سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :13

 

بيگم جو خواب

]هن آکاڻيءَ ۾ ڪي ڳالهيون ۽ ڪي خيال شايد اوهان کي غيرواجبي ۽ ناممڪن لڳندا، پر، ٻه- زالون پرڻجي ڏسو ته خبر پويو.[

منهنجي عمر اڃا ٻه ورهيه مس هئي ته گهڻن هنڌن کان منهنجي شاديءَ لاءِ نياپا اچڻ لڳا. انهن مان فقط هڪڙو قبول ڪرڻ جي لائق هو جو اسان جي دنگئي رياست وارن جو هو، پر هوءَ ڇوڪري تمام وڏي هئي. حقيقت ڪري هن جي عمر پندرنهن سورنهن ورهيه هئي ۽ آءٌ رڳو ٻن سالن جو معصوم! پر جنهن صورت ۾ نياپو، رياست جي نواب جي بيگم جو هو، منهنجي والد نواب صاحب انڪار ته ڪونه ڪيو پر ماٺ کڻي ڪيائين.

جڏهن آءٌ پنجن ورهين جو اچي ٿيس ته والد صاحب انهي ساڳي رياست جي ولي عهد جي ڌيءَ جي سنڱ لاءِ منهنجو نياپو ڏياري موڪليو. گهڻين ڳالهين کان پوءِ هو انهي شرط تي راضي ٿيا ته پهرين سندس نوابزاديءَ سان منهنجي شادي ڪئي وڃي ۽ جڏهن سندس پوٽي وڏي ٿئي ته انهن کي به مون سان شادي ڪرائجي. مطلب ته پوٽيءَ جي سنڱ وٺڻ جو گهڻو خيال هو، انهن اهو شرط قبول ڪيو ۽ منهنجو سنڱ ڌيءَ ۽ پوٽيءَ سان پڪو ڪري ڇڏيائون يعني پڦي ۽ ڀائٽي، ٻنهي سان ڳالهه پڪي ڪئي وئي جو اهڙو رواج اسان نوابن ۾ عيبدار ڪونه ليکبو آهي.

منهنجي شاديءَ کان اڳ ئي والد صاحب وفات ڪئي. انهن جي ٻارهي کان پوءِ جڏهن آءٌ اٺن ورهين جو هوس ته منهنجي شادي ٿي. آءٌ پنهنجي ماءُ پيءُ جو هڪڙو ئي ٻار هوس. نه هوم ڀاءُ ۽ نه ڀيڻ. والد مرحوم کان پوءِ گاديءَ جومالڪ به ٿيس ۽ جيئن اڃا عمر جو ننڍو هوس تنهن ڪري رياست جو ڪاروبار، ڪائونسل ۽ ايجنٽ جي هٿ ۾ هو. منهنجي شادي ڏاڍي ڌوم ڌام سان ٿي. ٻنهي رياستن دل کولي پئسو خرچ ڪيو ۽ آءٌ بيگم پرڻجي آيس. تڏهن منهنجي عمر اٺ ورهيه هئي ۽ منهنجي بيگم جي عمر ويهه ايڪيهه هوندي.

تمام جلدي بيگم سان گستاخي، بلڪ گهري دوستي ٿي وئي. هوءَ منهنجي سڀني راندين ۾ شامل ٿيندي هئي. رئيسن ۽ جاگيردارن جي هم عمر ڇوڪرن جي فوج جي فوج هئي ۽ بيگم سان گڏجي زالن ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان، قلع ۾ سڄو ڏينهن رات لڪ لڪوٽي راند ٿيندي هئي. خوب تماشا ۽ خوب رانديون ٿينديون هيون. بيگم نواب ٿيندي هئي ۽ آءٌ بيگم. قلع جي اندرئي اندر تير ڪمان جون ڪوڙيون لڙايون ٿينديون هيون، فوجون تيار ٿينديون هيون ۽ هيءَ جو هاڻ جو آءٌ غور ٿو ڪريان ته منهنجو عقل ئي نٿو هلي ته ڪيئن هن کي انهن ٻاراڻين راندين ۾ مزو ايندو هوندو، يا ڪيئن انهن ۾ هن جي دل لڳندي هوندي.

مون کي بيگم سان تمام جلدي محبت ٿي وئي. آءٌ ڊوڙي ڊوڙي ايندو هوس ته اچي مٿان ڪرندو هوسانس ۽ هو مون کي هنج ۾ کڻي ٻانهن کان جهلي ڦيري ڏيندي هئي ۽ آءٌ پيو رڙيون ڪندو هوس ته مون کي ڇڏ، پر هوءَ مون کي ڦيري ڏئي ڏئي بيحال ڪري ڇڏيندي هئي. انهيءَ زماني ۾ منهنجي هن سان ڪهڙي محبت ۽ ڪهڙي مزي جهڙي اٿ ويهه هئي انهيءَ جو آءٌ بيان ئي ڪري نٿو سگهان. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هوءَ مون کي قلع کان ٻاهر عاليشان محلن ۾ وٺي وئي ۽ اسين ٻئي اتي اڪيلا، مائٽن کان ڌار رهڻ لڳاسين جي مون کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ٿي ٿي ته آءُ بيگم کي چوندو هوس. جي ڪا تڪليف يا شڪايت ٿيندي هوم ته به بيگم کي دانهن ڏيندو هوس. هوءَ رياست جي بانيڪارن کي سڏي مون بابت خاص هدايت ڪندي هئي ۽ منهنجي ننڍي وڏي ڳالهه جي سک لاءِ نموني نموني جا حڪم جاري ڪندي هئي.

قصو ڪوتاهه ته هوءَ منهنجي بيگم نه هئي ته منهنجي نگهبان ۽ سنڀاليندڙ به هئي. مون کي حد کان وڌيڪ ڀانئيندي هئي، ۽ منهنجي دل ۾ به هن جي محبت ائين ويهي وئي جو آءٌ بيان نٿو ڪري سگهان ته هوءَ ڪهڙي ريت هردم منهنجو خيال ڪندي هئي؟ جڏهن آءٌ ٻاهران ايندو هوس ته هوءَ ٽپ ڏئي اٿندي هئي ۽ خوشيءَ کان هن جو سهڻو چهرو پيو ٻهڪندو هو ۽ هوءَ گل وانگر ٽڙي پوندي هئي. جي ٻاهر ٿوري ئي دير لڳيو ٿي ويم ته بيگم منهنجي لاءِ بي آرام ۽ بيقرار ٿي ويندي هئي، ۽ جڏهن، مون کي ڏسي، خوشيءَ سان کل مک ٿي ڪنول جي گل وانگر نوڙي منهنجي استقبال لاءِ وڌندي هئي ته پنهنجين ساهيلين جي جهرمر ۾ ائين پئي لڳندي هئي ڄڻ پاڻ چنڊ آهي ۽ سندس چوگرد تارا پيا ٽمڪن. مون کان هوءَ قد ۾ به وڏي هئي. زالن ۾ هوءَ ڊگهي، بلڪ قداور، ليکبي هئي. سندس جسم، هٿ، پير نهايت مضبوط هئا. نزاڪت جي بدران هن جي حسن سان گڏ قوت ۽ طاقت به هئي؛ جو وڏي قد سان گڏ خدا تعاليٰ هن کي حسن به ڏنو هو ۽ طاقت به ڏني هئي. هن جو حسين چهرو، چنڊ وانگر، هميشه پرنور رهندو هو. سندس رنگ روپ به تمام گورو، چٽو ۽ بي داغ هو، هن جي وارن تي هميشه سنهري پنيءَ جو ٻورو ڇڻڪاريل هوندو هو، جو اڪثر ڇڻي سندس چهري تي اچي پوندو هو ۽ سندس سرخ ۽  اڇي رنگ تي باهه لڳائي ڏيندو هو؛ ۽ هوءَ حسن جو هڪ شعلو بڻجي ويندي هئي. جيئن جيئن عمر وڌندي وئي، تيئن تيئن منهنجي دوستي ۽ محبت هن سان گهري ٿيندي وئي. هن جو حسن وڌيڪ موهيندڙ ٿيندو ويو ۽ منهنجي لاءِ هن جي جواني وڌيڪ دلپذير ٿي پئي. هن جي مقناطيسي ڪشش مون کي پاڻ ڏي وڌيڪ قوت سان ڇڪيندي رهي. هن اکين جي چلڪ جا مون لاءِ پهرين معمولي ڳالهه هئي سا هاڻ ڪاٻي شيءِ ٿي پئي. آءٌ هن کي ڏسي متوالو ٿي ويندو هوس ۽ مون ۾ ڄڻ بيگم سمائبي ويندي هئي. آءٌ انهيءَ خوشيءَ جي عالم ۾ هڪ جادوءَ ۾ گرفتار ٿيل انسان وانگر وائڙو ٿي ويندو هوس.

(2)

منهنجي عمر پندرهين سورهين جي ۽ بيگم جي عمر ٽيهن سالن جي ويجهو هئي ۽ هي زمانو اهو هو جو آءٌ بيگم جي عيش ۽ محبت ۾ چريو هوس. جي ڪو منهنجي سڄي دولت حڪومت ۽ رياست مون کان گهري ها ته آءٌ ڏيان ها، فقير ٿيڻ پسند ڪريان ها پر بيگم جي دل ڏکائڻ پسند ڪين ڪريان ها. منهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي به هو، سو بيگم هئي. آءٌ انهيءَ سان گڏ جنهن عيش عشرت ۾ گذاريندو هوس انهيءَ جو ذڪر ڪرڻ مشڪل آهي. بيگم جو ڳائڻ به وري اهڙو هو جو ڇا چئجي! منهنجو ڪهڙو حال ٿي ويندو هو! ڳائڻ ۾ بيگم جو ڪو ثاني ڪونه هو. چانڊوڪيءَ رات، ڍنڍ جي ڪناري تي سنگ مرمر جون محفلون لڳي وينديون هيون. هوءَ ڳائيندي هئي ته آءٌ مست ٿي ويندو هوس. ٻانهيون ۽ ساهيليون شربت جا پيالا ڀري ڀري سامهون آڻينديون هيون ۽ بيگم پنهنجن هٿن سان مون کي پيالي تي پيالو پياريندي هئي، ۽ تازي تواني ٿي وري ڪو نئون سر کڻندي هئي. هن جو اثردار آواز ڍنڍ جي چوگرد جبلن ۾ پرلاءُ ڪندو ويندو هو. رات جو ٻارهين بجي سينگاريل ٻيڙين ۾ چڙهي، چانڊوڪيءَ ۾ ڍنڍ جو سير به ڪندا هئاسين ۽ گڏ ئي گڏ ڳائڻ وڄائڻ جو شغل به لڳو ايندو هو؛ ۽ جهٽ ۾ سڄي ڍنڍ جي رونق ئي بدلجي ويندي هئي. هڪڙو جوانيءَ جو نشو، ٻيو عشق ۽ ٽيا عاشق معشوق؛ هتي راڳ، هتي سازَ ۽ وري محبت. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن دهلجي ويندو هوس ته آءٌ آهيان ڪٿي ۽ منهنجي چوڌاري ڇا پيو ٿئي. بهشت انهيءَ کي ته ڪونه چوندا  آهن؟ حياتي هڪڙو وڻندڙ خواب پئي لڳندي هئي. منهنجي ۽ بيگم جي محبت ۽ عيش جو زمانو موج ۾ هو. فڪر ۽ رنج ته وڏيون ڳالهيون آهن پر اسان کي انهن جو خيال به ڪونه هو. انهيءَ زماني ۾، انهيءَ عيش عشرت ۾، انهيءَ خوشيءَ جي وچ ۾ منهنجي ٻي شاديءَ جو وقت اچي ويجهو سهڙيو؛ ايترو ويجهو جو اسين ٻئي ڇرڪجي وياسي. دنيا جي مدنظر تي سڀني کي ائين ٿي لڳو ته انهيءَ شاديءَ لاءِ انهي کان سٺو موقع ٻيو ڪونه ٿيندو، بلڪ جي غور ڪري ڏسو ته به ائين معلوم ٿيندو ته اهوئي موقع منهنجي شادي لاءِ سٺي ۾ سٺو هو. جي کڻي ساهرن مان ڪو اعتراض يا سيڙهه جو سبب اٿي ها ته به چڱو. پر هتي ته ريزيڊنٽ کان وٺي رياست جي ادنيٰ ۾ ادنيٰ ٻانهي تائي سڀني کي اها ئي ڳالهه وات ۾ هئي ته خدا جي فضل سان نواب صاحب بهادر جن هاڻ جوان ٿيا آهن ۽ ننڍي بيگم جي شادي هاڻ جلدئي ڪرڻ گهرجي.

