سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :19

”ٻيو وري، لکي به ڇا ٿي!“ اشفاق کي ڄڻ موقعو ملي ويو، ”انهيءَ کان گهڻو ته آءٌ ٿو لکي ڄاڻان. توهان تازو شايع ٿيل منهنجو هڪ مضمون ضرور پڙهيو هوندو. صغرا جي مضمون جي سٽا ته چڱي آهي پر مونکي اصل حقيقت جي خبر آهي ته اهو مواد ڪٿان کنيل آهي. پر پوري تصديق ڪرڻ کانسواءِ چئي نٿو سگهان. خاطري ڪري پوءِ ايڊيٽر ڏانهن خط لکندس. آخر مضمون جڏهن انهن کي لکڻ نٿا اچن ته چورائي شايع ڪرڻ مان فائدو؟“ هن پنهنجي متضاد بياني ۽ بيڪسي جو مظاهرو ڪندي چيو.

”بس ادا، رسالن جا اڻڄاڻ ايڊيٽر به ته خواتين جي انهيءَ ڏس ۾ گهڻي همت افزائي ٿا ڪن، ماٺڙي ڪيو مضمون ڇاپيو ڇڏين. ڪير چوري جي شڪايت ڪري به کڻي ته نظرانداز ڪيو ڇڏين. سندن خيال آهي ته خواتين به ادب جي صحيح خدمت ڪري سگهن ٿيون!“

”بڪواس! بلڪل غلط پيا ڳالهائين.“

اشفاق تي ڄڻ مرگهيءَ جو دورو پوڻ لڳو.

شمس ۽ رشيده پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. ٽيلفون جي گهنٽي ڳالهه اڌ ۾ ئي ڪٽي ڇڏي. شمس اُٿي رسيور کنيو.

”هلو.“

”آءٌ اشفاق ڳالهائي رهيو آهيان.“

”فرمايو!“

”اوهان جو افسانو عوام کي ڏاڍو پسند آيو آهي. اسان جي رسالي ’آپگهات‘ لاءِ به هڪ افسانو عنايت ڪرڻ فرمايو.“ هن عاجزيءَ مان چيو.

”معاف ڪجو، في الحال ان سلسلي ۾ آءٌ ڪو فيصلو ڪري نه ٿي سگهان. سوچينديس.“

”آخر ڪو لکيل افسانو ته اوهان وٽ ضرور پيو هوندو- پوءِ اهوئي کڻي ڏيو. جيڪڏهن ان ۾ ڪا اصلاح وغيره جي ضرورت پئي ته آءٌ پاڻ ڪري ڇڏيندسُ، اوهين خاطري ڪريو.“

”مونکي اوهان جي اصلاح ۽ مشوري جي ڪا ضرورت ڪانه آهي.“

”معاف ڪجو! آءٌ اوهان جي ادبي حيثيت کان انڪار ڪونه ٿو ڪريان، پر اهو پيو چوان ته اوهان کي مشوري وغيره جي اشد ضرورت آهي.“

”مون کي نه ڪا ڪهاڻي ڏيڻي آهي ۽ نه وري ڪنهن جي ’زرين مشوري‘ جي ضرورت آهي.“

”اوهين ته هروڀرو ناراض ٿي رهيو آهيو. منهنجو ته تمام وڏو پروگرام هو ته ادبي دنيا ۾ اوهين منهنجي مدد ڪريو ۽ آءٌ اوهان جي يعني آءٌ اوهان کي پلاٽ وغيره ڏيان ته اوهين ان تي ڪجهه لکو، پوءِ ان جي اصلاح جي جيڪڏهن ضرورت پئي ته پاڻهي ڪري ڇڏبي.“

”اوهان پنهنجي لاءِ اهو سوچي سگهو ٿا. ڪٿان به پلاٽ وغيره وٺي پنهنجي نالي سان افسانو وغيره ڇپرايو ۽ پاڻ کي نئين ادب جو علمبردار اديب ظاهر ڪريو، پر آءٌ ان کي هڪ غير مهذب ۽ ناشائسته حرڪت سمجهان ٿي. مهرباني ڪري اهڙيون صلاحون ڪنهن ٻئي کي ڏيو.“ ائين چئي شمس رسيور رکي ڇڏيو.

اشفاق کي ٽيليفون بند ٿيڻ جو آواز ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪنهن ٺڙاڪ ڪري چماٽ هنئي هجيس، هو سڄو ٿِٿان پِٿان ٿي ويو، کيس ائين محسوس ٿيو ته سندس اِهي ڪارستانيون ۽ بيهوديون حرڪتون، جن جو هو اڳواڻ هو، ڪڏهن هلي نه سگهنديون.

