سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :5

ساران ۽ شاهوءَ جي کهرن ۽ اُگرن اکرن، ورانڊي جون حدون لتاڙي اشرف کي سندس ڪمري ۾ ڇرڪائي ڇڏيو. هو ورانڊي ۾ نڪري آيو. ”ڇا ٿيو هو چاچي مراد کي ماسي؟“ هن اتاولي مان پڇيو. ”ابا ٿيس وري ڇا... ڌاڙيلن کي چاچهين تي بندوق هلائيندو ڏسي، رمونءَ پنهنجي ڇاتي آڏو آڻي چاچهين جي جان بچائي موت تي ٿورو ڪيو. پٽ چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو...مڙيئي ڏينهن پورا ٿيا هئس... ٿورو چاچهين تي ٿپي ويو.“ شاهُو هڪ ئي ساهي ۾ زهر اوڳاڇيو. ”ابا! چاچهين به ته ڪين گهٽايو...لوڪ لڄا کي نه ليکيندي، رمونءَ جي، نڌڻڪي ڌيءَ، ممتاز کي، شهزادين جيان نپائي وڏو ڪيو... نه ته در در جا ڌڪا کائي ها ڇوري... پڻس جيئرو به هجيس ها ته ڪهڙو ڇٽ جهلائيس ها.“ ساران اندر جو اوٻر ڪڍندي چيو. ”چاچا مراد ته اهو ڏاڍو نيڪ ڪم ڪيو. اهڙا وڙ ته وڏا ئي ڪندا آهن، اهڙا عظيم انسان ته اڄوڪي دور ۾ اڻ لڀ آهن.“ اشرف خوشيءَ ۽ فطر آميز لهجي ۾ چيو. ”ٺهيو هاڻي گهڻو ٿيو، ڏاڍي سوڀ کٽي آهيس- ڀلا جي جان بچايائينس، ۽ موت جي منهن پيو ته ڇا ٿيو؟ آخر به ته نوڪر هو نمڪ کاڌو هئائين. سندس فرض هو.“ ساران قهري نظرن سان اشرف کي گهوريندي چيو. ”زندگي قربان ڪرڻ وارا فرض ۽ نمڪ جا محتاج نه هوندا آهن، ماسي! اهو ته هڪ جذبو هوندو آهي. سڀني کان مٿاهون ۽ امر...“ اشرف نرم ۽ درد ڀرئي آواز ۾ ڀڻڪيو.

خيالن جي اختلاف ڪري حالتن يڪدم پلٽو کاڌو. ”مئو ابو ڪمدار جو“ شاهو ٻوڪٽ ڪري چپ ٿي ويئي... اها ماٺ ڪنهن طوفان جي اڳڪٿي هئي... ڪجهه گهڙيون اڳ واري پنهنجائپ ۽ خوشامدڙي نموني جو قرب، نفرت ۾ تبديل ٿي ويو. هن کي اشرف لاءِ ڌڪار ٿي پيئي. ساران ڪاريهر جيان وٽ کائي رهي هئي... اشرف تي ڏاڍ ۽ ڏمر ڪرڻ جي ويل ٽري ويئي هئي. هو خودار، مهذب، تعليم يافته ۽ پنهنجي پيرن تي بيٺل هو. هن کان رهيو نه ٿيو، ”شهر مان وڏي ننڍي سان ڳالهائڻ جو ڍنگ به وساري آيو آهين؟“ ساران طنز ڀريو تير، اشرف تي اڇلائيندي چيو. اشرف اوڌڪي ڀت جيان ڀُنتو ۽ خاموش ضرور هو... پر اٽل ۽ اڏول. اها هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي.

