريءَ هن کي بادشاهه جا ٽئي سوال ٻڌايا. چارڻ سوال ٻڌي چيو: ”سائين! اوهين ڪابه ڳڻتي نه ڪريو. اوهاب ٻڌو ڪونهي، ته ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ماڻهو به عقل جي ڳالهه ڪندا آهن. اوهان مون کي پنهنجو گهوڙو، پنهنجو لباس ۽ چار نوڪر ڏجو. آءُ اوهان جا ڪپڙا پائي بادشاهه وٽ ويندس ۽ سندس سوالن جا جواب ڏيندس.“

پادريءَ کي اها ڳالهه نه وڻي، ته هڪ اڻپڙهيل چارڻ سندس لباس پائي. هن ويچار ڪيو، ته جن سوالن جا جواب هو پاڻ نه ڏئي سگهيو، اهي سوال جيڪڏهن هڪ چارڻ ڀڃي ٻڌائيندو، ته پوءِ اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه چئبي، پر لاچاري هئي، تنهنڪري چارڻ جي ڳالهه مڃي پادريءَ هن کي پنهنجا ڪپڙا، گهوڙو، ڪي پيسا ۽ نوڪر ساڻ ڏنا ۽ پاڻ گهر هليو ويو.

چارڻ پادريءَ جو ويس ٺاهي شهر ويو ۽ بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هن کي پادري سمجهي منهن ئي ڪو نه ڏنو ۽ سختيءَ سان چيائين ته :”سڀاڻي درٻار ۾ سڀني جي اڳيان تو کي منهنجي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن تو صحيح جواب ڏنا، ته توکي آزاد ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن تو غلط جواب ڏنا، ته تو کي قتل ڪرايو ويندو.“

ٻئي ڏينهن درٻار لڳي. سڀئي وزير ۽ امير پنهنجين پنهنجين جاين تي ٿي ويٺا. ايتري ۾ چارڻ کي حاضر ڪيو ويو، جيڪو پادريءَ جي ويس ۾ آيو هو، هن جي پٺيان جلاد ترار کنيو بيٺو هو. بادشاهه به چارڻ کي پادري پئي سمجهيو. چارڻ گوڏن ڀر جهُـڪي سلام ڪيو ۽ چيو ته :”بادشاهه سلامت! آءُ حاضر آهيان.“

بادشاهه چيو: ”چڱو هاڻي منهنجي پهرئين سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟“

چارڻ جواب ڏنو ته :”بادشاهه سلامت انهيءَ جو جواب ته ڏاڍو سولو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو سِڪو ساوَرَن هلي ٿو، ان ۾ ويهه شلنگ ٿين ٿا ۽ ٻيو جيڪو  سِڪو ڪرائون آهي، ان ۾ پنج شلنگ ٿين ٿا، جيڪڏهن ساورن مان هڪ ڪرائون گهٽائجي، ته باقي پندرنهن شلنگ بچن ٿا، پر اوهان جي سر تي تاج به آهي، تنهنڪري اوهان جي قيمت هڪ ساورن ۽ هڪ ڪرائون جيتري ٿي يعني ڪل پنجويهه شلنگ.“

ڳالهه هيءَ آهي، ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ساورن بادشاهه کي چوندا آهن ۽ ڪرائون تاج کي. انهيءَ کان سواءِ ساورن ۽ ڪرائون اتي جي سڪن جا نالا به آهن. چارڻ انهن سڪن جي قيمت جوڙي بادشاهه سندس تاج جي قيمت ٻڌائي.

بادشاهه چارڻ جو جواب ٻڌي کلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي خبر نه هئي، ته منهنجي قيمت ايتري ٿوري آهي، پر خير تو حساب بلڪل ٺيڪ ڪيو آهي. تنهنڪري اهو جواب قبول ڪيو وڃي ٿو. هاڻي ٻئي سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ، ته جيڪڏهن آءُ گهوڙي تي چڙهي، سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان، ته ڪيترو وقت لڳندو؟“

چارڻ جواب ڏنو ته: ”بادشاهه سلامت ان جو جواب به تمام سولو آهي. جنهن وقت سج نڪري، تنهن وقت اوهين به گوڙي تي چڙهي سج سان گڏوگڏ هلندا هلو. پر اوهان جي رفتار، نه سج کان وڌي، نه گهٽجي. اهڙيءَ ريت اوهان چوويهن ڪلاڪن ۾ سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻي سگهون ٿا.“