جڏهن شاديءَ جو وقت تمام ويجهو آيو ته انهي جي ورچائيندڙ ذڪر جو پڙلاءُ به ڪنن تائين پهچڻ لڳو. بيگم سان جنهن جي عشق جي اها حالت هئي جو بس، اسين ڄڻ ٻن قالبن ۾ هڪڙي جان هئاسين. انهيءَ ايندڙ شاديءَ جو نالو ئي دل ۾ هڪڙو عجيب انتظار پيدا ڪندو هو. بيگم کي هڪڙوئي ڀاءُ هو ۽ انهي کي اها هڪڙي ئي ڌيءَ هئي. ڪنهن چيو آهي ته پڦي ۽ ڀائٽي ٻئي ذات مڙئي هڪڙي، تنهن ڪري بيگم جي به پنهنجي ڀائٽيءَ سان ڏاڍي گهڻي دل هئي. هوءَ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ شاديءَ جو ذڪر ڇيڙي ڄڻ منهنجي هنج ۾ هڪڙو خنجر اڇلي وجهندي هئي.

(3)

هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ڍنڍ جي ڪناري تي هميشه وانگي ڳائڻ وڄائڻ جو جلسو پي ٿيو. ٻانهيون زريءَ جا ڪپڙا پايو ناچ پي نچيون ۽ بيگم تال ڏيندي هلي ۽ مرڪي مرڪي، تاڙيءَ سان گڏ مون ڏي ڏسندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن، جوش ۾ منهنجي نظر ناچ تي وڃيو ٿي پئي نه ته آءٌ ته ڪنهن ٻئي ناچ ڏسڻ ۾ مشغول هوس. مون بيگم جي اکين جو رقص پي ڏٺو يا هن جي محبت جو، جنهن سندس چهري تي رقص پي ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن ته ناچ جو تال مون پاڻ ٿي ڏنو، مطلب ته عجب رنگ هو. طبيعت خوشيءَ جي حد تي وڃي رسي هئي، ته انهيءَ منزل تي منهنجي شادي جو ذڪر اچي ڇڙيو. مون کي ڪهڙي خبر هئي ته هيءَ محفل هن ريت ڊامان ڊول ٿي ويندي. انهي ڳالهه جو ذڪر هڪڙي سهري سان شروع ٿيو جو ڳائڻ ۾ پي آيو. يڪدم سهري جي هڪڙي مصرع مون ڏي ڇڪڻ لڳيون. نوبت وڃي انهي حد کي رسي جو مون لاچار ٿي چئي ڏنو، ”نيٺ تنهنجي مرضي ڇا آهي؟“

بيگم مرڪي، وڏي خوشيءَ سان جواب ڏنو، منهنجي مرضي ڇا آهي! آءٌ اهوئي ٿي چاهيان ته اوهين جلدئي منهنجي ڀائٽيءَ سان شادي ڪريو. مون هن جي منهن ڏي ڏسي هن جي شڪل پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ناچ اڃا پي هليو ۽ ٻانهيون ۽ ڳائڻ وڄائڻ واريون نشي ۾ ٽاٽ ٿيو ساڳيءَ ريت پي نچيون ۽ اسان ٻنهي پاڻ ۾ ڳالهيون پي ڪيون. مون کي شڪ گذريو ته متان بيگم منهنجي محبت جو امتحان ٿي وٺي ۽ چهري مان سندس دل جي حالت معلوم ڪرڻ جي بيڪار ڪوشش ڪيم ۽ چيم، ”آءٌ ته هاڻ تنهنجو ٿي چڪو آهيان ۽ تنهنجي ڀائٽي هتي اچي مون مان ڪا خوشي حاصل ڪانه ڪندي“.

بيگم جواب ڏنو، ”هي اوهان جو خيال آهي. هوءَ توهان جي هم سن آهي ۽ وري مون کان وڌيڪ، گهڻووڌيڪ حسين ۽ سهڻي آهي. توهان جو ۽ هن جو جوڙو ملي ايندو. بس ائين ٿي لڳي ڄڻ خدا تعاليٰ اوهان کي پيدا ئي هڪ ٻئي لاءِ ڪيو آهي. حقيقت ڪري توهان جو ۽ منهنجو جوڙ ٺهي ئي نٿو. دنيا ائين ٿي چوي، ۽ سچ به ائين آهي، جواوهين مون کان عمر ۾ گهڻو ننڍا آهيو“. مون وري بيگم ڏي گهور ڪري نهاريو ته ڪٿي هوءَ پنهنجن انهن خيالن کي جي پنهنجي ڀائٽيءَ جي برخلاف سندس دل ۾ هجن، انهن لفظن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ته نه پئي ڪري؟ اڃا منهنجي دل ۾ اهڙو شڪ ئي مس گذريو هوته مون چور پڪڙي ورتو؛ جو سندس روشن چهري تي اک ڇنڀ ۾ هڪڙو غمناڪ پاڇو ڊوڙي ويو. مون ٿڌو ساهه کڻي بيگم کي چيو، منهنجي دل ۾ توکان سواءِ ڪنهن ٻي لاءِ اصل جاءِ ڪانهي. مون کي توسان بيحد...“

بيگم ڳالهه ڪپي چيو، ”آءٌ سمجهان ٿي ته توهان کي مون سان ۽ مون کي اوهان سان بيحد محبت آهي. پر مون ۾ ۽ اوهان ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. منهنجي دل ۾ بس هڪڙي جاءِ آهي ۽ اها اوهان جي محبت سان ڀري پيئي آهي؛ پر توهان جي دل ۾ ڪيترين جي جاءِ آهي. آءٌ وڏي بيگم آهيان ۽ اوهين نواب آهيو. توهان کي هيءَ ٻي شادي ته ضرور ڪرڻي آهي. پر انهيءَ کان سواءِ ٻيون به جيتريون چاهيو ڪري ٿا سگهو“.

مون ٿورو شوخ ٿي چيو، ”آءٌ ڪونه ڪندس. کڻي سمجهه ته آءٌ تنهنجي پائٽيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪريان ته پوءِ ڇا؟“

نچنديون، ڳائينديون، ٻانهيون ٿورو پرڀرو پهتيون هيون. شايد انهن تاڙي ورتو ته اڪيلائي جي ضرورت آهي. سازن واريون ته اڳ ئي اشارو ڪري اٿي ويون هيون. اسين ٻئي هاڻ اڪيلا رهجي وياسين.

پوري مغلاڻي مان شان سان بيگم گهنڊ پائي بي آراميءَ سان جواب ڏنو، ”اوهين مغل آهيو. اوهين خودمختيار والي رياست آهيو ۽ اوهين... اوهين انڪار ڪري نٿا سگهو. ۽ سو به وري... سوبه وري انهيءَ حالت ۾ جو آءٌ... آءٌ اوهان جي گهر ۾ آهيان. آءٌ اوهان جي وڏي بيگم آهيان تنهن ڪري توهين انڪار ڪري نٿا سگهو“.

مون وري چيو، ”پر توکان سواءِ ٻيءَ ڪنهن سان آءُ محبت ڪر نٿو سگهان“.

بيگم منهنجن پيرن کي هٿ لائي پنهنجي مٿي تي رکيو ڄڻ منهنجي شڪرادائي ٿي ڪري ۽ چيائين، ”انهيءَ ۾ ڇا آهي! مغل نوابن جون بيگمون ڪي خاص سندن محبت لاءِ ڪونه ٿينديون آهن پر رياست جي تخت ۽ تاج جي سونهن ۽ زيور ليکبيون آهن. ڪنهن والي رياست جي ڌيءَ ضرور ڪنهن نواب جي ئي گهر ۾ وڃڻ گهرجي. نوابن جو تعداد آڱرين تي ڳڻي ٿو سگهجي ۽ نواب زاديون تمام وڌيڪ آهن. منهنجي ڀاءَ جي ڌيءَ ڪنهن جهڙي تهڙي جي گهر نٿي وڃي سگهي. محبت هڪڙي شيءِ آهي ۽ شادي ٻي. توهان جي جي منهنجي ڀائٽيءَ سان محبت ڪانهي ته ڀل نه هجي! مون سان ته آهي! بس، اهائي محبت انهي ڳالهه جي ضامن آهي ته اوهين اها شادي ضرور ڪندئو. اوهان کي شادي ڪرڻي پوندي. اوهان انجام ڏنو آهي. اوهين به ظلم ٿا ڪريو. ڀلا غور ته ڪريو ته منهنجي ڀائٽي، هڪڙي رياست جي نواب جي پوٽي، ۽ رياست جي وليعهد جي ڌيءَ، سا ڪنهن والي رياست سان نه پرڻجي، ۽ سوبه منهنجي ڪري نه... نه...! اهو ناممڪن آهي“.

مون اها تقرير ٻڌي بيگم کي مٿي کان پيرن تائين چتائي ڏٺو ۽ پڇيومانس، ”ڇا تون سچيءَ دل سان ٿي چوين ته تنهنجي اهائي مرضي آهي ته آءٌ تنهنجي ڀائٽيءَ کي تنهنجي پهاڄ ڪري وٺي اچان“.

بيگم هڪڙي عجيب نموني سان جواب ڏنو، ”ها، آءٌ سچيءَ دل سان ٿي چوان ۽ منهنجي مرضي اها ڇونه هوندي؟ مون کي هڪڙو ئي ڀاءُ آهي ۽ انهي ڀاءَ کي اهائي هڪڙي ڌيءَ“.

”پر مون کي انهيءَ سان ذري به محبت ڪانه ٿيندي“.

مرڪي جواب ڏنائين، ”اوهين اڃا ٻار آهيو، ٻاراڻيون پيا ڪريو. ٻه دليون ملنديون ته محبت ڇونه ٿيندي؟“

مون بيزاريءَ سان جواب ڏنو، ”توکي منهنجي محبت جو قدرئي ڪونهي. تون ائين ٿي ڀانئين ڇا ته آءٌ ڪوڙ ٿو ڳالهايان، يا توسان نقلي محبت ٿو رکان“.

بيگم وري منهنجا پير ڇهي، هٿ اکين ۽ مٿي تي رکي ڏاڍي ادب سان جواب ڏنو، نه، هرگزنه! ڳالهه هيءَ آهي ته اوهين سمجهو نٿا. مون سان اوهان جي ڇوڪراڻي يا ٻاراڻي محبت آهي. توهين ته ڄڻ مون کان محبت جو سبق سکيا آهيو. قدرتي قاعدو ائين آهي ته زال کي ڪنهن گهٽ عمر واري مرد سان ته پهرين ۽ آخري محبت ٿي سگهي ٿي؛ پر اهو ضروري نه آهي ته انهيءَ گهٽ عمر واري مرد جي به اهائي حالت ٿئي... ۽ سوبه هڪڙي والي رياست جي. جي انهئين به هڪڙي دل ڪانه رکندا آهن“. پوءِ ٿورو مرڪي عجيب نموني سان چيائين، ”انهن جي دلين ۾ ته ڪبوترن جي کڏڻن جهڙا خانا هوندا آهن“.

جيئن بيگم ڳالهه پي ڪئي تئين مون هن جي حسين شڪل ڏي پي نهاريو. هن جي مرڪ ته منهنجو الائي ڪهڙو حال ڪري ڇڏيو. هن جو رنگ، هن جو روپ، ۽ وري انهيءَ تي سندس اکين جي غير معمولي چلڪ، هن جي ڊگهن ڊگهن ڇنڀرن مان ڄڻ بجليءَ جا شعلا پي نڪتا. آءَ ته بيحال ٿي ويس ۽ هن جو سهڻو هٿ کڻي بي اختيار چمي دل تي رکي چيم، ”هن دل ۾ ته هڪڙو خانو آهي ۽ انهيءَ ۾ فقط تون آهين“.

اکيون هيٺ ڪري دٻيل آواز سان پڇيائين، ”فقط آءٌ؟ فقط آءٌ“.

مون آهستي، ڊگهو ساهه ڀريندي چيو، ”تون! ها، تون! تون! منهنجي بيگم... منهنجي جان... منهنجي دل... منهنجي دل جي مالڪ... “

هوءَ آهستي آهستي بي وس ٿيندي مون ڏي جهڪي ۽...

