سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :9

 

عينڪ جو آزار

آءٌ ٿي چوان ته مئو گهر نه ٿيو، سراءِ ٿي، ۽ جوءِ نه ٿي زر خريد ٻانهي ٿي...“ رشيد جي امان ڪي قدر نخري سان پنهنجا ڀرون مٿي چاڙهي ۽ پنهنجي پنجونجاهه سالن جي پيشانيءَ تي ٽي ور چاڙهي چيو.

”ڇو، ڇو، بيبي، ڇا ٿيو؟ خير ته آهي؟“ رشيد جي ابي منجهيل آواز سان ڏند کوٽڻي ڏندن ۾ جهلي پڇيو.

”اها به هڪڙي خوبي اٿس جو بي خبر ٿو بڻجي، ڄڻ ويچارو معصوم نادان ٻار ڪي ڄاڻي ئي ڪين“، رشيد جي امان نڪ تي آڱر رکي چيو.

”اڙي بيگم، ڪجهه ٻڌائيندينءَ به يا جيڪي به هينئر کاڌو پيتو اٿم سو سمورو حرام ڪري ڏيندينءَ؟“ رشيد جي ابي ڏند کوٽڻي چلمچيءَ ۾ ڦٽي ڪري چيو.

”چڱو، چوان ڪنهن کي؟ ڪو ٻڌڻ سڻڻ وارو هجي ته چوان، ٻيو پٿرن ٽڪرن کي ويهي چوان ڇا؟“ رشيد جي امان، گلو کولي ڳچيءَ کي وٽ ڏئي چيو.

”ته آءٌ ٻڌان ته ويٺو، ٻيو اڃا ڪيئن ٻڌان... برابر پڇندو ته اچان... تنهنجو عقل به ته ڀلا هجي... رشيد جي ابي حقي جو نڙ وات ۾ وجهندي چيو.

”ها، عقل ته الله رڳو مردن کي ڏنو آهي، زالون ته ويچاريون سڀ ٺيڪي تي ٺهيون آهن ۽ اهي پنجاهه زالون جي دنيا جي ملڪن ۾ مردن تي حڪومت هلائي ويون سي سڀ عقل جون ماريل هيون...“ رشيد جي امان چڱين خاصين ڪارين اکين کي اڇو ڪندي چيو.

”ها، سائين ها. اوهان جي حڪومت اسان جي اکين تي آهي...! مون اوهان جي حڪومت تسليم ڪئي، پر نيٺ هاڻ کڻي اهي ڏوراپا پورا ڪريو ۽ اصلي ڳالهه جو مطلب ٻڌايو،“ رشيد جي ابي کنگهي کنگهي حقي جي ڦوڪ ڀريندي چيو.

”۽ ڇو جناب، عقل جا ڌڻي، آءٌ ٿي چوان ته سڄيءَ دنيا ۾ فرنگي عقل جي شهرت آهي ته انهن جي عقل تي ڪهڙي مار پئي جو زالن جي هٿن ۾ حڪومت جي واڳ ڏئي ايتريون راڻيون بڻايائون،“ رشيد جي امان ناس جي دٻليءَ تي ڌڪڙ وڄائيندي چيو.

”پر نيٺ، بيگم، اڄ ڪا ٻلي اورانگهي اٿئي، يا ڪريلا کاڌا اٿئي؟ آءٌ ته زالن جي حڪومت تسليم ڪري چڪو آهيان، نه فقط روءِ زمين تي پر مردن جي اقليم قلب تي به. قصو ختم ٿيو. هاڻ کڻي اها ڳالهه ٻڌايو ته جنهن جو هي ديباچو آهي.“

نه رڳو هن موقعي تي، پر هزار ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته، انهي کان وڌيڪ خوفناڪ موقعن تي زال مڙس جي جنگ رڳو زال جي حڪمراني قبول ڪرڻ سان جهٽ ۾ فيصل ٿيو وڃي. مڙس جي شڪست ۾ به اهڙي ته ڪرامت آهي جو انهي جي اثر کان، خونيءَ ۾ خوني ۽ جهيڙاڪن ۾ جهيڙاڪ زال به ائين قاعدي ۾ اچيو وڃي، جيئن زير بند وجهڻ سان مستيءَ وارو گهوڙو قابوءَ ۾ اچي ويندو آهي. هيڏانهن رشيد جي ابي آڻ مڃي ۽ هوڏانهن رشيد جي امان جون سڀ ڇڪيل ۽ تاڻيل رڳون ۽ تمام آڪڙيل نبضون يڪدم نرم ٿي پيون، خونخوار ۽ خوفناڪ چهرو کل مک ٿي پيو ۽ مائي خوشي کان ڦنڊي ڦنڊي ڪپو بڻجي وئي نيٺ مرڪي به ڏنائين ۽ مرڪندي چيائين، ”بس، اوهان کي ته اهي ئي دنيا سازيءَ جون ڳالهيون ياد آهن. هوڏانهن ماريندا وڃو هيڏانهن پيار ڪندا وڃو.“

”مارڻ جي ڳالهه ته ڏاڍي ٻڌايئي، پر توکي خدا جو قسم آهي ٻڌاءِ ته سهي ته ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ رشيد جي ابي ٽي سيڪنڊ ڊگهي حقي جي ڦوڪ ڀريندي چيو.

”خدا جي واسطي انهي دوزخ جي دونهي کي ته بند ڪريو! اون هون! دونهي سان ته ساهه پيو گهٽجي.“ رشيد جي امان پوتيءَ سان نڪ ۽ وات ٻوٽي نقلي کنگهڪار ڪندي چيو.

”اوهو! معاف ڪجانءِ! ڪمبخت عادت به اهڙي لڳي اٿم! ۽ وري خدا جي قدرت اها ته حقي جو مزو به تڏهن ٿو اچيم جڏهن تنهنجي سامهون ٿو ڇڪيان،“ رشيد جي ابي حقو سيريندي چيو.

”چڱو، انهيءَ ۾ به مون کي ٽوڪڻ کان سواءِ نٿا رهو. توهان مون کان ڳالهه ٿي پڇي، سو ڀلا توهين اکين تي ٺڪريون ڇو ٻڌي ويٺا آهيو؟ ۽ گهر جي ڪنهن ڳالهه جو اوهان کي خيال ڇو نه ٿو پوي؟“

”گهرجي ڳالهه؟ واه بيگم واه! گهرجي ڳالهه گهر وارا ڄاڻن. آءٌ ته ٻن ڪوڏين جو مزور، منهنجو ڪم آهي مزوري ڪرڻ پئسو پيدا ڪرڻ...،“ رشيد جي ابي چيو، ”ها ڇونه؟ ساري دنيا جون ڳڻتيون ۽ فڪر منهنجي ئي سر لاءِ آهن. چڱو. آءٌ ئي گهري واري سهي. پر توهين به ته، ماشاءَ الله، ٻارن جا وارث آهيو، ۽ انهن جي ڳڻتي ڪنهن جي ذمي آهي؟“

”ٻارن جي وارثي چڱي ٻڌايئي! اڙي، نيڪبخت بيگم، ٻار منهنجا وارث آهن ڪي آءٌ انهن جو وارث آهيان؟ تو ته غضب ڪري ڇڏيو. سڄي دنيا جو وارثيءَ جو قاعدو اٿلائي رکيئي.“

”ها، ها، انهي قاعدي ٻاعدي کي رهڻ ڏيو. منهنجو هيانءَ ٿو منجهي. آءٌ ته وڏن جي ڳالهه کي قانون ڪري ٿي سمجهان. دنيا ٿي ڄاڻي ته ٻارن جو وارث پيءُ آهي ۽ سي به خير سان ڪهڙا سئو ٻار آهن!