گيٽ آئوٽ

جسم ٿلهو متو، قد ڊگهو، رنگ صحتمند طرح سان ڪارو شيشم وانگر چمڪندڙ ڀريل ڳل، ٺوٺ خشڪ چپ، شايد سگريٽون گهڻيون پيئڻ ڪري. پر جڏهن هو کلندو هو ته هن جي سڄي چهري جو رنگ ئي بدلجي ويندو هو. وڏين وڏين گهرين اکين ۾ شرارت جي چمڪ اچي ويندي هئس. منهنجي ساڻس ملاقات همسفر جي حيثيت سان ساڳي ئي ڪمپارٽمينٽ ۾ ٿي. مان حيدرآباد کان ڪراچي وڃي رهيو هئس ۽ هو لاهو رکان ڪراچي. مون سان اهڙي ته پياري انداز سان پيش آيو، جو مان سندس سٺي ورتاءُ کان بيحد متاثر ٿيس. هن جي ڳالهين مان ائين پي معلوم ٿيو ته ماڻهو ڍول آهي. هڪ اعليٰ آفيسر ۽ اڌيڙ عمر هوندي به هو ڏاڍو دلچسپ هو نه ته اڄڪلهه جي مشيني ۽ ماتمي دور ۾ ماڻهو ڏاڍا سپاٽ، غير دلچسپ ۽ هڪ جهڙا ٿي پيا آهن.

جيتوڻيڪ مان عمر ۾ هن کان ڪافي ننڍو هوس پر هن جي گفتگو اهڙي ته دوستاڻي انداز واري هئي جو عمرن جو فرق بنهه محسوس نه پي ٿيو. دراصل اها خاصيت به ڪن ڪن ماڻهن ۾ هوندي آهي ۽ ان لاءِ مان به هن ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو هئس. هن پنهنجو نالو عزيز احمد ٻڌايو ۽ اهو پڻ ٻڌايائين ته هو ڪراچيءَ ۾ ئي رهندو آهي. جيتري دير ريل ۾ رهاسين اسان جو ساٿ رهيو ۽ مختلف موضوعن تي گفتگو ٿيندي رهي.

ڪئنٽومينٽ تي لهندي ئي مون ’موناليزا‘ هوٽل ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو. پر منهنجي مهربان همسفر مونکي پنهنجي بنگلي تي هلڻ لاءِ ايترو ته مجبور ڪيو جو مان انڪار به نه ڪري سگهيس. هڪ خالي ٽئڪسي آهستي آهستي وڃي رهي هئي. هن فوراً هٿ جي اشاري سان ان کي روڪيو. اسين ٻئي خاموشيءَ سان وڃي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين.

”ڪلفٽن!“ هن بي پرواهيءَ سان چيو.

”بهتر جناب.“ ٽئڪسي واري فرمانبرداريءَ مان چيو ۽ ٽئڪسي تيز ڪري ڇڏيائين. بنگلي تي پهچي منهنجي تمام سٺي نموني سان خاطر تواضع ڪئي وئي جنهن مان ظاهر ٿي رهيو هو ته عزيز صاحب هاڻي مونکي پنهنجن خاص دوستن ۾ شامل ٿيڻ جو درجو ڏيئي چڪو آهي.

جيئن ته اسين ٻئي ٿڪل هئاسين ان لاءِ منجهند جي ماني کان پوءِ جلد ئي سمهي رهياسين. شام جو ساڍي ڇهين بجي ڌاري ميزبان مونکي اچي اُٿاريو ۽ شام جي دستوري چانهه پيارڻ کان پوءِ پاڻ سان گڏ چهل قدميءَ لاءِ چيو، پهريائين ته ڪجهه پس و پيش ڪيم، ڇو ته شام جو مونکي پنهنجو خانگي ڪم لاهي صبح جو واپس حيدراباد روانو ٿيڻو هو. پر پوءِ عزيز صاحب جي اڳيان هڪ نه هليم ۽ مجبور ٿي پيس. هن مونکي ٻڌايو ته هو چهل قدمي ڪرڻ جو عادي آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايائين ته جيڪڏهن هو ڪجهه ڏينهن لاءِ چهل قدمي  ڇڏي ڏي ته سندس پيٽ سنڌ جي روايت ڪامورن مطابق تمام جلد وڏو ٿي ويندو آهي.

رستي تي هن مونکي چيو ته ”ادا، اڄ ٽي مهينا ٿي ويا آهن جو مون شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هاڻي ته ڪراچي جي آب هوا به ڀانءِ نٿي پوي، دم جو شوڪو به ڀانيان ٿو ته سنجريم پيو انڪري خيال اٿم ته سڀاڻي توسان گڏجي حيدرآباد هليو هلان، جت چند ڏينهن تنهجي صحبت ۾ گذاريان.“

”اکين تي سائين!“ مون فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو. سامهون ٽئڪسي کي گذرندو ڏسي هن جو خيال الائي ڪيڏانهن هليو ويو ۽ هڪدم ان کي سڏي ’ماريمار‘ هوٽل ڏانهن هلڻ لاءِ چيو.

چهل قدميءَ مان يڪدم ٽئڪسي ۾ چڙهڻ جو ارادو ڏسي پهريائين ته مان حيران ٿيس، پر پوءِ خيال ڪيم ته وڏا ماڻهو آهن دنيا جي هر ڳالهه وانگر ارادو بدلائڻ به انهن جي لاءِ ڪا مشڪل ڳالهه ناهي، آخرڪار اسين هوٽل ۾ اچي پهتاسين.

