سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :9

ڀُوري وَڇ

گُلڻ پٽ، هولي هولي آوين ڪندي نه لڳني“ لاباري ڪرڻ ۾ مشغول جانڻ پنهنجي ننڍڙي پٽ کي ايندو ڏسي پريان هڪل ڪئي... پر جيئن کيس تسلي نه ٿي هجي ۽ هو ڏاٽي کي اُتي ئي رکي پنهنجي پٽ کي هنج ۾ کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو...

پيءُ کي ويجهو ايندو ڏسي گلڻ پنهنجا ننڍڙا هٿ وڌايا... ۽ پڻس قرب مان کيس هنج ۾ کڻي ڪري ڇاتيءَ سان لاتو...

”ابا... تين دير ڪيون ڪيتي، ميڪون ڏاڍي بک لڳي اي...“ گلڻ شڪايت آميز لهجي ۾ چيو.

”بس جاني! باقي ٿولڙا ڪمي، اِجهو گهڙي وچ تيڏي ڪاڻ انب ڳڌي پيا آندان، تستائين تون وڃ راند ڪر“... هن گلو کي سمجهائيندي چيو ۽ کيس ٿورو اڳڀرو ڪري، واپس پنهنجي جاءِ تي اچي ڏاٽو سنڀاليائين ۽ ڪم کي لڳي ويو... ڳوٺ جا هاري مرد ۽ عورتون به هن سان پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئا... سندن چهري تي شادماني هئي... ليڪن ه جون اکيون پرنم هيون، هو ڪجهه سوچي رهيو هو...

هو سچي رهيو هو ته اڄ جيڪڏهن گلوءَ جي ماءُ زنده هجي ها ته کيس ٿوري به بک محسوس نه ٿيڻ ڏئي ها... ليڪن هن کي ٽي سال ٿي چڪا هئا جو هوءَ گلوءَ کي ٻن ورهين جي ڄمار ۾ ئي ڇورو ڪري هلي هئي....

سج مٿي اچي چڪو هو... گهر وڃي هن کي گلو لاءِ ماني پچائڻي هئي...

اهو سوچي هن پنهنجو ڪم ختم ڪيو ۽ پنهنجي جهوپڙي ڏانهن روانو ٿيو، جيڪا واه جي ڪپ تي هئي...

رستي تي هن گلوءَ لاءِ انب به ورتا... ۽ تکا تکا قدم کڻندو اڳتي وڌيو...

”او گلڻ، گلڻ! ڏيک مائين تيڏي ڪاڻ انب گهِن آيا هان... ”هميشہ وانگر گهر جي ويجهي دڳ تي بيهي گلو کي سڏڻ لڳو...

پر گلو هن دفعي هميشہ وانگر ڪونه آيو... هن وري به سڏ ڪيو.

”او گلڻ سگهي آ، ڏيک مين تيڏي ڪاڻ انب گهن آيا هان....“

گلڻ نه آيو... هن کي ڪجهه تشوش ٿي... اڳتي وڌيو... هن ڏٺو سندس جهوپڙي جي ويجهو واهه جي ڪپ تي ٻار راند ڪري رهيا هئا.... ڪن وٽ ننڍيون وڇون به هيون جن کي هو واهه تان پاڻي پياري ۽ وهنجاري رهيا هئا... گلو اُنهن کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هو.

هڪ ڀوري ننڍڙي مينهن هن کي ڏاڍي ٿي وڻي... هن جو پيءُ هن کي جهوپڙيءَ جي ڀرسان بيهي ڏسي رهيو هو... هن کي پنهنجي پيءُ جي اچڻ جي خبر نه پئي... گلو ٿورو اڳتي وڌيو... ۽ ڪپ تي اچي انهيءَ ڀوري مينهن کي پيار ڪرڻ لڳو...

”ڇوڙ ڇوڙ ميڏي مينهن ڪون هٿ نه لاءِ ”غلامون هن جي هٿ کي، جيڪو هو پيار مان مينهن جي مٿان ڦيرائي رهيو هو هو اڇلي چيو.

هن جي اکين ۾ پاڻي تري آيو.

