سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :18

”بس ادي،“ ايندڙ زال کيس بنهه نظر انداز ڪري، زينب جي سامهون ٿي ويهندي افسوس مان چيو. زينب ڏک مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

”لالي، سور جي ڳوري آڻي ڏيانوَ؟“ ٿوريءَ دير بعد بلقيس پوڙهيءَ کان پڇيو.

”شال بچين!“

”آئي، ڀائر بچنئي، اسان کي به ڏي، تنهن سان گڏ ڪوسي ڦڙي چانهه جي به.“ ڀر ۾ ويٺل سندس جوڙيوال پوڙهين به گڏجي رڙ ڪئي.

”بيبل، سگهي ٿيءُ، پهرين هيڏي چانهه کڻي آءُ!“

بلقيس بيبل کي هڪل ڪندي، ليفيڊرين جي هڪ هڪ گوري، ٽنهي پوڙهين جي ترين تي رکي. هي اهي گوليون هيون، جيڪي ڊاڪٽر سندس نوڪر ڇُٽي کي دم لاءِ لکي ڏنيون هيون. ٿوري دير نه گذري ته ٽيئي پوڙهيون، لاش ٿي، روا مٿان وجهي، کونگهرن ۾ پئجي ويون.

”ٽي آفتون ته گهٽ ٿيون. اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو ڏائڻين!“ بلقيس ساهيڙين کي چيو.

ٻنپهرن جو ستل ڪراڙيون فجر جي ٻانگ مهل اُٿيون، ته سندن نظر بلقيس تي پئي، جيڪا نماز لاءِ مسلي تي بيٺي هئي.

”اَئي ڀائر بچنئي، سور ته بنهه لهي ويو. گهڻو وقت ٿيو آهي سج لٿي؟ ڇَهه ته نه ٿيا آهن؟ هي سنجهي ئي ڇو سُتيون آهن؟“ ڪراڙين ڀر ۾ ستل زالن کي حيرانيءَ مان ڏسندي پڇيو.

”لالي صبح جا پنج ٿيا آهن. مُلي هينئر ٻانگ ڏني آهي.“ بلقيس مختصر جواب ڏنو.

”ائي الا! اسانجي ليکي اڃا شام آ. ائي، رت جي ماني به ڪانه کاڌيسين!“

”آءٌ به چوان، هانوَ ۾ بک جا چڪ ڇو پيا پون! ادي آمني، تو ڪر گرانهه کاڌو؟“

”ادي کتلي، تون وري ڇا ٿي ڳالهائين- آءٌ وري ڪٿان کائينديس!“

”شابس هجي زالن کي، سار به نه لڌائون ته ڪي لنگهڻيون پئجي رهيو آهن، من ڪو ٽڪر ڀور کڻي ڏيون!“

ٽيئي ڪراڙيون پاڻ ۾ ڏک ڏوراپا ڪڍنديون رهيون. ايتري ۾ اڇو صبح به ٿي ويو، ۽ گهر ۾ صبح جي مانيءَ جو ڌمچر مچي ويو.

ٽيئي وات چورينديون اٿيون، ۽ سنجهي ئي رڙهي وڃي زينب جو پاسو ورتائون.

”امان زينب، ڪو ڀور ذرو پيٽ ۾ وڌئي؟ هڪڙيءَ پڇيو.

”ڪٿان هن کي وڻندي! ويچاري ڏکن جي ڏڏايل سورن جي ستايل، هن کان ڪهڙا سور ٿيون پڇو، اسان جهڙين کان ئي نڙي چيري ٿو لنگهي.“ ٻيءَ سُر کڻايو.

”ڀلا ڪو گرانهن ته کاءُ، ٽي ڏينهن ويهڪ ڪئي اٿئي!... زال جو ڪهڙو جيئڻ ٿيندو!“ ٽئين پاڻمرادو وڏي واڪي چيو.

”امان، ويچاريءَ کي ٻه ڦڙيون چانهه جون آڻي ڏيوس.“ هن نينگرين کي مخاطب ٿيندي چيو.

”به گرهه روٽيءَ جا ڏيو ته کڻي کان.“ زينب ائين ڳالهايو، ڄڻ سندس جسم ۾ قيد ٿيل بکايل ۽ ٻوساٽيل ساهه رڙ ڪئي هجي.

”ماني اڃا ڪانه پڪي آهي، راڄ مڙيو ويٺو آهي ڀاڳل زينب جي ڀيڻ کي چيو.

”ڏيڍ لڳو آهي هاڻي، يارهن بجي ته نيرن کاڌي اٿن- اُها به ته هيٺ لهين!“

”آءٌ پنهنجي کائڻ ڪاڻ ٿورو ئي ٿي چوان! زالون پيون رڙيون ڪن، سندن ٻار پيا روئن!“

”مائي ماڻهن جا حال ته ڏسو. اسين پنهنجن سورن ۾، هي ٻچا وٺي ڀڳيون آهن. ڪا شادي ڏٺي اٿن ڇا؟“

 ”ادي، ٻچا ڏنا آهن ته الله ڏنا آهن.“ عاشو جا ٿورو پرتي ويٺل هئي ۽ جنهن جا چار ئي ٻار بُک کان ٻاڪاري رهيا هئا، بروڪليس جي دٻيءَ مان ڪي- ٽو جو سگريٽ ڪڍندي چيو.

