سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :6

 

موهنيءَ جي فتح

پدمڻيءَ جي نطر پنهنجي ڪم ۾ کتي پئي هئي ۽ سندس نازڪ آڱريون نفيس ليس تي ڊوڙنديون پي ويون، سندس ننڍي ڀيڻ موهنيءَ ڪوٺيءَ ۾ پي چڪر ڏنا. ڪڏهن جارن ۾ پيل سامان هيڏانهن هوڏانهن پي سوريائين، ته ڪڏهن، ڪنهن به مطلب کانسواءِ ڪٻٽن جا خانا پي زور سان کوليائين ۽ بند ڪيائين. اهو ظاهر هو ته هن کي ڪجهه ڪرڻو هو يا چوڻو هو پر پنهنجي ڀيڻ جي ڳنڀيرائي ڏسيو پي هٻڪي. هن هڪڙو گيت آهستي آهستي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ نيٺ بلند آواز سان هڪڙو غزل به ڳايائين، پر پدمڻيءَ ڄڻ ٻڌو ئي ڪين ٿي. هاڻ جنهن صورت ۾ ايشور موهنيءَ کي صبر جو تمام گهٽ ڀاڱو ڏنو هو، هن ڪو آڏو ابتو سوال ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ پنهنجي ڀيڻ جي سامهون اچي بيهي رهي ۽ چيائين، ”پدمڻي، توکي خبر آهي ته ڪاڪي بولچند مون کي ڇا چيو آهي؟“

”مون کي خاطري آهي ته ڪا ٻڌڻ جي لائق ڳالهه ڪانه هوندي.“

”هاڻ اهو ته اهڙو خشڪ ۽ سرد جواب آهي جو گرميءَ جي ڏينهن ۾ به انسان کي سيءُ کان ڏڪائي ڇڏي. پر پدمڻي، ٻڌائينم ته سهي ته تون اهڙي سرد مزاج ڇو آهين؟

”موهني، سچي پچي تون اڃا ٻار آهين.“

”منهنجي پياري ڀيڻ، انهي انومان ۾ تون ڀلي آهين. آءٌ ٻار نه آهيان انهيءَ جي ثابتي اها آهي ته جلد ئي منهنجي شادي ٿيڻي آهي.“

”ڇا؟“

”اهائي ڳالهه آهي جا ڪاڪي بولچند مون کي ٻڌائي آهي.“

”ڪهڙي گڏيل ڳالهه ٿي ڪرين! مان ته اکر به نه ٿي سمجهان ته تون ڇا ٿي چوين!

”چڱو ڀلا هاڻ مان توکي سڄي ڳالهه ناٽڪ جي نموني چئي ٿي ٻڌايان، پر تنهنجي گنڀير طبيعت جو منهنجي ڳالهه تي ڌيان ڄمندو؟“

”ها، ها، پر اجائي ڊيگهه نه ڪر.“

”ٻڌ، وقت- اسڪول جي شرطن جي جلسي جو ڏينهن.جاءِ – سڪائوٽنگ ميدان- شهر حيدرآباد. تون اتي ڪانه هئين، تون پنهنجن ڪتابن پڙهڻ ۾ محو هئينئن.“

”جي تون مضمون کان ايترو ٻاهر ٿي وڃي ته مون کي تنهنجي ڳالهه اصل ٻڌڻي ڪانهي.“

”پدمڻي، ڀڳوان جي نالي ڪن ڏئي منهنجي ڳالهه ٻڌ، انهيءَ ڳالهه کي آءٌ وڌيڪ اندر ۾ سانڍي نٿي سگهان. هاءِ وائويلا لڳائي ڏني اٿس.“

”ته ڇا، تون وري ڳالهه پئي شروع ڪرين.“

”ها، هاڻ مان سنئين سڌي ڳالهه ڪري ٿي وڃان. چڱو ڀلا، سو، جلسي جي ڏينهن اسين سڀ پهرين قطار ۾ ويٺا هئاسين، ته ديوان ڇتو مل آيو ۽ هن هڪڙي پريم چند نالي جوان سان اسان جي واقفيت ڪرائي. دستوري رام رام کان پوءِ هو بنهه اسان جي پٺيان ويهي رهيا. شرط شروع ٿيڻ کان اڳي اسان سڀني پاڻ ۾ مختصر معمولي ڳالهه ٻولهه پي ڪئي. توکي ته خبر آهي ته مان هميشه هاءِ اسڪول جو پاسو کڻندي آهيان، پر مون کي اها خبر ڪانه هئي ته هن سال انهي اسڪول ۾ ٽپڙ ئي ڪونهي. پر مون چيو، ”هاءِ اسڪول کٽندو.“ ته پٺيان پريم چند چيو، نه اڪيڊمي کٽيندي.“ هن منهنجي ڳالهه رد ڪئي تنهن تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ آءُ ضد ڪرڻ لڳيس ته ”نه، ضرورهاءِ سڪول کٽيندو.“ پر هو پي مرڪيو ۽ منهنجي ڳالهه کي رد ڏيندو رهيو ته ”نه، ضرور اڪيڊمي کٽيندي.“ ايتري قدر وڃي پياسين، جو اسان پاڻ ۾ پنجين پنجين رپئي جي شرط ٻڌي. اڌ ڪلاڪ کن چٽاڀيٽي هلي. پوءِ مون کي خبر پئي ته هاءِ سڪول مون کي دغا ڏني ۽ اڪيڊمي کٽي وئي. يعني ته شرط مون هارائي ۽ پريم چند کٽي ويو. انهي مهل ئي مون پنهنجي ٿيلهي کولي ۽ پنجين رپئي جو نوٽ ڪڍي ڏنومانس، ته تو شرط کٽي سي پئسا وٺ. پر هن چيو، ”اوهان جي مهرباني. پر جڏهن مون کي ضرورت پئي تڏهن آءٌ پاڻ اهي شرط جا پئسا وٺڻ جي ڪندس. حال رهڻ ڏيو.“ جڏهن وري ٻه ٽي ڏينهن پوءِ اسين واٽ تي گڏياسين، تڏهن مون هن ڏي ڏاڍي بيپرواهيءَ سان ڏٺو، پر هن وري به مرڪي مون کي ڏاڍي عزت ۽ آ بروءَ سان نمسڪار ڪئي. تنهن کان پوءِ ته گهڻائي ڀيرا گڏيا آهيون. سنيما تي، ناٽڪ ۾، پارٽين ۾، ۽ جتي ڪٿي مان بيپرواهي ڏيکاريان ۽ هو نوڙت ڏيکاري. مان پئي وائڙي ٿيندي رهيس ته هنجي مَنَ ۾ آهي ڇا؟ پريم چند سهڻو جوان آهي ۽ عمر اٽڪل 24 ورهيه اٿس، اڄ صبح جو هن جي ماءُ جا منهنجي سس ٿيڻ جي سڌ ٿي رکي، اٽڪل ٻه ڪلاڪ اميءَ وٽ ويٺي هئي ۽ پاڻ ۾ ويٺي ڳالهيون ڪيائون.“

”پوءِ؟“

”اوهو! تون برابر ڪن لايو پئي ٻڌين؟ ته اها خبر مون کي ڪاڪي بولچند ڏني. شاديءَ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، باقي ڳالهه وڃي هيءَ بيٺي آهي ته، شاديءَ ڏينهن مان بلو ساڙهي پائيندس يا سائي؟ ۽...“

”تون ته ڏاڍي تڪڙي پئي وڃين!