مدهوشيءَ جي عجيب فضا چئني طرفن پکڙيل هئي، نشي ۾ بدمست ماڻهو جام تي جام پي رهيا هئا. اسين هڪ ميز جي چوگرد پيل ڪرسين تي ويهي رهياسين هن اصرار ڪيو ته مان به ساڻس شريڪ ٿيان، پر منهنجي انڪار تي هن اڪيلي ئي بيري کي ’پيگ‘ جو آرڊر ڏنو ۽ جلد ئي ختم به ڪري ڇڏيائين. جنهن کان پوءِ چپن تي مرڪ آڻي منهنجي اکين ۾ گهوريندي چيائين ته ”بس، باقي ٻه.“ ائين چوندي رعب ۾ بيري کي هڪ ٻئي پيگ آڻڻ جو آرڊر ڏنائين.

ٻئي پيگ تي عزيز صاحب تفصيل سان ڪراچي جي موسم تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو خاص خيال ڏيکاريائين ته انهيءَ گندي آبهوا مان نڪري توهان سان گڏجي هلندس.

هينئر هن ٽئين پيگ جو آرڊر ڏنو ۽ پيئندي منهنجي ساراهه ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين ته آءٌ ڪهڙو نه شريف آهيان جو هن ’شي‘ کان پري آهيان، پر حيدرآباد هلڻ ۽ اُتي مونسان گڏ رهڻ جو اصرار ان وقت به رهيو منهنجي ساراهه سان گڏوگڏ ڪجهه شعر به ٻڌايائين، ۽ اهو انڪشاف به ڪيائين ته کين فقط شاعريءَ سان دلچسپي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن لِکي به وٺندو آهي.

هينئر سندس پهرين انجام موجب ٽي پيگ پورا ٿي چڪا هئا، پر وري به، ”بس صرف هڪ“ چوندي بيري کي آرڊر ڏنائين.

”مان ڪڏهن به گندو شراب نه استعمال ڪندو آهيان. هميشہ ’اسڪاچ‘ پيئندو آهيان ۽ سوڊا جي بدران مونکي پاڻي وڌيڪ وڻندو آهي.“ هن هڪ ڍڪ ڀريندي چيو. پل کن لاءِ هن جي چهري تي سنجيدگي ڇائنجي وئي.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيائين، ”پر حقيقت ۾ ته شريعت موجب شراب حرام آهي. قرآن شريف ۾ اهو پڻ فرمايل آهي، ان لاءِ نهايت ئي شرمندو آهيان. خدا جي اڳيان ڇا جواب ڏيندس؟“ هن وڏي ويچار مان چيو، ”پر خير، هاڻي مان سوچي ۽ پڪو ارادو ڪري چڪو آهيان ته هن خبيث شئي کان هميشہ لاءِ توبهن ڪندس. خدا وڏو رحيم آهي، پنهنجن بندن جون وڏيون وڏيون خطائون بخش ڪيو ڇڏي، پر آءٌ سچ پچ ته ڏاڍو نالائق آهيان، قرآن ۽ شريعت جي پيروي نه ڪرڻ گناهه عظيم آهي.“ هو ذري گهٽ روئڻ هارڪو ٿي ويو.

مون سگريٽ کي ايش ٽري ۾ وجهندي هن ڏانهن نهاريو. هن وقت هو مونکي ڏاڍو عجيب معلوم ٿي رهيو هو. هينئر هن شريعت ۽ موسم کان پنهنجو موضوع موسيقي ڏانهن بدلايو ۽ گڏوگڏ پنجين پيگ جو آرڊر به ڏنو،

”اڄ راڳ جا قدردان ڪٿي؟ ويچارا موسيقار بک پيا مرن، تو ۽ مون جهڙا خاندان ڪيترا، جي راڳ جي سمجهه رکن ٿا.“ هن پاڻ سان گڏ مونکي به شامل ڪيو.

”جي ها سائين! ٻيو نه ته وري.“ منهنجي لهجي جو طنز هو محسوس نه ڪري سگهيو.

”يار، عاشق علي خان جي ڀيروي ته بس ڪمال جي آهي، خدا جو قسم جيڪڏهن اڄ سڀ موسيقار به گڏجي ويهن ته هوند صحيح ڳائي به نه سگهن.“ ائين چوندي هن جي هٿن کي جنبش آئي ۽ ٽپائيءَ کان طبلي جو ڪم وٺڻ شروع ڪيائين ۽ پهرين ٺپ ٺپ سان سندن پنجون پيگ ڪپڙن تي هارجي پيو- ٻارهن رپين جو نقصان ٿيندو ڏسي هڪدم جوش ۾ اچي، بيري کي وري پيگ آڻڻ لاءِ آرڊر ڏنو ۽ جيستائين بيرو اچي هُن ”جادو لائي ويا جيءَ ۾“ وارو راڳ ڳائڻ شروع ڪيو.

پريان ڪجهه شرابي جيڪي پڻ هن وانگر راڳ جا ڄائو هئا واهه واهه ڪرڻ لڳا. بيٺي بيٺي پنج کن شرابي ڪرسين کي سرڪائي اچي هن جي ويجها ٿي ويٺا. سڀني جي هٿن پنهنجا پنهنجا جام هئا. هڪ ڄڻي ته ساڻس سُر ملائڻ شروع ڪيو. ان وقت ’سا- ري – گا- ما- پا‘ جي جيڪا مٽي پليد ٿي سا ٻڌڻ وٽان هئي. ماڻهن جي واهه واهه ۾ هو پاڻ کي سچو پچو عاشق علي سمجهڻ لڳو هو. هڪ ته چئي به ڏنس، ”سائين واهه واهه، اڄ مدت کان پوءِ صحيح راڳ ٻڌو اٿئون.“ بس ايترو چوڻ جي دير هئي، هن بيري کي سڏ ڪيو. ”بيرا ايڪ پوري بوتل لاؤ!“ پنهنجي چوگرد ويٺلن کي پنهنجن هٿن سان شراب اوتيندو ڏيندو ويو.