”ادي، الله ڏنا اٿوَ ته گهر ويهاري ڇڏيون. مائي هڪ زال پٺيان پنج ٻار! چڱي همدردي ٿيو ڪن!“

”واهه ادي واهه! روئي روئي نڙيون ويهاري ڇڏيو اٿئون، اڃا تنهنجي مرضي آهي ته نوڙي ڳچيءَ ۾ وجهي لڙڪي پئون ڇا!“

”وڃي پنهنجي گهر لڙڪو اسان کان الله پليوَ!“

”مُئا، مار پئيوَ، هلو گهر، اوهان جي ڪري ته بڇڙي ٿي آهيان!“ عاشو جتي کڻي ٻارن کي سٽڻ لڳي.

”اونهڪ... اونهڪ... اسين ڪونه هلنداسين. ديڳون آيو آهن... ٻوٽين وارو پلاءُ کائينداسين.“

”اَن... اَن... مٺو ڀت مٺو-“

”امان، نان ۽ سيرو...“

”پري ٿيو، ڇورا، مونکي برقعو پائڻ ڏيو! مئي جا پٽ، ڇو ڦاٿي آهيان اوهان منجهان! بيمانو کڻي ڪيو اٿوَ! عاشو جتي اڇلائي برقعي کي سڌو ڪرڻ لڳي.

”ادي ٺهيو هاڻي، ڪلمو پڙهه... هي وقت رسڻ جو ٿوروئي آهي. ويهه، برقو لاهه!“ پاسي کان ويٺل ٻي زال معتبري ڏيکاريندي چيو.

”پر ڏس ته سهي، اسان ڪونه ماريو جو...“

”بس بس، ٺهيو، ماٺ...“ هن کڻي وات تي هٿ رکيس.

عاشو ٻوٿ سڄائي، ٻار وٺي، وڃي پاسي ٿي ويٺي.

ايتري ۾ ديڳيون آيون-

”اڙي ڀت آيو!“ ٻار خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳا.

”بس ڪر، ڇورا، ته بُجو نه هڻانءِ!“ عاشوءَ سچ پچ ڇوري کي بجو گهروڙي ڏنو.

”گهر واريون، ڀاڳل ۽ بيبل سميت، چلمچيون کڻي راڄ جا هٿ ڌئارڻ لڳيون.

ديڳين جو آواز ۽ ٿانوَن جو کڙڪو، ۽ تنهن سان گڏ ننڍن وڏن جي ڊوڙڊڪ سڄي گهر ۾ پکڙجي وئي.

”ائي ڀاڳل، وارو ڪر، مون واريءَ جتي جو هڪ پادر ملي ئي نٿو. مئي نڀاڳي، هاڻي ته نظرڪم ئي نٿي ڪري!“ حاجاڻيءَ خيربانو، رڌڻي جي اڳر ۾ پيل ڪبوترن جي وڏي پڃري جي هيٺان جتيءَ جو پادر ڳوليندي ۽ چنگهندي چيو.

”ائي ماسي! هن تڏيءَ جي هيٺان تو وارو پادر ته نه پيو آهي؟“ عامر تڏي مٿي ڪري، پادر حاجاڻي خيربانوءَ جي اڳيان اڇلائيندي چيو.

”آئي، هاڻي سيگهه ڪريو، گهڻائي شيرمال، زردا ۽ پلاءُ کاڌوَ، هاڻي اٿو ته هلئون. لاهيو چٽي مالڪن تان.“ ڀاڳل ويٺل نڙيءَ تي زور ڏيندي، هٿن ۽ جسم جي اشارن کان ڪم وٺندي چيو.

خانبهادر جي بنگلي جي ورانڊي مان، ڀاڳل جي اڳواڻيءَ هيٺ، زالن جو قافلو واپس وڃي رهيو هو، پويان ڇانگ ٻارن جي به رڙندي، رنڀندي ۽ ڪرندي، اڳتي وڌي رهي هئي. زينب سوگوار اکين ۾ لڙڪ سنواري، ان قافلي کي ڏسي رهي هئي. جيتوڻيڪ ظاهر ۾ کيس رانڀاٽن ۽ رڙين کا نجات ملي چڪي هئي. پر کيس هيڏي ساري بنگلي ۾ اڪيلائيءَ جو احساس شدت سان ٿي رهيو هو. هن صفي ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺو، جتي گلم جي مٿان پلاءَ ۽ چاشني جا ذرڙا پکڙيا پيا هئا. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ سندس دل وانگر، پٽ تي پکڙيل رزق پڻ روئي رهيو هو.