”تڪڙي؟ سو ڪيئن؟ تون کڻي ٻڌاءِ ته ڍري ٿيڻ جو سبب ڪهڙو آهي. پريم ۽ مان هڪ ٻئي کي ڏاڍو ڀانئڻ لڳنداسين، اسان ٻنهي جا مائٽ راضي آهن، باقي...“

”۽ تون ائين کڻي ڪنهن سان شادي ڪنديئن؟“

”ائين جي معنيٰ؟ انهيءَ جو مطلب ته سمجهاءِ.“

”يعني هن کي پوري طرح سڃاڻڻ کان سواءِ؟ هن کي محبت ڪرڻ کان سواءِ؟“

”ها، پر مان ته هن کي سڃاڻان. مان هن کي شرطن تي ڪين گڏي رهيس؟ ۽ تنهن کان پوءِ به ڪيترا ڀيرا گڏيا ڪونه آهيون، مون کي برابر هن سان محبت آهي. اڃا ٽيو ڏينهن مون ماني ڪانه کاڌي جو هن جو درشن ڪونه ڪيو هوم....“

”۽ هو؟“

”هو مون سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي، انهي مان ظاهر آهي ته هن جي به مون سان دل آهي.“ موهني ته اها ڳالهه هڪ عام رواجي طرح سان ڪري وئي، پر ڏٺائين ته انهيءَ ڳالهه تان پدمڻيءَ جو منهن لهي ويو. پنهنجي انهي ريت بڪ ڪرڻ تي هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ ڀيڻ ڏي جهڪي ڏاڍي پيار سان پڇيائين ته، ڇو، پدما، مون ڪا ناجائز ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟

”نه ڪڪي، تو سچ چيو آهي. جڏهن ڪو محبت ٿو رکي ته اهو نيٺ شادي ڪرڻ ٿو گهري. محبت کي جاڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

موهنيءَ وري ٿوري بيپرواهيءَ سان چيو، ”محبت کي جاڳائڻ! پدما، محبت کي جاڳائڻ تمام سولي ڳالهه آهي. پر تو وانگر جي سدائين ڪنهن پيشانيءَ ۾ گهنڊ هوندا، اکيون اداس هونديون، چپ هميشه بند ۽ ڀيڙيل هوندا، جڏهن ڪو تو وانگر، سڄو ڏينهن ڪنڊ ۾ ويهي پيو پهه پچائيندو ۽ خيال ڪندو، جڏهن ڪوکلڻ ڪُڏڻ جي بدران صبح کان سانجهي تائين ڪتاب ۾ منهن وجهيو ويٺو هوندو ۽ جڏهن ڪو جوانيءَ ۾ ئي پيرسن ٿي ويندو ته اهڙي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ ئي مشڪل ٿيو پوي.“

پدمڻيءَ پنهنجو منهن کڻي جهڪايو ۽ ڪو جواب ڪونه ڏنائين، ۽ هن جا چپ ائين ڏڪڻ لڳا ڄڻ ته هوءَ پنهنجو روئڻ پئي روڪي. موهنيءَ تمام فڪر سان پڇيو، ”ڇو، پدما! مون وري توکي ڪو رنج پهچايو آهي ڇا؟ ايترو مون توکي انهيءَ لاءِ چيو ته ڏسان ته توسان به ڪنهن جو پيار ٿئي، ڏسان ته چوڌاري توکي به محبت گهيري وئي آهي. ڏسان ته تون به ڪنوار ٿي آهين... واه! ڪهڙو نه مزو ٿئي جي پاڻ ٻنهي جي شادي هڪڙي ئي ڏينهن ٿئي؟“

”موهني تون ڀلي آهي. تون ٻارن وانگر پئي ڳالهائين مان سڄي عمر اڪيلي رهنديس.“

”نه، مٺڙي، نه. ائين هرگز ڪين ٿيندو. تنهنجو اهو خيال بلڪل ظالماڻو آهي. جي پريم هڪ محبوب انسان آهي ته، من هن کي ڪو ڀاءُ هجي. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ته اها ئي اميد آهي.“

اوڏي مهل سندن ماءُ ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي سندن ڪوٺيءَ ۾ آئي. موهني پڇيس، ”امي، ڪاڏي ٿي وڃين؟“

”امان مون کي ڪاڪي بولچند ۾ ڪو ڪم آهي.“

”اوهو، امي، ٻن ٽن ڏينهن کان وٺي تنهنجو ڪاڪي ۾ ڪهڙو ڪم اچي پيو آهي.“

”امان، انهي ڪم جي توکي ٻن ٽن ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي. پدما، تون به مون سان گڏجي هل.“

”۽، ڇا پدما کي به ڪاڪي سان ڪو ضروري ڪم آهي؟ امي، مان به هلان؟“

”موهني، تون چلولائي ڪڏهن ڇڏينديئن؟“

”اجهو امي، هاڻ سگهو ئي تون پاڻ ڏسنديئن؟“

هن پنهنجي ماءُ ڀيڻ لاءِ دروازو کوليو ۽ جڏهن هو در مان لنگهندي وٽائنس لنگهيون تڏهن پنهنجي منهن چوڻ لڳي ته، اوهين ڀل لڪي لڪي ڳالهيون ڪريو، مان ائين ڀانئينديس ته ڄڻ مون کي ڪنهن ڳالهه جي خبر ئي ڪانهي.

پريم چند کي غور ۽ فڪر جي اصل عادت ئي ڪانه هئي. غور ۽ فڪر لاءِ هن کي اصل وقت ئي ڪونه هو. هن جو وقت پارٽين، ملاقاتن ۽ ٻين وندرن ۾ صرف ٿي ويندو هو ۽ هو شام جو اڪثر ڪري موهنيءَ جي صحبت ۾ گذاريندو هو. انهن ڪمن ۾ هو اهڙو مشغول رهندو هو جو ساري ڏينهن ۾ هن کي اڌ ڪلاڪ مس بچندو هو جو ماٺ ڪري ويهي. تنهن ڪري ڪنهن به هن کي فڪر يا خيال ۾ نه ڏٺو هو. هن جي طبيعت ته شهرت پسند هئي ۽ نه هو ڪڏهن ڪنهن جي جهڳڙي ۾ پوندو هو بلڪ اهڙن معاملن کان هن کي نفرت هوندي هئي.

پر اڄ هو هٿ ۾ هڪڙو ڪتاب کنيو آرام ڪرسيءَ تي ائين ليٽيو پيو هو جو معلوم ٿي ٿيو ته پڙهڻ جو پڪو ارادو اٿس. ڪتاب به مزيدار هو، پر عجب ڳالهه اها آهي ته، هو منجهيل ٿي ڏٺو. هن کي ڪو خيال يا ڳڻتي ويڙهي وئي هئي. ڪيتري دير گذري وئي پر هن هڪڙو ورق به ڪونه ورايو، جو ٻه سٽون مس پڙهيون هيائين ته ائين لڳس ته، لفظ پيا ڊوڙن ڊڪن ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڦريو نيٺ نظر کان غائب ٿيو وڃن. اهڙي بي اختياريءَ جي عالم ۾ پريم پهريون ڀيرو خيالن جي نئين زمين جو سفر ڪيو.