اسين ٻئي محبت جي نشي ۾ چور هئاسين. هن کي مون سان ۽ مون کي هن سان عشق هو. مون هن جي سهڻن وارن کي آڱر سان ڇيڙيو ۽ يڪدم سنهري پنيءَ جي بوند جو ڄڻ مينهن وسي ويو. بيگم پي مرڪي ۽ چيو ته اڃا هڪڙو جلسو ڪرائي سمهي پئجي. بيگم جي کلڻ جي آواز سان ڄڻ هڪڙي نئين زندگي پيدا ٿي پئي ۽ تاڙي وڄائڻ شرط گهنگهرن جي ڇڻڪار ۽ ٻانهين جي جهومر شروع ٿي وئي.

تمام جلدئي ناچ بند ڪرائي بيگم اڪيلي ڳائڻ لڳي. پهرئينءَ ئي تان سان منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. پوءِ جو هن تانن ۽ شعرن سان گڏ هڪڙو عاشقاڻو غزل شروع ڪيو ته مون کي ائين پي لڳو ڄڻ ته سندس اثردار آواز ڪا چيرڻ جي مشين آهي جا منهنجي دل کي پئي چيري. هن جي آواز ۾ عجيب سوز ۽ درد هو. منهنجو الائي ڪهڙو حال پي ٿيو. منهنجو حال ڏسي هن جو آواز هيڪاري اثرائتو ٿيندو ويو. هن غزل به اهڙو کنيو هو جو هڪڙي هڪڙي مصرع هانءُ ڏاريو ٿي ڇڏيو. هڪڙي زال پنهنجي مڙس جي عشق ۾ بيحال پي ٿي! اهوبه هڪڙو عجيب نظارو هو. مون کي ته ماٺ لڳي وئي ۽ آءٌ پنهنجو مٿو هٿن ۾ جهلي اکيون بندي غور سان ٻڌڻ لڳس. تيئن هن جو آواز ويو منهنجي دل ۾ چڀندو. آءٌ ته اهڙو بي آرام ٿي پيس جو بي صبر ٿي پنهنجي هٿ سان ساز کڻي روڪيم، بيگم به کڻي ماٺ ڪئي. مون اشارو ڏنو، جنهن تي سڀئي ٻانهيون پاڇي وانگر گم ٿي ويون. مون بيگم ڏي ڏٺو. سندس اکين جي ڇنڀرن ۾ ٻه ڳوڙها اٽڪيل هئا. منهنجي دل مهٽجي وئي ۽ پڇيم، ”هي ڇا؟“

چيائين، ”ڪي ڪين، غزل ئي اهڙو هو“.

مون چيو، ”ها. آءٌ به پريشان ٿي ويس ۽ پاڻ سنڀالي ڪين سگهيس. هاڻي ٿورو آرام ڪر“. مون هن کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي ڍنڍ جي چئني پاسي نظر ڦيرائي، چوڌاري چانڊوڪي وڇايل هئي. جيسيتائين نظر ٿي وئي، جبلن جي هڪڙي هيبتناڪ قطار پي ڏٺي. هڪڙو ماٺ جو عجيب عالم ڇانئجي ويو هو. مون کي ته ائين پي لڳو ڄڻ ڍنڍ ۽ جبل ۽ سڄو زمانو روئڻهارڪي آواز سان ڀريل هو جو اڃا هينئر پورو ٿيو هو. مون دل ۾ چيو ته راڳ ۾ به ڪو عجيب جادو آهي جو انهي سوز ۽ درد ڀرئي راڳ سڄي زماني کي رئڻهارڪو ۽ غمگين ڪري ڇڏيو آهي.

(4)

پنهنجي ڀائٽيءَ جي شاديءَ لاءِ بيگم گرما گرم تياريون پي ڪيون. سڄو بندوبست سندس ئي مرضيءَ موجب پي ٿيو. لکن روپين جا ڪپڙا خريد ڪيا ويا ۽ لکن رپين جو ٻيو سامان. محلات جو به هڪڙو خاص ڀاڱو سينگاريو ويو. انهيءَ ئي ڪم پٺيان بيگم پنهنجي ڀاءُ جي گهر به ايندي ويندي هئي ۽ اتي جي ڪاروبار ۾ به دخل ڏيندي هئي. مطلب ته هوءَ پنهنجي ڀائٽيءَ جي شاديءَ ۾ ايترو بهرو وٺڻ لڳي جيترو ڪنهن پڦيءَ کي وٺڻ گهرجي. آءٌ هن جو ڪم ڏسي ناراض پيو ٿيندو هوس. مننجي دل رنج پئي ٿيندي هئي. حقيقت ڪري هن جي ڀائٽيءَ لاءِ منهنجي دل ۾ هڪڙي قسم جي نفرت پيدا ٿيڻ لڳي، جو دل نٿي چاهيم ته بيگم جي محبت مان ڪو تر جيترو ڀاڱو به ڪنهن ٻيءَ کي ملي. منهنجي مرضي هئي ته بيگم به مون کان سواءِ دنيا ۾ ڪنهن سان محبت نه رکي. منهنجي اها خواهش هئي ته منهنجي محبت جي ڪري بيگم پنهنجي ڀائٽيءَ تي ساڙ کائي. سمجهان ٿو ته اهو نالائق خيال هو؛ پر پنهنجي دل کي ڇا ڪريان. هن جو ايتري قدر شاديءَ ۾ بهرو وٺڻ منهنجي حق ۾ هڪڙي مصيبت هئي. آءٌ هن کي چوندو هوس، ”جي تنهنجي مون سان اهڙي محبت هجي ها جهڙي منهنجي توسان آهي ته توکي پنهنجي ڀائٽيءَ سان ضرور حسد ٿئي ها“. تنهن تي مرڪي چوندي هئي، ”سچ ٿا چئو مون کي اوهان جهڙي محبت ڪانهي، جو جيترو اوهين مون کي ٿا ڀانيو انهيءَ کان آءٌ اوهان کي تمام گهڻو ٿي ڀانيان“. پوءِ عجيب نموني سان مون ڏي ڏسندي هئي ۽ چوندي هيم، اڃا اوهين بي سمجهه آهيو: توهان کي جي مون  سان محبت آهي ته، اوهين منهنجي ڀائٽيءَ ڀر ڊڄو ڇو ٿا؟“

هڪڙي ڀيري جو ذڪر آهي ته رات جو منهنجي اک اوچتي کلي پئي. ائين لڳم ته ڪو پاڇولو منهنجي جاڳڻ کان پوءِ پر اکين کولڻ کان اڳي، اکين اڳيان لنگهي گم ٿي ويو آهي. اک کڻي مون ڏٺو پر ڪجهه به نظر ڪين آيم ۽ بيگم غافل ستي پئي هئي. ٻيءَ رات به ساڳي ڪار ٿي ۽ ٽيءَ رات به ائين. مطلب ته اڪثر ائين ٿيدو رهيو ۽ وري جڏهن به گهڙيال تي نظر پوندي هيم ته اڪثر پويون پهر هوندو هو. جڏهن گهڻا ڀيرا ائين ٿيو ته مون بيگم سان ڳالهه ڪئي پر هن ٽاري ڇڏيو ته اهو اوهان جو وهم آهي. آءٌ اڃا انهيءَ ئي ويچار ۾ هوس ته پاڻهي اها ڳجهارت پڄي پئي. هڪڙي رات وري به ساڳي حالت ٿي، پر منهنجي منهن تي به گرم گرم ڳوڙها اچي ڪريا؛ جو بيگم ڏاڍي غور سان منهنجي شڪل پي ڏٺي. مون کي جاڳندو ڏسي دهلجي وئي ۽ منهن موڙي پنهنجي هنڌ تي ليٽي پئي. مون يڪدم کڻي هٿ کان جهليومانس ۽ پڇيومانس، ”ڇو“ ۽ گهلي پاڻ وٽ ويهاريومانس، ڏٺم ته مڙئي مون ڏانهن منهن ڦيرائڻ کان پئي نٽائي. مون هن جي روئيندڙ شڪل ڏٺي ۽ منهنجو هانءُ منجهي پيو. بيتاب ٿي هن کي سيني سان لائي پڇيومانس، ”منهنجي جان، تون ڇو پئي روئين، توکي اڄ ڇا ٿي ويو آهي؟“ هن ڪا ورندي ڪانه ڏني، هيڪاري وڌيڪ روئڻ لڳي. آءُ وائڙو ٿي ويس. جيئن پيو روئڻ جو سبب پڇانس تيئن پئي روئڻ ۾ ڇٽي. ايترو ته رني جو اچي هڏڪيون ٿيس ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. مون کي ته هن کي سنڀالڻ ئي ڏکيو ٿي پيو. منهنجي هن سان ڏاڍي محبت هئي ۽ ڪڏهن به روئيندي ڪونه ڏٺو هومانس. اها حالت ڏسي آءٌ پاڻ کي جهلي نه سگهيس ۽ هن کي ڇاتيءَ سان لائي پاڻ به ايترو رنس جو بيحال ٿي ويس. جڏهن ٻئي روئي روئي ٿڪاسين گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته سمجهي ويس ته اسين ڇاتي پي رناسين، يعني ايندڙ شاديءَ جي ڪري. مون کي ته هاڻ هن جي روئڻ تي خوشي ٿيڻ لڳي جو سمجهيم ته شاديءَ جي ڪري، مون وانگر، هن جي دل تي به رنج آهي. پر جڏهن مون اهو خيال ظاهر ڪيو ته هن عجب ڏيکاريندي چيو، ”اوهان جو اهو خيال غلط آهي. آءٌ اوهان کي اڳئي چئي ڪين چڪي آهيان ته، اوهين منهنجي ڀائٽيءَ سان شادي ڪريو ۽ آءٌ انهيءَ ۾ نه فقط راضي پر خوش آهيان؟“ آءٌ وائڙو ٿي ويس ۽ وري روئڻ جو سبب پڇيم ته معلوم ٿيم ته بيگم ڪو خواب ڏٺو هو جنهن جي ڪري پي رني. وڌيڪ پڇا ڪرڻ تي ظاهر ڪيائين، آءٌ روز هڪڙو ڊپ جهڙو خواب پئي ڏسان ۽ تنهن کان پوءِ اٿي اوهان جي شڪل ڏسندي آهيان جنهن کان منهنجي دل کي آرام اچي ويندو آهي، هي خواب جو هن هينئر روز پي ڏٺو پهرين هن تڏهن ڏٺو هو جڏهن آءٌ اڃا پنجن ورهين جو مس هوس ۽ اسين منڱيا هئاسين. تنهن کان پوءِ سال ۾ ڪي ٻه ٽي ڀيرا ساڳيو خواب ڏسندي هئي؛ پوءِ مهيني ۾ هڪڙو ڀيرو، تان جو اها حالت وڃي رسي جو هفتي ۾ پنج ڏينهن يا ته سڄو خواب ڏسندي هئي ۽ جي نه ته، انهيءَ جو ڪونه ڪو ڀاڱو ته ضرور ڏسندي هئي. جڏهن پڇيومانس ته ”مون کي به ته ٻڌاءِ ته اهو ڪهڙو خواب آهي“، ته چيائين، ”بس، اهو نه پڇو ته چڱو. آءُ پنهنجي زبان سان اهو خواب اوهان کي ٻڌائي نٿي سگهان“. وري ٿورو ڏڪي چيائين، جيڪي آءٌ انهي خواب ۾ ٿي ڏسان سو بيان ڪرڻ جهڙو نه آهي ۽ آءٌ انهيءَ جو ذڪر پنهنجي زبان تي آڻي نٿي سگهان“. پر نيٺ جڏهن مون هن کي گهڻو زور ڪيو ۽ کيس پنهنجي سر جو ۽ پنهنجي محبت جو قسم وڌومانس ته چيائين، چڱو ٻڌايان ٿي، پر اڃا به چوان ٿي ته انهيءَ ڳالهه تان ٽري وڃو ته بهتر. پر مون نه مڃيو ۽ هن کي بيحد زور ڪيم، تنهن تي هن ريت خواب جو بيان ڪيائين:

”آءٌ ڏسندي آهيان ته ڄڻ ڪو وڏو ڏينهن آهي ۽ آءٌ درٻاري لباس پائي ڏاڍي دٻدٻي سان زناني دربار واري صفحي ۾ ويٺي آهيان. سڀئي ٻانهيون ۽ نوڪرياڻيون به زيورن سان ڏتيل چوڌاري بيٺيون آهن. مون کي پنهنجي سينگار جو ڏاڍو گهڻو خيال آهي، ۽ هڪڙي ٻانهي خاص آرسي کنيو بيٺي آهي. جي ڪو هڪڙي وار به پنهنجي جاءِ کان ٿڙيو ٿو وڃي ته آرسي ٿي ڏيکاريم، ۽ جي ڪو ڪپڙو هيٺ مٿي ٿيو وڃي ته اها ٻانهي جهٽ سنئون ڪيو ڇڏي. آءٌ ڏاڍي خوش ۽ اوهان جي خيال سان دل ڀري پئي اٿم. پل پل اوهان جو ئي انتظار اٿم، جو توهين اچڻ وارا آهيو. جي ڪو پير جو کڙڪو ٿي ٻڌان ته اوهان جي اچڻ جي گمان کان دل گرانٺ جيڏا ٽپا ٿي ڏئي. اهڙي موقع تي، جڏهن آءٌ سڄي اوهان جي شوق ۾ انتظار ۾ محو آهيان هڪڙي عجيب روئداد برپا ٿيو وڃي“.