هاڻي هنجو ڇهون پيگ هو، ليڪن مڙئي سرس. ڪنهن شامتِ اعمال فرمايو، ”سائين توهان کي غزل به ضرور ايندو هوندو.“

چوڻ جي دير هئي، هن زنانو سُر ڪري وٺي جو ڳائڻ شروع ڪيو ته ٻڌڻ وارن ۾ جيڪو ’موتي فقير‘ هجي ها ته به ڪن ڪپائي ڀڄي وڃي ها.

چشڪيءَ جو مزو وٺندڙ، جن جي آفرين آفرين پي پئي تن هن جي وڏي همت افزائي ڪئي.

ايتري ۾ هن ستون جام ڀريو ۽ انهيءَ مان ٻه ڍڪ ڀريندي ’راڪ اين رول‘ جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. بس پوءِ ته پنجئي دوست ساڻس گڏجي ’راڪ اين راڪ‘ چوڻ شروع ڪري ڏنو ۽ مون غريب کي به زورئي پاڻ سان شامل ڪيائون، موچڙن جي ڊپ کان انڪار به ته نٿي ڪري سگهيس.

هينئر ڪنهن ٻئي حاتم طائي بوتل جو آرڊر ڏنو ۽ وري سڀني ”لال پري‘ پنهنجي گلاس ۾ اوتي، عزيز صاحب جو هي اٺون جام هو، پر اٺين جام مان اڃان رڳو ٻه ڍُڪ مس ڀريائين ته ان بعد فوراً ئي هڪ وڏي ’آ، آئو‘ ٿي ۽ ڀرسان ويٺل هڪ همراهه جو سوٽ اُلٽيءَ جي نظر ٿي ويو. بس پوءِ ڇا هو، سوٽ واري همراهه نه ڪئي هم نه تم، ٺهه پهه هڪُ ڪڙاڪيدار کانگهارو هنجي منهن ۾ ٽِڙاڪ ڪري اُڇليو. ان کان پوءِ چانڊيا مگسي واري جنگ شروع ٿي ويئي. ٻه ٽي هِن طرف ته ٻه ٽي هُن طرف. نتيجي ۾ ٻئي اسڪاچ جون بوتلون به هارجي ويون. مطلب ته جيئن جيئن عزيز صاحب پنهنجو هوش وڃائيندو ويو تيئن تيئن مون کي هوش اچڻ لڳو. دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪري رهيو هئس ته ڪهڙي کُٽيءَ کنيم جو هڪ اجنبيءَ سان بي تڪلف ٿي بنگلي تي ويس. مان سخت بور ٿي رهيو هئس. ايتري بوريت زندگيءَ ۾ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئم. پنهنجي جان جي سلامتي انهيءَ ۾ سمجهيم جو ڀرسان پيل ميز جي هيٺان وڃي لِڪس. ٿوري دير بعد مئنيجر، بيرن سميت اچي سڀني کي جدا ڪيو. هينئر عزيز صاحب جوش ۽ غصي ۾ سهڪي رهيو هو. بيري کي سڏ ڪري چيائين ”بيرا، ڪهڙا ڪهڙا ڪمينا ماڻهو توهانجي بار ۾ ٿا اچن. وڃڻ پيک کڻي آ، اڙي! پر، صاحب لاءِ ڪافي ڪا سينڊوچ ته کڻي آ، ٽي ڪلاڪ ٿيا آهن جو هن کي پاڻيءَ جو گلاس به ڪونه پياريو اٿوَ.“ هن مون ڏانهن همدرديءَ واري نظر سان ڏسندي بيري کي چيو.

”مڙئي خير آهي سائين! منهنجو خيال نه ڪريو.“ مون رسميءَ طور چيو.

پر منهنجي ڳالهه ته ڄڻ هنکان وسري وئي. منهنجي ڪجهه نه کائڻ پيئڻ جو خيال اچي، وري غائب به ٿي ويس.

هينئر هن نائين پيگ جو آرڊر ڏنو. بيري آهستگيءَ سان نائون جام رکندي کين عرض ڪيو ته هن وقت رات جا ٻارهن ٿي رهيا آهن. پر عزيز صاحب سڌو آئي- جي پوليس، سان دوستيءَ جي دعويٰ ڪندي بيري کي يقين ڏياريو ته پوليس کيس ڪجهه نه چوندي.

نائون پيگ ختم ڪري هن ڏهين جو آرڊر ڏنو، بار جا دروازا بند ٿيڻ لڳا. ان بعد هڪ ٻي بوتل وٺي عزيز صاحب بنگلي ڏانهن هلڻ لڳو. رستي تي هنجي هڪ ٻئي صاحب سان ملاقات ٿي ۽ پاڻ ۾ ائين ڀاڪر پائي مليا جيئن صدين جا دوست هجن.