”بابا به راضي آهي، ماسين مون کي آسيسون ڏياري موڪليون آهن، منهنجا يار دوست مون کي واڌايون پيا ڏين، منهنجا سچا دوست اها ڳالهه ٻڌي مون کي هٿ کان وٺي ٿا لوڏين، تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته هيءَ مائٽي منهنجي لاءِ چڱي آهي. ۽ آءٌ انڪار به نٿو ڪري سگهان. موهني آهي به تمام سهڻي. جڏهن هوءِ پنهنجيون شرير اکيون کوڙي مون کي ٿي ڏسي، جڏهن هوءَ کلي ٿي ۽ سندس ننڍڙا، اڇا ڏند نظر ٿا اچن ته منهنجي دل چوندي آهي ته، هن جو ننڍڙو، ناز ڀريو مٿو پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهلي رڳو چمندو رهان. ۽ سندس طبيعت به ڪهڙي نه چڱي آهي! هر وقت مرڪندڙ، هر وقت خوش، کل چرچي لاءِ تيار، جوشيلي، شوخي ۽ شرارت سان ڀريل. ڪڏهن اداس نه ٿيڻ واري، بيشڪ، اسان ٻنهي جو جوڙو ٺهي ايندو. گنڀيرائي مون کي وڻي ئي ڪانه... خاص انهن ماڻهن ۾ جن سان منهنجو پريم هجي. مون کي هميشه ائين لڳندو آهي ته گنڀير ماڻهن کي ڪو مرض لڳل آهي ۽ مرض به اهڙو جو نڪي مان سمجهي سگهان نه جنهن جو ڪو علاج ڪري سگهان، ۽ ائين پيو ڀائيندو آهيان ته مون کان ڪا چڪ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري اڳلو اهڙو گنڀير ٿي ويو آهي. موهنيءَ جي ڀيڻ پدمڻيءَ جو ئي کڻي مثال وٺجي. منهنجي طبيعت هن جي گنڀيرائي ڏسي دهلجيو ۽ گهٻرائجيو وڃي. جڏهن هوءَ منهنجي اڳيان ايندي آهي ته منهنجي سڄي خوش مزاجي بند ٿي ويندي آهي، ۽ مرڪ جو ته نشان ئي منهنجي چپن تي ڪون رهندو آهي. کڻي بهار جي موسم هجي ته به مون کي سيءُ پيو چڙهندو آهي. ڪڏهن اهڙي همت ئي ڪانه ٿيندي اٿم، جو چرچي طور کڻي موهنيءَ کي چوان ته گنڀيرائي اسان جي عاشق مزاجيءَ جو لطف ئي ڪڍيو ڇڏي. ضرور هن به اها ڳالهه سهي ڪري ورتي هوندي ته مان ڏانهنس ڪهڙا خيال پيو ڪريان، جو ڪڏهن کڻي مون سان ڳالهائيندي به آهي ته اک کڻي مون ڏي ڏسي به ڪانه. ڪڏهن منهن ڏئي مون سان ڳالهائي ئي ڪين ۽ جي ڪڏهن مان کڻي ڪو سوال به پڇانس ته، ٿوري ۾ ٿورن لفظن ۾ جواب ڏيندي آهي. هوءَ سمجهي وئي آهي ته هوءَ مون کي نٿي وڻي ۽ شايد هوءَ منهنجي حياتي مان ئي بيزار هجي ته به ڪهڙو شڪ.

هوڏانهن موهني، هميشه پئي کلي. هوءَ اڃا عمر جي به ننڍي آهي. ڪڏهن مون سان ڪا سنجيدي ڳالهه به ڪانه ڪئي اٿس، ۽ جي سنجيدي ڳالهه کي کڻي ڪري به ٿي ته، ائين پيو لڳندو آهي ته ڄڻ چرچو پئي ڪري. حقيقت ته ائين آهي ته مون کي ساڻس ڪا انڌي محبت به ڪانهي ۽ اهو تمام چڱو آهي. منهنجو خيال ته اصل کان اهوئي آهي ته زال ۽ مڙس جي طبيعت پاڻ ۾ ملي اچي، ۽ ٻيو هي ته محبت شروع ٿيڻ سان يڪدم ڀڙڪي نه کائي پر آهستي آهستي وڌي. اسان جي به اهائي حالت آهي، انهيءَ ڪري منهنجي ۽ موهنيءَ جي شادي سڀاڳي ٿيندي. شاديءَ کان پوءِ مان ڪوشش ڪري موهنيءَ کي ٽي چار مهينا ڪيڏي ٻاهر وٺي ويندس ته پدمڻيءَ جي غمناڪ صحبت کان ٿورو پري رهي؟ هوءَ ٽيويهين ورهين جي هوندي ۽ شڪل جي به سهڻي آهي. سندس اکيون ڏاڍيون اثرائتيون آهن ۽ ڏسڻ ۾ ڏاڍي شان مان واري آهي. جي ٿوري خوش هجي ها  ته، سندس ٻين خاصيتن سان گڏجي اها هن کي بلڪل لاثاني ڪري ڇڏي ها. مان شرط ٿو ٻڌان ته هوءَ سڄي عمر ڇڙهي رهندي. شايد ڪو ڳجهو، ڏک اٿس، شايد ڪو محبت جو معاملو آهي، شايد محبت ۾ ڪنهن ڌوڪو ڏنو اٿس؛ يا ڪنهن ساڻس حد بيوفائي ڪئي آهي، مان هن جي غم جو ڪارڻ سمجهندس. ڪڏهن وجهه مليو ته، موهنيءَ کان پڇندس ته پدمڻي ڇو هميشه اهڙي ملول آهي. مون کي سڌ آهي ته موهنيءَ کي چاڪليٽ ڏاڍا وڻندا آهن. اسين جڏهن ٻيو ڀيرو گڏيا هئاسين تڏهن ٻڌايو هيائين ته چاڪليٽ ڪهڙي مزي سان کائيندي آهي! ڪيئن اهي هن جي سنهن سنهن چپن ۾ گم ٿيو وڃن، ۽ جڏهن سڀ چاڪليٽ کپيو وڃن تڏهن ڪيئن ڪوڙ ڪيو ويٺي وات کي هلائيندي آهي؛ ڄڻ اڃا پئي چاڪليٽ جو مزو وٺي. آه! ڪهڙي نه پياري ڇوڪري آهي. هڪڙي ڏينهن ڪهڙي نه دٻيل آواز ۾ مون کي پي چيائين ته جڏهن وڄ چلڪندي آهي ۽ آسمان ۾ گوڙ ٿيندي آهي تڏهن مان ڊڄي ويندي آهيان، ۽ پنهنجو منهن وهاڻن ۾ لڪائي ڇڏيندي آهيان. وري ٻئي ڀيري ڪهڙي نه شوق سان پي چيائين ته مون کي هميشه سرخي ريشمي ساڙهيءَ جي سڪ رهي آهي ۽ مان ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙي ساڙهي وٺينديس. جڏهن ٻارن وانگر ڪنهن به ڳالهه جو فيصلو ٿي ڪري ۽ انهيءَ تي خوش ٿي ٿئي تڏهن ڪهڙي نه پئي وڻندي آهي. اهڙن موقعن تي پدمڻيءَ کان کل نڪري ويندي آهي؛ پدمڻي جا موهنيءَ جا اصليت کان ڪڏهن واقف ٿي نه سگهندي...“

اوچتو، ڪتاب پريم جي هٿ مان ڇڏائجي وڃي فرش تي پيو، ۽ پريم ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيو ۽ وائڙو ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ڄڻ پاڻ کي ئي نٿو سڃاڻي.