”روندا ڪيو هين، ايجها سڪيلڌا هين ته پيو ڪون آک چا نه، ته گهِن ڏيوئي.“

جانڻ، جنهن اهو سڀ ڪجهه پي ڏٺو، وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيو. هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، سندس چپ، غم ۽ افسوس جي شدت کان ڏڪڻ لڳا، هن هڪدم اڳتي وڌي گلو کي هنج ۾ کنيو، ۽ پيار مان هنجي پيشاني کي چمڻ لڳو، گلو جا لڙڪ جيڪي اڃان اکين ۾ اٽڪيل هئا، شفيق پيءُ جي هنج ۾ وڃڻ سان ڪري پيا. هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو.

هن جي پيءُ غريبيءَ سارو سندس پرورش ڏاڍي ناز سان ڪئي هئي، کيس ڪڏهين به دڙڪو نه ڏنو هو، اڄ پنهنجن پنجن  ورهين جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن پهريون ڀيرو غلامو کان ڇڙٻ کاڌي، اها هن لاءِ ڏاڍي ڏک جو باعث ٿي، پر هن سڏڪن تي قابو پائيندي پيءُ کي چيو: ”ابا! ميڪون ننڍڙي ڀوري مينهن گهِن ڏي.“

”نه رو، جاني! مين تيڪون اهڙيان کوڙ ميهان گهِن ڏيسان.“جانڻ هن جي دل رکڻ لاءِ چيو. اڄ پهريون دفعو هن کي پنهنجي غريبي ۽ مجبوري جو شديد احساس ٿيو، چار پئسا ڪمائڻ وارو جانڻ ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آڻي جو پنهنجي پٽ لاءِ مينهن خريد ڪري سگهي.

هن دل ئي دل ۾ خدا کان دعا گهري ته هو کيس ايترو سرمايو ڏئي، جنهن سان هو اهڙن هزارن گلڻن جون خواهشون پوريون ڪري سگهي. پر انهيءَ سان گڏ کيس سرمايه دارانه ذهنيت کان پناهه ۾ رکي-!

گلو هن جي سيني ۾ مٿو لڪائي روئندو رهيو ۽ هو کيس دلاسا ڏيندو پنهنجي جهوپڙي ۾ وٺي آيو، گلوءَ کي منجيءَ تي ليٽائي پاڻ ماني پچائڻ لڳو.

ڪيترا ڏينهن گذري ويا، پر گلو جي خواهش پوري نه ٿي. هو لڳاتار ننڍڙي ڀوري مينهن لاءِ ضد ڪندو ۽ روئندو رهيو، هو ٻار هو، پيءُ جي مجبورين جي هن کي ڪهڙي خبر!

واهه جي ڪپ تي ننڍڙين وڇن کي ڏسي گهڻيئي دفعا هن چاهيو ته انهن کي وڃي پيار ڪري، پر غلامو جي ڇڙٻ هن جي ننڍڙي ذهن ۾ نقش ٿي چڪي هئي، ۽ هو ملول رهڻ لڳو. پيءُ جي دلاسن ۾ هن کي ڪابه اميد نظر نٿي آئي.

پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، جانڻ ڏاڍو پريشان هو، هن قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بکئي کي ڪير ٿو قرض ڏئي!- هن پئسا گڏ ڪرڻ ٿي چاهيا، پر ائين به نٿي ڪري سگهيو. الائي ڪيترن ورهين ۾ وڃي مينهن خريد ڪرڻ جيترا پئسا گڏ ٿين.

تيستائين گلو ڪيئن ڪندو! لاچار ٿي هن گلو جي ماءُ جي آخري نشاني، نٿ وڪڻڻ چاهي، جيڪا هن انهيءَ اميد تي سنڀالي رکي هئي ته جڏهن گلو وڏو ٿيندو تڏهن سندس زال پائيندي. هاڻي جيستائين گلو وڏو ٿي پرڻجي: تيستائين هو هن کي روئندو نٿي ڏسي سگهيو، ۽ سوا سو جي نٿ سو ۾ وڪڻي هن گلوءَ لاءِ ننڍڙي ڀوري وڇ خريد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

واهه جي ڪپ تي ننڍڙي سهڻي ڀوري وڇ سان گڏ پنهنجي پٽ کي ڏسي، هن جون اکيون ٺرنديون هيون، هن جي دل چوندي هئي ته اهڙيءَ طرح کيس خوش ڏسندي هن جي زندگي گذري وڃي.