”چڱو کمن ماءُ! الا توهاري، وري ٻيءَ گهڙي اينديس.“ هن شرمن ٽئنڪ جيان پيش قدمي ڪندي چيو. ”چڱو ماسي! مولا مدد.“ ساران اڻ وڻنديءَ دل سان چوندي کٽ تان اُٿي. ماسي شاهوءَ جي انڪشاف کان پوءِ ساران جو سُک ئي ڦٽي پيو... گلڻ جي گهر اچڻ تي... ڳالهه ۾ مرچ مصالحو ملائي، کيس اوچتي انقلاب کان آگاهه ڪيائين... گلڻ پڻ اهو سڀ ڪجهه سڻي حيران هو. کمن پيءُ! ڇو نه ان مئي ممتاز جو سڱ پنهنجي کمن سان ڪرائجي.“ هن توپ جو گولو ڇوڙيندي چيو. پر اشرف جي هوندي؟“ گلڻ جو وجود لرزي اٿيو. ”اهو ماريو اشرف، اسان جي کمن جي جتيءَ مٽ به ناهي. شهر جا ٽڪر کائي پليو آهي، کيس هيڏي وڏي زمينداري سنڀالڻ جي ڪهڙي ڪل. رڳو اڳڙين جو گڏو آهي... مکيو چکيو گهمندو وتي... نه گهر جو گهاٽ جو، تون ئي چئه، ورهين کان پوءِ وريو آهي- ڪا مٽ مائٽ جي سار به لڌائين... هاڻي توکي جيڪي پٽڪا ٻڌاريائين سو به لوڪ ڏسندو... ادو مراد ڪو اڻڄاڻ ۽ اٻوجهه ته ڪونهي... تو واري سڪيلڌي جي لڇڻن جي سڀ خبر اٿس.“ ساران مرچن جي دونهين جيان، گلڻ جي هستيءَ کي ٻوساٽيندي چيو.

”هون...“ مڄو گلڻ، ساران جي تقرير کان مرعوب ٿي، تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. 

ممتاز کي ان ڳالهه تي اچرج هو ته هيڏو سارو زمانو، اشرف گهر کان ٻاهر رهيو... حويليءَ جي خوبصورت ۽ مضبوط در ۽ ديوارن تي ڪيتريون ئي بهارون ۽ خزائون آيون ليڪن ڪنهن به ڪڏهن اشرف جو ذڪر نه ڪيو... ۽ جڏهن کان اشرف هتي آيو هو... ٻين ڇا به کڻي محسوس ڪيو هجي، پر هن ڀانيو هو ته اشرف، هن لاءِ ئي تخليق ٿيو آهي.

وڏيري مراد خان، اها ڪهڙي خوشي هئي جيڪا هن ممتاز لاءِ خريد نه ڪئي هجي... هُومٿائنس ڪڏهن مادرانه شففت جو مينهن ٿي وسندو هو ته ڪڏهن پيءُ بنجي هن تي پيار ۽ محبت جي گلن جي ورکا ڪندو هو... پر تنهن هوندي به هن کي، پنهنجي گهٽ حيثيت هئڻ جو شدت سان احساس هو... هوءَ اهو ڪيئن ٿي وساري سگهي ته سندس ابا ڏاڏا، وڏيري مراد ۽ سندس وڏن جي، هن حويليءَ جي چائنٺ تي مٿو جهڪائي مري ويا هئا... هن کي خبر هئي ته هوءَ هڪ يتيم، لاوارث ۽ ڪاڻ وهيڻي ڪمدار جي ڌيءَ هئي...پر...پر...اشرف ته هن حويليءَ جو فرد هجڻ جي باوجود به رستي جو بيگانو پٿر هو... جيڪو هر ايندڙ ويندڙ جي قدمن جي ٺوڪرن ۾ هو... هن کي اشرف سان نه رڳو همدردي هئي پر هن ته پنهنجي دل ۾، سندس چاهت جون ڪيئي شمعون روشن ڪري ڇڏيون هيون... هن کي اهو احساس لائي ڇو هو ته اشرف جي پيار ۽ محبت جي شبنم، فقط سندس ئي دل جي گلشن لاءِ وقف هئي... اشرف جڏهن به هتي ايندو هو ته هوءَ سندس قدمن جي کڙڪي واري احساس کان ئي، ڪنوار ٻوٽيءَ جيان شرمائجي ويندي هئي.