ايتري ڳالهه ڪري بيگم ماٺ ڪئي ۽ سندس چهرو، ڊپ کان ڦڪو ٿي ويو. بلڪل معصوم ٻار وانگر بي وس ٿي مون ڏي ڏسڻ لڳي ۽ ٿورو سري مون کي ويجهو آئي. مون  پڇيو، ”ها، پوءِ ڇا؟“ بيگم تمام ڊني بيٺي هئي ۽ ڊپ کان سندس چپ سڪيو ٿي ويا پر پنهنجي زبان سان، چپن کي ٿورو آلو ڪري وري چوڻ لڳي، ”انهي انتظار ۾ پريان هڪڙي نوڪرياڻي جو روئڻ ۽ پڪار جو آواز آيو. ۽ رڙيون به اهڙيون پي ڪيائين جو ٻڌڻ سان بت ڪانڊارجي ٿي ويو. اڃا آءٌ پڇان ئي پڇان ته، ڇا آهي ته ايتري ۾ اها نوڪرياڻي گهوڙا گهوڙا ڪندي منهن مٿو پٽيندي ڀڄندي آئي. سندس نڙيءَ جون نبضون ڇڪيل آهن، ۽ مٿي اگهاڙي، پيرين اگهاڙي چرين جهڙي پئي لڳي. ڊپ کان سندس اکيون ڦاٽي ويون آهن. آءٌ هن کي ڏسي پريشان ٿيو وڃان. ۽ هن جي اچڻ شرط درٻار ۾ گوڙ مچيو وڃي. هوءَ سڌي مون ڏي اچي، منهنجي سامهون بيهي ڪجهه پيئي وڦلي. ڪي چوڻ ٿي چاهي پر ڊپ کان پئي ڏڪي ۽ سندس زبان ئي نٿي اڪلي. نيٺ ڏاڍي مصيبت سان، جتان آئي آهي، انهي پاسي منهن ڦيرائي آڱر سان اشارو ڪري چوي ٿي، ”هوءَ... هوءَ... هوءَ. پيئي اچي... هوءَ... هوءَ... پيئي...“ آءٌ پريشان ٿي هن کان پڇان ٿي، ”اڙي نڀاڳي، نيٺ ٻڌاءِ نه ته هوءَ ڪير؟“ پر هن جي زبان مان، ”هوءَ... هوءَ...“ کان سواءِ ٻيو اکر ئي نه ٿو نڪري. ذري ذري جتان آئي آهي انهيءَ پاسي اشارو ڪري ”هوءَ... هوءَ...“ پيئي ڪري. اڃا آءٌ هن کان وري پڇڻ تي آهيان ته ٻاهر رڙين جو آواز اهڙو ٿو اٿي جو سڀئي دهلجيو وڃن، گوڙ مچيو وڃي. رڙين، روئڻ، پٽڻ ۽ ڀڄ ڊوڙ جي آواز کان سڄي محلات ۾ واويلا لڳيو وڃي. اک ڇنڀ ۾ هڪڙي قيامت برپا ٿيو وڃي. سڀ نوڪرياڻيون ۽ ٻانهيون بي شرميءَ سان بي محابيون هڪ ٻئي جي مٿان ڪرنديون درٻار واري ڪوٺيءَ ۾ ڪاهي ٿيون پون، ۽ اوندهه ٿيو وڃي. آءٌ وائڙي ٿي، اٿي ٿي بيهان ۽ رڙيون پئي ڪريان ته ڪو اوهان کي خبر ڏئي، ڪو فوج سڏائي جو هاڻ صفا ظاهر آهي ته ڪا بلا منهنجي درٻار ۾ ڪاهيندي پئي اچي، ڇو جو سڀڪا اهوئي پڪاريندي پئي اندر گهڙي، ”هوءَ اچي پيئي“ انهي گوڙ گهمسان ۾ منهنجي ڳالهه ئي ڪائي ڪانه ٿي ٻڌي جو سڀني جا حواس خطا ٿي رهيا آهن. ايتري ۾ هڪڙو خوفناڪ... “

ايترو چئي بيگم وري کڻي ماٺ ڪئي ۽ سندس چهرو جو هميشه پيو ٻهنڪندو هو سو هاڻي مٽيءَ جي رنگ جهڙو ٿي ويو. وري ٿوري سري مون کي اچي چهٽي. مون هن کي پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ دلداري ڏني مانس، ”ڊڄ نه، ڊپ نه ڪر!“ وري ٿورو ساهه پٽي قصو شروع ڪيائين:

”ايتري ۾ هڪڙو اهڙو خوفناڪ، نهايت خوفناڪ ۽ دل ڏڪائڻ جهڙو آواز وڄندو اچي، جو اسان مان هرهڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڄڻ ڄميو وڃي. مون کي پاڻ ائين پيو لڳي ته منهنجي بدن جو رت جتي جو تتي ڄمي رهيو آهي. ڊپ- انتهائي ڊپ کان بدن پيو ڏڪيم........ ايندڙ بلا ويجهي پوندي وڃي. انهيءَ جي پيرن جي آهٽ ٻڌي سارو بدن ڪانڊارجيو وڃي ۽ سڄي محلات ۾ قبر جهڙي خاموشي ڇانئجيو وڃي، اهڙي خاموشي جو ڪٿي سئي ڪري ته به ٻڌڻ ۾ اچي. هاڻ ته اهو حال ٿيو جو نڪو دروازي ڏي ٿو ڏٺو ٿئي جتان هيءَ بلا پئي اچي ۽ نه انهي در کان اکيون هٽائي ٿيون سگهجن. ايتري ۾ هڪڙي هڪل ٿي ٿئي ۽ دروازي ۾ ڪاراڻ چڙهيو ٿي وڃي. هوءَ... هوءَ... هوءَ بلا اچيو پهچي... ۽ اچيو منهنجي سامهون ٿي بيهي“.

بيگم جو چهرو وري ڊپ کان ڦڪو ٿي ويو هوءَ مون کي ائين اچي چنبڙي جو آءٌ به ڊڄي ويس. مون وري هن کي ڇاتيءَ سان لائي چيو، ”ڊڄ نه! ڊپ نه ڪر! تون ڇا کان ٿي ڊڄين“. بيگم اکيون بند ڪيو منهنجي ڇاتيءَ تي پئي هئي ۽ پي ڏڪي. مون دلاسو ڏنومانس ۽ پڇيومانس، نيٺ به اها ڪهڙي بلا هئي؟ مون کي به ته ٻڌاءِ! شڪل ڪهڙي هيس؟“

بيگم ڏڪندڙ آواز سان جواب ڏنو، ”نه، نه! مون کان وڌيڪ نٿو چيو ٿئي..... مون کي بچايو... “ ائين چئي ڊپ کان هوءَ يڪدم منهنجي مٿان اچي ڪري.

مون وهاڻي هيٺيان پستول ڪڍي چيو، ڊڄ نه، ڊپ نه ڪر! ڏس، تنهنجي دشمن لاءِ هن جي هڪڙي گولي ڪافي آهي، پر چئين ته ٽيليفون ڪري فوج سڏي وٺان، توبخانو گهرائي وٺان.

”نه، نه! آءُ صبح جو ٻڌائينديس“.

مون گهڙيال ڏي نظر ڪري چيو، ”هاڻ صبح ٿيڻ ۾ به وري ڪهڙي ديرآهي....“ منهنجي ڳالهه ڪندي ئي ڪنهن ويجهي مسجد مان صبح جي ٻانگ جو آواز آيو. ”اجهو صبح به ٿي ويو“، مون چيو، ”ٻڌ ٻانگ پئي اچي“. ائين چئي مون بجليءَ جي گهنٽي جو بٽڻ دٻايو جو پلنگ جي سيرانديءَ کان لڳل هو. يڪدم هڪڙي نوڪرياڻي ڊوڙندي آئي. مون هن کي حڪم ڏنو، ڪنهن سوار کي جلدي ڀڄاءِ ته اهو ملو، جو هينئر ٻانگ پيو ڏئي تنهن کي صبح جو ڏهين بجي اسان وٽ حاضر ڪري“.

بيگم پڇيو، ”انهي کي ڇو ٿا سڏيو؟“

حقيقت ڪري اهو آواز آءٌ گهڻن ڏينهن کان ٻڌندو ايندو هوس ۽ انهيءَ جو ڪيتري مدت کان واقف هوس. ڪيترائي ڀيرا خيال ڪيو هوم ته انهيءَ ماڻهوءَ کي سڏائي ڏسان ته ڪير آهي، پر ڪڏهن سڏايو ڪونه هومانس. بيگم کي اهو سبب ٻڌائي وري خواب جو ذڪر ڪرڻ لاءِ چيم.

بيگم جو به هاڻ ڊپ ويندو رهيو. هن ڪجهه قدر آرام سان وري قصو شروع ڪيو.

”... هن جي شڪل، هن بلا جي شڪل تمام خراب، خوفناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ هئي. هن جو چهرو بنهه ڪارو هو ۽ سڄي منهن تي ڦرڙيون ۽ موهيڙا هئس. ۽ موهيڙا به اهڙا گند ۽ ڪراهت ڀريا هئا... انهن مان ڪي سرخ هئا ۽ ڪي پيلا. پاڻ قد جي بندري هئي ۽ هڪڙي ننڍڙي گوڏ ٻڌل هيس. پيشانيءَ ۾ لوندڙين تي وار ٽڙيا پکڙيا پيا هئس ۽ مرونءَ وانگي ڳچي ٿلهي ۽ ننڍي هيس. پر سندس منهن تمام غليظ ۽ بيحد هيبتناڪ ۽ نفرت جهڙو هو. هن جون وڏيون وڏيون اکيون سنگتڙن وانگر گول گول ۽ ٻاهر نڪتل هيون ۽ اک ۾ اڇاڻ جي بدران ڪٿي ڳاڙهاڻ ته ڪٿي پيلاڻ پي نظر آئي. سندس نڪ ڦٿل هو ۽ انهيءَ مان به گوبا پي ڳڙيا. سندس نڙيءَ جو ٿلهيون رڳون ته نوڙن جهڙيون پي لڳيون. هن ڪوٺيءَ ۾ گهڙڻ شرط هڪڙو هڻڪار جهڙو آواز ڪيو، اهو ڄڻ هن جو کلي ٽهڪ ڏيڻ هو. انهيءَ کلڻ ۾ هن جون واڇون ٽڙي وڃي ڪنن تائين لڳيون ۽ سندس گندا ۽ وڏا ڏند مهارن تائين پي ڏٺا. ڪوٺيءَ ۾ گهڙڻ سان هن پنهنجي لٺ زمين تي ٺوڪي پڇيو، ”بيگم دل افروز! بيگم دل افروز ڪٿي آهي؟“ پوءِ مون ڏانهن نهاري ۽ وري ٽوڪ جهڙي آواز سان چيائين، ”دل افروز! دل افروز!“

بيگم وري ماٺ ڪري مون ڏي ڏسڻ لڳي.