اهو جواب ٻڌي بادشاهه وري کلڻ لڳو ۽ چيائين ته : ”تون سچ ٿو چوين. دنيا جي چڪر هڻڻ جو اهو ئي هڪ طريقو آهي. پر هاڻي ٽيون ۽ سڀني کان ڏکيو سوال آهي. ٻڌاءِ ته آءُ هن وقت ڇا پيو سوچيان؟“

چارڻ چيو ته : ”بادشاهه سلامت! اهو ته سڀني کان تمام سولو سوال آهي. اوهين سوچيو پيا، ته آءُ ڪنٽربريءَ جو وڏو پادري آهيان، پر آءُ حقيقت ۾ هڪڙو غريب چارڻ ۽ پادريءَ جو نوڪر آهيان ۽ بادشاهه سلامت کي عرض ڪيا ٿو، ته پادريءَ جي جان بخش ڪريو.“

ائين چئي چارڻ پادريءَ جا ڪپڙا لاهي ڇڏيا. اهو تماشو ڏسي دربار جا سڀئي وزير ۽ امير کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. بادشاهه ’جان‘ کي پهرين ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ته هڪڙي چارڻ کيس بيوقوف بڻايو، پر وري هو به کلڻ لڳو، آخر خوش ٿي بادشاهه، پادريءَ کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ چارڻ کي انعام ڏئي روانو ڪيو.

 

”گل ڦل“- مئي 1976ع

 

گُڏيءَ جي شادي

عرفانا حبيب شيخ

”امان!... او امان!“ زينوءَ ماءُ کي سڏيو. ”جيءُ مٺڙي“

”امان! هوءَ خيري آهي نه؟ پنهنجي گُـــڏي جي شادي زهره جي گُــڏي سان ٿي ڪرائي“.

”ڏاڍو سٺو. پوءِ تون به ويندين نه؟“

”ها امان! آءُ وينديس پر..... “

”پر ڇا زيبو؟“

”امان! تو منهنجو گُــڏو ڏٺو آهي نه؟“

”ها مون ڏٺو آهي. تون به پنهنجي گُـــڏي کي پرڻاءِ نه!“

”پر امان! مون کي زهره جي گُــڏي ٿي وڻي. مان ڀانئيان ته ان سان پنهنجي گُــڏي جي شادي ڪرايان. مون زهره کان گُڏي گهُــري به هئي، ته چيائين: مون خيريءَ کي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته اُهي شاهوڪار آهن.“ زيبوءَ يڪ ساهي چئي ويئي ۽ وري چوڻ لڳي:”امان، پاڻ شاهوڪار ڇو نه آهيون؟ اسان وٽ نه پيسا آهن، نه گڏي لاءِ ڪپڙا آهن، پوءِ زهره مون کي گُــڏي ڪيئن ڏيندي؟“

ماڻس جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ۽ ڌيءُ کي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين.

زيبوءَ جي پيءُ کي مُئي ٻارنهن مهينا کن ٿيا هئا. هاڻي هنن جو ڪو اوهي واهي ڪو نه هو. ماڻس، پاڙي وارن جا ٿانوَ ٻهاري ڪري پيٽ گذر ڪندي هئي، سو ڌيءُ کي گُڏي تي اجايو خرچ ڪرڻ لاءِ پيسا ڪٿان آڻي ڏي.

زيبو هئي، ته سڪيلڌي، پر جڏهن خدا کانئس آخري سهارو به کسي ورتو ته ماڻس همت نه هاري. ڪوشش ڪندي هئي، ته زيبوءَ جي هر خواهش کي پورو ڪري، پر جيڪا ڳالهه پهچ کان مٿي هئي، ان کي ڪيئن پورو ڪري ٿي سگهي؟

زيبو، ماءُ جي ڇاتيءَ سان لڳي روئي روئي، اتي ئي سمهي رهي. ماڻس کيس کڻي کٽ تي سمهاريو ۽ پاڻ وڃي ڪم سان لڳي.

سمهڻ کانپوءِ زيبو خواب ڏٺو، ڇا ٿي ڏسي، ته زهره هن کي چٻرا ڏيئي چيڙائي رهي آهي:”تون غريب، آءُ امير. تو وٽ ڪجهه نه آهي. تون ڪيئن منهنجي گُڏي ماڻيندينءَ.“ اهو ٻڌي زيبو روئڻ لڳي ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. آواز ٻڌي ماڻس اندر آئي ۽ زيبوءَ کي سڏڻ لڳي. زيبو اڃا تائين روئي رهي هئي. ”امان! آءُ پنهنجو گُــڏو زهره جي گُــڏيءَ سان پرڻائينديس.....ٻي ڪنهن کي ڪو نه ماڻڻ ڏينديس.“ ائين چئي وري روئڻ لڳي. ماڻس وري زيبوءَ کي دلداري ڏيڻ لڳي.