شام جو سج لهڻ تي هو ته اونداهه آهستي آهستي ملڪ کي ويڙهندي پي وئي. پدمڻي مٿي ماڙيءَ تي هڪري ڪٽهڙي تي نڪري بيٺي هئي ۽ ماڻهن، گاڏين ۽ موٽرن جي اچڻ وڃڻ جو چهچٽو بيٺي ڏٺائين. ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ڄڻ هوءَ ڪنهن جو رستو پئي ڏسي ۽ ڪنهن لاءِ انتظار پئي ڪڍي. اوچتو ئي اوچتو منهن ڳاڙهو ٿي ويس، پنهنجو سر جهڪايائين، پوءِ وري هن جو منهن ڦڪو ٿي ويو ۽ هوءَ پٺ ورائي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي آئي. منٽ کن کان پوءِ موهني دروازن کي ٺڪاءَ ڪرائيندي، ڪرسين کي ڪيرائيندي اندر گهڙي آئي.

”ديوي پدمڻي، تون هتي ڇا ٿي ڪرين؟ پڙهين ٿي ڇا؟”

”ها، مان پڙهان ٿي.“

”نڪري ڪٽهڙي تائين وڃڻ جي به تو تڪليف ڪانه ورتي؟“

”۽ جي کڻي تڪليف ورتي هجيم ته؟“

”ڇڏ، ڇڏ! مئي بجاجيءَ کي به ٻيو وقت ئي ڪونه ٿي سجهيو، جو هينئر آيو آهي. ڪپڙا چونڊجڻ لاءِ، لاچار مون کي هيٺ ترسڻو پيو، نه ته سچ ٿي چوان ته سمورو وقت بي صبريءَ کان پي ڏڪي آهيان، جو منهنجي مرضي هئي ته، مان هت، ڪٽهڙي تي موجود هجان. ڪالهه شام جو مون پريم کي چيو هو ته، پنهنجو چاڪليٽي بليزر پائي 7 بجه موٽر ۾ هتان لنگهي. هينئر ته ست به لڳي ويا آهن ۽ ڀڳوان ڄاڻي ته هتان لنگهيو يا نه؟“

”پريم چند پنهنجي موٽر ۾ هتان لگهيو هو ۽ چاڪليٽي بليزر پيل هوس.“

”شاباس! ۽ توکي ڪيئن سڌ پئي؟ مون ڀانيو ته تو پڙهيو ويٺي؟“

”انهيءَ مهل مان ڪٽهڙي تي هيس.“

”۽ تو هن کي سڃاڻي ورتو. تو جنهن اک کڻي به کيس ڪونه ڏٺو آهي.“ عجب جي ڳالهه آهي... هن توکي نمسڪار ڪئي؟“

”ها؟“

”هٿ ڪيئن جوڙئين؟“

”جيئن هميشه جوڙيندو آهي.“

”۽ جواب ۾ ضرور سر جهڪايو هوندو.“

”ڇا؟ تو مون کي اهڙو بي اخلاق ڪري سمجهيو آهي جو مان سلام جو جواب به نه ڏيان.“

”گهٽ ۾ گهٽ مرڪي ته ضرور هونديئين.“

”نه. مان مرڪي ڄاڻائين ڪين.“

”پدمڻي. تون ڏاڍي ظالم آهي. ڪالهه پريم به تنهنجون ڳالهيون پي ڪيون؟

”ڇا ٿي چيائين؟ ته مان ڏاڍي ظالم آهيان؟“

”نه، بلڪ تنهنجي هميشه ملول رهڻ جو سبب پي مون کان پڇيائين. ۽ پڇيائين ته اسان ٻنهي ڀينرن جي مزاج ۾ ايترو فرق ڪيئن پيو؟ تنهن تي گهڻي دير تائين مون تنهنجي ساراه پي ڪئي. مون چيو ته پدما مون کان وڌيڪ نيڪ، وڌيڪ شريف ۽ زياده تعليم واري آهي ۽ منجهس نقص فقط ايترو آهي جو هوءَ پنهنجي انهن گڻن کي لڪائي ٿي. پريم ڏاڍي ڌيان سان منهنجي ڳالهه پي ٻڌي. پوءِ مون کان پڇيائين ته، پدمڻيءَ کي مون کان نفرت ڇو آهي.“

”نفرت؟“

”ها. هن اهو ئي لفظ ڪم آندو، نفرت! ۽ سچ پڇين ته هو چئي به سچ ٿو. تون ڪڏهن لاڙو به ڪونه ٿي ڪرين پر انهي باري ۾ به مون تنهنجو پاسو ورتو ۽ چيومانس حقيقت ڪري پدما اوهان کي ڏاڍو ٿي ڀانئين ۽ توهان لاءِ ڏاڍي عزت اٿس...“

”موهني!

مان ڄاڻان ٿي ته ڪوڙ ڳالهايم. پر مون اهو انهيءَ ڪري چيو جو پريم جو توڏي تمام خيال آهي، هو توکي ڏاڍي عزت سان ٿو ڏسي. ڇو پدما، اها بي انصافي نه آهي جو هن سان ڪنهن ڌارئي وانگي پيش ٿي اچين؟“

جواب ۾ پدما پنهنجون ٻانهون موهنيءَ جي گلي ۾ وجهي هن کي ڳلن تي چمي ڏني. ٿورو هٻڪي موهنيءَ ڏاڍي نيزاريءَ جهڙي آواز سان چيو ته، ”تون هن کي ذري به محبت نٿي ڏيکاري سگهين.“

پدمڻيءَ اکر به ڪونه ڪڇيو ۽ اوچتو ئي ٻه قدم پٺتي هٽي وئي. موهني به ظاهري بيپرواهيءَ سان پنهنجا ڪلها ڌوڻي ڳالهه ڦيرائي وئي، ۽ چيائين ته، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ته تون اڄ اسان سان هلنديئن يا نه؟“

”نه. مون کي مٿي ۾ سور آهي، تون انهيءَ سان گڏجي هلي وڃجانءِ.“

”هميشه وانگر؟ ٺهيو وقت گذري ويندو.“

”پريم چند سان گڏ ٿي وڃين؟“

”نه هن کي لاج ۾ وڃڻو هو جتي اڄ سندن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ آهي. ۽ هن جي غير حاضريءَ جو وجهه وٺي مان اڄ ڪاڪي بولچند جن سان گڏجي ساوتريءَ جي شاديءَ تي ٿي وڃان، سڄي رات اتي هونديس.“