پر ائين ڪٿي ٿي ٿي سگهيو. هن کي هر هلائڻو هو، زمين کيڙڻي هئي ٻج پوکڻو هو، اهو سوچي هو اٿي کڙو ٿيندو هو.

گلو هاڻي بيحد خوش هو، سندس چهري تي سڄي دنيا جي شادماني هئي، ۽ سندس اکين ۾ فخر ۽ خوشي جي چمڪ هئي، هو پنهنجي وڇ کي ”ڀوري“ ڪري سڏيندو هو، هوءَ هئي به ته ڀوري، سندس پيشانيءَ تي هڪ اڇو ٽڪو هوندو هو، جيڪو هن جي سونهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو هو. سندس سنهري سنهري وار سج جي روشنيءَ ۾ سون جي تارن وانگر چمڪندا هئا، گلو واهه جي ڪپ تي هر وقت هن سان گڏ هوندو هو، هو ڊڪندو هو ته ڀوري به سندس پويان ڊڪندي هئي ۽ جڏهن هو ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پوندو هو ته ڀوري به هن وٽ اچي بيهندي هئي ۽ پنهنجي زبان سان هن جا ڪن ۽ ڳل چٽڻ لڳندي هئي. اهي ٻار، جن جي مينهن کي گلو حسرت جي نظرن سان ڏسندو هو، سي هاڻي هن کي رشڪ جي نظر سان ڏسندا هئا... هن جي ڀوري هئي به ته اهڙيءَ، جو ماڻهن کي مٿس رشڪ اچي وڃي... سڄي ڳوٺ ۾ گلوءَ جي ڀوري جي خبر پکڙجي وئي هئي. اهڙي خوبصورت وڇ ڪنهن وٽ به ڪانه هئي... ۽ گلو کي انهيءَ تي فخر هو...

”سائين ڇا ٿا پڇو، بس ڪو مينهن جو ٻچڙو نه آهي! ڄڻ ته ڪا حور آهي حور! ڏاڍي ملوڪ آهي... اهڙيون مينهون ته سائين جن جي وٿاڻ ۾ ئي سونهن“ ڪمدار ”ڀوري“ جي تعريف وڏيري دلدار اڳيان ڪندي چيو....

”جي ائين آهي ته تو اسان کي پهرين ڇو نه ٻڌايو؟“ وڏيري هڪ ڀرؤن آڪڙ وچان مٿي ڪندي چيو.

”سائين، مينهن ته برابر ملوڪ آهي پر هو وڪڻندائي ڪين.“

”ڪير ڪونه وڪڻندو... ڪنهن جي مجال جو اسان کي انڪار ڪري سگهي“ وڏير مڇن کي ٽرين جي سگنل وانگي کڙو ڪندي رعب وچان چيو.

”سائين ٻڌو اٿم ته هن پنهنجي پٽ لاءِ ڏاڍن سورن سان ورتي آهي. ۽ پٽس جي هن سان ڏاڍي دل آهي.“

”پر آهي ڪنهنجي؟ ڳالهه ته ڪر.“

”سائين اهو، پنهنجو هاري آهي نه، جانڻ، انهي جي آهي.“

”هه. هه. ها.... (وڏيري ٽهڪ ڏيندي چيو...) ڪمال ٿو ڪرين ڪرڙ خان ڀلا هو به ڪو اسان کان پري آهي. سڏي اچينس ته اسين هن وقت ئي سودو ڪريون.“ وڏيري حڪم ڪيو.

”سائين منهنجي پٽ جي وڇ سان ڏاڍي دل آهي... آءٌ هن کي ڪيئن وڪڻندس.“

”نه جانڻ، ائين ڪيئن ٿيندو، اسان جنهن ڳالهه ۾ هٿ وجهون، اها ڪڏهن به اڌ ۾ نٿي رهي سگهي.“ توکي هر حالت ۾ وَڇ وڪڻڻي پوندي. وڏيري حڪم ڪيو....