ڏني ورتي هڪڙو گودڙو خدا ڏنو تنهن تي به توهان جو اهو حال آهي جو پل پل ۾ پيا رسو ڇنايو، ڪنن تي هٿ پيا ڏيو. آءٌ ڪو اهو ٻار ڪٿان جهلي آئي آهيان، يا ڪٿان پني مڱي ورتو اٿم؟“

”اوهو! رشيد جي ڳالهه ٿي ڪرين؟ ته مون به وري ان جي حق ۾ ڪهڙو غفلت ڪئي آهي؟ خدا جو شڪر آهي، کاڌو، پيتو، لٽو، ڪپڙو، تعليم سڀني جو ته خيال اٿم، باقي ڪهڙي ڳالهه رهجي وئي آهي؟“ رشيد جي ابي پڇيو.

رشيد جو ابو، ويچارو، پنهنجون سڀ خدمتون بيان ڪندو ويو ۽ رشيد جي امان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندي رهي. نيٺ ٻڍي جي طبيعت ۾ به البت جوش جاڳيو ۽ رڙ ڪري چيائين، ”اڙي بيگم! تون ڇو پئي باندر وانگي ڪنڌ ڌوڻي؟ تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته باقي ڪهڙي ڪسر رهجي وئي آهي.“

”اون هون! اوهين پنهنجي پاڻيءَ مان ڇو پيا نڪرو؟ ويهه پنجويهه سال شاديءَ کي ٿيا آهن ۽ مس مس اڄ هي وجهه مليو اٿم جو گهڙي پل ويهي دل جون ڳالهيون ڪريان، ته به اجهو بگڙي هوا جي گهوڙي تي پيو سوار ٿئي. ڇا؟ تنهنجي بدن ۾ اڃا ڪو جوانيءَ جو رت رهجي ويو آهي ڇا، جو ٽڪي جي ڳالهه تي جوش چڙهيو وڃي؟“ رشيد جي امان اهو سڄو جملو ڪومل ۽ تيٻر سرن ۾ ادا ڪندي چيو.

”چڱو سائين چڱو! وري به اوهان کٽيو اسان هارايو. هاڻ ٻڌايو ته نيٺ اوهان جي دل جي مراد ڪهڙي آ؟“ رشيد جي ابي ڏند ڪڍي پڇيو.

”مراد ڪهڙي اٿم؟ توهين پنهنجو مغز به ته ڊوڙايو ته اوهان جي ماءُ پيءُ اوهان کي لکايو پڙهايو، کارايو، پيارو ۽ بس، نيٺ هي ٻانهي ڪٿان اچي نڪتي؟“

”رشيد جي امان آخري جملو اهڙي ٺٺ ۽ مزاج سان چيو جو ٻڍي کان به کل ڇٽي وئي. ڏهه ڀيرا هو! هو! هو! ڪري ٻڍي ميان جي کل به مال گاڏيءَ وانگر ڌوڪبي ڌوڪبي بند ٿي ۽ نيٺ چيائين، ”هاڻ مون سمجهيو!! چڱو، رشيد جي شاديءَ ڏي اشارو آهي؟ ته بيگم صاحبه آءٌ انهيءَ ۾ ڇا ڪريان. جي زالون بازار ۾ وڪامنديون هجن ته آءٌ جهٽ خريد ڪري ڏيانءِ، جهڙو نمونو ڏسين تهڙو، دڪان ڏسي، ڀيٽائي اگهه ملهه پڇي پوءِ ڏسي وائسي سودو چڪائي ڏيانءِ.“

”سبحان الله! ڇا چئجي! توهان جي ڪٽنب ۾ به شايد ائين پي شاديون ٿيون آهن؟ مون کي به شايد اوهان جي والد مرحوم بازار مان ڀيٽائي ورتو هو؟“ ٻڍيءَ هٿ جا اشارا ڏيندي چيو.

”ڏوهه مون کي ٿي ڏين، پر ڳالهه ڳالهه تي بگڙندي ته تون پئي وڃين. نيٺ تو وٽ به ته پنجاهه زالون پيون اچن وڃن، ڪو پتو ٺڪاڻو ٻڌاءِ، آءٌ به دوست احباب سان ذڪر ڪريان، جاچ ڪريو، الله سائين ڪٿي نه ڪٿي جوڙو ملائي ڏيندو،“ رشيد جي ابي خوب ڄمائي ڄمائي چيو.

”ها برابر، ڪوشش ضرور ڪرڻ کپي. ڇوڪرو ماشاءَ الله، اچي سياڻو ٿيو آهي ۽ اڄ ڪلهه جي زماني کان خدا پناهه ڏئي!

”تلاش ڪرڻ ڪا تڪليف ته ڪانه ٿيندي،... پر“

”پر پر ڪهڙي؟“ رشيد جي امان پڇيو.“

”مون به هن زماني جي ڳالهه ٿي ڪئي، اسان جي ڏينهن ۾ شاديءَ جو قانون ڪو ٻيو هو، هينئر ڳالهه ٻي آهي. هڪڙي پاسي ڇوڪرن جي طلب آهي ته ڪنوار سهڻي، ٺيڪ ۽ لکيل پڙهيل هجي ته ٻئي پاسي ماشاءَ الله ڇوڪرين جو به فرمان آهي ته گهوٽ سهڻو، رن مريد، شاهوڪار، آزاد خيال ۽ پردي جي برخلاف هجي. مطلب ته سڀ ڪجهه هجي جنهن کي زر خريد ٻانهو چئي سگهجي. نيڪبخت بيگم، پاڻ پنهنجي صاحبزادي لاءِ ڪنوار ڳولڻ نڪرنداسين ته انهن جي ڳالهه به مڃڻي پوندي ۽ هتي پنهنجو صاحبزادو البت ذرو آ... آ... آ...“ رشيد جو ابو ” آ “ تي ائين اچي ترسيو جيئن اُٺ ڪنجهي ڪنجهي کڻي ماٺ ڪندو آهي.

”آءٌ ٿي چوان نيٺ توهان کي گڏيل ڳالهه ڪرڻ جو ڪهڙو مرض اچي لڳو آهي؟ جي آهي اسان جو صاحب زادو ذرو آ آ آ آ... انهيءَ جو مطلب اهو آهي ڇا ته اسانجي ٻار ۾ خدانخواسته ڪو عيب آهي؟ جي آهي ته ضرور اهو عيب ته مون ۾ به هوندو،“ رشيد جي امان چيو.