”ساوتري جن سان ته پريم جي پويئي ڪانه. تنهنجو وڃڻ هو دل ۾ ڪري ته؟“

”ته تمام چڱو. هينئر ئي کان وٺي مون کي آزادي ڏيڻ سکي ته چڱو. منهنجي مرضي نه آهي ته مان ڪا مٿي تي چاڙهيانس ۽ خراب عادتون وجهانس.“

”ڏسجي ٿو ته تنهنجي هن سان تمام ٿوري محبت آهي.“

”نه. تمام گهڻي. پر پنهنجي نموني. هاڻ مون کي ڪپڙا مٽائڻ لاءِ وڃڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ ته لڳي ويندو.“

پدمڻي در تي بيهي انهيءَ گاڏيءَ جي ڦيٿن جو آواز ٻڌڻ لڳي جنهن ۾ ماڻس ۽ ڀيڻس شاديءَ تي چڙهيو پي ويون. پاڻ اڪيلي رهجي وئي. بلڪل اڪيلي- جيئن هوءَ هميشه رهندي هئي. ننڍپڻ ۾ جڏهن هن سان ڪو سختي يا بي انصافي يا بدسلوڪي ڪندو هو ته هوءَ پنهنجي هنڌ ۾ گهڙي، لڪي، آهستي آهستي پئي روئندي هئي. اها عادت اڃا هن مان وئي ڪانه هئي. پنهنجي سهڻي ڊرائنگ روم ۾، هوءَ اڪيلي رهجي وئي. سندس ٻئي هٿ بيڪار پاسي کان پيا هئا؛ هن جي چهري تي سخت غم ڇانيل هو، جنهن مان زبردست اندروني ڇڪتاڻ ظاهر هئي، ۽ حقيقت به اها آهي ته انهيءَ اڪيلائيءَ ۾ غم جو هڪڙو احساس هن کي ويڙهي ويو هو. اها ڳالهه جنهن جو هن دل ۾ انهيءَ ڏينهن کان پي انڪار ڪيو، اها هينئر صاف صاف هن جي نظر اڳيان آئي.

ڪنهن جي پيرن جو کڙڪو ٻڌي هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي. اهو پريم هو. پدمڻيءَ کي اڪيلو ڏسي هو البت هٻڪجي بيٺو. پر پوءِ اهو خيال ڪري ته شايد گهر وارا اجهوئي موٽر ۾ هوندا، اڳتي وڌيو. پدمڻي گهٻرائي اٿي کڙي ٿي.

”پدمڻي، نمسڪار!

”نمسڪار!

ٻنهي کي مونجهارو وٺي ويو هو.

پريم پنهنجي دل م چيو، ”ڙي رام! پدمڻي ڪهڙي نه عجيب ڇوڪري آهي!“ وچ ۾ پدمڻيءَ پنهنجو پاڻ سنڀالي ورتو. هن جي شڪل تي هاڻ مونجهاري جو ڪو نشان ڪونه هو، ۽ پريم کان ٿورو پرڀرو ٿي وڃي هڪڙي ڪرسيءَ تي ويٺي.

”امي چڱي ڀلي آهي؟“

”ها، شڪر آهي.“

”۽، موهني؟“

”اها به تمام چڱي ڀلي آهي.“

پوءِ وري ٻئي ماٺ پئجي ويا. پريم جي دل ۾ هڪ عجيب قسم جي خوشي پيدا ٿيڻ لڳي جنهن سان ڪجهه ناراضپو به گڏيل هو. پڇيائين ته، ”موهني ڪنهن ڪم ۾ رڌل آهي ڇا؟“

پدمڻي بي آراميءَ کا البت ڏڪڻ لڳي، پر جلد ئي پنهنجي بي آراميءَ کي لڪائيندي جواب ڏنائين، موهني اميءَ سان گڏجي ساوتريءَ جي شاديءَ تي وئي آهي.“

هاڻ جيئن ته، پدمڻي اڪيلي هئي، پريم پاڻ تي فرض سمجهيو ته هن وٽ ڪجهه وقت ويهڻ گهرجي. متان هوءَ ائين سمجهي ته ٻيون ڪينهن ته هي مون وٽ ويهڻ نٿو گهري. پر انهيءَ خيال اچڻ شرط سندس دل ۾ اتهين ڀڄي نڪرڻ جو خيال آيو، پر هو ويٺو رهيو. نيٺ هن پنهنجي ڪمهلي اچڻ جو سبب ڏيڻ جي ارادي سان چيو، ”مان ائين اچي نڪتس جو لاج ۾ ميمبرن جو تعداد گهٽ هو ۽ ميٽنگ مهمل ڪئي وئي.“

”موهنيءَ کي اوهان جي اچڻ جي اميد نه هئي، انهيءَ ڪري هوءَ هلي وئي، نه ته...“ 

”پريم ڳالهه ڪپي چيو، ڪا حرڪت ڪانهي. تون ڪونه وئيئن؟“

”نه، مان نه ويس. شادين وغيره سان منهنجي پويئي ڪانه.“

”تون ڪتابن پڙهڻ ۾ وڌيڪ مزو ٿي سمجهين.“

”ها تمام وڌيڪ.“

”پر ايتري پڙهڻ ڪري تنهنجي صحت کي جوکو ڪونه رسندو؟“

”صحت کي ڇو جوکو رسندو؟ منهنجي صحت تمام چڱي آهي. مان بلڪل تندرست آهيان. منهنجين اکين جي نظر اڃا ذري ڪانه گهٽي آهي.“ ائين چوندي ئي پدمڻيءَ پنهنجيون اکيون کڻي پريم ڏي ڏٺو.“

پريم جي دل ۾ خيال آيو ته، ڪهڙيون نه سهڻيون اکيون آهن! پر ڪيفيت کان خالي آهن. ۽ ڏاڍيان چيائين ته، منهنجو مطلب آهي ته....

”اخلاقي نقصان؟ منهنجو اهو خيال نه آهي. جيڪي ڪتاب مان پڙهندي آهيان انهن مان منهنجي دل کي آرام ٿو اچي.“

”ڇا؟ هن ئي وهيءَ ۾ تنهنجي دل کي آرام جي ضرورت آهي.“

”هر ڪنهن کي دل جي آرام جي ضرورت آهي.“ پدمڻيءَ جو آواز ملول ۽ سنجيدو هو، ۽ پريم کي انهيءَ مان لطف پي آيو. هن کي ائين پي لڳو ڄڻ ته اهو آواز پهريون ڀيرو پيو ٻڌي، هن پاڻ کي هڪڙي اهڙي زال جي سامهون پي سمجهيو جنهن سان هو اڄ تائين ناواقف هجي، جا هاڻ پنهنجي هڪڙي هڪڙي اشاري، هڪڙي هڪڙي لفظ سان هن تي غالب پوندي ٿي وئي. پدمڻيءَ جو حيا ۽ بيپرواهي به موڪلائي رهي هئي. هن هاڻ پريم سان مرڪي مرڪي، هن ڏي ڏسي هڪڙي دوستاڻي طريقي سان پي ڳالهايو.