مون پڇيو، ”ڇو؟ ڇا ٿيو، چئو...“

”آءٌ وڌيڪ نٿي چيو سگهان“

”ڇو؟ ڇونه ٿي چئي سگهين. انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟ نيٺ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جا تون چئي نٿي سگهين؟ هي ته خواب آهي، ڪا سچي ڳالهه ته ڪانهي؟“

بيگم ٿورو ترسي چيو، ”دل افروز... دل افروز.... تون...“

بيگم وري ماٺ ڪئي ته مون چيو، ”ها.... چئو؟“

...تون ڏهاڳڻ ٿي پئي آهين، هاڻ وڃي عدت ۾ ويهه!“ اهو ٻڌندي ئي منهنجي ڇاتي ڏڪيو ٿي وڃي ۽ منهن ڦڪو ٿيو وڃيم. هوءَ وري مون ڏي ڏسي ساڳي ڳالهه ٿي ڪري، ۽ هاڻ آءٌ ڏسان ٿي ته سندس هٿ غليظ ۽ چنبي وانگر آهن ۽ هن جا ننهن باز جي چنبي جهڙا آهن......... ايتري ۾ توهان کي پري کان ايندو ٿي ڏسان. اوهان کي اهي ئي ڪپڙا پيل آهن جن ۾ توهان اڃا هاڻ تازو پنهنجي وڏي رنگين تصوير ڪڍائي آهي...“

مون ڳالهه ڪپي چيو، ”خواب ته تون منهنجن انهن ڪپڙن تيار ٿيڻ کان اڳي کان پئي ڏسين. هميشه اهي ئي ڪپڙا ڏسندي آئي آهين ڇا؟“

چيائين، ”هائو. رنگ اهوئي ٿي ڏسان. سنهري گل به اهي ۽ زيور ۽ هيرا ۽ جواهر به اهي ئي. مطلب ته سڀ اهو جيڪي تصوير ۾ آهي. گهڻي ۾ گهڻو ته ممڪن آهي ته اچڪن تي جيڪي گل آهن سي مون کي ياد نه رهيا هجن ۽ مون خيال نه ڪيو هجي، پر جيسيتائين منهنجو خيال آهي، گل به مون کي ياد آهن، ۽ جڏهن کان اها تصوير ٺهي آئي آهي ۽ ڪپڙا ڏٺا اٿم، تڏهن کان وٺي ته هوبهو اهي ئي ٿي ڏسان“.

”چڱو تون پنهنجو قصو شروع ڪر“.

... توهين مرڪندا ڪوٺيءَ ۾ ٿا اچو، ۽ بيحد سهڻا جوان پيا لڳو. توهان کي ڏسي منهنجو ڊپ لهيو وڃي، پر جڏهن ڏسان ٿي ته اوهين انهيءَ منحوس بلا سان وڙهڻ جي بدران هن سان ڳالهيون ڪرڻ ٿا لڳو ته منهنجو عقل ئي چرخ ٿيو وڃي. هوءَ ڏائڻ ڪنڌ ۽ ڄاڙيون لوڏي لوڏي توهان سان ڪي ڪن جون ڳالهيون ٿي ڪري ۽ پئي مرڪي. اوهين مون ڏي ڏسي وري هن کي ٿا ڏسو ۽ مون کي چئو ٿا، ”ها، برابر تون ڏهاڳڻ آهين ۽ هاڻ توکي عدت ۾ ويهڻ کپي“. هاڻ جو آءٌ اوهان ڏي منهن ڪريو ٿي ڏسان ته ايتري ۾ اها بلا غائب ٿيو وڃي. پر اوهين وري مون کي ٿا چئو، ”تون ڏهاڳڻ آهن، وڃي عدت ۾ ويهه“. هاڻ منهنجي حالت به عجيب آهي. انهيءَ جي بدران جو آءٌ اوهان کي چوان ته خدا اوهان کي هزارن ورهين جي عمر ڏئي، اوهين منهنجي سر تي موجود آهيو ۽ آءٌ سهاڳڻ آهيان عدت ۾ ڇو ويهان، آءٌ ڪجهه به نه ٿي چوان بلڪ اوهان جي ڳالهه مڃيو ٿي وڃان. اوهين مون کي جلدي ڪرڻ جي تاڪيد ڪري ٻاهر نڪريو ٿا وڃو. انهيءَ ريت انهيءَ نڀاڳي خواب جو پهريون حصو پورو ٿيو وڃي جو ڪڏهن ته مون کي سڄي جو سڄو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ڪڏهن باقي حصن سان، ۽ مون کي ته انهيءَ جو فقط ڪو ٿورو ٽڪر ڏيکائي ڏيندو آهي“.

مون بيگم کي چيو، ”تنهنجو خواب به عجيب آهي، پر چئو! انهي خواب جو ٻيو حصو به ٻڌائينم!“

تنهن تي بيگم وري چوڻ لڳي. تنهن کان پوءِ ڏسان ٿي ته هڪڙو جنازو تيار آهي. ڪپڙو هٽائي ٿي ڏسان ته منهن مٿو پٽڻ شروع ٿي ڪريان جو واقعي....... واقعي، منهنجي وات ۾ ڌوڙ، اوهان جي لاش آهي. اوهان کي ساڳيا ڪپڙا پيا آهن. آءٌ لاش کي ڍڪيو ٿي ڇڏيان ته ايتري ۾ توهين اچيو ٿا وڃو. عجب ته اهو آهي ته اوهان کي ڏسي به آءٌ خيال ٿي ڪريان ته هي ڳالهه ڪهڙي آهي. اوهين پاڻ به ڪپڙو کڻي لاش کي ٿا ڏسو. آءُ لاش کي ڏسي وري اوهان ڏي نظر ٿي ڪريان. ذرو به فرق ڪونه ٿي ڏسان. اهائي صورت، اهائي شڪل، اهي ئي هيرا، اهي ئي جواهر، هوبهو اهي. ذرو به فرق ڪونهي. اوهين وري به لاش ڍڪي ٿا ڇڏيو ۽ انهيءَ ريت خواب جو ٻيو حصو به پورو ٿيو وڃي.

”وري انهيءَ خواب جو ٽيون حصو هڪڙي عجيب نموني سان شروع ٿو ٿئي. سانوڻ واري محل ۾ جنهن جي ڇت ائين ٺهيل آهي جو هوا ۽ روشني اندر اچي ٿي پر پاڻي اندر نٿو اچي، جو هينئر پنهنجو مقبرو آهي، اتي هڪڙي قبر کوٽيل ٿي ڏسان ۽ آءٌ به اتي اهوئي سينگار ڪيو ويٺي آهيان. اوهان جي لاش منهنجي هنج ۾ آهي. وري به عجب اهو ته اوهين منهنجي سامهون بيٺا آهيو، ۽ منهنجو حال ڏسي مون تي پيا کلو. اوهان جي نظر ۾ اوهان جو لاڏ منهنجي سيني کي ڏاريو ڇڏي. آءٌ انهي لاشي کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي اوهان ڏي اهڙي محبت سان ٿي ڏسان جو ائين پيو لڳيم ڄڻ آءٌ فنا ٿي وينديس. اوهان کي ڏسي، پنهنجي محبت جي جوش کان بيهال ٿيو وڃان. طبيعت هڪدم بگڙيو وڃيم ۽ سڄي بدن جو جوش گڏجي سيني ۾ هڪڙي مرڪز تي اچيو پهچي ۽ آءٌ محسوس ٿي ڪريان ته هاڻ مون ۾ ضبط جي طاقت ڪانهي. منهنجو سينو محبت جي جوش کان ڦاٽندو پيو وڃي. ايتري ۾ ائين ٿو لڳيم ڄڻ منهنجو هانءُ ڦاٽي پيو هجي. هڪڙو وڏو شعاع ٿو ٿئي ۽ انهيءَ چلڪاٽ سان منهنجي اک کليو پئي. پاڻ کي ساڻي پئي سمجهندي آهيان ۽ سارو بدن پگهر ۾ شل ٿيو پويم. ڪيتري دير انهيءَ ئي حال ۾ پئي هوندي آهيان. آهستي آهستي اٿندي آهيان ته متان اوهين جاڳي پئو، ۽ اوهان جي سهڻي شڪل ڏسي دل کي تسلي ڏيندي آهيان، پر اڄ بي اختياريءَ جي عالم ۾، ٻه ڳوڙها اوهان جي چهري تي ڪري پيا ۽ اوهين جاڳي پيئو“.

مون تي انهيءَ خواب ڏاڍو اثر ڪيو، پر کلي بيگم کي چيم، ”تون به سودائڻ آهي. اهڙا خواب ته ڪيترائي پيا اچن ۽ ڪيترائي پيا وڃن. انهن ڳالهين تي ڪو خيال به ڏبو آهي ڇا؟“

”پر، ساڳيو خواب ۽ اهو به جي انهيءَ ريت سانده ڏسجڻ ۾ اچي ته طبيعت ڀلا ڇوڪين گهٻرائيندي؟ ۽ ٻي ڳالهه به ڌيان ۾ رکو. نيٺ، انهيءَ جي ڪهڙي معنيٰ آهي ته اوهان کي جڏهن به خواب ۾ ڏٺو اٿم، شاديءَ کان اڳي به جڏهن توهين اڃا ٻار هئو، تڏهن به انهن ئي ڪپڙن ۾ پي ڏٺو اٿمان. شڪل جو ته پورو خيال ڪونهيم، پر اوهان جي عمر هميشه ايتري ڏسبي هئي  جيتري هينئر آهي. نه، هن خواب ۾ ضرور ڪو مطلب رکيل آهي“.

مون چيو، ”تون سودا پچائي، چري ٿي پئي آهين، مطلب اهوئي آهي ٻيو ڪهڙو“.

پر بيگم بي اعتباريءَ سان ڪنڌ ڌوڻڻ لڳي.

X X X X X X X X X X X X X X X

منهنجي حڪم موجب ڏينهن جو ڏهين بجي ملو مون وٽ حاضر ڪيو ويو. ويچارو غريب هو. مون هن کي چيو، ”هڪڙي ٻانگ رات جو 2 بجي به ڏيندو ڪر. اسين توکي پگهار ڏينداسين. پر هن انهي کان انڪار ڪيو. تنهن تي مون چيومانس، ڀلا صبح جو سوير ۾ سوير ٻانگ ڏي“، ته چيائين حضور، آءٌ ته سوير ۾ سوير ٻانگ ڏيندو آهيان“. مون هن کي وقت ڏسڻ لاءِ هڪڙي واچ ڏني ۽ پنجاهه رپيا انعام ڏئي روانو ڪيومانس. حقيقت ڪري ٻانگ به صبح جو هڪڙو نياپو آهي، ۽ انهي ٻانگ جي آواز کان بيگم جي دل کي گهڻي تسلي ٿي هئي تنهن ڪري مون خيال ڪيو ته روز ٻانگ جلدي ٿئي ته بهتر.

ملو هليو ويو ۽ هن جو خيال به اسان جي دلين تان لهي ويو. انهيءَ جي يادگيري وري تڏهن پوندي هئي جڏهن رات جو بيگم خواب ڏسندي هئي، ۽ جڏهن صبح ٿيڻ جي انتظار ۾ ٻئي بيگم ۽ آءٌ ٻانگ ٻڌڻ لاءِ منتظر رهندا هئاسين“.

بيگم مهيني اندر ڪي چار ڀيرا اهو ساڳيو خواب ڏٺو هو جو هڪڙي رات خواب ڏسڻ مهل ڇرڪجي اٿي ۽ يڪدم مون کي جاڳائي چيائين، ”هي توهان ڪهڙو قهر ڪري وڌو!“

مون هن جي ڊنل چهري کي ڏسي مرڪي چيو، ”توسان خير ته آهي؟ مون ڪهڙو قهر ڪيو آهي“.

”توهان هن ويچاري غريب ٻانگ ڏيندڙ ملي کي ناحق مارائي ڇڏيو“

مون چيو، ”اڄ ته الائي ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين. ڀلا ٻڌائينم ته سهي ته اڄ ڪهڙو تماشو ڏٺو اٿئي“.

تنهن تي هن وري ٻيو خواب ٻڌايو، اهو هي ته انهي خواب واري ڏائڻ مون سان ملي جي شڪايت ڪئي ۽ مون انهيءَ بلا کي چيو ته چڱو هاڻي ئي وڃي هن کي ماري ڇڏ.

اها ڳالهه ٻڌي آءٌ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳيس ۽ چيم، ”تو کي ڇا ٿيو آهي؟ انهيءَ جو به ڪجهه ته علاج ڪرڻ کپي“. پر هن هڪڙي عجيب نموني سان چيو، ”آءٌ ڪوڙ ڪانه ڳالهايان. هي سڄو خواب..... ته آءٌ سچ ٿي چوان، هي خواب ضرور سچو آهي. توهين ڏسي وٺجو اڄ ٻانگ ڪانه ٿيندي“.