”نه، نه! توبه! منهنجو اهو مطلب اصل ڪونهي، ڇوڪري جي صورت شڪل ماشاءَ الله ٺيڪ آهي پر ذرو... آ... آ... آ...“

وري اها آ آ آ آ جي ڌم لڳائي ڏني اٿو! توهين به ڀلا دل کولي کڻي ڳالهه ڪريو نه، ڇو، هتي ڪو ڌاريو ماڻهو ته ڪونهي...“ ”چوان ته ويٺو ته ذرو... آ... آ... آ...“

”ها، ها، چئي ڏيو نه، ته ڇا انڌو آهي، چوچو آهي، لولو آهي، لنگڙو آهي؟... رشيد جي امان رڙ ڪري چيو.

”لاحول ولا قوت! نه خدا جو ڊپ، نه رسول جو خوف! جيڪي ٿو وات ۾ اچيس سو چيو ڏئي! اڙي بيگم، اکين ۾ البت ... آ... آ...“

”ها، ڙي، بس، رهڻ ڏيو، ڪجهه هوش ڪريو، ڪي پيريءَ ۾ اچي هوش به کوهي ويٺا آهيو؟ اکين ۾، اکين ۾ لڳائي ڏني اٿو! خدانخواسته اکين ۾ ڪا بيماري اٿس؟ ڪو مرض اٿس؟ ها، ٿورو فرق برابر اٿس، ذرو ٽيڏو آهي، پر خدا جو ڏنو... توهان کي جيڪي ٿو اچي سو چوندا وڃو. مون ته ڏٺو آهي ته ڪارن ڪوجهن کي چنڊ جهڙيون ٻانهون پيون ملن... باقي ڳالهه رهي پئسي ۽ علم جي، سو خدا جو ڏنو سڀ ڪي آهي. منهنجو پٽ ڪو نيلامي گهوڙو ته ڪونهي جنهن جي رڳ رڳ جاچي ڏسندا، نه ڪو قربانيءَ جو جانور آهي جنهن ٻوٽي ٻوٽي چڪاسي وٺندا.“

”بيگم، تون هاڻي ڍڳي جهڙي مستي ۾ اچي وئي آهين، اڃا ڪو آيو ناهي ته سڱ جهڪيا ناهن...“

”الله سائينءَ توهان جي زبان جون واڳون به ڍريون ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اچيو سو بنايو، توهان جي پلئه پئي انسان مان حيوان بڻجي ويس،“ رشيد جي امان طعني بازي سان چيو.

”اڙي بيگم! هاڻ ٺهيو، تون به هاڻي ڏاڍي تند مزاج ٿي پئي آهين! ها، سا ڳالهه پي ڪئيسين. مون ٿي چيو ته اڄ ڪلهه جون ڇوڪريون بنا پر پيون اڏامن. جي اڄ سڀاڻ ڪا هيڏانهن هوڏانهن جي زال گهوٽ ڳولهڻ اچي ته بهتر آهي ته پنهنجو ڪم تيار هجي. مون انهيءَ جو به رستو ڳولهي رکيو آهي. اڄ ئي، انشاءَ الله، لارنس ۽ ميئو جي دوڪان تان رشيد خان لاءِ هڪڙي سهڻي رنگ جي عينڪ وٺي ٿو اچان. جنهن کان هن جي اک کي به آرام ايندو ۽ هن جو عيب پڻ ڍڪجي ويندو...“

رشيد جي ابي اڃا ٻيو به ڪي ٿي چيو پر ٻاهران ڪن اصيلن جي هڪل هن کي روڪي وڌو.

”وڪيل صاحب! وڪيل صاحب! جي هڪل هن کي پريشان ڪري ڇڏيو. بيگم کي جلدي جلدي خوش ڪري رشيد جو ابو ٻاهر نڪتو.

(2)

وٺو سائين، رشيد خان جي شاديءَ جي پوري ريت رسم سان تياري آهي. ڳالهه پڪي ٿيڻ جو ذڪر هن آکاڻيءَ ۾ ڏيڻ اجايو آهي. بس ايترو سمجهي وٺو ته امان جان جي طعنن ۽ ٽوڪن ابي جان ۾ ڄڻ ڪوشش جو روح ڦوڪي ڇڏيو. بيگم، ميان جي ڪا اهڙي چاٻي ڦيري ڇڏي جو سگهو رشيد خان به گهوٽ بڻجي ويو. پر ابي جي ڪوشش اتي پوري ڪانه ٿي. پر رشيد خان کي ائڪٽر جي طرح اهڙو ته سينگاريائون جو هن جو ٽيڏپڻو به لڪي ويو. ڇو، سائين، انهي ۾ ڪا عجب جي ڳالهه آهي ڇا؟ ڇو؟ اوهان ناٽڪن ۾ ڪونه ڏٺو آهي ته زالن مان مڙس ۽ مڙس مان زالون بڻجيو وڃن. ته سائين هن حڪمت ۽ سائنس جي زماني ۾ مسٽر رشيد خان کي اهڙي عينڪ پارائڻ جنهن مان هو سڀ ڪنهن کي ڏسي سگهي ۽ ڪوبه هن جون اکيون نه ڏسي، ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.

”پر هاءِ، قدرت جو ستم جو الله سائين هڪڙي پاسي انسان کي ”مسجود ملائڪ“ ٺاهي، ٻئي پاسي انهي غريب کي ”ظلوماَ جهولا“ جو خطاب عطا ڪيو. ابي، رشيد جي ٽيڏين اکين کي دنيا کان لڪايو ته سهي، پر هن جو ڄائي ڄم جو عيب لاهي نه سگهيو ۽ ميان رشيد خان ۾ اهو عيب ضرور رهجي ويو ته ڏسندو ڪيڏانهن هو ته ڳالهه وري ڪنهن سان ڪندو هو،“ کجا مي نمايند کجا مي زنند“.

وڪيل صاحب انهي نقص کي دور ڪرڻ ۾ به ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪري ها، پر انسان جو ڄائي ڄم جو عيب اڪثر زور پئجيو وڃي، جنهن ڪري رشيد خان ايترو عيبدار ضرور رهجي ويو جو، چٽي هڪڙي کي ٿو حاڪم ۽ زخمي ٿو ڪري ٻئي کي“.