”صفا ڪو بکيو آهين، هڪڙي وَڇ ڪاڻ ساهه ٿو نڪرئي... اسان جو سائين سر گهري ته به حاضر ڪري ڏيونس...“ ڪمدار هشي ڏياري.

”سائين رحم ڪريو- منهنجو هڪ ئي ٻچڙو آهي....“ هن ڪمدار جي ڳالهه کي نظرانداز ڪندي چيو...

”اسين وڌيڪ ڪجهه نٿا ٻڌڻ گهرون... واهه جو اسان جي احسانن جو بدلو ٿو ڏين... اسين زبردستي به ڪري سگهون ٿا. پر اها اسان جي شرافت آهي جو توکي سمجهايون ٿا...“ وڏيري کي غصو اچڻ لڳو ”سائين...! هن جي سر جهڪي ويو.

غريبي اميري اڳيان مجبور ٿي وئي... سو رپئي ۾ سودو ٿي چڪو.

ڪرڙ خان، جانڻ سان گڏ سندس گهر آيو. گلو گهر ۾ ڪونه هو... هن جا قدم واهه ڏانهن کڄيا. ڪمدار به گڏ هو. گلو پريان ڀوري کي پاڻي  پياري رهيو هو... جانڻ هن کان ڀوري وٺي ڪمدار جي حوالي ڪئي....

گلو پٽ تي ليٿڙيون پائڻ لڳو..... ۽ روئي روئي ساڻو ٿي پيو. پڻس هن کي گهڻوئي سمجهايو ۽ ٻي وڇ وٺي ڏيڻ لاءِ چيو، پر هن نه مڃيو ۽ ڀوري ڀوري ڪري، زور سان روئڻ لڳو... ڀوري هن کي نٿي ڇڏڻ چاهيو... پر ڪمدار کيس زوري رسي کان گهلي وٺي هليو...

”ميڏي ڀوري ڪون گهن ڳيا، ابا؟... ا... ب... ا... ميڏي ڀوري ولوا ڏي...“

هن کي سخت بخار هو... سندس جسم باهه وانگي ٻري رهيو هو... بيهوشيءَ جي حالت ۾ رکي رکي هن ڀوري جو نالو ٿي ورتو... هن جي اکين مان لڙڪ ٿي لڙيا.... هنجو ڳاڙهو گلاب جهڙو رنگ، نرگس جي گلن وانگر زرد ٿي چڪو هو....

ڀريل ڳل ڪومائجي چڪا هئا...جن چپن تي شادماني رقص ڪندي هئي اتي اداسائي کانسواءِ ڪجهه نه هو. هو ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو.

هڪ رات هن جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي وئي... هو تمام آهستي آهستي ساهه کڻي رهيو هو... ڪجهه گهڙين جو مهمان نظر ٿي آيو... پڻس کان اها حالت نٿي ڏٺي وئي...

هو اٿيو... پنهنجي جهوپڙي مان نڪري وڏيري جي وٿاڻ ۾ ويو... آهستي آهستي چورن وانگر قدم کڻندو... وڏيري جا ماڻهو سڀ کٽن تي ستا پيا هئا... هن چوڌاري نظر ڦيرائي... هڪ طرف ڀوري هن کي نظر آئي هو هن ڏانهن وڌيو... ۽ رسيءَ کي ڪلي مان کوليو... ڀوري هن کي سڃاتو ۽ پنهنجي ڪنڌ خوشيءَ وچان هيٺ مٿي ڪرڻ لڳي... چانڊوڪي رات ۾ سندس پيشانيءَ جو اڇو ٽڪو چمڪي رهيو هو...

جانڻ جي دل بيمار پٽ جي خيال کان ٻڏي رهي هئي... هن کي ٻيو ڪو خيال نه هو... رڳو پنهنجي ٻچڙي جي زندگي جو خيال هوس... هن جو هڪڙو معصوم ٻچو... هن جي زندگي.

هو وٿاڻ مان آهستي آهستي نڪري رهيو هو... سندس جسم مان پگهر ريلا ڏيئي پئي نڪتو... سندس پير ڪليءَ سان ٻڌل هڪ مينهن جي رسي ۾ وڃي اٽڪيو.... ۽ هو ٿاٻڙجي وڃي ڪتر جي کوکي مٿان ڪريو... هن جي ڪرڻ جو زور سان آواز ٿيو... وڏيري جا ماڻهو اُٿي کڙا ٿيا....