ممتاز جي خاموش محبت، اشرف جي دل ۾ ڪيئي طوفان اٿاري ڇڏيا هئا... هو هر خطري کان بي نياز، پيار جي ڇوليون ڏيندڙ دريا ۽ ڪنهن سهاري سواءِ، اوڻٽيهين اونداهين هوندي به ڌوڪي پوندو هو... ۽ ممتاز سندس مخمور ۽ نيري اکين جي ساگر ۾ غرق ٿيڻ جي تمنا جي تصور کان ئي گهٻرائجي ويندي هئي... ”مون کان ڊپ ٿو لڳيئي؟“ فضا ۾ جلترنگ جو جادو ڦهلجي ويو. ”ڊيڄاريندڙ شين کان ته بزدل ڊڄندا آهن“ هن کانئس ٻانهن ڇڏائيندي چيو.“ ۽ بهادر!“ مو ئي جي مهڪار ممتاز جي وجود کي معطر ڪري ڇڏيو. نيري اکين سان.“ اشرف جي ڪنن ۾ ڪنهن لاقافي ۽ پرڪيف نغمي جا ٻول ٻرڻ لڳا.  

اشرف جيستائين ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا، مراد خان جي حويليءَ جو طواف نه ڪندو هو، هن کي ڪنهن پل سڪون نه ملندو هو... ها، کيس قرار به ڪيئن اچي ها... هن پنهنجو من، پيار جي سنهيءَ سئيءَ سان، ممتاز جي دل سان سبي ڇڏيو هو... ٻئي نڌڻڪا ۽ حقيقي پيار جا بکايل جو هئا... هڪ ٻئي جي قربت ۽ رفاعت جي احساس کان سندس دليون مسرور هيون... شاد هيون اشرف ته ڪنهن بي پناهه ۽ اڻ لکي نشي کان زمين تي ترندو رهندو هو. سندس دل جي خشڪ، اڻڀي ۽ ڏرا ڏنل زمين ۾ خوبصورت ڪنول جو اُڀري آيا هئا. سندن پيار جي پڙلاءَ واري سرهاڻ حويلي جو مضبوط ۽ ڊگهين ديوارن کان نڪري، ڳوٺ جي وڻ وڻ کي واسي ڇڏيو هو.

مراد خان دل جو مريض هو... کيس هر وقت ممتاز جو فڪر رهندو هو... هن کي ڊپ هو ته متان سندس مرڻ بعد ڪٿي ممتاز هڪ دفعو ٻيهر يتيم نه ٿي وڃي. هن کي اک اک جي پرک هئي، هن کي احساس هو ته سندس اکين پورجي وڃڻ کان پوءِ، ڪيئي اکيون ممتاز تي تير وسائي هن جي معصوم جگر کي گهائل ڪري ڇڏينديون. اشرف جي اخلاق، نياز ۽ نوڙت هن جي دل تي گهرو اثر ڇڏيو- کيس پورو احساس هو ته ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ هن کي اهو پيار نه ڏنو هو جنهن جو هو حقدار هو. ڏاڏيءَ کان به اشرف جي، ممتاز لاءِ چاهت ۽ دلچسپي لڪل ڪانه هئي؛ هن جي اها خواهش هئي ته ممتاز جو هٿ اشرف جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏجي- ۽ انهيءَ لاءِ مراد کي مناسب موقعي جو انتظار هو.