هاڻ رهي ڳالهه ميان رشيد جي شاديءَ جي، سا غير معمولي ته ضرور هئي، پر انهن ساڳين سنڌي رسمن ۽ رواجن سان ڀريل هئي، جي اوهان سئو ڀيرا ڏٺيون هونديون. تنهن ڪري سئو ڀيرا کاڌل دعوت ۾، ۽ خاص اها جنهن مان لذت نڪري وئي هجي، اوهين شريڪ ٿي ڇا ڪندو؟ مطلب ته ايترو ئي چوڻ بس آهي ته شادي ٿي وئي. شاديءَ جو نتيجو اهو ٿيو ته ماءُ پيءُ جي زندگيءَ ۾ چڱو خاصو انقلاب پيدا ٿي ويو. وڪيل صاحب جو اڃا فقط هڪڙي پٽ جو پيءُ هو سو هاڻ سهرو به ٿي پيو. وڏي مائي ته اڳي به سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌل رهندي هئي، ۽ هاڻ ننهن جي ٽهل ٽڪور به سر تي پئجي ويس، ۽ رشيد خان جي اها حالت ٿي، جو هاڻ ڪلي سان ٻڌجي ووي. هونءَ ته پڙهڻ لکڻ کان پوءِ گهمڻ گهتڻ، رلڻ پنڻ، سنيما، ٿئيٽر وغيره سگهوئي هڪڙو هڪڙو ٿي ضبط ٿيندا هليا. بيگم صاحبه اڃا حجاب جي حالت ۾ هئي ته امان جان هن پاران هن جا حق طلبڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. شروع کان ئي اها تاڪيد ٿيڻ لڳي، ”پٽ زالن کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ نه گهرجي، اڪيلي ڪنوار تي آسيب جو اثر پئجيو وڃي. پرائي ڌيءَ پرڻجي گهر وٺي آيو آهين، هاڻ هن جي آرام ۽ آسائش جو ذمو توتي آهي.“ وڏي مائي جو چوڻ هو ته اهو رانديڪو جو تون ”ساڍا ٽي هزار معجل ۽ ساڍا ٽي هزار موجل جي عيوض ۾ خريد ڪري آيو آهين، انهي سان رات ڏينهن راند ڪندو رهه.

۽ ڪنوار جو اهو حال جهڙو وٿاڻ تي ٻڌل گهوڙي. ائين ٿي لڳو ڄڻ پنهنجن مائٽن جي گهران فقط ٽي ڪم سکي آئي آهي ۽ سدائين گهٽ کائڻ، گهٽ ڳالهائڻ ۽ ٽي گز ڊگهو گهونگهٽ ڪڍڻ کان ٻيو ڪجهه اچيس ئي ڪين ٿو. پر اهو آزار به خدا تعاليٰ دفع ڪري ڇڏيو ۽ اهو حجاب به رفتي برفتي غائب ٿي ويو. وڪيل صاحب وڃي اوطاق وسائي ۽ مائي وڏي پنهنجي حجري ۾ وڃي داخل ٿي ۽ اک ڇنڀ ۾ بيگم صاحبه، بيگم صنوبر، ساري گهر جو قبضو ڪري وئي. اندر ٻاهر هن جا محتاج ۽ پاڻ سڀني جي حاڪم ٿي پئي.

وڏي مائيءَ کي گهر جي ڪم کان زبردستي پينشن ملي رهي ۽ سوپارين ڪترڻ کان سواءِ ٻئي سڀ ڪم کان فارغ ٿي ويٺي. صبح جي نماز کان پوءِ ننهن جو سلام وٺڻ ۽ تنهن کان پوءِ پٽ کي ڪلاڪ اڌ زن مريديءَ جو سبق پڙهائڻ، بس وڏي مائي جو اهوئي فرض هو. ماءُ جي سعادتمند پٽ به، ماءُ جي تعميل ارشاد ۾ ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪئي. سائين، غضب خدا جو، مڪتب جو ٻار به گهڻائي ڪم استاد جي پڇڻ ۽ مرضيءَ کان سواءِ ڪري وٺندو آهي، پر رشيد پنهنجي بيگم جي موڪل بنا ڪڏهن ضروري حاج لاهڻ به ڪونه ويو هوندو! ته ڀلا ٻڌايو ته هڪڙو سنجيدو، ڏسڻو وائسڻو ڪاليج جو طالب علم صاحبزادو، زال لاءِ ايترو بکيو هجي جو هن کي اُٺ جي گهنڊڻي بڻائي ڇڏي، ته اها ڪهڙي بيوقوف ۽ اڻ ڄاڻ زال هوندي جو اهڙي خدا جي ڏني حڪومت کان انڪار ڪندي؟ صنوبر کي پنهنجي گهران موڪلائڻ مهل ته اهو ئي سبق مليو هو ته دنيا ۾ جي خدا کان پوءِ ڪنهن ٻئي کي سمجهي ته پنهنجي مڙس کي سمجهي پر هوءَ غريب به ڇا ڪري جنهن آستاني تي هو مٿي ٽيڪڻ لاءِ تيار هئي اهو آستانو پاڻ صنوبر کي ڏسندي ئي سجدو ڪرڻ لاءِ اٿي بيهندو، ته ويچاري صنوبر به حڪومت نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري؟ خدا ڀلو ڪري اهڙي محبت ۽ زماني جي گردش جو جنهن مسجود کي ساجد ۽ مخدوم کي خادم بڻائي رکيو آهي.

هونءَ ته زال مڙس جو رشتو اهڙو آهي جو انهن جي پاڻ ۾ آزادگيءَ، ڪنهن ڏاهي جي چوڻ موجب، ”شاديءَ جي ٻي رات کان شروع ٿيو وڃي. پر هتي ته ميان رشيد خان، چريائيءَ کان، ويچاري صنوبر جو اهو سمورو سبق جو هن”راه نجات“، ”بهشتي زيور“ ۽ زالن جا فرض“ ۾ پڙهيو هو، وساري ڇڏيو. ۽ وري انهيءَ تي ستم اهو ته هن کي سڀئي اڄوڪي زماني جا نوان نوان ڪتاب پڙهائڻ لڳو. ته پوءِ انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب آهي جو صنوبر به اها ئي ٻولي ٻولڻ لڳي، جا هن کي سيکاري وئي هئي. جنهن گهر ۾ صنوبر گهونگهٽ مٿي ڪيو اتي اک کڻندي ئي رشيد کي پنهنجي خدمت، بندگي ڪندو ڏٺائين، ۽ سو به ايتري قدر جو مائٽن جي گهران هوءَ جيڪي به سکي آئي هئي، سو سڀ ٻن ڏينهن ۾ وساري ويٺي. تنهن ڪري اوهان کي اهو ڏسي عجب نه ڪرڻ گهرجي ته هڪ رات جو مانيءَ کان پوءِ جڏهن وڪيل صاحب ۽ سندس بيگم پنهنجي پنهنجي وٿاڻ تي وڃي ٿانيڪا ٿيا ته رشيد خان به پنهنجو رانديڪو سنڀاليو. زال مڙس پنهنجي خلوت گاهه ۾ مصروف راز نياز، مس ٿيا هئا ته هڪڙي آفت اچي ڪڙڪي يعني، صنوبر معشوقاڻي شوخي سان رشيد کي چوڻ لڳي، ”چڱو، هي وري ڪهڙو فيشن آهي جو رات جو به اکين تي انڌيري چڙهي پئي آهي؟ نيٺ به اهو ڪهڙو مرض لڳو اٿو جو رات ڏينهن نار جي ڍڳي وانگر اکين تي ٽوپ چاڙهيو ويٺا آهيو؟ لاهيو نه مئيءَ کي! سئو دفعا ته چيو اٿم ته مون کي اوهان جي عينڪ اصل نه ٿي وڻي.