ٿوري دير ٻنهي جي پاڻ ۾ سُس پُس ٿي ۽ ان کان پوءِ ٽئڪسي روڪائي مونکي به پاڻ سان گڏ کنڀي هڪ نامعلوم هنڌ ڏانهن هلڻ شروع ڪيائون. مون پنهنجو هوش تڏهن سنڀاليو، جڏهن طبلي جي ٺپ ٺپ ۽ هارمونيم جو آواز ٻڌم. هينئر هو ٻئي، ۽ مان، انهن سان گڏ هڪ مجرم وانگر ڏاڪڻ تي چڙهندو نظر آيس. اتي هڪ عورت جنهنجي عمر عزيز صاحب کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هوند سا پف ۽ پائوڊر جي ڪرشمي جي ڪري ڇوڪري لڳي رهي هئي، ۽ شراب جي نشي ۾ مدهوش منهنجن همراهن کي بنهه ننڍي نينگري نظر اچي رهي هئي.

عزيز صاحب جي ڪوٽ مان فٽافٽ ڏهن جا نوٽ ڪڙ ڪڙ ڪندا نظر آيا. ۽ اوچتو مون ڏانهن منهن ڪري فرمايائون، ”ميان وڏو ڪو بي شرم آهين، اڌ ڪلاڪ راڳ ٻڌندي ٿيو اٿئي ۽ ڪجهه پئسو ڪونه ڏنو اٿئي.“

مان ڇا جواب ڏيان ها، نهايت مسڪين لهجي ۾ رڳو ايترو عرض ڪيم ته، ”سائين! مون کي ڀلا هاڻي اجازت ڏيو، تمام ضروري وڃڻو اٿم.“

”وڏو ڪمينو آهين، مون توکي چيو ڪونه هو ته گڏجي هلنداسين!“ ’گاءُ تڪيه‘ تي ليٽي يارهون پيگ پيئندي هن مونکي تيزيءَ سان گهوريندي چيو.

”سائين! مونکي ضرروي واپس پهچڻو آهي.“ رحم طلب نظرن سان هن ڏانهن نهاريندي مون عرض ڪيو.

ان وقت عزيز صاحب، جو ساڄي ۽ کاٻي الٽيون ڪري رهيو هو، نهايت سختيءَ سان هڪ خوفناڪ رڙ ڪري مونڏانهن مخاطب ٿي چيو، ”گيٽ آئوٽ!“

ويهه ڏينهن

نٿوءَ ماءُ ٻارن ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهي ڏنو. ستر ورهين جي عمر ۾ کيس اڄ خط پهتو هو ته اچي پنهنجي ماءُ واري گادي وسائي. سندس ماءُ، جا به سرڪاري دائي هئي، تنهن کي به سرڪار سٺ ورهين جي عمر ۾ ٽڪيٽ وٺائي هئي، پر نٿوءَ ماءُ ستر ورهين جي عمر ۾ نوڪري ملڻ جي خوشيءَ ۾ پنهنجو هوش وڃائي ويٺي. سندس موڪلاڻيون ۽ گڏوگڏ اوڇنگارون کٽيون ئي ڪين ٿي. ڄڻ ڪنهن وڏي محاذ تي وڃڻ جو وقت اچي چڪو هئس، پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي رڙ ڪندي چيائين، ”امان سيگهه ڪر، ڪا چانورن لپ، ڪا اٽي لپ، ڪا چانهه ذري، ڪا کنڊ چپٽي منهنجي لاءِ هڙ ۾ ٻڌي وٺ.“

”امان ڪو هنڌ بسترو به ته کنيون وڃ نه.“

ڌيڻس کيس ٺلهو سنڀرندو ڏسي چيس. ”انهيءَ جي ڪا ضرورت ناهي، سرڪاري نوڪري آهي، اتي سڀ ڪجهه پاڻهي ملندو.“ نٿوءَ ماءُ رعب ۾ وراڻيو.

سندس نهون، جي عذرائيل وانگر مٿانس اکيون ڦاڙيون بيٺيون هيون ته هيءَ آفت ڪا وقت ٽري ته نويڪلو ٿي ٽڪر کائنون، سي بظاهر نماڻيون اکيون ڪيون بيٺيون هيون، تن کي رڙ ڪري چيائين:

”ڇوريون! گهر جو خيال ڪجو، جي توهان جي مڙسن ۾ ڪو حال هجي ها ته پيريءَ ۾ ڌڪا نه کان ها، هاڻي وڃانوَ ٿي، گهر جي پارٽ اٿوَ.“

پوڙهي مڙس کان هڪ وڏي اوڇنگار سان ڀاڪر پائي موڪلايائين ۽ برقعو مٿي تي رکي ننڍي پٽ کي ساڻ وٺي نواب شاهه وڃڻ لاءِ اسٽيشن ڏانهن رخ ڪيائون.

ڪنهن زماني ۾ سندس برقعي جو نقاب هيٺ هوندو هو، پر جيئن جيئن پاڙي جا پڪا پوڙها مڙس اُسهندا ويا، يا نيم انڌا ٿي پيا ته نٿوءَ ماءُ به نقاب کي هميشہ لاءِ خيرآباد چئي ڇڏيو. پر برقعي جي ٽوپي سا سدائين مٿي ۾ کتل رهيس، پوءِ اڳيان ڀل سنهڙي پهراڻ هيٺ گنجي نه هيس، انگيءَ چوليءَ جي اهميت کي ته بيڪار سمجهي ڪڏوهڪو ڦٽو ڪري ڇڏيو هئائين.