”کمن جو سڱ، ممتاز سان ڪرائجي ته هوند ڏاڍو سٺو ٿئي.“ ڏاڏي جي وارن ۾ ڦڻي ڪڍندي، شاهوءَ مناسب موقعو ڏسي؛ ساران جو خيال پيش ڪيو. ”ڀاڳن ڀري! اهي ته آهن لکئي جا ليکا. پرائي ڄائي آهي- مري جهان ڇڏڻو اٿئون، آءٌ سنديس مرضيءَ خلاف زور نه ڪنديس!“ ڏاڏيءَ پنهنجي عمر جي خلاف، نهايت نرميءَ سان نئين زماني جي ڳالهه ڪئي. ”پر ساران کي معمولي نوڪر جي ڌيءَ کي ننهن بنائڻ جو خيال ڪيئن آيو!... سندس شان نه گهٽبو؟“ ڏاڏيءَ طنز ڪندي چيو. ”او... هون! اهي ته ساران جون اجايون ڳالهيون آهن... پاڻ ڪهڙي وڏگهراڻي آهي... ڏاڏهنس سارو ڏينهن، رون رون ڪندو، سُرندو ڪلهي تي کنيو پيو پنندو هو... جڳ ڄاڻي ٿو- پِنَ جي ٽُڪرن تي پليل ساران، هاڻ کڻي وڏيري ٿي ته ڪو ڀولو ناهي. باندر ڀلي رنگ مٽائي... امڙ! عادت ته اهائي رهندي...!“ ماسي شاهو منافقت جا ليڪا لتاڙيندي چيو. ”ٺهيو هاڻي ماٺ ڪر، ڀتين کي به ڪَنَ آهن ڪو ٻڌي نه وٺئي!“ ڏاڏيءَ مشڪندي چيو. ”ٻيو نه ته، سچ ٿي چوان.“ شاهوءَ ايئن ڳالهايو ڄڻ ڪو کيپ کٽيو هجيس.

”امڙ منهنجي توبهه! زاري!... شهرن ۾ ته اهڙيون بي حيائون ٿينديون ڏٺيون ٻڌيوسين... پر ڳوٺ به هاڻ اجهو ٿا شهر بڻجن.“ ماسي شاهو ٻنهي هٿن جي ڏسڻين سان نڪ گهندي ۽ ڪن جون پاپڙيون ڇڪيندي چيو. ”وري ڇا ٿيو...؟“ ساران جا ڪن، زخمي سانبر جيان اُڀا ٿي ويا. ”ٿيندو وري ڇا... سسڻين پئي چوي ته ممتاز، پنهنجي مرضيءَ سان؛ ڏسي وائسي گهوٽ ڪندي! توڀان!توڀان! چار پنج درجا سنڌي جا پڙهي، پاڻ کي ولايت پاس ٿي سمجهي. مئي ليکن کاڌي جي ڌيءَ، نڀائي! ڇوڪريءَ ۾ ڪو ڦيرو آيو آهي! شهر جا نوان نوان ڦئيشڻ سکي پئي آهي- اشرف به سڄو ڏينهن وٽن پيو آهي. نه اٿس ڪم نه ڪار- مراد پنهنجي ڌنڌن سان، پوڙهيءَ کي ته ڪا ڪل ئي ڪانهي ته گهر ۾ ڇا پيو وهي واپري..“ ماسي شاهو وڏڦڙي جيان وسي رهي هئي. ”ماسي شاهو! تون به ويٺي ڏس- منهنجو نالو به ساران آهي- ڏينهن جا تارا نه ڏيکاريانِ ته چئجانءِ.“ ساران اُڀ ڏاريندي چيو.

اشرف اڄ بيحد خوش هو، کيس شهر مان تار ملي هئي ته اچي پندرهن ڏينهن اندر نوڪريءَ تي چڙهي- هو خوشيءَ وچان ٽپندو ۽ ڪڏندو سڌو چاچي مراد وٽ حويليءَ ۾ پهتو.

”ابا خير ته آهي؟ اڄ ڏاڍو سرهو پيو نظر اچين-؟“

”چاچا سائين، ڳالهه ئي سرهائي جي آهي.“ اشرف ٽانگر جيان ٽهڪي رهيو هو. ممتاز جا اشرف جي خيالن ۾ گم هئي، هن جي آواز تي کٽ تان ٽپو ڏيئي اٿي کڙي ٿي پر هڪدم وڏيري مراد جي موجودگيءَ جي خيال کان اتي ئي بيهي ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي.