ڄارُ چَرندي

”ٽرن... ٽرن... ٽرن...“ ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. ”هلو...“

”اوهان محترمه شمس ڳالهائي رهيون آهيو؟“

جي ها، فرمايو.“

”اوهان ڪهاڻي لکي ڄاڻو.“

”جي نه.“

”ڪجهه ته لکي ڄاڻندا هوندا؟“

”ڪجهه به نٿي لکي ڄاڻان، پر اوهين ڪير آهيو ۽ ڪهڙي سلسلي ۾ فون ڪيو اٿوَ؟ ڪڪ ٿيندي وراڻيائين.

”ماهنامي ’ناني ڳوٺڙو‘ ۾ ته اوهان جي ئي ڪهاڻي ڇپي آهي نه؟“

”جي ها پوءِ؟“

”پر اوهان ته چيو هو ته اوهان لکڻ نٿيون ڄاڻو.“

”جڏهن اوهان کي خبر هئي ته پوءِ پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“

”ائين ئي، وري به خاطري ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي نه.“

”اوهان چوڻ ڇا ٿا گهرو؟“

”مون اهو پي چيو ته ڪي اديب اوهان جي انهيءَ ڪهاڻيءَ بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن.“

”انهي ۾ ڪو عجب ناهي. هرڪو ڪري سگهي ٿو، اديب ته پوءِ به وڏي ڳالهه آهي.“

”پر اُهي ٻئي قسم جون ڳالهيون آهن.“

”آخر اوهان کي چوڻو ڇا آهي، ڳالهه ڪريو، نه ته فون رکي ڇڏيو.“

”اوهان ته ناراض ٿي رهيون آهيو!“

”ناراض انهيءَ سان ٿبو آهي، جنهن سان ڪڏهن ڪو راضي رهيو هجي. اوهان سان ناراضگيءَ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“

”خير، بهرحال منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته آءٌ خود اديب، شاعر ۽ نئين نسل جو نمائندو آهيان. گهڻائي اديب منهنجا دوست آهن. انهيءَ ڏينهن اسين هوٽل ۾ ويٺا هئاسين ته ڪي اديب اوهان جي ڪهاڻيءَ بابت چئي رهيا هئا ته چوريءَ جي آهي ۽ اهو به پيا چون ته اسين تصديق ڪنداسين.“

”ضرور ڪن. اوهين به ڪريو. بس اهوئي ٿي چوڻ گهريو؟“

”خير، انهيءَ ڳالهه کي ختم ڪيو ته بهتر.“

”شروع به اوهان ڪئي هئي.“

”پر مان ته اوهان لاءِ ائين نٿو سمجهان.“

”ٻين جي سمجهڻ ۽ اوهان جي نه سمجهڻ مان فرق به ته ڪونه ٿو پوي، اوهين مهرباني ڪري رسيور کي ڇڏيو.“

”ڏسو! هلو... هلو! ڳالهه ته ٻڌو!“

”جي...“

”انهيءَ ڳالهه کي ختم ٿو ڪجي، پر ائين ئي ڳالهائين ۾ آخر ڪهڙو اعتراض آهي، مان به ته هڪ اديب آهيان، هن روشن دور ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ خراب ڳالهه ته نه آهي. اوهان منهنجا ليک ۽ شعر وغيره ته پڙهيا هوندا. منهنجو تخلص ’چور‘ آهي.“ هن پنهنجي اديب ۽ شاعر هجڻ جو هٿيار استعمال ڪيو.

”اوهان ڪنهن اديب يا اديبه سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيو. مان اديبه ناهيان.“

”پر محترمه!“

”اوهان جنهن زبردستيءَ سان فون ڪري ڳالهائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، اها ڪا سٺي ڳالهه ته ناهي ۽ نه وري ڪنهن عزت جي قابل، افسوس آهي جو اديب به اهڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳن ته باقي ڪنهن کي ڏوهه ڏجي.“

”پر مون ڪا حرڪت ناهي ڪئي، منهنجو مقصد ته اوهان کي انهيءَ ڳالهه کان آگاهه ڪرڻو هو.“

”اوهان خطري کان آگاهه ڪيو، تنهن لاءِ اوهانجي نوازش، عنايت، مهرباني احسان! ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ گهرندا؟“

 ”اوهان ته خواهه مخواهه....“

۽ شمس هن جي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ۾ ئي رسيور رکي ڇڏيو.

”توبهه، ماڻهو نه هو ڄڻ چچڙ.“ سک جو ساهه کڻندي چيائين.

’چور‘ اهو تخلص ڪنهن جو آهي. هن سوچيو ها... ٺيڪ آهي اشفاق ’چور‘ جي نالي سان غزل وغيره ته ڇپيا آهن... پر هي ۽ هن قسم جا اديب به ڪهڙي ذهنيت جا مالڪ آهن! سچ پچ ته ڏک ٿئي ٿو...

هوءَ اڃا سوچي ئي رهي هئي ته ايتري ۾ رشيده سندس سَرتي به اچي سهڙي.