ڇو سائين، هي ڪو معمولي حڪم هو؟ عينڪ لاهڻ رشيد خان لاءِ ڪا سٿري ڳالهه هئي؟ ها، عينڪ جي سونهن يا شوق ڪري چاڙهي وئي هجي ها ته جهٽ ۾ لاهي ”تعميل ارشاد“ ۾ ڦٽي ڪئي وڃي ها، پر هتي ته عينڪ خاص عيب پوشيءَ جي مطلب سان چاڙهي وئي هئي. اڄ جي انهيءَ حڪم جي تعميل ۾ اهو پردو فاش ڪري ها ته ميان جي ٽيڏائي به ظاهر ٿي پوي ها. پوءِ ويچاري رشيد جو سندس معشوق وٽ ڪهڙو قدر رهي ها. اڄ تائين ته ميان رشيد بيگم جو عاشق زار ٿي ليکجڻ ۾ آيو، پر عينڪ لاهڻ کان پوءِ عاشق زار مان ڦري يڪدم ”مئو ٽيڏو“ سڏجڻ ۾ اچي ها. انهي خيال ۾ هو ته ڪهڙو جواب ڏيان ۽ ڳالهه ڪيئن ٽاريان. ۽ وري اهو به ڊپ هوس ته متان ڪٿي بيگم جهٽ هڻي عينڪ لاهي نه وٺي. نيٺ هٻڪي هٻڪي چيائين، ”بيگم، ويچاري عينڪ تنهنجو ڇا ڦٽايو آهي؟ تون انهيءَ تي ايترو ضد ڇو ٿي ڪرين؟“ ”وري ساڳئي ڳالهه! ضد آءٌ ٿي ڪريان يا توهين؟ آءٌ ٿي چوان ته رات ٿي وئي آهي، هاڻي ته عينڪ لاهي رکو. هاڻي ٻه ڪا اس پئي لڳي ڇا جا اوهان کي ستائيندي؟ توهين اهڙي خسيس ڳالهه به نٿا مڃو، بس، هاڻ مون کي به ائين ڪرڻو پوندو جو ڪنهن رات جو اهو ٽوپ اوهان جي اکين تان لاهي لڪائي ڇڏينديس ته اهو آزار لهي. پوءِ ڏسان ته اوهين ڪيئن ٿا ڪريو.“

”انهي مان توکي ڪهڙو فائدو رسندو؟ منهنجي آرام جي شيءِ آهي ۽ جي تون لڪائيندينءَ ته اجايو مون کي تڪليف رسندي“، رشيد ڏند ڪڍي چيو. ”واه جا آرام جي شيءِ آهي جا ٻين کي آزاري“.

”واه! عينڪ پايان آءٌ ۽ آزار ٿئي توکي!“ رشيد جي مرضي هئي ته ائين ئي ڳالهه کي ٽاري ڇڏي متان سچي پچي رات جو جوڻس عينڪ لاهي لڪائي ڇڏي ته صبح جو ٽيڏپائي ظاهر ٿي پوي. انهي ارادي سان اڃا ڳالهه وڌيڪ ڇيڙڻ لڳو، پر صنوبر، ”هاڻ ته مغز نه کائو، مون کي ننڊ ٿي اچي“، چئي پاسو ورائي سمهي پئي.

(3)

سائين دل ۾ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اصل ڪانهي. رشيد خان پنهنجي زال کي منهن لڳائڻ ۽ مٿي تي چاڙهڻ ۾ ايتري خطا ڪانه ڪئي جيتري پنهنجي ڄائي ڄم جي عيب ڍڪڻ ۾ ڪيائين. ڇو، صاحبه، جي ميان رشيد ٽيڏو هو ته انهيءَ ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ بس جيئن خدا هن کي پيدا ڪيو تيئن هو. ها، جي انهي ۾ ڪو ڏوهه هو ته سندس ماءُ پيءُ جو جن ننڍي هوندي هن جو ڪو تدارڪ ڪونه ڪيو. شايد اکيون سڌيون به ٿي وڃن ها ۽ غضب ته اهو ڪيائين جو رشيد کي پنهنجي زال کان عيب لڪائڻ جي صلاح ڏيئي ڄڻ هڪڙو جهڳڙو ملهه پرايائون. هيڏانهن هن نيڪ بخت زال کي به اچي ضد چڙهيو ته اها عينڪ لهرائي ڇڏجي. شڪر آهي جو صنوبر يا صنوبر جي مائٽن کي نڪاح کان اڳي اهو خيال ڪونه پيو، نه ته جيڪر رشيد خان ڪڏهن گهوٽ ڪونه ٿئي ها. پر نيٺ صنوبر جو ضد جو علاج ڪهڙو؟ ملي جي ڊوڙ مسجد تائين ۽ رشيد کي به اڄ وجهه مليو جو پنهنجي رام ڪهاڻي امان جان کي ٻڌائي.

سيارو هجي يا اونهارو، مينهن هجي يا پاڻي، ته به انسانن ۾ هڪڙو اهڙو فارغ قسم جو فرقو آهي جو ٻن پهرن جو ڪلاڪ ٻه ننڊ ڪرڻ فرض سمجهندو آهي. رشيد جي والده به انهي عقيدي جي پابند هئي. زمين اٿلي پوي يا آسمان ڪڙڪي پوي ته به هن جي ٻن پهرن جي ننڊ نه وڃي. رشيد اڄ صبح کان اهو وجهه پي ڳولهيو. هتي وڏي مائي وهاڻو ڪڇ هيٺ دٻي اٿي ۽ هتي رشيد آهستي پٺيان لڳي. مائي اڃا وهاڻو کٽ تي رکي، بسم الله ڪري، پاڻ کٽ تي مس چڙهي هئي ته رشيد چيو. ”هاڻ اوهين سمهي پوندؤ ۽ منهنجي ڳالهه ائين رهجي ويندي.“

”توبه، پٽ، تو ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو“، رشيد جي ماءُ ڇرڪ ڀري چيو، ”چئه تنهنجي ڪهڙي ڳالهه رهجيو ٿي وڃي؟“ ”امان هي ته اوهان عينڪ پارائي ٻي بلا منهنجي سر تي ويهاري چڏي. اڄ ٽي ڏينهن ٿيا آهن جو تنهنجي ننهن ضد ٻڌيو ويٺي آهي ۽ چوي ٿي ته منهنجي سامهون عينڪ نه پاءِ جو مون کي ڪاوڙ ٿي لڳي. تتي ويٺي آهي ۽ چوي ٿي ته رات جو عينڪ لاهي لڪائي ڇڏينديس. هان توهين اٿي ڪو انهي ڳالهه جو تدارڪ ڪريو؛ اها ڳالهه منهنجي وس کان ٻاهر آهي.“

”واه! هي وري ڪهڙي سجهي آئي اٿس؟ وٺ مائي هي به ڪا نئي قسم جي ڪاوڙ آهي! سڀاڻي جي هن کي ٻانگ جي آواز تي ڪاوڙ لڳندي ته، ڇا، دنيا جون مسجدون بند ٿي وينديون؟ چي، شهر جون بتيون وسايو منهنجون اکيون ٿيون سور ڪن!