پَٽ، اهڙي ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه آهي. آخر ٻڌائيندي به يا رڳو پرولين ۾ پيو ڳالهائيندين؟“

”چاچا سائين... مونکي نوڪري ملي آهي- اجها ڏسو تار- پندرهن ڏينهن اندر رپورٽ ڪرڻي اٿم-“

”پر ڪهڙي نوڪري- ڇا جي نوڪري-؟“

”توهان کي ٻڌائڻ وسري ويو هئم ته شهر مان ڳوٺ اچڻ کان اڳ هڪ ٻن هنڌن نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي هئم- هڪ ولائتي ڀاڻ ڪمپنيءَ وارن مونکي پاڻ وٽ اگرانامسٽ (Agranomist) جي پيشڪش ڪئي هئي ۽ چيائون پئي ته جلد ئي آرڊر موڪلي ڏيندا- اڄوڪي تار انهن موڪلي آهي-؟“

”پٽ توکي الله پنهنجيءَ وارو ڪري- اسانجون دعائون سدائين توساڻ هونديون- پر شهر وڃي اڳ وانگر غائب نه ٿي وڃجانءِ...! اسان پوڙها ماڻهو ڪا ڪل نٿي پوي ته ڪڏهن ٿو سڏ ٿئي- اسانجي اکين جو تون ئي ته سوجهرو آهين... مونکي ته تو ۾ وڏيون اميدون آهن ٻچا...“ وڏيري مراد پيار جي ورکا ڪندي چيو.

ممتاز هڪ دفعو ٻيهر اشرف جي شهر وڃڻ جو ٻڌي، روئي روئي ساڻي ٿي پيئي. سندس ڪاريون ۽ ڪجليون اکيون ٽانڊن جيان ڳاڙهيون ۽ منهن ٽامڻي هڻي چڪو هو.

اڙي- تون روئي رهي آهين؟“ اشرف سندس منهن مٿي ڪندي چيو.

”ڇڏ مونکي-!“

”هيءُ هٿ ڇڏڻ لاءِ ٿوروئي جهليا هئم.“

”ڇڏي ئي ته وڃين پيو-“

”توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي ته اڄ مان پنهنجن پيرن تي بيهڻ جوڳو ٿيو آهيان... عملي زندگيءَ جي پهرين ڏاڪي تي پير رکي رهيو آهيان... ۽ شهر پري ٿورو ئي آهي- مان هر موڪل تي ايندس به ته پيو نه! ڀلا تون سمجهين ٿي ته مونکي توکانسواءِ قرار ايندو...!“ هن ممتاز کي دلداري ڏيندي چيو.

ڳوٺان موڪلائي هو جڏهن نوڪري ته چڙهڻ لاءِ شهر روانو ٿيو ته هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي... اڳ شهر ۾ رهندي، کيس ڪڏهن به ڳوٺ جو خيال نه آيو هو... پر اڄ سندس ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون، وسي رهيو هيون... سندس ڪائنات ڳوٺ ۾ هئي... هو سڄي واٽ ممتاز جي تصور سان ڳالهيون ڪندو رهيو- فيلڊ ڊيوٽي ۾ اچڻ شرط هن پنهنجي علم ۽ خانداني زميندار هئڻ جي حيثيت سان، پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. مختلف قسم جي زمينن بابت، هر قسم جي ننڍن توڻي وڏن زميندارن، هارين ۽ نارين۽ ٻين واسطيدار ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچي ڪافي تجربو حاصل ڪري ورتو هو... هن ڏينهن کي ڏينهن ۽ رات کي رات نه سمجهيو- پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ ۽ خودداريءَ واري جذبي کي برقرار رکڻ لاءِ هن ڏاڍا جتن ڪيا... سندس، سڀ سان مانائتي هلت ۽ ڀل ماڻهپي نه فقط بالا آفيسرن جو من موهي وڌو هو، پر سندس ڀاڻ جي استعمال جا ڏسيل طريقا زميندار توڻي هارين لاءِ ڏاڍا فائديمند ثابت ٿي رهيا هئا... تنهن هوندي به هو اڳي کان اڳرو هو... هن پنهنجي مقصد واري هلچل ۾ اڃان به تيزي پيدا ڪري ڇڏي هئي... هن کي وقت ۽ وت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍو سڪون ۽ سرور ملندو هو.