”ڪنهن جو فون هو؟ توکي ڳالهائيندو ڏسي وڃي ماسيءَ سان ڪچهري ڪيم.“

”چور جو فون هو، تنهن پئي ڳالهايو.“

”ڇا چيئيءِ؟ چور جو؟ چورن جي هاڻي ايتري همت ٿي آهي جو فون تي اچڻ جو اطلاع ٿا ڏين.“ رشيده پريشان ٿيندي چيو. هوءَ ڊڄڻي ته اڳي ئي هئي، چور جو ٻڌي ساهه ٿي نڪتس.

”ها، چور پر رواجي چور نه، تون ته ائين ڊڄي رهي آهين، ڄڻ ڪو سچو پچو خطرناڪ چور هجي- چور ته هن جو تخلص آهي. نئين نسل جو نمائندو ۽ اديب.“ شمس وضاحت ڪئي.

”هان! مون ته سمجهيو شايد... پر هي ماڻهو اهڙا تخلص ڇو ٿا رکن“ جنهن مان غلط فهميءَ جو گمان ٿئي؟“

”تون نٿي سمجهي سگهين رشيده، هتي اڻ گهڙيل ماڻهو اهڙائي تخلص رکندا آهن. جهڙوڪ: ’چور‘، ’آواره‘، ’بي وفا‘، ’مرحوم‘، زخمي‘، ’ڦٽيل‘، ’روڳيل‘، ’خارباز‘، ’پاڳل‘، ’وحشي‘، ’درد‘، ’ڌوڙ‘، ۽ ’ڌڌڙ‘ وغيره.“ شمس يڪ ساهي سڀ نالا وٺي وئي.

”تعجب آهي!“

”پر هي نئين نسل جو نمائندو ڪهڙي بلا آهي، ’نئين نسل‘ کي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟“

”سڱ ته ڪونه اٿن پر ڳالهيون سڱن واريون ئي ڪن ٿا.“

”ڇو ڀلا! آهن ته ماڻهو نه؟“

”آهن ته بلڪل ماڻهو، انهن جهڙو پائين، انهن جهڙو کائين، عام ماڻهن وانگر پنهنجي مطلب لاءِ خوشامند به ڪرڻ ايندي اٿن، يعني گڏهه کي به پيرين پوڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا آهن. سندن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ترتيب آهي، تنظيم آهي ۽ مقصد آهي. پر ادب ۾ سندن ڪوبه نشان ناهي. عجب ته اهو آهي جو جڏهن ساڻن ڳالهائبو ته سڀڪجهه چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچيو وڃي. پر جڏهن ڪهاڻي لکندا آهن ته مجال آهي جو ڪجهه سمجهه ۾ اچي. پڙهندڙ حيران ۽ ششدر رهجيو وڃي.“

”ها چئين سچ ٿي، مونکي به هڪ اهڙيءَ ڪهاڻيءَ سان واسطو پيو هو جا ڪجهه هن ريت لکيل هئي ته:

’وڌايان ٿو وک اڳتي، نٿي لهي مونجهه من ۾، واريان ٿو پاسان کٽ تي، ٿئيم ٿي پيڙا اندر ۾! اُٿن ٿا اُڌما مَن ۾. اچن ٿا ڀڀڪا ذهن ۾‘- بس مان توکي ڇا ٻڌايان ڀيڻ، اصل مٿوئي ڦري ويم. مونجهه وچان ڪهاڻي ڦٽي ڪيم. آخر اهڙي ڪهاڻي لکڻ جو مقصد؟“

”کين پنهنجي نوڪريءَ جي مقصد جي چڱيءَ ريت ڄاڻ هوندي آهي پر ڪهاڻي جي بنهه نه، جڏهن پورهيو ڪري ساڻا ٿي گهر ڏانهن يا پوءِ جيڪو به اڏو هوندو اٿن اوڏانهن وک وڌائيندا آهن ته پنهنجن ٻنهي ٽنگن جي آڌار تي اڳتي وڌندا ويندا آهن، پر پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن بازيگر وانگر مٿي جي زور تي ابتا ٿي رڙهندا آهن، ۽ پوءِ خبر اٿئي انهيءَ کي ڇا چوندا آهن؟- انهيءَ کي نئين ڪهاڻيءَ جو آرٽ- تجرباتي آرٽ چوندا آهن.“

”واهه! جواب ناهي انهيءَ تجرباتي آرٽ جو! اهڙي طرح سماج ۾ ڪهڙو سڌارو آڻيندا؟“

”سماج جي کين ڪابه پرواهه ناهي، سماج جا قائل آهن ته رڳو ايتري قدر ته سماج کين ڪجهه ڏي ۽ لڳاتار ڏيندو رهي، ڪهاڻي لکڻ مهل بلڪل بي مقصد هوندا آهن. ڪهاڻي ڇپڻ شرط فوراً مقصد جا قائل ٿي ويندا آهن. يعني معاوضي، شهرت، عزت ۽ تعريف جنهن لاءِ اڪثر عام ماڻهو حيران ۽ سرگردان رهن ٿا.“

”ڀلا ٻڌاءِ ته سهي، چور صاحب ڇا ٿي چيو.“ رشيده بيتابيءَ مان پڇيو.