”چور... چور... پڪڙيوس... مال چورائڻ آيو آهي... او اهو ٿو وڃي... متان ويو آهين....“

مختلف آواز اچڻ لڳا.

هن ڀوري کي جهلي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي... پر هڪدم پڪڙيو ويو... مٿس ٿڪ لعنت شروع ٿي وئي... خوب ڌڪ هنيائونس. جانڻ بلڪل نستو ٿي چڪو هو ۽ هوڏانهن پٽس به ڀوري ڀوري ڪري پنهنجا آخري پساهه پورا ڪري چڪو هو... ٻئي ڏينهن ڳوٺ ۾ خبر پکڙجي وئي ته جانڻ وڏيري جي وٿاڻ مان مينهن چورائڻ آيو هو جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ٽي سال سخت پورهئي سان جيل ڪاٽڻو پوندو...!

شڪي

اسان کي هن ننڍڙي، نهايت ئي دلڪش علائقي ۾ آئي ٿورا ڏينهن ٿيا آهن. هر طرف پهاڙن جا سلسلا نظر نهار تائين پکڙيل آهن... مان جڏهن به انهن کي ڏسندي آهيان تڏهن انهن تي هڪ نور ڇانيل نظر ايندو اٿم. ڇهن سالن جي طويل عرصي بعد، جڏهن ٻيهر اسان هن سر زمين تي قدم رکيو، تڏهن ائين محسوس ٿيو ڄڻ، اهي پهاڙ اسان جي آجيان لاءِ اڳتي وڌي آيا هجن ۽ هڪ شفيق ۽ مخلص بزرگ وانگر دعائون ڏيئي رهيا هجن- پهريون دفعو مون ۽ شاد هڪٻئي کي اتي ئي ڏٺو هو. حالات ڇا هئا؟ اسان جي ملاقات جو اتفاق ڪيئن ٿيو؟ انهيءَ تفصيل سان ڪهڙو مطلب. مگر ايترو سو چونديس ته اهو ڏينهن اسان هڪ ٻئي ڏانهن خاموشيءَ سان نهاريندي گذرايو هو پوءِ اسان جي اهائي بي زباني زبان بنجي وئي هئي.

شهر هتان کان پنج ميل کن پري آهي. ويجهڙائي ۾ ٻيو ڪو اهڙو گهر ناهي. سرونٽ ڪواٽر ۾ مالهيءَ جي زال راڻي رهندي آهي. ويچاري ڏاڍي غريب آهي. گهر جي ڪم ڪار ۾ منهنجو هٿ ونڊائيندي رهندي آهي. ٻاهريون ڪم، جهڙوڪ ڀاڄي وغيره آڻڻ، اسپتال جا نوڪر ڪندا آهن. گهر ۾ سواءِ بورچي مصريءَ جي ٻيو ڪو به نوڪر ناهي منهنجو روز جو معمول آهي ته صبح جو اٿي شاد کي اسپتال وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ ۾ مدد ڏيڻ، ناشتو تيار ڪرڻ، گهرداري ڪرڻ، فرصت جي وقت ڪو مشغلو کڻي ويهڻ ۽ ڪڏهن ته بس صرف سوچڻ ئي هوندو آهي. دراصل سوچڻ به هڪ سٺو مشغلو آهي. بعض دفعا حقيقتن کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ملندي آهي يا ائين کڻي چئجي ته حقيقتون قريب اچي وينديون آهن.

مان سوئٽر ٺاهڻ ۾ مشغول هئس، ٻيڪڙيل دورازي جي کلڻ تي منهنجو ڌيان اوڏانهن ويو، ڏٺم ته راڻي اَجرڪ ۾ ويڙهي سيڙهي اکَڙي ڪڍيو بيٺي آهي. مونکي کل اچي وئي.

”اچ، اچ، راڻي، بيٺي ڇو آهين. ڀلا اکڙي ڪڍڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هت توکي ڪير ٿو ڏسي!“

”ڇا ڪريان، بي بي،“ راڻي موڙو ڏيندي چيو.