ڀلو ٿئي، ’هڪ ته ڀاوين ڏون، اهو جهُڳا اِهو تون‘ واري خاندان سان تعلق رکندڙ، ليڊي هيلٿ وزٽر خانم جان جو، جنهن جي ذريعي پيريءَ ۾ نٿوءَ ماءُ کي سرڪاري نوڪريءَ جي آڇ ٿي هئي.

خانم جان جي نٿوءَ ماءُ سان واقفيت ٽريننگ دوران حيدرآباد ۾ ٿي هئي جتي کيس معلوم ٿيو هو ته نٿوءَ ماءُ نه فقط شهر جي جهوني پر نهايت ئي قابل دائي آهي. گهٽ ۽ وچولي طبقي کان وٺي اعليٰ طبقي جون بيگمات به کانئس ئي علاج وغيره ڪرائي چاڪ چڱيون ڀليون ٿي وينديون هيون. خانم جان جيتوڻيڪ ڪنواري نياڻي ڌيءَ هئي، تنهن هوندي به گهاگ زالن واري هوشياري حاصل هيس، جنهن جو ڪارڻ سندس چاليهن کان چڙهيل عمر هئي. عالباً انهيءَ ڪري ئي سندس لومڙيءَ جهڙين ننڍين ۽ تيز اکين نٿوءَ ماءُ تي پنهنجو ڪرم ڪيو. هوڏانهن نٿوءَ ماءُ به ڪچيون گوليون ڪونه کاڌيون هيون، ڀانيائين ٿي ته خانم جان اڃان سيکڙاٽ هئي، نئين نئين ليڊي هيلٿ وزيٽر ٿي آهي، انهي ڪري ’بازي‘ سندس ئي هٿ رهندي. کيس ڪهڙي خبر ته قضا سندس لاءِ ڪهڙو تير کنيو ويٺي آهي.

نٿوءَ ماءُ کي سندس مڙس، ڌيڻس، پٽن ۽ ٻاهرينءَ دل سان ننهن به گهڻوئي سمجهايس ته پيريءَ ۾ پرديس وڃي پنهنجا هڏ نه رلائي، موليٰ جي مهر سان هٿ ۾ شفا اٿئي، گهر ويٺي ئي سڀڪي مليو وڃنئي، پر توبنهه! پئسي ۽ ڪراڙي زائفان هئي. پيريءَ ۾ سرڪاري نوڪريءَ جي آڇ، ڪا معمولي ڳالهه ته نه هئي، ۽ وري خانم جان کيس گهڻئي دم دلاسا ڏيئي راضي به ته ڪيو هو.

نٿوءَ ماءُ جو نوابشاهه پهچڻ تي سٺي طرح خير مقدم ڪيو ويو.

کيس ۽ پٽس کي اڌ بک اڌ ڍئو جي مصداق ماني ڏني وئي، جنهن ڪري سندس پٽ ته موڪلائڻ بنا ٻئي ڏينهن سان ئي حيدرآباد جي ٽڪيٽ ورتي، پر سندس ماءُ انهيءَ خيال ۾ ماٺ رهي ته وري هڪ دکي رپين جي زمين اندر پوري ٻيهر حج ڪنديس. مطلب ته شيخ چليءَ وانگر گهڻائي گيهه جا گهڙا دل ئي دل ۾ گهڙي رکيائين.

ٻه ٽي ڏينهن ته سانت ۾ گذريس، هڪ ڏينهن جيئن ئي گلاس کڻي دليءَ مان پاڻي ٿي اوتيائين ته اوچتو کيس ’مڪار رانڊ‘! جا لفظ ڪنن تي پيا، گلاس هيٺ رکي هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺائين؛ ٻيو ڪير ڪونه هو. اهي لقب کيس ملي رهيا هئا، ايتري ۾ ڇڙٻ جهڙي آواز ۾ حڪم مليس ته ”اسان جي دليءَ کي هٿ نه لاءِ پنهنجي گهگيءَ مان پاڻي پيئندي وڃ.“ خانم جان، ڪاڪوس جي در وٽ رکيل سسيءَ لٿل گُگهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيس.

”امان اِها ته ڪاڪوس وٽ رکيل آهي.“

”پوءِ ڇا ٿي پيو، ٻاهر پئي آهي، اندر ته ڪونهي رکيل.“

نٿوءَ ماءُ ويچاري اکين ڏٺي مک نه ڳهي سگهي لاچار ڪمپائونڊ ۾ لڳل نل مان ڪوسو پاڻي پيئڻ ئي غنيمت ڄاتو.