صبح تائين مون کي ۽ بيگم کي ٻانگ جو انتظار رهيو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن بيگم جي ڳڻتي وڌندي وئي. جڏهن ڏينهن نڪري آيو ۽ ٻانگ جو آواز ڪونه آيو تڏهن آءٌ به وائڙو ٿي ويس. مون سج اڀرندي ئي سوار ڀڄايو  ته خبر وٺي اچي ته ڇو اڄ ملي ٻانگ نه ڏني. خبر پئي ته ملو رات مري ويو! معلوم ٿيو ته هو حيران پريشان حال ۾ ننڊ مان اٿيو ۽ پنهنجي زال کي ننڊ مان اٿاريائين؛ پر جيسين ڪو علاج ٿي سگهي تيسين پاڻ مري ويو. اها ڳالهه ٻڌي منهنجو عقل چرخ ٿي ويو. يڪدم سول سرجن ڏي حڪم موڪليم ته لاش کي تپاسي مون کي خبر موڪلي ته انهيءَ ملي جو موت ڇا کان ٿيو. ٿوري کان پوءِ سول سرجن رپورٽ موڪلي ته موت دل جي حرڪت بند ٿي وڃڻ ڪري ٿيو هو. مون ملي جي ڪفن دفن لاءِ سئو رپيا ڏياري موڪليا. منهنجي پريشان شڪل ڏسي بيگم به سهي ڪري ورتو ته ڳالهه ڪيئن آهي. سندس منهن يڪدم لهي ويو ۽ ڏک ڀرئي آواز سان چيائين، ”مون ته اڳ ئي اوهان کي ٿي چيو ته منهنجي ڳالهه سچي آهي. اوهان هن غريب کي ناحق مارائي ڇڏيو“. آءٌ اهي لفظ ٻڌي، بت وانگر بيهي بيگم کي ڏسڻ لڳس. مون کي ائين پي لڳو ڄڻ سچي پچي ملي جو موت منهنجي هٿان ٿيو هجي. گهر ماڻهو موڪلي اطلاع ڏنم ته ملي جي ٻارن ٻچن جي قوت گذران لاءِ شاهي خزاني مان انهن کي ڏهه رپيا ماهانو پهچايو ويندو ۽ جڏهن ٻار وڏا ٿيندا تڏهن انهن جي پڙهائڻ ۽ شاديءَ جو خرچ به رياست ڪندي.

هاڻ بيگم جي بدران اسين ٻئي فڪر ۾ پئجي وياسين. بيگم ڏاڍي خيرات ڪئي. پنهنجي رياست مان ڪيترائي پير فقير سڏايائين. مون کي ملن ۽ مولوين تي ته نه ڪڏهن اعتقاد هو، نه آهي، پر انهن ڏينهن جي ڳالهه ئي نرالي هئي. تنهن کان سواءِ اهڙو بندوبست رکيوسين جو يارهين ٻارهين بجي سمهڻ جي بدران سنجهي مان ئي سمهي رهندا هئاسين ۽ رات جو هڪڙي بجي اٿي صبح تائين ڳائڻ وڄائڻ جون مجلسون ڪندا هئاسين. سڀني کان وڌيڪ فائدو انهيءَ تدبير مان ٿيو. پر اهو منحوس خواب ڪو اهڙو هو جو ڪڏهن نه ڪڏهن مڙئي ڏيکائي پيو ڏيندو هو. مطلب ته رات جي بدران ڏينهن جو سمهندا هئاسين جنهن ڪري خواب ڏسڻ گهڻو گهٽجي ويو. ۽ وري منهنجي شادي به اچي ويجهي پئي هئي. بيگم انهيءَ جي ڪم ڪار ۾ ايتري مشغول ٿي وئي جو کڻي خواب ڏسندي به هئي ته انهيءَ ڏي خيال ئي ڪونه ڏيندي هئي.

(5)

 نيٺ مون کي ننڍي بيگم سان شادي ڪرڻي پئي. رسمن موجب نه مون هن کي ڏٺو هو نه ڏسڻ جي ڪا خواهش هيم. وڏي بيگم پنهنجي ڀائٽيءَ لاءِ محلات جو هڪڙو خاص ڀاڱو سينگاريو هو جنهن ۾ ننڍي بيگم کي اچي لاٿو هيائون. شروع کان آءٌ محلات جي انهيءَ حصي کان ڪنڊ پاسو پيو ڪندو هوس جو انهيءَ ۾ اها زال اچڻي هئي جا منهنجي ۽ منهنجي بيگم جي محبت ۾ رولو وجهڻ واري هئي. مون کي ته انهيءَ جو خيال ڪندي ئي نفرت پي آئي.

آڌي رات ڌاري، جڏهن وڏي بيگم سڀني سوڻن ساٺن کان فارغ ٿي ۽ ننڍي بيگم کي پنهنجي خوابگاهه ۾ پهچائي منهنجي تلاش ڪرڻ لڳي. ٻڌائين ته آءٌ ٻاهر آهيان. انهئين پڇا مان معلوم ٿيس ته آءٌ اندر آهيان. ڪوٺي ڪوٺي ڪري ڳولڻ لڳي پر آءٌ اتي ڪٿي ٿو لڀان. آءٌ ته وڏي بيگم جي پلنگ تي آرام سان بيخبر ستو پيو هوس. وڏي بيگم مون کي ڳچيءَ تي چمي ڏئي جاڳايو. مون اکيون کولي بيگم جي سهڻي مرڪندي شڪل ڏٺي. هن کلي چيو، ”هتي ڪٿي؟“ مون هن کي گلي سان لائي چيو،” آءٌ اتي جت مون کي هجڻ کپي. يعني پنهنجي جان وٽ، پنهنجي پياري بيگم وٽ!“ هن مون کي هٿ کان جهلي گهلي پلنگ تان اٿاريو. پوءِ ته اچي اسان جا حجت دليل شروع ٿيا. منهنجو چوڻ هو ته آءٌ ننڍي بيگم وٽ اصل ڪونه ويندس ۽ هن جو ضد هو ته ”اوهان کي ضررو وڃڻو پوندو“. اسان جي ضد ڏاڍا نمونا اختيار ڪيا، جو شروع ته کل چرچي ۾ ٿيو پر پڇاڙي اها ٿي جو ٻئي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي روئڻ ۾ اچي ڇٽاسين. پر روئي ڌوئي وري به ساڳي گهل گيندڙ رهي. جنسي ڌڪا ڏئي مون کي ڪوٺيءَ مان ڪڍيائين. آءٌ ڪرڪندو ويس ۽ بيگم مون کي دلداري ڏيندي پي هلي. طرحين طرحين جون ڳالهيون ٻڌائي مون کي پي ريجهايائين، ۽ ائين ريجهائيندي پرچائيندي، ڇڪيندي، گهليندي ننڍي بيگم جي خوابگاهه تائين وٺي ويم. پر در تي پهچي آءٌ اٽ هڻي بيهي رهيس. مون کي در تي ڇڏڻ بيگم پاڻ پنهنجي ڀائيٽيءَ کي ڪجهه سيکارڻ پڙهائڻ لاءِ اندر وئي، ۽ آءٌ ڀڳس. ۽ وري پنهنجي کڏڻي ۾ وڃي لڪس جتان اڃا هينئر گهلجي گهلجي آيو هوس. پر بيگم کان بچيس ڪين. هن کي منهنجي حال تي ڪجهه به رحم ڪونه آيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ وري مون کي جهلي آئي ۽ زبردستيءَ سان ننڍي بيگم جي ڪوٺيءَ ۾ ڌڪو ڏئي ٻهران در بندي ڇڏيائين.

جيئن اڳ ذڪر ڪري چڪو آهيان، مون اها ڪوٺي اصل ڪانه ڏٺي  هئي. هينئر پهريون دفعو ڏٺيم. سڄي ڪوٺيءَ ۾ بجليءَ جي گلابي روشني پکڙيل هئي. طرح طرح جون گلابي رنگ جون بتيون پي ٻريون. ڪوٺيءَ جي ڇت کي به گلابي رنگ هو جنهن تي نموني نموني جا سنهري نقش نڪتل هئا. سڀ شيءِ مون کي گلابي نظر پي آئي. ڇت وانگر ڀتين کي به گلابي رنگ ڏنل هو، جنهن تي سنهري ۽ رنگارنگي گل ۽ ٻوٽا نڪتل هئا. ڪوٺيءَ ۾ هرقسم جي آسائش جو سامان موجود هو. ڪوٺيءَ جي وچ ئي وچ ۾ ننڍا پلنگ پيل هئا جن جي چوڌاري هڪڙو آب روان (جارجيٽ) جو گلابي پردو اهڙي تجويز سان لڳل هو جو ڇت کان وٺي زمين تائين جيئن ڀتين وانگر پي لڳو. اهو پردو اهڙو ته سنهو هو جو انهيءَ جي چئني تهن مان به آرپار ڏسجي ٿي سگهيو. انهي پردي ۾ قسمين قسمين موتي ۽ زمرد جڙيل هئا. جي بجليءَ جي روشنيءَ ۾ تارن وانگر پي چلڪيا. هڪڙي پلنگ تي بيگم حسن افروز يعني منهنجي ننڍي بيگم ويٺي هئي. انهيءَ کي به گلابي رنگ جا ڪپڙا پيا هئا، ۽ ائين پي لڳو ڄڻ هنڌ تي ڪا گلابي هڙ ويڙهي رکي آهي. مون اهو سڀ هڪڙي نظر ۾ ڏٺو پوءِ وڏيءَ بيگم جي خيال ۾ محو ٿي ويس ۽ ننڍيءَ بيگم کي پٺ ڏئي، دروازي جي گلابي بخمل جي پردي ۾ منهن لڪائي بيهي رهيس. اگرچه ڪوٺي اڳ ئي نموني نموني جي خُوشبوئن سان ڀريل هئي ته به اوچتو عنبر جي تکي ۽ مست ڪندڙ خوشبو جو غبار منهنجي دماغ ۾ ائين اچي پهتو جو مون گهٻرائي منهن کڻي کوليو. منهن ڦيرايم ته ڏٺم ته بيگم منهنجي پاسي ۾ بيٺي هئي. زمين تي رومي غاليچو وڇايل هو جنهن جا بُجَ مون تائين پي پهتا جنهن ڪري هن جي اچڻ جو آواز ئي ڪونه ٻڌو  هوم. مون هن ڏي ڏٺو ته يڪدم هوءَ جهڪي منهنجي پيرين پئي ۽ پنهنجا هٿ چمي اکين ٿي رکي ٻئي هٿ جوڙي، ٿورو هٽي، اکيون هيٺ ڪري بيهي رهي. مون هن حسن جي پتليءَ کي هينئر پهريون دفعو مٿي کان پيرن تائين ڏٺو. سهڻي صورت، سروقد ۽ نازڪ بدن هئي. سندس چهرو صاف بلور وانگر گلابي روشنيءَ ۾ ڄڻ پي ٻهڪيو. فقط ٿوري دير پيشاني گهونگهٽ جي ڪري لڪل هئي پر سندس نڪ نقشو اهڙو حسين ۽ موهيندڙ هو جهڙو مون اڳي عمر ۾ ڪونه ڏٺو هو. هڪڙو ڀيرو ڏسي وري ٻئي ڀيري ڏٺومانس. هوءَ انهين ئي هٿ ٻڌيو بيٺي هئي ۽ آءٌ پردو جهليو بيٺو هوس. هوءَ اڳتي وڌي پيرين پئي وري ٿورو هٽي بيٺي. پر آءٌ اڃا اتي ئي بيٺو هوس، ته وري ٽيو ڀيرو به پيرين پئي هٿ پنهنجي اکين ۽ پيشانيءَ تي رکيائين. پر هن ڀيري هٽي بيهڻ جي بدران منهن مٿي کڻي مون ڏي ڏٺائين مون کي دل ۾ چوڻو پيو، ”خدا توکي ڪهڙو غضب جو حسن ڏنو آهي“. هن مون ڏي پي ڏٺو ۽ هن جي چپن تي ڪا حرڪت هئي ڄڻ ڪجهه چوڻ ٿي گهريائين ۽ آهستي پنهنجو ساڄو هٿ منهنجي ساڄي هٿ ڏانهن ڊگهيريائين. هن جي گلابي ڪشميري شال ترڪي هيٺ ڪري پئي جنهن جي شايد مون کي خبر ئي ڪانه رهي. هٿ وڌائي ڄڻ ڊڄندي ڊڄندي مون کي ڪارائيءَ کان کڻي جهليائين ۽ منهنجو هٿ ٻنهي هٿن سان جهلي اکين تي رکيائين ۽ ڏڪندڙ آواز سان، ”سرتاج“ چئي مون ڏي نماڻي نظر کڻي ڏٺائين ڄڻ ته من کان ڪنهن تقصير جي معافي پي گهريائين. آهستي آهستي مون کي وٺي هلي پلنگ تي ويهاريائين. آءٌ پلنگ تي ويٺس ۽ ننڍي بيگم کي پي ڏٺم جا هٿ جوڙيو منهنجي اڳيان بيٺي هئي. ڊسمبر جو مهينو هو ۽ سخت سيءَ پي پيا، پر ڪوٺيءَ جي اندر تمام سٺي موسم هئي جو جتي ڪٿي بجليءَ جون سگريون پي ٻريون.  مون هن کي ويهڻ جو اشارو ڪيو ته يڪدم ويهي رهي ۽ هڪڙي گلابي شيشي جي صراحيءَ مان کير جو پيالو ڀري ڏنائين جو مون پيتو. پوءِ هن کي به کير جو پيالو ڏئي اها رسم پوري ڪيم. جلدئي ٻه چار ڳالهيون ٿيون ۽ گفتگو ڇڙي پئي ۽ ننڍي بيگم پنهنجي جادوءَ جي ڄار مون تي اڇلڻ شروع ڪئي. پر پنهنجي طبيعت کي ڇا ڪريان! آءٌ ڪومائجي ويس جو شايد هن کي برو لڳو. مون کي اچي وڏي بيگم جو خيال پيو جنهن ڪري ڳالهه ڪپي مون هن کي چيو، ”سمهي پئو“. هيئن چئي پنهنجي پلنگ تي وڃي ليٽيس ۽ تڏهن جو ستل صبح کان اڳي اک ڪانه پٽيم. ساڍا اٺ لڳا هوندا جو وڏي بيگم ننڊ مان اچي اٿاريو ۽ اٿارڻ سان جهيڙو شروع ڪيائين. مون خوب رنو ۽ هن به خوب رنو، پر جهڙو آءٌ لاچار هوس تهڙي هوءَ لاچار هئي. حقيقت ڪري ننڍي بيگم منهنجي بيپرواهيءَ جي شڪايت ڪئي ٿي ڏٺي ۽ پڦي پنهنجي پائيٽيءَ جي پاران وڪيل بڻجي پنهنجي ڏنگي مڙس سان وڙهڻ آئي هئي. مطلب ته منهنجي ۽ وڏي بيگم جي سخت لڙائي ٿي.