”ماريو چئي ٿو ته اجرڪ ويڙهي ۽ اکڙهي ڪڍڻ کانسواءِ ٻاهر نڪتي آهين ته ٻئي ڄنگهان ڍڪڻين سميت جهوري ڇڏيندو مانءِ.“

”ماريو!“ مون حيران ٿيندي پڇيو. ”اهو ڪير آ راڻي؟“

”اهوئي، مون وارو ڪُرڪيو ڪانڌ.“

”خير ته آهي، تون ويچاري کي ائين ڇو ٿي چئين؟“

”ٻيو وري ڇا چوانس، ڏاڍو ٺاريو آ عزرائيل.“

”ڇو ڇا ڪيو آهيس؟“ منهنجي دلچسپي وڌي.

”منهنجو رت سڪائي ڇڏيو اٿس... ڏسو ٿا، هي منهنجا حال ڪهڙا ٿيا آهن.“ هن پنهنجي ڪمزور جسم ۽ ڦاٽل ڪپڙن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

”توکي ڪهڙو ڏک آهي راڻي؟“ مونکي هاڻس ساڻس همدردي ٿي رهي هئي.

”وڏو ڏک ته مونکي اهو آهي ته منهنجي مائٽن جو ڪهڙو اٽو کٽو هو جو منهنجو پلئه هن جهڙيءَ شڪيءَ مرد سان اٽڪائيون.“

”سمجهيم، ته تنهنجو مڙس شڪي آهي!“

”ها، بي بي انهي سورن نه ڪٿي اچان نه وڃان. توهان وٽ سو ڇڏيم ٿو، تڏهن به اجرڪ ڍڪائي منهن ويڙهڻ کانسوءِ نٿو ڇڏي. هاڻي ڪير سمجهائي ته اٺن ٻارن جي ماءُ تي اهو شڪ ٺهي ٿو.“ راڻي ڳالهه پوري ڪري ٿڌو ساهه کنيو.

مون ڪيئي دفعا راڻيءَ جي مڙس ڀوري کي باغ ۾ ڪم ڪندي ڏٺو هو. ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو سڌو ۽ غريب پئي آيو، شڪل جي خيال کان به ٺاهوڪو هو، سگهارو ۽ صحتمند. راڻي انجي بلڪل ابتڙ هئي، ڪمزور ڪوجهڙن نقشن واري، جنهن کي ڀوري جي ڏکن چاليهارو وريهن جي بدران پنجاهه جي قطار ۾ اچي بيهاريو هو. پوءِ هي شڪ ڇا جو؟ مونکي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو. اڃا راڻي ڀوري تي شڪ ڪري ته به کڻي جڳائي- پر راڻي ٺاهوڪڙي  هجي ته پوءِ ڀوري جو شڪ به ٺهي.

مونکي گهڻي دير کان ماٺ ڏسي راڻيءَ چيو ”ڇا پيا سوچيو بي بي.“

”ڪجهه به نه راڻي. تون ڪيتري نه ڏکي آهين... ڪيتري نه تڪليف ۾ آهين.“

”بس دعا ڪريو ته حياتيءَ جا ڏينهڙا جلد پاري ٿين.“

”آخر ڀورو ايترو شڪي ڇو آهي؟ تون سمجهائينس ڇو نٿي.“

”مان ڇا سمجهايانس- هو مونکي انهيءَ لائق ئي نٿو سمجهي، ڪوبه مرد ڀل ڀاءُ پٽ ٿي ڳالهائي تڏهن به ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيندم. هينئر توهان وٽ ايندي آهيان ته مصريءَ کي ڀاءُ پٽ ڄاڻي آءُ به ٿانوَ ڌئاري وٺندي آهيانس. خبر پئيس ته سامهون وڃانس ٿي ته جيڪر ساهه ئي ڪڍي ڇڏي.“

”تڏهن ڏاڍو خطرناڪ ماڻهو چئبو.“

”ٻيو وري! ڀلا ڏسو ته سهي آءُ ڪهڙي سهڻي آهيان جو مون تي شڪ ٿو ڪري.“ راڻي ناز واري انداز سان ائين چئي ٿورو مرڪي ۽ سچ ته ان مهل مونکي ڏاڍي وڻندڙ لڳي. ڪهڙو عجب جو سندس انهن نازن ئي ڀوري کي شڪي بنايو هجي.