خانم جان هڪل ڪندي چيس، ”جلدي ڪري ڪپڙا ڌو، ۽ تنهن کان پوءِ هيءَ کٽ ٻاهر ڪڍي هنڌ وڇائي.“

”امان آءُ پوڙهي زال آهيان، سڀ ڪجهه ڪنديس پر کٽ ٻاهر ڪونه ڪڍي سگهنديس. ڪپڙا به سنها سنها ڌوئي سگهنديس.“    

”جي اهڙي نازڪ بدن هئين ته گهر ويٺي هجين ها، هت ڌڪا کائڻ نه اچين ها.“

”امان مان ته سرڪاري نوڪري ڪرڻ آئي آهيان!“

”چل سرڪار ڪي بچي!“

نٿوءَ ماءُ زهر جو ڍڪ ڀري ڪپڙن تان وڏيون اڇون جُيون چونڊڻ لڳي، جن خانم جان جي ڏنل ميري تيل واري بستري ۾ سڄون راتيون نٿوءَ ماءُ جو رت چوسيو هو.

”آخ گندي! اسان جو گهر ٿي خراب ڪرين!“

”امان هي بستري مان چڙهيون اٿم!“

خانه خراب تيرا! پنهنجي گهران چهٽائي آئي آهين، هاڻي ٿي چوين بسترو خراب آهي. جي اهڙي صفائيءَ واري هئين ته پنهنجو بسترو کڻي اچين ها؟“

”امان مون ته سمجهيو هو هتي سڀ ڪي ملندم.“

”چل دفعا هو مردار، بيڙا غرق!!“ ٻئي ڏينهن صبح جو خانم جان ويم ڪرائڻ وئي جت سڄو ڪم نٿوءَ ماءُ کان ورتو ويو. پاڻ پنجاهه رپيا مٺائيءَ جا ورتائين پر نٿوءَ ماءُ کي صرف هڪ رپيو ڏياريائين، ان تي به ظلم اهو جو ٻاهر نڪري کانئس پنجاهه پئسا زوريءَ کسي ورتا.

نٿوءَ ماءُ جا گهڙيل گهڙا سڀ ڀڄي پيا! کيس هينئر پڪي طرح سان معلوم ٿي چڪو هو ته سندس مقابلو هڪ بدمزاج بخيل زال سان هو. کيس هينئر معلوم ٿيڻ لڳو ته ناڻو شينهن جي ڪن ۾ آهي ۽ پنهنجي پوزيشن مائي نوران وانگر، جا سندس ماءُ وٽ پٽيوالي هئي جهڙي نظر اچڻ لڳي.

خانم جان نٿوءَ ماءُ کان زنانين بيمارين ۽ ويمن وغيره جي باري ۾ خاص مشورا ۽ ديسي دوائن جا نسخا وغيره لکائي چڪي هئي، جنهن ڪري سندس ڪم ۾ گهڻي برڪت ٿي پئي هئي. نٿوءَ ماءُ تي ته هاڻي سندس اک ئي ڪونه ٿي ٻڏي- نه ته هوند سوني مرغي ڄاڻي سندس قدر ڪري ها. پر ڀانيائين ته آهي پوڙهي سان به سنڌياڻي ٻن ٽن روپين ۾ ئي سرڪاري نوڪريءَ جي نالي تي خوش ٿيو ويٺي هوندي.

نٿوءَ ماءُ پنهنجي من ۾ سٽيل اسڪيم مطابق ڪم شروع ڪري ڏنو هو. خانم جان جي غير موجودگيءَ ۾ مريض زالن کي ڦاسائڻ شروع ڪيائين جي ”امان انهيءَ ڏائڻ کي ڪهڙي خبر علاجن جي، سمورا ڏس مونکان پڇيو وڃي، اجايا ڏوڪڙ ٿي ڦريوَ مان ٿي علاج ڪريانوَ.“ نتيجو اهو ٿيو جو لِڪ چپ ۾ ڪيئي زالون نٿوءَ ماءُ کان دوائون وغيره وٺي وينديون هيون. اهڙي ريت نٿوءَ ماءُ ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري ورتا. هڪ ڏينهن اوچتو اسپتال جي ڊاڪٽر جو نٿوءَ ماءُ کي سڏ ٿيو، جتي کيس معلوم ٿيو ته ڪو سندس مائٽ ساڻس ملڻ آيو آهي. نٿوءَ ماءُ جنهن کي مڪمل طرح سان خانم جان ’ٿاليان پاڻيان‘ ڪڍي ڇڏيو هو ۽ کيس ڪنهن به شيءِ کي هٿ لائڻ جو امر ڪونه هو، سا وڏيءَ خوشيءَ مان مائٽ سان گڏ سندس گهر وئي ۽ اتي رات گذارڻ بعد چار سير چڻا، چار سير مُستي، ٿالهي، وٽو، ديڳڙي ۽ گلاس سميت واپس اچي اسپتال پهتي. سرخرو ٿيڻ لاءِ هڪ دفعو وري پنهنجي قسمت کي آزمائڻ جي خيال کان چئن سيرن چڻن مُستيءَ مان اڌ جو داءُ هيائين، پر هت به قسمت مٿانئس کلي رهي هئي. ٻئي ڏينهن خانم جان جو ست ڦٽو ڀاءُ جو ”ڦيٿي“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ بلڪل سڌي ڪاٺيءَ وانگر سمهندو ڳالهائيندو، اٿندو ويهندو آهي سو اچي وارد ٿيو ۽ هڪ ڏينهن جي قيام بعد نٿو ماءُ جا چڻا، مستي ۽ ڀيڻ (خانم جان) جي ڪمائيءَ جا پئسا ۽ ڪڪڙيون کڻي روانو ٿيو. نٿو ماءُ اهو سڄو ڏينهن ڀڳل گوشت جون واسون لڌيون ليڪن کيس رَس ۽ پٽاٽو به نصيب نه ٿيو البت صبح جو وڃڻ مهل ڦيٿي، هڪ گرانهن سين جو اک ڏنڀاڻي کيس ڏنو ۽ باوجود انڪار جي کيس قبول ڪرڻو پيو.