”اهوئي، جيڪو سيکڙاٽ ۽ ٽرڙي قسم جا هٿ ٺوڪيا جدت پسند ۽ بظاهر روشن خيال پر ساڙسڙيا اديب هڪ ٻئي لاءِ پرپٺ زهر اوڳاڇيندا رهندا آهن.“

”آخر خبر به پوي ته ڇا چوندا آهن؟“

”اهوئي ته تنهنجي ڪهاڻي چوريءَ جي آهي.“

”جنهن ڄار چرندي ٺڪاءُ ڏنو، تون انهيءَ جي چوڻ تي لڳي آهين- چور کي پنهنجو عڪس نظر آيو هوندو؟“

”چور ته ويچاري پاڻ ’ساڌ‘ ٿي فون ڪيو هو. پاڻ ائين ٿوروئي ٿو سمجهي، ٻين جي خيالن کان آگاهه پئي ڪيائين.“ شمس طنز مان چيو.

”ڀلا انهيءَ همدرديءَ جو سبب؟“

”انساني فرض ۽ اديب بڻجي خاتون ليکڪ سان واسطو پيدا ڪرڻ، جيئن ادبي مجلسن ۾ سينو تاڻي چئي سگهي ته فلاڻي اديبه سان هنجي گهاٽي عليڪ سليڪ آهي.“ شمس سمجهائيندي چيس.

”پر واسطي پيدا ڪرڻ لاءِ ماڻهو اهو ڇو ٿا سمجهن ته ٻين جي گهٽتائي ڪرڻ سببان اسين ڪنهن جي سامهون سرخرو ٿي سگهنداسين؟“

”هرڪو ته ائين نٿو سمجهي، صرف اهي ئي، جن کي پراين پچارن ڪرڻ ۾ لطف ايندو آهي ۽ نفسياتي نقطي نظر کان اهڙين ڳالهين ۾ ڏاڍي دلچسپي هوندي اٿن. پر اهڙن ماڻهن جو قدر ڪير به نٿو ڪري، ڇو جو هو ڪنهن به ڳالهه ۾ چڱائي ڏسڻ بجاءِ برائي جا ڳولهائو هوندا آهن.“

”پر ائين ڇو ٿا ڪن؟“

”انهيءَ تي خاصو بحث ٿي سگهي ٿو. ائين سمجهڻ گهرجي ته تنگ خيالي، بد ذهنيت، حسد ۽ هلڪڙائپ وغيره جي ڪري.“

”ڏک جهڙي ڳالهه آهي.“  

”اِها ته آهي ئي، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. رڳو فوٽ پاٿن، هوٽلن ۽ ڪافي هائوسن ۾ ويهي اجائي لٻاڙ هڻڻ سان يا ٻئي ڪنهن جي گلا غيبت ڪرڻ سان کين ڪو اديب چئي سگهي ٿو ڇا؟ اهي نوجوان آهن کين پڙهيل به چئي سگهجي ٿو، جيڪڏهن چاهين ته ملڪ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ معاشي گهرجن ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي حالتن کي پيش نظر رکندي هڪ اهڙو ادب تخليق ڪري سگهن ٿا، جن تي نه فقط اسين پر ٻين زبانن وارا پڻ آفرين ۽ رشڪ جي نظر سان ڏسي سگهن ٿا.“ شمس بي ساختگيءَ سان چيو.

”آءٌ سمجهان ٿي اهڙي طرح ليکڪ اديبن ۽ اديبائن جو اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ساٿ ۽ سهڪار وڌي ته اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ۽ ڪنهن ادب لاءِ عظمت جو مقام پڻ.“ رشيده وراڻيو.

”اهو ته حالتن تي ئي منحصرآهي، هي نوجوان جيڪي لئيءَ مان لٺ ڀڃيو ۽ پُڇ ٻڌي مهري ٿيو گهمندا وتن، جنجي ڪابه علميءَ ۽ ادبي لياقت ناهي ۽ جنجو اٿڻ ويهڻ ۽ چال چلت به مشڪوڪ، ڪهڙي اديبه کي کٽي کنيو آهي جو انهن ڏانهن تعاون يا سهڪار جو هٿ وڌائيندي.“