”سهڻي يا بڇڙي جي ڳالهه ناهي، راڻي؛ ڪن مردن جي فطرت ۾ ئي شڪ هوندو آهي.“

اسان جي ڳالهين تي منهنجو ڪڪو پپو سجاڳ ٿي پيو. مان يڪدم اٿي وٽس ويس ۽ راڻي به وڃي گهر جي ڇنڊ ڦوڪ کي لڳي.

ڇا سڀ مرد اهڙا شڪي هوندا آهن؟ مون پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو، ۽ جواب ۾ شاد جو چهرو اڳيان ڦري آيو. پر خلوص ۽ پر اعتماد. اسان جي شادي کي چار سال ٿي ويا آهن، مگر سندس ورتاءَ ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي. هن مون تي ڪڏهن به ڪا سختي نه ڪئي آهي. هڪ دفعو خوشيءَ وچان بي قابو ٿيندي مون کيس چيو، ”توهان مون تي ڪيترو نه مهربان آهيو.“ تڏهن چيائين ”خدا پاڻ تي مهربان آهي.“ ۽ مان سوچيو ته ها. واقعي خدا اسان تي مهربان آهي. ڪاش هر مرد جي دل، شاد جهڙي پرخلوص ٿي وڃي ۽ هو عورت جي صحيح منزل سڃاڻندو هجي ۽ هر عورت، مرد جي وفادار بنجي وڃي ته جيڪر شڪ ڪڏهن به نه جنم وٺن.

بي بي!“

”چؤ راڻي.“

”توهان هت ڪيتري وقت تائين آيل آهيو.“

”ٻه ٽي سال ته ضرور هونداسين. پر ڇو تون هينئر ئي اسان مان بيزار ٿي پئين ڇا؟“

”خدا نه ڪري جو مان اهڙو خيال به دل ۾ آڻيان.“

”پوءِ اڄ اهو خيال ڪيئن آيوءِ.“

”منهنجي مرضي آهي ته جيڏانهن اوهين وڃو، مونکي به پاڻ سان ورتيون هلو.“

”مونکي ته ڏاڍي خوشي ٿيندي، پر ڀورو توکي ڪيئن ڇڏيندو.“

”شايد ڇڏي به کڻي، ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. انهيءَ جو چوڻ ڪونه ٽاريندو. ٻار به ڪو ننڍڙا ڪونهن. پاڻهي گهر سنڀاليو ويٺا هوندا. آءٌ به پئي اينديس منهنجي توهان سان ايتري دل ٿي وئي آهي جو ڇڏڻ ڏکيو ٿو لڳي.“

راڻي جي ايتري محبت ڏسي قدرتي طرح منهنجي دل به محبت سان ڀرجي آئي ۽ مون کيس آسرو ڏنو ته وقت اچڻ تي ڪوشش ڪنديس.

شاد جي اچڻ جو ٽائيم هو. مان رڌڻي ۾ هن لاءِ گجرن جو حلوو تيار ڪري رهي هئس. مصري ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. صرف مان ۽ راڻي گهر ۾ هئاسين.

”بي بي، مصري ڪم جو سٺو ٿو ڀانئجي.“

”ها چڱو ڪم ڪندو آهي.“ مون ديڳڙيءَ ۾ ڏوئي گهمائيندي وراڻيو.

”توهانجي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڍي تعريف ڪري رهيو هو.“

”هروڀرو!“

”بس، توهانکي ڏاڍيون دعائون پئي ڪيائين، چيائين پئي ته مان سندس ٻار نپائيندس، در جو غلام ٿي رهندس جيڏانهن به وڃن مونکي وٺي وڃن منهنجو پاڻ خيال آهي ته جڏهن اوهين وڃو ته هن کي به پاڻ سان کڻجو.“

”ڪهڙي ضرورت آهي راڻي؟ جتي وينداسين سرڪاري نوڪر ته اسان کي ملندا. پوءِ اجايو ڪنهن کي ڇو کڻون.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com