ڪهنهن چيو آهي ۽ سچ چيو آهي، ”اها ٿيڻي ڪينهي ته باهه لڳي ۽ دونهون نه ٿئي“. ننڍي بيگم جو حسن لاثاني، تنهن تي وري پڦي ڀائٽيءَ جي دائمي ڪوشش، سو ننڍي بيگم سان آءٌ سگهو ئي رلي ملي ويس. پر مون کي خبر ڪانه هئي ته منهنجو اهو رلڻ ملڻ ڇا مان ڇا ڪري ڇڏيندو ۽ سوبه ايترو جلدي.

پڦي ته اڳئي ڳائڻ ۾ ڀڙ هئي؛ پر ڀائٽيءَ ته هيڪاري ڳائڻ سان ستم ڪري ڇڏيو. اهڙي حسين ۽ دلپسند ڇوڪري، نئين نئين جواني ۽ وري نئين شادي منهنجي هن جي طرفان ڇڪ ۽ هن جي منهنجي طرفان ڪشش؛ ڇا چوان ته ننڍي بيگم ڇا ٿي پئي. مون سان گڏجي هوءَ عشق مُجَسَم ۽ محبت جي پتلي بڻجي وئي. هوءَ ته هڪ عجيب دنيا ۾ هئي ۽ مون کي پاڻ سان انهي دنيا ۾ گهليندي پي وئي. جي هن جو وس پڄي ها ته مون کي پنهنجي دل ۾ لڪائي رکي ها. اهو جذبو وڏي بيگم ۾ به ته زور هو ۽ اڪثر سڀني زالن ۾ هوندو آهي پر ننڍي بيگم ۾ نه هو ايترو عقل نه ايتري سمجهه جو سمجهي ته هي، جوش ڇا آهي. مون کي ڏسندي هئي ته سندس اکيون خمار سان ڀرجي وينديون هيون. هن جي چرپر، ماٺ، اٿڻ ويهڻ، هلڻ چلڻ، کائڻ پيئڻ، کلڻ ڳالهائڻ، ڳائڻ وڄائڻ، ملڻ جلڻ، سڀ انهيءَ ئي هڪڙي جوش سان ڀريل هئا، ۽ قدم قدم تي دل کي چور چور ڪري ڇڏيندا هئا. تمام جلدي هن منهنجي هستيءَ کي ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو. بس ڄڻ ته هوءَ پاڻ مون ۾ سمائجي مون کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيائين. اهو سڀ ۽ انصاف ته ڏسو، وڏي بيگم پنهنجي ڀائٽيءَ جي زنده دلي ۽ عاشق مزاجي ڏسي باغ باغ پيئ ٿيندي هئي، جو جيترو ٿي سگهندو هوس پنهنجي ڀائٽيءَ جي عيش ۾ رخنو ڪونه وجهندي هئي.

اهي ئي ناچ، اهي ئي گانا، اهي ئي رنگ، اهي ئي روپ ۽ اهي ئي محفلون هونديون هيون. ننڍي بيگم ۽ وڏي بيگم ٻئي مون سان گڏ هونديون هيون. پڦي ۽ ڀائٽي ٻئي گڏجي ڳائينديون هيون ۽ جشن ۾ ٻئي شريڪ ٿينديون هيون. طرحين طرحين جا ناٽڪ ٿيندا هئا، سانگ بڻايا ويندا هئا. وڏي بيگم نواب ٿيندي هئي، ننڍي بيگم وليعهد ته آءٌ بيگم بڻبو هوس. مون سان شادي ٿيندي هين ۽ اونڌيون نديون وهنديون هيون. پر وڏي بيگم انهن خوشين ۾ گهڻي وقت تائين بهرو ڪونه ورتو. اڳ ئي پنهنجي ڀائٽيءَ تان پنهنجو عيش ۽ پنهنجي خوشي قدم قدم تي پئي قربان ڪندي هئي، ۽ جلدئي هنن جلسن مان به پنهنجو پير ڪڍائڻ لڳي. ڪڏهن مٿي جو سور جو بهانو، ڪڏهن طبيعت جي رنجش، ڪڏهن ننڊ جو عذر ته ڪڏهن ڪو ڪم، مطلب ته ڪونه ڪو بهانو ڪري ٿوري دير ۾ محفل مان اٿي ويندي هئي. ائين، آهستي آهستي، هن اچڻ بند ڪري ڇڏيو، ۽ سندس طبيعت جو لاڙو انهيءَ زماني ۾ ڪي قدر مذهبي ڳالهين ڏي وڌڻ لڳو، مون خيال ڪيو ته شايد انهيءَ ڪري هوءِ محفلن کان گوشو ٿي ڪري.

اهو ته ظاهر آهي ته انهن ڳالهين جو نتيجو ڪهڙو نڪتو هوندو. ڪم ڪار وساري آءٌ ننڍي بيگم جي عشق ۾ غلطان ٿي رهيس. هاڻ مون کي خبر پوڻ لڳي ته وڏي بيگم سچ ٿي چيو ته منهنجو ۽ ننڍيءَ بيگم جو جوڙو ملي ايندو.

منهنجي عمر سورهين ۽ سترهين جي وچ ۾ هئي ۽ ننڍي بيگم چوڏهن يا پنڌرهن ورهين جي هئي. جلدئي وڏي بيگم جي بدران مون کي ننڍي بيگم جو جنون اچي لڳو. هردم اهائي تصوير اکين آڏو رهندي هئي. ستي يا جاڳندي انهيءَ جي يادگيري هئي. درجي بدرجي اها نالائق حالت اچي رسي جو وڏي بيگم جو موجود هجڻ يا نه هجڻ منهنجي ليکي هڪڙي ڳالهه هئي بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته وڏي بيگم جي موجودگي دشوار پئي لڳندي هئي. ائين محسوس ڪرڻ لڳس ڄڻ ته هوءَ ڪا وڏي مائيٽياڻي آهي جنهن جي اڳيان ادب ۽ حيا ضروري آهي. ٿوري عرصي ۾ ناچ گاني جي رونق فقط ننڍي بيگم هئي. اهوئي ڍنڍ جو ڪپ، اهوئي سنگ مرمر جو فرش، اهائي چانڊوڪي، اهائي عيش عشرت، پر پراڻو محبوب هاڻ مجلسن مان غير حاضر رهڻ لڳو. منهنجي بتخاني ۾ هاڻ ٻيو بت هو جنهن جي پوڄا ۾ آءٌ محو ٿي رهيو هوس. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل مون کي ڏوراپا ڏيندي هئي ۽ وڏي بيگم جو خيال دل ۾ چور وانگر ڪکندو هوم، پر انهي ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ڪونه هو. جي کڻي وڏي بيگم وٽ انهي خيال سان ويندو هوس ته ٻه ٽي ڏينهن وڃي وٽس ٽڪان ۽ سندس جاءِ تي جلسو وغيره ٿئي، ته پهرين ته هوءَ مون کي ٽڪڻ ڪانه ڏيندي هئي ۽ کل چرچي ۾ مون کي ٽاري ڇڏيندي هئي، يا جي گهڻي منٿ ميڙ سان کڻي راضي به ٿيندي هئي ته ٿوري دير کان پوءِ چوندي هئي ته حسن افروز کي سڏائي وٺو ننڍي بيگم سڏ تي يڪدم اچي سهيڙندي هئي. وڏي بيگم جو ايترو ته حڪم هلندو هو جو ننڍي بيگم جي مجال ڪانه هئي جو هن جي سڏ تي نه اچي. هن جي اچڻ تي وڏي بيگم ڪونه ڪو بهانو ڪري اٿي ويندي هئي، ۽ نتيجو اڪثر اهو ٿيندو هو ته وڏي بيگم جي محلات ۾ اسين سڀئي خوشيون پيا ڪندا هئاسين ۽ پاڻ غير حاضر هوندي هئي. پر ايترو ته آءٌ ضرور چوندس ته ننڍي بيگم جو جنون هوندي به مون کي هميشه ائين لڳندو هو ته وڏي بيگم جي محبت هڪڙي لاثاني ۽ لازوال شيءِ هئي. منهنجي دل ۾ هن لاءِ اڃا به ڏاڍي محبت هئي پر اها هڪڙي عجيب نموني جي. جي ڪڏهن کڻي هن کي ڇاتيءَ سان لائيندو هوس يا پيار ڪندو هوس ته هن جي اکين مان ڳوڙها وهي ايندا هئا ۽ سگهو ئي طبيعت بگڙجي ويندي هيس، ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳندي هئي. مطلب ته هن انهي ريت منهنجو پيار ڪرڻ ئي ناممڪن ڪري ڇڏيو، جو هن جي حالت اهڙي ٿي ويندي هئي جو هن کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. جي هن سان ڪڏهن کڻي انهي خواب جو ذڪر ڇيڙيندو هوس ته چوندي هئي ته اهو هڪڙو اجايو خيال آهي، ٻيون ڳالهيون ڪريو. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن خيال ڪندو هوس ته منهنجي محبت به هڪڙي عجيب محبت آهي جو ٻنهي بيگمن تان فدا پيو ٿيندو هوس، ۽ هميشه ائين سڌ هوندي هيم ته وڏي بيگم تان پنهنجي جان قربان ڪندو رهان.

درجي بدرجي وڏي بيگم جي حالت ۾ هڪڙو وڏو انقلاب پيدا ٿيڻ لڳو. هوءَ وڌيڪ بي آرام رهڻ لڳي ۽ معلوم ٿيم ته راتين جو اٿي ڪوٺين ۾ گهمندي ڦرندي هئي. اگرچه سندس چهري ۾ اڳوڻي تازگي ڪانه هئي ته به سندس شڪل اڃا موهيندڙ ۽ اثرائتي بيشڪ هئي. هن جي صحت هاڻ گهڻو بگڙڻ لڳي ۽ پاڻ ڏينهان ڏينهن ڏٻري ٿيندي وئي.

(6)

سچ پڇو ته انسان به عيش جو ٻانهو آهي، کڻي غريب هجي يا امير، وري جي عيش عشرت جي به ڪا حد هجي. اسين ڪيترو به عيش کڻي ڪريون تڏهن به سمجهنداسين ته اڃا بس نه آهي. منهنجا ۽ ننڍي بيگم جا عيش ۽ لذت ڀريا ڏينهن لهرن وانگر پيا لڳندا هئا. ائين ڀانئيندا هئاسين ته اسين ڪنهن عيش عشرت جي عالم ۾ هوا جي گهوڙي تي سوار ٿيو اڃا به ڪنهن بهتر عالم ڏي پيا وڃون. منهنجي شاديءَ کي ٻيو سال اچي ٿيو هو، پر مون کي ائين ٿي لڳو ته ڄڻ ننڍي بيگم اڃا ڪالهه آئي هئي. جيئن جيئن پي جواني آئي، تيئن تيئن عشق ۽ محبت جو نشو ويو وڌندو. آءٌ ته انهيءَ نشي ۾ مست هوس، ۽ ننڍي بيگم جو به اهوئي حال هو.