اڄ زهره جي گُــڏيءَ جي شادي هئي. زيبو روئي روئي پاڻ کي وياڪل بنائي ڇڏيو هو. ماڻس، ڌيءُ جو موهه ڏسي پاڙي مان پيسا اُڌار وٺڻ ويئي هئي. زيبو پنهنجو گُــڏو کڻي، هن کي پيار ڪرڻ لڳي ۽ وري روئڻ ويٺي.

”زيبو! او زيبو!“

سڏ سڻي ڪنڌ مٿي کنيائين، ته خيري بيٺي هئي.

”منهنجي گُــڏي جي شاديءَ جي ڪوٺ ڪو نه ملي اٿيئي ڇا؟ ههڙا حال ڪري ڇو ويٺي آهين؟“

زيبو اهڙي ڪڇي جهڙي ڀت. خيريءَ کيس ڌونڌاڙيندي چيو: ”ٻڌين ڪو نه ٿي ڇا؟ سهرا پيا ڳائجن.“

زيبوءَ جي هٿ ۾ گُــڏو ڏسي ۽ سندس منهن تي روئڻ ۽ مايوسيءَ جا آثار ڏسي، خيريءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. زيبو، خيري ۽ زهره ٽيئي ساهيڙيون هيون. زهره ۾ وڏائي ۽ هٺ هئي پر خيريءَ ۾ همدردي ۽ پيار جو جذبو هو. هن زيبوءَ کي ڏکويل ڏسي کانئس پڇيو: ”ڇا ڳالهه آهي زيبو؟“

”مون پنهنجي گڏي لاءِ، زهره کان سڱ گهريو، ته هن مون کي غريب چئي ٿڏي ڇڏيو، پر آءُ ڇا ڪريان خيري! مون کي زهره جي گُـــڏي وڻي ٿي.“ حال محرم ڄاڻي زيبوءَ، خيريءَ اڳيان پنهنجو اندر جو حوال اوريو.

”بس زيبو! ڳالهه به ايتري. تنهنجو گُڏو به منهنجو آهي. تون رڳو هل، زهره جي گُــڏي تنهنجي آهي.“

زيبو اها ڳالهه ٻڌي اول ته حيران ٿي ويئي، پر پوءِ سندس منهن تي خوشيءَ جي ريکا اوڀري آئي. هن چيو: ”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو خيري! هيڏو سارو خرچ هيڏا سارا ڄاڃي ماڃي، ائين ڪيئن ٿيندو؟“

”گُڏا گُــڏن جهڙا زيبو.“ مون کي ڏي گُـــڏو، ائين چئي خيريءَ زيبوءَ کان گڏو وٺي قابو ڪيو ۽کيس پاڻ سان وٺي زهره جي گهر ويئي.

 زهره جي گهر ۾ گوڙ متو پيو هو. خيريءَ جي ڳولا پئي ٿي. خيري اتي پهچندي ئي، پنهنجو گڏو کڻي لڪائي ڇڏيو ۽ زيبوءَ جي گُــڏي کي موڙ ٻڌائين. ڇوڪرين ڳيچ ڳاتا، ساٺ سنوڻ ڪري، زهره، گُــڏي ۽ گڏو خيريءَ جي حوالي ڪيا. خيريءَ گڏي ۽ گڏو زيبوءَ کي ڏيندي چيو: ”مبارڪون!“ زهره هڪي ٻڪي ٿي ويئي ۽ ڪجهه چوڻ تي هئي، ته خيريءَ چيو: ”زيبو، يتيم آهي، غريب آهي پر هن ۾ به ماڻهوءَ جي دل آهي، ان ڪري هيءُ سمورو ڪاڄ مون زيبوءَ جي گڏي جي نالي ڪيو آهي، ان ڪري گُـــڏي به زيبوءَ جي ٿي.“ ائين چئي پنهنجو گڏو، گنديءَ مان ڪڍي ڀڃي ڇڏيائين. زيبوءَ جي منهن تي احسانمنديءَ جا احساس هئا ۽ خيريءَ جو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿي ويو.

 

”گل ڦل“ –ڊسمبر1978ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com