پهريان ڏهاڙا ته هو ڳوٺ نه وڃي سگهيو هو پر ٻئي ٽئين ڏينهن ڳوٺ خط لکي... اڻ سڌي طرح سان، ممتاز کي ساڻس محبت جي احساس ۽ وابستگي ڏيکارڻ خاطر ڊگها ڊگها خط لکندو هو... پر پوءِ هر اٺين ڏهين ڏينهن کان پوءِ هن اچڻ شروع ڪري ڏنو هو. هو جڏهن پڪن ۽ ڪچن رستن جا سينا چيري چاچي مراد جي حويليءَ آڏو، زور سان جيپ جو هارون وڄائيندو هو ته اندر حويليءَ ۾ ممتاز جي ڪنن ۾ شرنايون وڄڻ لڳنديون هيون... هن جي مستيءَ ڀري جواني رقص ڪرڻ لڳندي هئي.

هو ڏينهن جا ڏينهن ڳوٺ ۾ ترسيل هوندو هو... جيتوڻيڪ کيس هڪ طرف، ممتاز جو قرب حاصل هو ته ٻئي طرف هُو صدين کان ويران بنجر زمينن کي نئين زندگي ڏيڻ لاءِ، پنهنجي علم ۽ تجربي وسيلي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي سمجهائيندو هو... تڏهن وڏيري مراد ۽ گلڻ جا سينا فخر کان تاڻجي ويندا هئا... هن ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو ته ڪنهن ڪمپني جو نوڪر آهي... پر هن جي هر وک فرض جي صورت ۾، سنڌڙي جي سيني کي سرسبز ۽ شاداب ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌندي هئي... هو ڌر تتيءَ جو جيپ ڪاهي مٽيءَ ۾ ڀڀوت بڻجي جڏهن حويليءَ ۾ موٽندو هو ته ممتاز جون نظرون، عقيدت مان، سندس قدمن ۾ سجده ريز ٿي پونديون هيون.