پريم چيو، ”جڏهن مون کي ڪو ڪتاب وڻندو آهي ته ضرور مون کي انهي ڪتاب لکندڙ سان ملڻ جي سڌ ٿيندي آهي ته ڏسان ته ڪهڙي نموني جو ماڻهو آهي، ته ڏسان ته هن به ڪي تڪليفون سٺيون آهن، ڪا محبت ڪئي اٿس، ڪا....“

”پر اهو صحيح ڪرڻ ته شايد مشڪل آهي. مصنف پنهنجي محبت جو ڪڏهن بيان ڪونه ڪندا آهن، هميشه ٻين جون آکاڻيون لکندا آهن.“

”شايد عزت جي خيال کان.“

”نه، رشڪ جي خيال کان. ڇو ته اهرا مثال به موجود آهن جو محبت ڪرڻ وارن پنهنجي محبت کي دل ۾ لڪائي رکيو آهي.“

انهي ڳالهه ڪندي پدمڻيءَ جي آواز ۾ ڪو ڦير ڪونه پيو. هن جي شڪل تي هڪ اهڙي قسم جي آزاد خيالي، ۽ انهيءَ جونمونو ايتري قدر سادو ايترو پاڪ ۽ ايترو دل ۾ چڀندڙ هو جو پريم هن کي محبت تي ايتري خاطريءَ سان بحث ڪندي ڏسي ڪوبه عجب محسوس نه ڪيو، هاڻ ته هن کي ڪنهن به ڳالهه تي عجب نٿي لڳو. هن کي هر ڪا ڳالهه قدرتي ۽ معمولي ٿي لڳي. ايتري تائين جو، اڄ جو هو پدمڻيءَ سان اڪيلو ويٺو هو، اها به هن کي عام رواجي ڳالهه ٿي لڳي. جڏهن هو وڃڻ تي هو تڏهن انهن هڪ ٻئي ڏي چتائي نهاريو ڄڻ هو خاطري ڪرڻ ٿا چاهين ته هو وري ڪڏهن گڏيا ته هڪ ٻئي کي سڃاڻندا، پدمڻيءَ پنهنجو هٿ ڊگهيڙي هن کي ڏنو ۽ پريم اهو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي انهيءَ تي ٿورو نوڙيو... هو هليو ويو ۽ اک ڇنڀ ۾ دروازي جو طاق انهن ٻنهي جي وچ ۾ پئجي ويو.

جڏهن پدمڻيءَ جي حاضري ۽ گفتگو جو جادو لٿو ته پريم پنهنجي دماغ ۾ عجيب خيال محسوس ڪرڻ لڳو هن کي خبر ئي نٿي پيئي ته موهنيءَ بابت ۽ پنهنجي بابت ۽ ٻنهي جي ايندڙ زماني بابت ڪهڙو خيال ڪري.

پدمڻي خوش هئي، نهايت خوش! خوشيءَ جي جوش کان پنهنجي وهاڻي ۾ منهن لڪائي اڇنگارون ڏئي زار زار پي رني.

ٽي مهينا گذري ويا هئا پر موهنيءَ جي شادي وئي مهمل ٿيندي. سندس ماءُ جنهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي آئي تنهن ذري ذري پي موهنيءَ کان پڇيو ته ڇو اڃا ڪا تاريخ مقرر ڪرڻ نٿي ڏين. پر موهني هميشه اهوئي جواب ڏيندي هئي ته، مان اڃا خيال ڪرڻ ٿي گهران، پريم جي مزاج کان اڃا ٿورو وڌيڪ واقف ٿيڻ ٿي گهران.

حقيقت هيئن هئي ته موهنيءَ جي مغز ۾ ڪو خيال اچي پيو هو. اگرچه هن جي هلڻ، چلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، اٿڻ ويهڻ ۾ اها ساڳي حرڪت، اها ساڳي خوش مزاجي، اها ساڳي شرارت موجود هئي، تنهن هوندي به پنهنجي ڀيڻ جي طبيعت کي جانچڻ ۽ پريم جي لفظ لفظ کي غور ڪري ٻڌڻ جي ڪوشش، هن جي خوش مزاجيءَ تي ڪڏهن ڪڏهن ڇنڊو وجهي ڇڏيندي هئي. موهنيءَ هيڏانهن هوڏانهن خيال جي نظر ڊوڙائي، هن کي چوڌاري عجيب و غريب واقعا نظر آيا. پريم ۾ اها زنده دلي ڪانه هئي جا هميشه هن جي طبيعت ۾ موجود هوندي هئي. هو اڳي جيترو ڳالهائيندو ڪين هو، البت فڪر ۾ مبتلا ڏسبو هو. گهڻيون ئي ڳالهيون جن ڏي هن جو اڳي لاڙو هوندو هو اهي هن کي هاڻ مزو ڪونه ڏينديون هيون. ڪڏهن ته گهڻي ڪوشش ڪري پاڻ تي ضابطو ڄمائي اڳي وانگر خوش مزاج ۽ کل مکڻو ڏسبو هو، پر اها حالت گهڻو جٽاءُ نه ڪندي هئي. ڍونگ ڪرڻ ته هن کي ايندو ئي ڪونه هو، تنهن ڪري جلدئي پڌرو ٿي پوندو هو ۽ هن جي دلي حالت سندس اکين مان ظاهر ڏسڻ ۾ ايندي هئي.

پراڻي پدمڻيءَ جي بدران هاڻي هڪڙي ٻي بي آرام ۽ بيقرار پدمڻي هئي، جا ڪڏهن ته بي آرامي کان موهنيءَ کي پاڻهي اچي ڀاڪر پائي چميون ڏيندي هئي ته ڪڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ منهن ئي ڪين ڏيکاريندي هئي. هن جي شڪل اڪثر جوش کان ڳاڙهي ٿي ويندي هئي ۽ سندس اکين ۾ شعلا پيا چمڪندا هئا. هن جو آواز ڪڏهن گهرو ۽ اثرائتو هوندو هو، ته ڪڏهن خشڪ ۽ مئل پيو ٻڌبو هو. سندس هٿ پيا ڏڪندا هئا. رات جو هن کي ننڊ ڪانه ايندي هئي ۽ ڪيترا ڀيرا رات جو موهني روئڻ جو آواز ٻڌندي هئي ۽ جي ڪڏهن هن کان انهيءَ لاءِ سبب پڇندي هئي ته هوءَ انڪار ڪري ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڪانه ٻڌائيندي هئي.