”چئبو ته اهي هٿ ٺوڪيا اديب، اديبائن کي اڳتي اُسرڻ نٿا ڏين؟“

”ڪوبه شخص ڪنهن جي تخليقي عمل کي اُسرڻ کان نٿو روڪي سگهي پر هت قصو انجي ابتڙ آهي، جيڪڏهن ڪا اديبه چڱو لکي ٿي ۽ انهيءَ جو اهڙي قسم جي هٿ ٺوڪين اديبن سان ڪو تعلق ناهي ته اهي ’اديب‘ سندس لکڻين تي غلط انداز ۽ دلشڪني واري نموني سان دل آزاريندڙ ٽيڪا ٽيڪڻي ۽ بڪواس ڪندا وتن ٿا؛ جيئن هوءَ لکڻ کان ئي هٿ کڻي ڇڏي يا ادبي ميدان ۾ آڻ مڃي پنهنجي پوزيشن کي سيڪنڊري سمجهي.“

”ڀيڻ هاڻي ڇڏين کڻي، ويچارا گمراهه آهن، انهن تي ڪهڙيون ميارون!“

”رشيده! ائين مناسب ناهي ته گمراهه کي وڌيڪ گمراهه ڪيو وڃي. انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو نه آهي پر کين ٿوري تربيت جي ضرورت آهي. کين گهرجي ته صحافت ۽ ادب بابت، صحيح طريقي سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪن ۽ اڳتي وڌن، اهڙي طرح سان نه فقط صحتمند ادب جي تخليق ٿيندي پر سندن اخلاقي تربيت پڻ ٿيندي، کين بااخلاق، باشعور ۽ سٺي شهري بنائڻ لاءِ سينئراديبن ۽ صحافين کي، جن جي ادبي ۽ علمي صلاحيتن جو هرڪو معترف ۽ مداح آهي، انهن کي گهرجي ته ان قسم جي نوجوانن جي تربيت ڪن.“ شمس خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان چيو.

”ڀيڻ تربيت ته ڏين پيا ۽ اصلاح به ته ڪن پيا، خبر ڪانه اٿئي تازو هينئر رسالن جا ايڊيٽر پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا ٿي ڦٽجي پيا هئا، پوءِ اهي اسان جا معزز اديب ئي ته هئا جن ڪالم لکي، قطعه ۽ خط لکي حالي ته ٺاپر ڪرائي ڇڏي.“ رشيده چيو.

”اهو به چڱو ٿيو، مس مس ته سنڌي رسالن سِسي کنئين آهي سي به جيڪڏهن وڃي مرڳو ’هائو‘ جي وات ۾ پوندا ته ڪم ڪيئن هلندو.“

”هاڻي ته خوب لکڻ گهرجي-“

”لکڻ ته گهرجي پر خواتين اڳ ئي گهٽ ٿيون لکن ٻيو اهو ڪيترو نه ظلم آهي جو کائن پڇڻ کانسواءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق لفظ بدلايو ڇڏين. خدا جا بندا، جيڪڏهن توهان کي ڪنهن لکڻيءَ ۾ اعتراض نظر اچي ٿو ته ان بابت پڇو، جي لکندڙ تبديلي آڻڻ لاءِ راضي آهي ته ٺيڪ نه ته ٻيءَ صورت ۾ مواد کيس واپس موڪليو وڃي. ڪين لکڻيءَ جي ٻيڙي ٻوڙي پوءِ کيس خط لکجي ته معاف ڪجو، توهان جي اجازت بنا فلاڻو لفظ بدلائي هي لفظ لکيو اٿئون، دل ۾ نه ڪندا!“

”واقعي جواب ناهي دل ۾ نه ڪندا جو، اهو ته ٿيو ڪنهن کي پٺيءَ ۾ خنجر هڻي پوءِ معافي گهرڻ.“

”توکي اهو ٻڌي عبرت لڳندي ته منهنجي تازي لکيل ’اسيڪچ‘ ۾ رڳو هڪ سنڌي خاتون جي ست سال پراڻي تصوير جو بلاڪ ڏيڻ لاءِ خاص طرح سان ’سچيئشن‘ ڪرئيٽ ڪئي وئي!“

”هان!!“

”ان کان سواءِ ڪجهه سٽون به غائب ۽ هڪ سڄي پيراگراف جا لفظ اهڙي طرح هيٺ مٿي ٿي ويا آهن جو مان پاڻ منجهي پيس ته ڇا لکيل آهي. مونکي بيحد ڏک ۽ شرم محسوس ٿيو ته منهنجا پڙهندڙ ڇا سوچيندا هوندا.“

”پروف به جيڪڏهن چڱيءَ طرح نه پڙهبا ته ڪهاڻيءَ جو روح باقي ڪهڙو رهندو.“ رشيده چيو.

”مرد ليکڪن لاءِ ته اها روايت مشهور آهي ته هو مشين تان به پروف لاهيو پڙهيو وٺن ٿا. پر خواتين ويچاريون ڇا ڪن. پوءِ انهن جي دل ڪيئن چوندي لکڻ لاءِ.“ شمس ڏک مان چيو.

”ائي نينگريون! هاڻي هلي ماني کائو، توهان جون ته ڳالهيون کٽڻيون ناهن.“ شمس جي ماءُ ڪمري ۾ ايندي کين چيو.

”اُف، سردي ته ڪيتري آهي. منهنجو ته دم ٿو گهٽجي.“ اشفاق ’چور‘ چئي رهيو هو.