”توهين ڄاڻو توهان جي ننهن ڄاڻي. آءٌ ته اکر ٿو ڪڇان ته مون کي کائڻ ٿي اچي. اهو سڀ توهان جو ڪم آهي، زال کي ديوي ڪري پوڄڻ به اوهان سيکاريو آهي“، رشيد چيو.

”اڙي، ابا، ڪو هوش ڪر. هاڻ تون به ٿو مونکي ڏوراپا ڏين؟ ميان ڄاڻي بيبي ڄاڻي. منهنجو انهيءَ ۾ ڇا؟ پر ڏسو! انشاءَ الله آءٌ اڄ سڀاڻ سمجهائي ڇڏيندي سانس“.

رشيد ماءُ وٽ پنهنجو ڏکڙو روئي پنهنجي بيگم جي عدالت ۾ پهتو ته اتي حساب ڪتاب ڏيڻو پيس. پهرين ته ”ڪيڏانهن اڏامي ويا هئو“، ۽ ”اجهو، آءٌ هتي اڪيلي ويٺي هيس“، جا سوال ٿيا پوءِ وري ساڳي عينڪ جي حجت دليلي ٿي. اوڏي مهل رشيد جي سيني ۾ جوش جاڳي جاڳي رهجي ويو. شڪر آهي جو ڳالهه رهجي آئي جو نه ته ڪو عجب ڪونهي ته محبت ۾ رخنو پئجي وڃي ها. خير، ٿوري دير کان پوءِ هيڏانهن بيگم پاسو اٿلايو ۽ هوڏانهن ميان ڪتاب سنڀاليا. پر اهي ڪتاب فقط پرده پوشي لاءِ هئا. اهو سچ آهي ته رشيد جي شاديءَ کي پورا ڇهه مهينا گذريا هئا ۽ ليٽئي ليٽئي رشيد پنهنجي غلامي ۽ بيگم صاحبه جي حڪومت جو خيال ڪرڻ لڳو. جڏهن پڪ ٿيس ته بيگم کي ننڊ کڻي وئي آهي ته سندس ڏک ۽ فڪر جو اهو حال هو جو سندس ڦڦڙ پاڻ مرادو پخال وانگر ڦلارجي ۽ ڌمڻيءَ وانگر ساهه زور سان ”فون! فون! ڪندو پي نڪتو. ٻن ٻن منٽن ۾ خواه مخواه پاسو پي اٿلايائين ۽ ڀيري ڀيري سان ”لاحول!“ ۽ ”توبه! توبه!“ جي تسبيح جاري هئي. ذري ذري وهاڻو سيرانديءَ کان پيرانديءَ ۽ پيرانديءَ کان سيرانديءَ ائين پي ڦيرايائين، جيئن ڪو ڪمزور شطرنج جو رانديگر هڪڙي چال هلي وري ڦيري کائيندو آهي. ڪڏهن کنگهي کنگهي کانگهارا چلمچيءَ ۾ پي اڇلايائين ته ڪڏهن چپ پي چٻاڙيائين، ته ڪڏهن کٽ جي ايس تي طبلي نوازي پي ڪيائين، ته ڪڏهن زور سان نڪ پي سڻڪيائين. ڪڏهن ته وري کٽ تي ويهي اسڪول جي ٻارن وانگر اڳتي پٺتي پي جهوليو، ته ڪڏهن حال ۾ آيل فقير وانگر ساڄي کان کاٻي. ٿوري دير کان پوءِ ڏاڍي چوڪ ڪيم، ڏاڍي ناداني ڪيم، ابي امان جو چيو ناحق مڃيم، پر... اهڙي طرح جا ٽٽل غير مسلسل آواز ڪنهن ڦٽل ريڊيو جي طرح پي آيا.

پر الله تعاليٰ جلشنه رحيم ۽ ڪريم آهي ۽ انهي نيٺ رشيد جي انهيءَ بي آرامي ۽ تڪليف جو تدارڪ ڪيو. اڃا انهي سلسلي ۾ منو ڪلاڪ مس گذريو هوندو ته صنوبر پاسو اٿلائڻ چاهيو ته ڪن جي والي وهاڻي جي جهالر ۾ اٽڪي پيس. صنوبر به ڪوئي وانگر ڪوئامار ۾ اچي ڦاٿي ۽ پهرين ته نوريئڙي وانگر چرچر ڪرڻ لڳي، پر ٿورو زور ڏيڻ سان ڪن جي پاپڙي ڦاٽڻ لڳس ته گهوڙا ڙي! ميس ڙي! جي دانهن مچائي ڏنائين. بس، صنوبر جي دانهن ٻڌندي ئي رشيد جو اهو حال ٿيو جو ڪنهن سپاهيءَ جو، ڳڻتيءَ جو بگل، ٻڌي ٿيندو آهي. يڪدم پنهنجي کٽ تان ٽپو ڏئي، وهاڻي سوڌو يبگم جي کٽ تي وڃي حاضر ٿيو، ۽ ايترو ته منجهي پيو جو سيرانديءَ جي بدران پيرانديءَ کان وڃي بيٺو، ۽ ويچاري صنوبر جا پير ڌونڌاڻڻ لڳو ۽ بيگم! بيگم! بيگم! خير ته آهي؟“ ڇا ٿيو، ڇا ٿيو؟ بيگم! بيگم! بيگم! جي مشين گن هلائڻ لڳو.

”جلدي ڪريو، جلدي ڪريو! آءٌ مران ٿي! منهنجي والي ويهاڻي ۾ اٽڪي پئي آهي ۽ منهنجو ڪن ٿو ڇڄي!“ صنوبر ٻاراڻي آواز سان چيو.

رشيد الله الله ڪري والي وهاڻي مان ڇڏائي ۽ صنوبر آزاد ٿي ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ ”اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني“، چئي ميان ڏانهن ڏٺائين ته اهو ئي لال ٽين، چڙهيو پيو هوس.

ڏسو خدا جو شان! انهيءَ مهل ميان جي خدمت، سور جي تڪليف ۽ انهي کان راحت ۽ آرام سڀني گڏجي صنوبر جي دل تي هڪڙو عجيب اثر پيدا ڪيو. ڳڻي ڳڻي ميان کي دعائون ڏيڻ لڳي. پنهنجا ڳوڙها اگهندي وئي ۽ دعائون ڪندي وئي. پر رشيد انهي مان به ڪين سمجهيو، ته انهي موقعي جو فائدو وٺي سگهي. ڀاڙي جي ٽٽوءَ کي ڪيڏي مهل به، گاهه بيگاهه ويجهو وڃبو ته هو اهوئي سمجهندو ته اجهو گاڏيءَ ۾ ٻڌجڻ جو وقت آيو. اُٺ جي پٺي کڻي ٺپربي ته سمجهندو ته اجهو لڏيس، ۽ يڪدم کڻي بڙبڙائڻ شروع ڪندو. ڀلا رشيد کي ڪهڙي خبر ته صنوبر جي من ۾ ڪهڙو ڦرڪو ڦري رهيو آهي، ۽ هاڻي ڇا ٿيڻو آهي، بس، ڊڄي ڊڄي، ”بيگم، ڇا پئي چوين، آءٌ ته تنهنجو مطيع آهيان، تنهنجو خدمتگار آهيان، اهو ته مون تي فرض آهي، ڏسان ڪن کي ڪو نقصان ته نه پهتو“، جي ڌم لڳائي ڏنائين. نيٺ به ويچاري صنوبر کي شرم آيو ۽ هو پنهنجي مڙس کي ٽوڪڻ لڳي.