جڏهن پريم ۽ پدمڻي گڏبا هئا........ ۽ اهو اتفاق هاڻ روز ٿيندو هو- ته هنن جي ڦريل حالت نظر ايندي هئي؛ بحث مباحثو گهٽ هوندو هو، جواب ترت ڏنو ويندو هو ۽ اهو اڪثر مبهم؛ ذري ذري نگاهون پيا ونڊيندا هئا، ڪڏهن ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ ٻئي سان ڪونه ڳلاهائيندا هئا؛ پر تنهن هوندي به هڪڙو ٻئي جي هر هڪ اشاري کي جانچيندو هو. ڪڏهن هڪ ٻئي کي ويجهو ڪونه ويهندا هئا، تڏهن به پريم ڪنهن حيلي سان انهيءَ شيءَ يا انهي ڪتاب کي هٿ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو هو جو پدمڻيءَ چميو هجي. ڪڏهن ته پدمڻي ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ويندي هئي ته پريم جو اکيون ڦريو ڦريو وڃيو در ۾ لڳنديون هيون، ته ڪڏهن ٿي اچي، ۽ موقعي تي سوالن جا جواب به بي خياليءَ سان ڏيندو هو. ڪڏهن ته وري پدمڻيءَ جي اچڻ کان پنجن منٽن کان هو ماٺ ڪري هليو ويندو هو. پدمڻيءَ جو چهرو ويو ڦڪو ٿيندو ۽ سندس اکين جي چوڌاري ڪاراڻ چڙهندي ٿي وئي. نيٺ هن اڪيلائي اختيار ڪئي ۽ هر روز شام جو پاڻ کي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ بندي ڇڏيندي هئي ۽ غم جي طوفان کي روڪڻ جي ڪوشش پئي ڪندي هئي، پر هن کي ڪنهن به طرح آرام ڪونه ايندو هو، ۽ پئي ڦٿڪندي هئي.

هڪڙي ڏينهن شام جو موهني پدمڻيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ وئي ۽ چوڻ لڳي ته، پدما، مون تي هڪڙو احسان ڪنديئن؟

پدمڻيءَ پڇيو ته، ڪهڙو؟

موهنيءَ چيو، مون کي ڪجهه لکڻو آهي ۽ پريم ٻاهر اڱڻ ۾ اڪيلو ويٺو آهي. جيسين مان لکي وٺان. تيسين تون هن کي وڃي وندرائينديئن.“

”پر مان....“

”تون اتي بند ويهڻ ٿي چاهين؟ ڇا توکي هن قيد ۾ ويهڻ مان ايتري خوشي ٿي حاصل ٿئي جيتري مون تي احسان ڪرڻ مان ٿيندي؟“

”چڱو، پر تون اينديئن ته جلدي نه؟“

”ها، ها، مون کي چار پنج سٽون مس لکڻيون آهن.“

پدمڻي پنهنجي ساري همت مٺ ۾ ڪري اڱڻ ۾ نڪتي ۽ اچي ٻاهر بيٺي. پريم پي پسار ڪيو. هوءَ اڳتي وڌي ۽ ڌيمي آواز سان چيائين ته، موهنيءَ مون کي موڪليو آهي.

”تڏهن تون لاچار آئي آهين؟“

”لاچار؟ نه.“

پدمڻيءَ جو سڄو جسم ڏڪي ويو، پريم تمام ويجهو بيٺو هو ۽ هن جو چهرو محبت جي جوش کان پي ٻريو.

”پدمڻي، مون توکي ڇا چيو آهي جنهن تي تون مون سان ڪاوڙي آهين؟“

پدمڻيءَ ڊڄي معمولي طور چيو، ”اوهان مون ڪي ڪين چيو آهي. مون کي اوهان تي ڪاوڙ ڪانهي. پر مون ڏي ائين نه ڏسو.“

پدمڻي، اڙي پدمڻي، توکي خبر آهي ته مان توسان ڪيتري محبت ٿو رکان... ته مان توتي چريو آهيان...“

”خاموش! پريم، ڀڳوان جي نالي ماٺ ڪر! جي موهني ٻڌي وٺندي ته ڇا چوندي!

”مون کي موهني سان محبت ڪانهي. مون کي توسان محبت آهي. مان ڀليو هوس... “

”اها نالائقي آهي.“

”ها، مان ڄاڻان ٿو اها نالائقي آهي، پر منهنجي توسان محبت آهي... مان ڪٿي...“

موهني ٻئي دروازي کان ايندي پريان رڙ ڪري چيو، ”چڱو! چڱو! اوهان پاڻ ۾ صلح ڪري ورتو؟“

پر انهيءَ جو ڪجهه جواب ڪونه مليس. پدمڻي پنهنجو منهن پنهنجي هٿن سان لڪائي هلي وئي ۽ پريم اتي ماٺ ڪري بيهي رهيو، ڄڻ انهي ٽڪر تي ڄمي ويو هجي.

موهنيءَ چيو، ”پريم!

”موهني!

”ڇا ٿيو؟“

”ڪجهه ڪين. مان وڃان ٿو.“

ائين چئي موهنيءَ کان موڪلائڻ کانسواءِ هو هلندو رهيو. هن جي چهري کي مايوسي گهيري وئي هئي. موهني خيال ۾ پئجي وئي ۽ هن کي ويندو ڏسندي رهي جيسين هن جي نظر کان غائب ٿي ويو.

موهني پاڻ سان ڳالهائيندي چيو ته، هڪڙي هتي بيقرار آهي ته ٻيو هتي بي آرام. اڳي ڇا هو ۽ هينئر ڇا آهي. بس هاڻ مون کي هن معاملي ۾ دخل ڏيڻ کپي.

انهيءَ رات موهنيءَ پنهنجي ماءُ کي چيو ته پاڻ پريم سان شادي ڪانه ڪندي ۽ انهيءَ لاءِ ڪي سبب به پيش ڪيائين.

ماڻس ڪنڌ ڌوڻي چيو، ”نه، امان، اهي سبب اجايا آهن.“

”ته ڇا، توهان جو مطلب آهي ته مان ٿي صفائي صفا کولي چوان ته مون کي پريم نٿو وڻي ۽ انهيءَ سان مون کي شادي ڪرڻي ڪانهي.“

”ها گهٽ ۾ گهٽ اهو جواب صفا نه آهي. پر اهو تنهنجو وهم آهي. پريم کي توسان گهڻي محبت آهي.“

”هو پنهنجي دل کي دلاسو ڏئي ڇڏيندو“.

”اوهين ٻئي شاديءَ جو انجام ڪري چڪا آهيو.“

”اسين پنهنجا انجام مٽائي وٺي ٿا سگهون. اسان جو زمانو آزادگيءَ جو زمانو آهي، جنهن ۾ ڪو ڪنهن کي شادي ڪرڻ لاءِ زور نٿو ڪري سگهي.“

”دنيا ڇا چوندي؟“

”امي، ذرا دنيا جي معنيٰ ته ٻڌائجو“.

”ماڻهو“.

”۽ اهي ماڻهو ڪهڙا؟ مان ته انهن کي ڪونه سڃاڻان، ۽ مان انهن ماڻهن جي ڪري پنهنجي خوشي قربان ڪرڻ نٿي چاهيان.“

”موهني تون ڏاڍي خوفناڪ ڇوڪري آهين. ڀلا مان پريم کي ڇا چونديس.“

”جيڪي وڻئي سو چئو. پوءِ منهنجي ماءَ ڇا لاءِ ٿي آهين.“

”ها امان، مان ماءُ رڳو ايتري لاءِ ٿي آهيان ته تون وڃ ڊاهيندي ۽ مان وڃان ٺاهيندي. پريم هن کي پنهنجي سخت بي عزتي ڪري سمجهندو.“

”مان نٿي ڀانيان. توهين هن کي تمام نرمي ۽ خوش خلقيءَ سان سمجهائي ٿا سگهو. سامهون توهين مون کي جيترو به برو ٺهرايو ته اوهان کي موڪل آهي. توهين چئي سگهو ٿا ته، موهني متوالي مزاج جي آهي، بي سمجهه ۽ بيوقوف آهي؛ چئي ڏجوس ته هوءَ نهايت نڪمي زال ٿيندي، هن ۾ ڪو فهم ڪونهي ڪا غيرت ڪانهي ۽ موهني ڀيٽ ۾ هن جي ڀيڻ...“

”ڀيڻ؟ موهني هوش ڪر، هوش ڪر!