”دم ٿو گهٽجي! يعني سرديءَ ۾ تنهنجو دم ٿو گهٽجي؟ ڪمال ٿو ڪرين يار، دم ته گرميءَ ۾ گهٽبو آهي.“ اختر حيرانيءَ مان پڇيو.

”ها، يَر! دم ته گرميءَ ۾ گهٽبو آهي، پر جيستائين گرم گرم چانهه منهنجي چپن کي نه ڇهندي ۽ نڙيءَ مان هيٺ نه ويندي، تيستائين آءٌ واقعي گُهٽ محسوس ڪندو آهيان.“

”اڇا، اڇا! اهو مطلب آهي تنهنجو!“ اختر ڦڪي مرڪ چپن تي آڻيندي چيو. هن جو خيال فوراً بل ڏانهن ويو.

”پر ڪا ڳالهه ناهي، جتي ايترا ڪوپ چانهه جا، اتي ٻيا ٻه سهي!“ هن گهڙي ساعت دل کي آٿت ڏيندي سوچيو.

”پوءِ هل ته هوٽل تي هلون،“ گهڙيءَ کن ۾ هو فٽ پاٿ تان لهي هڪ هوٽل جي ميز جي چوگرد ڪرسين تي اچي ويٺا، جنهن تي شام جو اڪثر ’چالو‘ قسم جي ’اديبن‘ جو قبضو هوندو آهي ۽ هو تيستائين هوٽل مان نه نڪرندا آهن جيسين کين لوڌي نه ڪڍيو ويندو آهي.

”دو چاءِ لائو!“ اختر بيري کي آرڊر ڏنو.

”سائين اسپيشل يا چالو؟“ بيري سنڌيءَ ۾ بي نيازي سان سوال ڪيو.

”اڙي يار، چالو ئي کڻي آءُ، اسپيشل جي وري جوڙجڪ ڪٿان ٿي ٿئي!“

بيرو حڪم جي تعميل ۾ ٻه گرم گرم چانهه جا ڪوپ کڻي آيو، سارو ڏينهن ڪڙهيل ۽ سڙيل چانهه- جنهن جي پيئڻ سان انسان جا جيرا به جلي وڃن.

اشفاق چانهه کي ڏسي، پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي- هڪ ئي ڍڪ پيئڻ سان هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻڪ ساري دنيا جو نشڪو انهيءَ ڍڪ ۾ سمايل هو. پر وري جلد ئي بي سڪون ٿي پيو.

”ڇو وري ڇا ٿيئي؟“ اختر پڇيس.

”مڙدي سان گڏ ڪفن ته ڪونه آيو!“

”اڇا، اڇا! سمجهيم. بيرا، ٻه سگريٽ ڪي- ٽو جا وٺي آءُ!“ بيرو ڏهين پئسي جو سڪو وٺي ٻاهر نڪتو ۽ ٿوري دير کان پوءِ واپس اچي عاجزيءَ سان چيائين.

”سائين هي ڏهه پئسي خراب آهي ٻي ڏيو.“ اختر تنهن تي ٻي ڏهه پئسي ڏنس.

سگريٽ جي دونهي ۽ چانهه جي گرميءَ سان هنن جي اکين ۾ تازگيءَ جي چمڪ اچي وئي. هو هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي مشڪيا.

”دم جي گهُٽ جو ڪهڙو حال اٿئي؟“ اختر ڊاڪٽر وانگر سوال ڪيو. ”بلڪل فرحت اچي وئي آهي. دماغ ۾ حسين پلاٽ رقص ڪري رهيا آهن.“ اشفاق ماليخوليا جي مريض وانگر ڳالهايو.

”ها، يَر! اهو ته ٻڌاءِ، اڄڪلهه ڪهڙا افسانا لکي رهيو آهين ۽ ڪٿي ڪٿي عشق پيو پچائين؟ من انهيءَ بهاني ڪو مونکي افساني جي پلاٽ ملي وڃي. اڄڪلهه ته دماغ ڪم ئي نه پيو ڪري.“ اختر چيو.

”ڪٿي! مونکي ته اڄڪلهه فرصت ئي گهٽ ٿي ملي. تون ٻڌاءِ.“

”مان ادبي دنيا ۾ هڪ ’نئون شاهڪار‘ پيش ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان. انڌي سماج تي اهڙو شاهڪار لکندس جو سڀن جا تاڪ لڳي ويندا.“

”ها! ٻيو ڇا سماج انڌو آهي. سماج جا ڪارڪن انڌا آهن، اهڙي حالت ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو؟ ادب ڪيئن ترقي ڪندو؟ ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار ادب تي آهي، جيستائين ادب ترقي نٿو ڪري، تيستائين اهو ملڪ ۽ سماج ترقي نه ڪري سگهندو“ اشفاق چيو.