”ڏسو، مون کي گنهگار ڇو پيا بڻايو، پنهنجي عاقبت ٺاهي مون کي پيا بگاڙيو! توهان اجايو کڻي مون کي مٿي تي چاڙهيو آهي، ۽ آءٌ پنهنجي زالاڻي تهذيب به وساري ويٺي آهيان. هتي اچي، ٽن چئن مهينن ۾ آءٌ بي تهذيب ٿي پئي آهيان. شيطان مون کي برغلايو، پر هاڻي شڪر آهي جو مون کي عقل آيو آهي، مون کي ڏاڍو ارمان آهي جو مون عينڪ جي باري ۾ توهان سان ايترو گهٽ وڌ پي ڳالهايو آهي. مون کي معاف ڪجو، اها ڳالهه اجائي هئي، اها منهنجي بيوقوفي هئي، منهنجي زبردستي هئي“.

اڃا صنوبر پنهنجي ليڪچر ۾ ۽ رشيد وائڙو ٿي ڏسڻ ۾ غلطان هئا ته هيٺان، اڱڻ مان مائيءَ وڏي رڙ ڪئي، ”بي بي ڪنوار! آءُ هيٺ لهي آءُ ته چانهه پيون. وچيون به گذري ويون آهن“.

(4)

خير، سائين ائين ڪندي ڪندي ميان رشيد جي شاديءَ کي ٻارنهن مهينا به اچي گذريا. انهي ٻارهين مهيني جي عرصي ۾ ميان رشيد مجنون ۽ فرهاد جهڙي محبت، غلامن جهڙي غلامي ۽ پنڊتن جهڙي پوڄا سڀ ڪئي، پر تقدير چڱي هيس جو زال نيٺ زال ٿي ۽ رشيد سستو ڇٽي ويو. نه جهنگل بيابان ڀيٽڻا پيس، نه فرهاد وانگر ڪي جبل ٽڪڻا پيس، نه يوسف وانگر سر بازار وڪامڻو پيس، نه ڪا سماڌي ڄمائڻ جو حڪم ٿيس. پر افسوس، جو هن جي تقدير زماني جي گردش کان ناآشنا نه رهي. اڃا خدا خدا ڪري مڙس مڙس زال زال مس ٿيا هئا ته هڪڙي نئين مصيبت نازل ٿي.

ڇو سائين؟ ڪو ٻار ڄائو؟ نه قبلا؟ ڇا، ڪا آمدني گهٽجي وئي؟ نه قبلا! ته ڀلا نيٺ ڇا ٿيو؟... جناب، رشيد خان جي بيگم، پنهنجا سڀ فرض بجا آڻيندي به رشيد خان سان ناراض ٿي پئي. پر ويچاريءَ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ۽ پنهنجي خاوند کي پنهنجو مالڪ ڄاڻي اهو ناراضپو اندر ئي اندر ۾ سانڍيو ۽ پنهنجي دل جي حسرت جي ٻاڦ به ٻاهر نڪرڻ نه ڏني. رشيد خان انهي معاملي ۾ ڏوهي هو يا بي ڏوهي هو انهي جو فيصلو پوءِ ڪري وٺبو، پر في الحال ته هو پنهنجي زال جي هلت کان بلڪل بيخبر هو. بيگم خيال ڪيو اڃا هينئر مس مس اسان جو صلح ٿيو آهي ۽ جي وري ايتري ۾ ڪو شڪايت جو لفظ زبان تي آندم ته غضب ٿي پوندو. تنهن ڪري، لاچار ٿي، خدا تي رکي، ماٺ ڪري ڏک سهڻ لڳي. توهين ضرور پڇندا ته ان ناراضپي جو نيٺ ڪو سبب نه هو؟ ها، سائين ڇو نه! ڀلا، هن اسباب جي عالم ۾ ڪا شيءِ سبب کان خالي به ٿي سگهي ٿي؟ تازو سبب ڪهڙو هو انهي تي اجهو هينئر ٿا اچون، پر سچ ڪري پڇو ته اصل سبب اهو هو جو رشيد خان بيوقوفي ڪري پنهنجو ماءَ ڄائو عيب، عينڪ پائي زال کان لڪايو. در حقيقت ڳالهه هيءَ هئي ته جنهن ڏينهن کان وٺي ميان بيبيءَ جو پاڻ ۾ صلح ٿيو، تنهن ڏينهن کان وٺي يبگم، ميان جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ڪئي، ايتري قدر جو روز بورچي خاني ۾ باهه جي اڳيان ويهي پاڻ پنهنجن نازڪ هٿن سان ميان جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه رڌي هن کي کارائيندي هئي، ۽ رشيد کي به بيگم کان سواءِ سک ڪونه هو. جيسين ڪاليج وڃي وڃي تيسين پنج ڏهه ڀيرا يبگم سان کلي ضرور ڳالهائيندو ئي ڳالهائيندو هو. جڏهن کان وٺي بيگم بورچي خاني ۾ ويهڻ لڳي تڏهن کان وٺي رشيد به اتي ويهي هن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو، بلڪ ماني به اتي، بيگم جي پاسي ۾ ويهي کائيندو هو. خير انهي ۾ به ڪا حرڪت يا اعتراض جوڳي ڳالهه ڪانه هئي. پر جنهن ڳالهه بيگم کي بي آرام ڪري ڇڏيو سا هئي رشيد خان جي ٽيڏپڻائي، جنهن جي ڪري ميان ڳالهائيندو بيگم سان هو ته چهري جو رخ مڙئي بورچي خاني ڏانهن هوندو هوس. ٻه ٽي ڏينهن ته بيگم صبر سان سور سٺو، پر نيٺ صبر جي به ته ڪا حد هوندي. ڪنهن جو چوڻ آهي ته ڪابه زال سڪي ماني کائڻ ۽ ڦاٽل ڪپڙا پائڻ قبول ڪندي پر مڙس جي محبت ۾ ڀائيوار رکڻ قبول ڪانه ڪندي. صنوبر جي دل ۾ گرهه ٻڌجي ويو. هوءَ انهي ڳالهه تي يقين ڪرڻ تي مجبور ٿي ته ميان ۽ بورچاڻيءَ جو پاڻ ۾ ڪو جهونو رشتو، ڪا جهوني محبت آهي ۽ هاڻي هي منهنجي ڇاتيءَ تي مڱ پيا ڏرين، يعني ته اگرچ ظاهري طرح ڳالهيون ۽ پيار مون سان پيو ڪري، پر حقيقت ڪري اهي مٺيون مٺيون ڳالهيون سڀ بورچاڻيءَ سان پيو ٿين.