نٿوءَ ماءُ هڪ گرانهه جي همدرديءَ مان فائدو وٺندي دٻيل لفظن ۾ ڦيٿي سان سندس ڀيڻ جي زيادتين جو ذڪر ڪيو ڦيٿو جو ان مهل سيون کائي چڪو هو ۽ ڏندن تي زور سان آڱر مهٽي رهيو هو، تنهن گرڙي ڪندي پنهنجي گول اکين جي ڇنڀ سان تعاون جو يقين ڏياريو ۽ نٿو ماءُ هڪ نئين اُميد جي ڪرڻ پنهنجي دل ۾ روشن ڪئي. ڏجها ڏسندي ۽ سور سهندي کيس پنڌرهن سورهن ڏينهن گذري ويا هئا اهو به وقت هو جڏهن پنهنجي گهر ۾ کٽ تي ويهي حڪومت هلائيندي هئي. زالن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو علاج لاءِ هميشہ گهر ۾ موجود رهندو هئو. سُکيا ڏينهن وساري سندس چپ بي اختيار ڏڪڻ لڳا ۽ ڳلن تان ڳوڙهن جو بند ٽٽي پيس. جيئن ئي خانم جان ٻه سير ڪڙهيل کير جا پي ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪتي تيئن نٿو ماءُ تي نظر پيس، کيس روئندو ڏسي هڪدم سندس ناسون ڪاوڙ کان ڦنڊجي ويون ”مڪار رانڊ! هاڻي تنهنجي مجال ايتري ٿي آهي جو منهنجي ڀاءُ کي چغليون هڻڻ کان به نه ڊنئين!“

”نه امان، مون ته خير صلا جي ڳالهه ڪئي هئي مانس.“ نٿو ماءُ ڳوڙها اگهندي چيو.

نه صرف ايترو پر هاڻ منهنجي غير موجودگيءَ ۾ زالن جو اعلاج به ٿي ڪرين!“

”امان پاڻهي اچي صلاح وٺنديون آهن، مون به بکئي پيٽ لاءِ ناڪار ڪونه ڪئي.“

”خاموش! مان وڌيڪ ڪجهه نه ٻڌنديس. توکي خبر آهي ته آءٌ ڪير آهيان؟ ’ليڊي هيلٿ وزيٽر‘ آهيان، ڪا معمولي نرس دائي ناهيان جو تون اهڙي گستاخ ٿي پئي آهين، اڄ آءٌ توکي جيئرو ڪونه ڇڏينديس.“ ائين چئي خانم جان اُبتيون اکيون ڪري پنهنجن اُڀن گوڏن سوڌو نٿو ماءُ ڏانهن وڌي نٿو ماءُ وٺي هيان ڦاٽيون دانهون ڪيون.

”گهوڙا ڙي! خون! خون! مونکي ماري ٿي بچايو...“

”چپ ڪر ته ساهه نه ڪڍئين.“

دانهون ٻڌي چوڪيدار ننڍي ڀت ٽپي اندر آيو. نٿو ماءُ مددگارکي ڏسندي ئي وٺي اوڇنگارن پٺيان اوڇنگارون ڏنيون. خانم جان کي ته خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته ڪو حالتون اهڙي ڊرامائي شڪل اختيار ڪنديون. سا هڪدم وائڙي ٿي وئي.

چوڪيدار نٿو ماءُ کي اسپتال جي ڊاڪٽر وٺ وٺي ويو جنهن سڄو حال ٻڌي کيس دلجاءِ ڏني. نٿو ماءُ، ڊاڪٽر کي پنهنجو همدرد ڄاڻي روئي روئي ٻڌايو ته پرديس ۾ ساڻس ڪهڙو نه ذلت وارو سلوڪ ٿيو آهي.

ڊاڪٽر، خانم جان کي گهرائي خوب دڙڪا ڏيئي شرمندو ڪيو. پاڻ طبعاً شريف انسان هو، تنهن زال سميت نٿو ماءُ جي ڏاڍي خاطر توازه ڪئي ۽ اهو سڄو ڏينهن پاڻ وٽ رهايو ۽ ٻئي ڏينهن نٿو ماءُ کي چوڪيدار سان گڏ ٽانگي تي چاڙهي حيدرآباد وڃڻ لاءِ اسٽيشن اماڻيائون.

نٿوءَ ماءُ جو ٽانگو جڏهن خانم جان جي ڪواٽر اڳيان لنگهيو، تڏهن ويهن ڏينهن جي باهه، دانهن رستي هڪ جگر ٽوڙ گار جي ذريعي ڪڍيائين، ۽ خانم جان، جا ان مهل در تي ڀاڄيءَ واري کان پٽاٽا خريد ڪري رهي هئي سا اکيون ڇِنڀندي رهجي وئي.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com