”۽ منهنجو ته اهو چئلينج آهي ته جيستائين اسين ادب ۾ ڪو اضافو نه ڪنداسين، تيستائين ادب ۽ سماج ٻئي انڌا، ڪاڻا، لولا ۽ لنگڙا رهندا. سمجهيئه منشي اڌارچند! يا وري توکي گدوءَ جو سير ڪرائجي؟“ اختر چانهه جا پئسا سجايا ڪندي اشفاق کي لتاڙيو. 

”سمجهيم، سمجهيم! واقعي تنهنجا خيال نهايت بلند آهن!“

”اها ته تو جهڙن نامور اديبن جي مهرباني آهي هونئن آءٌ ڪنهن قابل نه آهيان!“ اختر انڪساريءَ مان چيو.

”مهرباني، وڏي وڏي مهرباني!“

”پر...“

”پر ڇا؟ ڪنهن کي پيو ’پر‘ لڳائين؟ متان ’پر‘ مان ’پري‘ جي ڳالهه پيو ڪرين.“ هن اختر جي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽيندي چيو.

”نه ڙي يَر، اها وري ڪٿي تي هٿ اچي. آءٌ ته اهو پيو چوان ته صحتمند ادب جي اوسر جو دارومدار هڪ ٻيءَ ڳالهه تي به آهي.“ اختر چيو.

”اها ڪهڙي؟“

”اها هيءَ ته اسان جا گهڻائي هم خيال پيدا ٿين.“

”اهو ته درست آهي. پر اهڙا اديب ڪهڙي ٿا خدمت ڪن، هاڻي ته زائفائن به ادبي دنيا ۾ قدم رنج فرمايو آهي ۽ انهن ته صفا ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.“

”پر خواتين ته تمام گهٽ لکندڙ آهن جن مان زرينه، خالده ۽ بلقيس پراڻيون ٿي چڪيون آهن هينئر هڪ شمس ادبي دنيا ۾ قدم رکڻ جي تڪليف ورتي آهي! پر اها به اهڙو برو ته نٿي لکي!“

”۽ لکندي به ڪيئن!“ اشفاق طنز ڪئي. ڄڻ ته ڪنهن سازش يا اونهي راز جو کيس پتو پئجي ويو هجي ۽ ان کي پيٽ ۾ لڪائڻ ڪري کيس پٽڙا پيچ ٿي پيا هجن.

”ڇا مطلب؟“ اختر دلچسپيءَ مان پڇيو.

”جڏهن سٺا لکڻ وارا موجود هجن ته پوءِ خراب لکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!“

”کولي ڳالهه ڪر کڻي، ڪو شمع جو معمو پيو حل ڪرين ڇا؟“

”يار تون به الائي ڪٿي ٿو رهين! کولي وري ڪهڙي ڳالهه ڪريان. ڳالهه پڌري پئي آهي. ڪڏهن ايڊيٽر ٿا هن کي لکي ڏين ۽ ڪڏهن تو مون پارا ته ڪڏهن ڪٿان چورايو وٺي.“

”ائين وري ڪيئن!؟“

”ٻيو نه ته! هن کي لکڻ ئي ڪٿي ٿو اچي.“

”يار، اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٻڌايئه. اهو ادب سان ڌوڪو، اسان سان ڌوڪو ۽ سماج سان به ڌوڪو آهي. اسين، نئون نسل ان کي هرگز برداشت ڪين ڪري سگهنداسين.“

”ڪير ڌوڪو ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن سان ڪري رهيو آهي، جو توهان ٻئي وڦلجي رهيا آهيو؟ اسان کي به ته ٻڌايو.“

امجد ۽ اصغر سُر سان سُر ملائي چيو ۽ اچي هنن جي ڀر ۾ ويٺا.

”اچو، اچو، توهان به ويهو. محفل جي رونق هاڻي ته اڃا شروع ٿيندي!“

”يار! اهو رسالو ته هيڏانهن ڪجانءِ!“ امجد جي هٿ ۾ رسالو ڏسي اختر چيو ۽ رسالو وٺي سڀ کان پهرين فهرست ڏسڻ لڳو. صغرا جي نالي تي هن جي نظر رڪجي وئي. ”بلي! بلي! هاڻي هيءَ به ٿي لکي! ۽ وري تنقيدنگار بڻي آهي!“ هنجي لهجي ۾، ساڙ، ڪينو ۽ هلڪڙائپ هئي.

”ڪير؟“ امجد ڪرسيءَ تان اٿندي اختر جي هٿ ۾ جهليل رسالي تي جهڪيو، ڄڻ ڪنهن خزاني جي راز ملڻ جو امڪان هوس.

”يار، اهائي ته آهي جيڪا ريڊيو ڊارمن ۾ به حصو وٺندي آهي.“

”خدا جو قسم!“ امجد عجب مان پڇيو.

”نه ته ڇا! رسالو کڻي ڏس.“

”بلي بلي. ٻلي ست ڪوئا کائي هاڻي حج تي نڪتي آهي. ضرور بڪواس لکي هوندائين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com