”ڇو؟ اوهين ڏاڍي سولائيءَ سان ائين چئي ٿا سگهو، حال ته پريم ۽ پدمڻي هڪ ٻئي کي ويجها نٿا اچن. پر مون کي پڪ آهي ته جي هڪٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ته ضرور هڪ ٻئي کي گهڻو ڀائيندا. ۽ وري دنيا به ان جي ساراه ڪندي ته توهان پهرين وڏي ڌيءَ جي شادي ڪرائي.“

”سچ آهي ته....“

منهنجي شادي ڪا رهجي ويندي ڇا؟ منهنجي عمر ئي ڪيتري آهي، ارڙهن ورهيه! اڃا مان آزاديءَ جو مزو وٺڻ ٿي چاهيان، اڃا ڪي ٻه ٽي سال وڌيڪ مان پنهنجي مٺڙي امڙ سان گذارڻ ٿي چاهيان“.

ماءُ محبت مان ڌيءَ کي ڳلي لائي ٻه ٽي چميون ڏنيون ۽ چيائين ته موهني تون ڏاڍي حرڪتڻ آهي.“

”ته، امي چئبو ته پاڻ هڪ ٻئي کي سمجهي ويونسين؟ هاڻ اوهين اها بري خبر پريم کي تمام نرميءَ سان ٻڌائي ڇڏجو ۽ چئجوس ته اوهان کي اميد آهي ته هميشه هميشه پارڻ ۾ دوستن وانگر ٺهيا اينداسين ۽ ملندا رهنداسين. ۽ جي هنن ٻن کي پاڻ ۾ محبت آهي ته اسان جي دوستي ضرور قائم رهندي.

”پر موهني تو کي پڪ آهي ته سڄو قصو ائين سانت سانت ۾ فيصل ٿي ويندو. تون ڄاڻي ٿي ته، مان لڙائي جهڳڙي کان ڊڄندي آهيان.“

”ها، ڙي منهنجي بي اعتبار امي، ها، مان اوهان کي پنهنجي وسيع تجربي جي آڌار تي خاطري ٿي ڏياريان ته، اوهان کي ڊڄڻ جو ڪو سبب ڪونهي. پريم هڪڙو شريف انسان آهي ۽ خبر پيس ته منهنجي ساڻس محبت ڪانهي ته هو مون کي شادي ڪرڻ لاءِ هرگز ڪين ڇڪيندو.

”پر جا ڳالهه مون کي اصل ناممڪن پئي لڳي. سا پدما جي.“

موهنيءَ فيلسوفاڻي انداز سان جواب ڏنو، ناممڪن کان وڌيڪ ممڪن ڪاشيءِ دنيا ۾ ڪانهي.

”امان، اڄ تون پدما واريون ٻوليون پئي ٻولين. ٺهيو هاڻ، هن بحث کي ڇڏي ڏي، هن معاملي کي هاڻي وقت ئي ٺاهي سگهندو. اها حقيقت جا ڪڏهن ڦرڻي نه آهي، اها هيءَ ته تون چري آهين.“

”۽ متوالي مزاج جي.“

”بي سمجهه ۽ بيوقوف.“

”۽ وهمي ۽ ٻيو به جيڪي اوهان جي دل ۾ اچي سو مان ٿيڻ لاءِ تيار آهيان ۽ جيڪي چئو سا مان آهيان. چڱو، امي، چئو اڃا ڪي وڌيڪ به چوڻ چاهيو ٿا؟“

ماءُ، ڌيءَ جو منهن چمي چيو، ”نه، امان هاڻ ڀل وڃي سمهه. شل ڀڳوان رکي وٺئي.“

”مهرباني. امي، مان اوهان جي ڏاڍي شڪر گذار آهيان.“

ماءُ دل ۾ چيو، ”ائين ڳالهه ٺهي به ٿي. سچ پچ موهني اڃا تمام ننڍي آهي. ننڍپڻ جي شادين جا نتيجا اسين روز پيا ڏسون. ڀڳوان اسان کان انهن کي بچائي. ها، ائين ڳالهه برابر ٺهي ٿي اچي.“

موهني، ويندي ويندي هڪ ساه کڻي چيو، ”اُف! اميءَ کي يقين ڏيارڻ ۽ پنهنجي ڳالهه تي آڻڻ لاءِ مون کي ڪيترو فريب، ڪيتري ائڪٽنگ ڪرڻي پئي آهي. پر ڪهڙي نه شاندار فتح آهي. محبت جي فتح نه ئي سهي، هيءَ موهنيءَ جي فتح ته آهي.“

پنهنجي ڪوٺيءَ ڏي ويندي ويندي موهني پنهنجي ڀيڻ جي ڪوٺيءَ وٽ ترسي، ۽ دروازي سان ڪن لائي ٻڌڻ لڳي. ذري ذري انداران گهٽيل آهن جو آواز پي آيو. ويچاري پدمڻي، پنهنجي ڀيڻ سان وفادار رهڻ لاءِ پنهنجي دل جو آرام ۽ سک ڦٽائي رهي هئي.

موهنيءَ دروازي جي ڪڙي ڪنڍي کي ائين نوڙي چاهه مان چمي ڏني ڄڻ پنهنجي ڀيڻ جي پيشاني پئي چمي، ۽ آهستي آهستي چَپن ۾ چيائين ته ”سمهي پئو، پياري پدمي، سمهي پئو. پنهنجي دل کي تسلي ڏي، ۽ آرام ڪر. مون اڄ تنهنجو ڪم ٺاهي ڇڏيو آهي.“ ۽ وڏي دل واري موهني پنهنجي ڀيڻ جي خوشيءَ جي خيال ۾ آرام سان سمهي پئي.

برابر، وقت، نيڪ دل ۽ دانشمند، ٻڍي وقت پنهنجو ڪم ڪيو. سگهوئي پريم ۽ پدما جي شاديءَ جو ڏينهن به اچي مقرر ٿيو. موهنيءَ پاڻ فيصلو ڪيو ته پاڻ گهوٽ جي سالي ٿي سڀ ساٺ سڳڻ ڪندي. پريم کان پڇڻ لڳي، ”تون شادي جي ڏينهن مون کي چاڪليٽ جون گهڻيون پيتيون وٺي ڏيندين، پدمڻي ۽ پريم موهنيءَ جي انهن ٻاراڻين ڳالهين ۽ ظاهري خوش مزاجيءَ تي کلي ڏنو. ٻئي هن کي ڏاڍو گهڻو ٿا ڀانئين ۽ موهنيءَ کي پنهنجي قسمت جو چمڪندڙ ستارو ڪري ٿا سمجهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com