سانوڻ جا ڏينهن هئا. ڪارا ڪڪر ۽ دل بهار هيرون، ڍنڍ جو نظارو ۽ کاڌو پيتو، ۽ انهيءَ تي وري عشق ۽ محبت جو مزو! ڏينهن رات راندروند ۾ گذرندا هئا. ڏينهن رات نموني نموني جا راڳ روپ ڪيا ويندا هئا. هميشه دل خوش ڪرڻ جي ڪا نئين تجويز ۽ انهيءَ جي تعميل! بس ڄڻ اسان جي حياتيءَ جو مقصد ئي اهو هو. ننڍي بيگم رٿ رٿي ته ڍنڍ جي وچ ئي وچ ۾ پنڌرهن ويهه ٻيڙيون ڳنڍي انهن تي هڪڙي وقتي محلات ٺاهجي ۽ اتي سڄو هفتو جلسو ٿئي. رٿ بيشڪ وڻندڙ هئي. بس حڪم جي دير هئي. سوين ماڻهو ڪم تي لڳي ويا. رات ڏينهن ڪم هلڻ لڳو ۽ ڍنڍ جي وچ ۾ هفتي جي اندر هڪڙي عجيب محلات تيار ٿي وئي.

جلسي جي پهرئين ڏينهن وڏ ڦڙو مينهن وسڻ لڳو. هتي ننڍي بيگم جو اهو حال هو جو پنهنجي مست ڪندڙ آواز سان جهومي جهومي پي ڳايائين. ڏاڍا مال مليدا کاڌاسين ۽ قسمين قسمين جا شربت ۽ پاڻي پيتاسين. ڏينهن جو سمهون ۽ ساري رات راڳ روپ عيش عشرت ۽ کائڻ پيڻ ۾ گذاريون. طرحين طرحين جا ناچ ۽ طرحين طرحين جا ناٽڪ  ٿيندا هئا. وري ڪڏهن مينهن ۾ وهنجون ته ڪڏهن ڍنڍ ۾. مطلب ته ڏاڍي موج لڳي وئي. اسان کي به جيڪي هيلا هلائڻا هئاسين هلائي بيٺاسين پر وڏي بيگم انهيءَ عيش جي جلسي ۾ شامل نه ٿي سانه ٿي. اهوئي جواب ڏيندي هئي ته اوهين وڃو. انهي جواب تي مون هن کي ڇاتيءَ سان کڻي لاتو ۽ چيومانس، ”نه توکي ضرور هلڻو پوندو آءٌ توکي ضرور وٺي هلندس“. بس، منهنجو ايترو چوڻ ۽ هن جي طبيعت اچي بگڙي. خوب رني ۽ مون کي به رئاڙيائين. لاچار ٿي موٽي آيس. هاڻ ته هن جلسي ۾ هن جي يادگيري به ڪانه هئي. پر ڪنهن کي ياد ڪرڻ جي فرصت ئي ڪٿي هئي.

ناچ گاني مان به پنجن ڇهن ڏينهن ۾ اچي ٿڪاسين. نيٺ پويون ڏينهن آيو ۽ چيوسين ته بس اڄوڪو ڏينهن خوب موجون ڪنداسين پوءِ سڀاڻي جلسو ختم. اتفاق سان وري انهي ڏينهن به بادل موج تي خيال رکيو، ۽ آسمان ۽ جبل هڪ ٿي ويا. مينهن ڏاڍو وٺو ۽ کنوڻ ۽ گوڙ به وارا لائي ڏنا. هتان قدرتي ساز پي وڳا. بجليون پي چڪليون ۽ هيون پي لڳيون ته هت اسان به ڳائڻ وڄائڻ ۾ گهٽايو ڪين. سهڻيون سهڻيون ڳائڻ واريون نشي ۾ مست ٿيو جهومر تي جهومر لايو بيٺيون هيون، ۽ پنهنجا سريلا آواز سازن سان ملائي گلن جا هار پائي، گلن جون ٽاريون هٿ ۾ کنيون سازن جي وزن سان قدم ملائي ملائي پي نچيون. ننڍي بيگم تالن تي تال پي ڏنا. خدا تعاليٰ هن کي حسن به ڪو غضب جو ڏنو آهي. هن جا زريدار ڪپڙا ۽ انهن تي وري هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل ننڍڙو تاج مٿي تي پي چلڪيو ۽ منهنجي دل ڄڻ ڪپجيو پي وئي. خوشيءَ سان هن جو حسين چهرو ٻهڪيو ۽ انهي تي وري هن جا ڊگها ڊگها تان، سندس ڳائڻ ۽ تال ڏيڻ، سندس چهري ۽ ڪپڙن تي سنهري ٻور جي برسات توبه! بهشت ۾ انهيءَ کان وڌيڪ خوشي ڪانه هوندي نه ايترو حسن. پڇاڙيءَ جي رات هئي ۽ اگرچه آءٌ ۽ بيگم پيئندڙ نه آهيون ته به ٻانهين ۽ ڳائڻ وارين شراب جا پيپ کٽائي ڇڏيا. ”پيو پيالو! پيو پيالو! ساقي! ساقي!“ جو هوڪو لڳي ويو ۽ سڀ نشي ۾ چور ٿي ويون. سگهوئي مجلس ٽٽڻ لڳي. ڪا ڪنهن کي پئي چوٽيءَ کان گهلي ته ڪا ڪنهن کي پئي ڇڪي. مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته حڪم هلايان ۽ جلسو بند ڪرايان، پر ڪير ٿي ٻڌي. هتي ته اهو حال هو جو ادنيٰ ۾ ادنيٰ ٻانهي به نشي جي مستيءَ ۾ ائين ٿي سمجهيو ته ڄڻ بيگم ئي هوءَ پاڻ آهي. ڪا هتي ڪري ڪا هتي ڊٺي. رات جا ٻه به لڳي ويا هئا، ۽ هفتي جو ٿڪ، وري نشو ۽ ٽي جوانيءَ جي ننڊ، ٿوريءَ دير ۾ ماٺ لڳي وئي ۽ جيڪا جتي سا تتي سمهي پئي. بيگم ۽ آءٌ ٿڪا ٽٽا وڃي ستاسي.

انهيءَ رات ننڊ ۽ ٿڪ جي حالت ۾ مون هڪڙو خواب ڏٺو: اهوئي جو هميشه وڏي بيگم ڏسندي هئي. ڏسان ٿو ته آءٌ زناني درٻار واري صفحي ڏي پيو وڃان. اتي پهتس ته هوبهو اهائي حالت ڏٺم جنهن جو وڏي بيگم بيان ڪندي هئي. اهائي بيگم، اهائي درٻار! هوءَ پاڻ سينگاري ويٺي هئي. فرق فقط ايترو هو جو اتي اها بلا ڪانه هئي جا وڏي بيگم ڏسندي هئي بلڪ اتي ته منهنجي پياري ننڍي بيگم هئي جنهن وڏي بيگم کي کلندي مرڪندي پي چيو، ”تون ڏهاڳڻ آهي، وڃي عدت ۾ ويهه“. اتي آءٌ به اچي پهتو آهيان ۽ ننڍيءَ بيگم کان ٿو پڇان ته ڪهڙي ڳالهه آهي. تنهن تي ننڍي بيگم مون کي ٿي چوي ته هوءَ ڏهاڳڻ ٿي وئي. مون ننڍي بيگم ڏي ڏسي وري وڏي بيگم ڏي ڏٺو ۽ چيومانس، ”ها تون ڏهاڳڻ آهن، وڃي عدت ۾ ويهه“. ايتري ۾ ننڍي بيگم غائب ٿيو وڃي. پوءِ خواب جو ٻيو ڀاڱو به ڏٺم جنهن ۾ آءٌ ۽ وڏي بيگم ٻئي منهنجو جنازو پيا ڏسون ۽ ڪوٺي به اها ساڳي جنهن جو ذڪر وڏي بيگم ٿي ڪيو، ۽ انهيءَ ۾ قبر به برابر کوٽيل هئي. مون جنازي تان ڪپڙو کڻي خود پنهنجي لاش ڏٺي ۽ ذرو به عجب ڪونه لڳم. انهيءَ کان پوءِ وري خواب جو ٽيون ڀاڱو به ڏٺم. ڏسان ٿو ته سانوڻ واري محل ۾ بيٺو آهيان جو اسان جي آڪهه جو مقام آهي ۽ انهيءَ ۾ هڪڙي قبر تازي کوٽيل آهي. سامهون وڏي بيگم منهنجي لاش هنج ۾ کنيو ويٺي آهي ۽ مون ڏي پئي ڏسي. هوءَ محبت کان مون کي ڄڻ نظرئي نظر ۾ ڇڪيو پئي وٺي ۽ مون ۾ سمائبي پئي وڃي. منهنجي ڏسندي ئي محبت جو جذبو هن جي سيني ۾ مرڪز تي ٿو اچي ۽ هوءَ پاڻ بي آرام ٿيندي وڃي. منهنجي ڏسندي ڏسندي محبت جي جوش کان هن جو سينو ٺڪاءُ ڏئي ٿو ڦاٽي ۽ منجهانئس هڪڙو شعلو ٿو نڪري جنهن جي شعاع کان آءٌ دهلجي ڪريو ٿو پوان...

منهنجي اک کلي پئي ۽ ننڍي بيگم به رڙيون ڪندي اچي منهنجي مٿان ڪري. ظاهري اهو آواز گوڙ جو هو ۽ چلڪاٽ کنوڻ جو، جنهن خواب ۾ اها صورت ورتي هئي. اوچتو ننڍي بيگم پڇيو، ”هان؟ پاڻ هتي ڪيئن آياسين؟“

”ڪٿي؟“ مون گهٻرائي چوڌاري ڏٺو. اسين ستا ته ڍنڍ واري محلات ۾ هئاسين پوءِ هتي هن مقام جي محلات ۾ ڪيئن اچي پهتاسين. ۽ منهنجا ڪپڙا! درٻاري لباس مون ڇو ۽ ڪٿي پاتو هو؟ آءٌ اڃا انهيءَ تي ويچار ۾ هوس ته ننڍي بيگم هڪڙي هانءَ ڏاريندڙ رڙ ڪري پٽ تي بيهوش ٿي ڪري پئي، ۽ انهيءَ ئي مهل مون به ڏٺو ته منهنجو خواب بلڪل سچو هو. وڏي بيگم سامهون مئي پئي هئي. هن تي کنوڻ ڪري هئي ۽ سندس سيني ۽ وارن مان اڃا دونهون پي نڪتو. هن جي هنج ۾ منهنجي اهائي رنگين تصوير هئي جنهن جو اڳ ئي ذڪر ڪيل آهي.

مير بحر جو چوڻ آهي ته منهنجي حڪم سان مون کي ۽ ننڍي بيگم کي ڍنڍ واري محلات کان هن مقام جي محفل تائين آندو ويو هو. توشي خاني واري جو چوڻ هو حضور جن پاڻ پنهنجا ڪپڙا رات جو مون کان طلب ڪيا جي مون پاڻ زيور سوڌا حضور جن کي پارايا. نوڪر ٿا چون ته مون پاڻ پنهنجي حڪم سان قبر کوٽائي. سڀ ائين ٿا چون پر مون کي ته ڪجهه به ياد ڪونهي؛ نڪا خبر اٿم ته آءٌ ڪڏهن آيس ۽ ڪيئن.

وڏي بيگم، بيگم دل افروز، به ڄڻ هڪڙو خواب هئي يا ائين چئي سگهجي ته ڄڻ ڪو پروانو هئي جو ٿوري دير شمع سان مزا ڪري نيٺ مٿانس قربان ٿي ويو.

ٿورا ڏينهن ته منهن مٿو پٽيم ۽ خاڪ اڏايم. ننڍي بيگم جو به پنهنجي پڦيءَ جي ڏک ۾ اهوئي حال هو. راتين جون راتيون؟ آءٌ خوابن ۾ پيو ڏسندو هوسانس ۽ ”هاءِ، دل افروز!“ جي دانهن ڪري جاڳي پوندو هوس. پر زمانو گذرڻ لڳو ۽ گذرندو ويو. اهوئي محل، اهي ئي محلاتون؛ اهائي ڍنڍ، اهائي ننڍي بيگم؛ اهوئي رنگ اهوئي روپ؛ ۽ وڏي بيگم جي يادگيري به هاڻ هڪ ماضيءَ جو زمانو ٿي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com