اهو ڏينهن قيامت کان ڪنهن به ريت گهٽ نه هو... جڏهن اشرف، فيلڊ ڊيوٽيءَ تان موٽيو هو ته ممتاز کيس هٿ وڌائي ڏاڍي ناز ۽ محبت سان لفافو ڏنو. ”ڏاڍا خط پيا اچنوَ.. اها وري ڪهڙي ڏائڻ ساماڻي آهي... جيڪا هر ٻين ٽين ڏينهن خط پئي لکي؟“ ممتاز جهومندي چيو. هو خط کولي پڙهڻ لڳو. خط جي هڪ هڪ اکر جو مفهوم سندس چهري تان نمايان هو. ”ڀيڄ ڀيڄ“ هن خوشيءَ مان نعرو هنيو ۽ خط هوا ۾ لهرائي، هو جمالي جي ڌن تي لهر ڪرڻ لڳو. ”ڇاهي خط ۾؟“ ممتاز بي صبريءَ مان پڇيو. ”ممتاز ڪمپني مونکي، وڌيڪ ٽريننگ خاطر، ڇهن مهينن جي مدي لاءِ، ولايت موڪلي رهي آهي.“ هن جهومندي چيو. ”ڇهه مهينا!“ ممتاز جو چهرو لوساٽجي ويو. غم ۽ نراسائيءَ جا گهرا ليڪا، هن جي سندر صورت تي اڀري بيٺا. هُوءَ سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. ”تون ته صفا چري آهين، ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي- هي ته خوشيءَ ۽ شادماني جو موقعو آهي، مون لاءِ، تولاءِ ۽ سڀني لاءِ، فخر جي ڳالهه آهي، جو ڪمپنيءَ ٻين پراڻن ماڻهن هوندي، مون سيکڙاٽ ۽ نئين ماڻهوءَ کي موڪلي رهي آهي.“ اشرف هڪ ئي ساهي ۾ کيس سمجهائڻ لڳو. ”اشرف! تولاءِ ته ڇهه مهينا اک ڇنڀ آهن. پر مون لاءِ ته اهي صديون آهن... صديون... اشرف مونکي ائين وڇوڙي نه وڃ... مون ۾ ايڏي سگهه نه آهي جو تنهائين جو زهر پي سگهان... اشرف آءُ مري وينديس... مري وينديس... تون نه وڃ. خدارا... نه وڃ...“ هُوءَ جذبات جي شدت کان اڌ مئي ٿي پئي. ”ڇا توکي مون تي اعتبار نه آهي؟... ڇا منهنجي چاهت کي واريءَ جو ڪوٽ ٿي سمجهين؟... ممتاز... ائين نه چؤ... نه ته محبت بدنام ٿي ويندي... آءُ تنهنجو آهيان... قيامت تائين تنهنجو رهندس... توکي حوصلو رکڻ گهرجي...“ اشرف نماڻي ۽ درديلي نوع ۾ ورجايو. ”ڇا تون منهنجو انتظار ڪندينءَ؟“ اشرف ممتاز کي ماٺ ڏسي پڇيو. ”پوڄاري جيڪي گل، پنهنجي ديوتا تي چاڙهيندو آهي... انهن گلن سان ٻئي ڪنهن جو تصور وابسته ڪرڻ، پوڄاريءَ جو موت هوندو آهي...“ ممتاز پنهنجي جذبن تي قابو پائيندي وراڻيو. ”سچ...!“ اشرف جو مکڙو گل جيان ٽڙي پيو. ”آزامائي ڏسجان...!“ ممتاز فضا ۾ خوشي ۽ غم جو تاثر پکيڙي ڇڏيو.

اڄ اشرف کي ولايت وئي پورا ويهه ڏينهن ٿيا ها... ممتاز ڏاڏي، وڏيرو مراد ۽ حويليءَ جو هر فرد، کيس ياد ڪري رهيو هو. ممتاز ته اشرف سان گهاريل ڏينهن جي يادن جي تصور ۾ گم هئي... حويليءَ جي چپ چپات ۽ نراسائي ساري ڳوٺ کي سوگوار ڪري ڇڏيو هو... اشرف جي وڃڻ کان پوءِ، کمون، ماءُ جي سيکارڻ تي، چاچي مراد جي گهر اچڻ وڃڻ وڌائي ڇڏيو هو... هو جڏهن مڇن تي تاءُ ڏيئي، سگريٽ جو سوٽو هڻندو هو ته فضا ۾ هڪ اڻوڻندڙ ۽ اُگري ڌپ جا هڳاءَ ڦهلجي ويندا هئا... ڏاڏي ويچاري ته ان ڌپ ۽ دونهين کان کنگهڻ لڳندي هئي... ممتاز ته کمونءَ جي کڙڪ ٻڌي ڪوٺيءَ ۾ ئي پورجي ويندي هئي... پر کمون... اکين جي اشارن، مڇن ۽ عامياني قسم جي ٻٽي معنيٰ رکندڙ جملن جا تير ممتاز تي اڇلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو... اهڙيءَ ريت هڪ طويل عرصو گذري ويو...پر اشرف وٽان ڪو حال احوال نه آيو... ممتاز جي تابناڪ ۽ روشن مستقبل جي ماڙي ڦهڪو ڪري اچي پٽ پئي هئي... اڄ اشرف کي وئي پورا نوَ مهينا ٿي ويا هئا... هوءَ پاڻ کي، ڪاڪ جا ڪانوَ اڏائي اڏائي، نراسائيءَ ۽ نااميدي جي تاريڪ غارن ۾ محسوس ڪرڻ لڳي هئي... کمونءَ جي کيچل بازي، شاهو ۽ ساران جي سازشن، محبت جي حسين تاج محل کي لوڏي ڇڏيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com