هن واقعي کان اڳي ويچاري صنوبر جي نظر ۾ ڏينهن عيد ۽ راتيون شب برات هيون، پر هاڻي، افسوس، ميان جي انهيءَ حرڪت کان ڏينهن ٻاره وفات ۽ رات حشر جي ٿي پيا. صنوبر شمع وانگر اندر ئي اندر ڳرڻ لڳي. ڪي ڏينهن صبر ۽ تحمل ۾ گذاريائين. نيٺ اهو ئي فيصلو ڪيائين ته پيڪي گهر هلي وڃان، نه اتي اکين سان ڏسنديس نه دل کي آزار ٿيندم. نيٺ هڪڙي ڏينهن، ملاقات جو بهانو ڪري، گاڏي گهرائي مائٽن ڏي رواني ٿي.

صنوبر جي پيڪي وڃڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. سڄي شهر جون زالون پيڪي گهر پيون وڃن. انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي. رشيد کي پڪ هئي ته شام تائين موٽي ايندي. شام جو رستو ڏسي ڏسي نيٺ سمهي پيو ۽ خيال ڪيائين ته ٺهيو سڀاڻي ايندي. ائين ڪندي ڪندي ٽي ڏينهن به گذري ويا. الاجي ڪيترن ڏينهن جو واپسي ”ٽڪيٽ“ وٺي وئي هئي. هاڻي رشيد کي به فڪر ۽ جدائي جي تڪليف پريشان ڪرڻ لڳا. صبر نه آيس ۽ شام جو امان جان کان موڪلائي ساهري گهر وڃي سهيڙيو، بيگم هن کي ڏسي خوش به ٿي ۽ دلگير به: خوشي ميان جي اچڻ جي ۽ دلگيري پنهنجي ڏکن جي تازي ٿيڻ جي. سس کي پيرين پئي، رشيد سڌو صنوبر جي ڪوٺيءَ ۾ ويو، ۽ ويهڻ کان اڳي ئي گهر موٽي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. چي، ”واه، بيگم واه! ڏاڍو سڪايو اٿئي. اچي ويهي رهي آهين. هل تياري ڪر، آءٌ گاڏي وٺي ٿو اچان.“

”واه! اوهان کي منهنجي حال جي ڪهڙي خبر، ته مون کي ڪهڙي تڪليف آهي. آءٌ اڃا اچي نٿي سگهان. اڃا ڪالهه ته منهنجو علاج شروع ٿيو آهي، ۽ حڪيم صاحب ڏاڪڻ تان لهڻ چڙهڻ جي منع ڪئي آهي“.

”علاج“ ۽ ”حڪيم صاحب، جو نالو ٻڌي رشيد جا ته ڇڪا ئي ڇڙي ويا. ڏاڍي فڪر ۽ انتظار سان پڇڻ لڳو ته خير ته آهي. پر بيگم هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٻڌائي ٽاري ڇڏيس. ڀلا مردن کي زنانين بيمارين جي ڪهڙي خبر! رشيد به کڻي ماٺ ڪئي. هن جو مطلب بيگم سان. ٺهيو پنهنجو گهر نه سهي ساهرو گهر سهي، شام ڪاليج کان موٽي روز گهر وڃڻ بدران کڻي هتي ايندو.

(5)

ڪنهن چيو آهي، ”جب ديا رنج بتون ني تو خدا ياد آيا“، يعني ته جڏهن ماڻهو ستائڻ ٿا لڳن خدا به تڏهن ياد ٿو پوي. بس، صنوبر جو به اهوئي حال هو. هونئن ته خدا جي فضل سان هوءَ صوم ۽ صلوات جي پابند هئي، مسلمان جو ٻار هئي، پر هاڻ ميان جي بي وفائي جي فڪر کان پوءِ ڪوبه وظيفو ڪونه ڇڏيو هئائين، ڪا رات تهجد گذاريءَ کان خالي نه هئي. اڄ صبح جو به اڃا ٻانگ ڪانه ٿي هئي ته صنوبر اٿي کڙي ٿي. پاسي ۾ پلنگ تي ميان کونگهرا پي هنيا. آهستي آهستي، وهنجي سهنجي، صنوبر نفل پڙهڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ تسبيح سورڻ لڳي. نماز پوري ڪري دعا جي لاءِ تيار ٿي. صبح جو وقت خاص رحمت جو وقت آهي ۽ پنهنجي خاوند کي ويجهو ڏسي، صنوبر جي ڇاتي ڀرجي آئي ۽ دعا جي لاءِ هٿ اڃا مٿي مس کنيا هئائين ته اچي رئڻ ۾ ڇٽڪي. خوب آزي نيرازيءَ سان دعا گهرڻ لڳي ته ”يا الاهي! تون منهنجي مڙس کي سڌي رستي تي آڻ“، ۽ ”يا الاهي تون منهنجي ميان جي ٽيڏي (يعني بري) نگاهه کي سڌو ڪر“، جو ڪلمون جاري ٿي ويو، ۽ اهڙي بيخوديءَ جي عالم مان ڏاڍيان سڏڪا ڀري وڏي دعا گهرندي ويئي ته ”يا خدا تون منهنجي مڙس جي ٽيڏي نگاهه کي سڌو ڪر. کيس سنئي رستي تي آڻ“. ميان رشيد ڇرڪ ڀري اٿيو ته ڇا ٿو ڏسي ته بيگم سجدي ۾ اونڌي ٿي پئي آهي ۽ پئي روئي ۽ دعا گهري. برداشت نه ڪري سگهيو. گهٻرائجي اگهاڙي پيرين ڊوڙي اچي بيگم وٽ پهتو. تڪڙ ۾ عينڪ پائڻ به وسري ويس. سڌو اچي بيگم کي ڌونڌاڙڻ لڳو، ”ڇو بيگم، ڇا آهي؟ ڇا آهي؟ خير ته آهي؟ بيگم! بيگم! بيگم!“

صنوبر ڇرڪجي وئي ۽ سر سجدي مان کنيائين، صنوبر جي اک ميان جي اک سان ملي. ڇا ڏسي ته ميان جي عينڪ گم آهي ۽ ٻنهي اکين جون پتليون مرڪز کان هٽي ڪنڊن ۾ اچي پهتيون آهن، ۽ هو پنهنجي بيگم کي ائين پيو ڏسي جون منهن ڀت ڏي اٿس ته نگاهه بيگم ڏي. صنوبر کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن سندس دل دانگيءَ تي کڻي اڇلي هجي. اوڏي مهل ئي غيب مان سندس ڪنن تي آواز آيو ته ”وٺ! ڏس پنهنجي مڙس جي ٽيڏي نگاهه ۽ اي بيوقوف، شڪي زال پنهنجي بدگماني تي افسوس ڪر!“

خير شادي ٿيڻي هئي سا ٿي وئي. هاڻ رشيد ٽيڏو يا سنئون، نيٺ سندس مڙس هو پاڻ پنهنجي هٿن سان عينڪ وهاڻي هيٺان ڪڍي رشيد کي پارايائين. ممڪن آهي ته جي شاديءَ کان اڳي رشيد جو ابو عينڪ جو خيال نه ڪري ها، يا وري شاديءَ کان پوءِ رشيد جي امان ڏينهن رات عينڪ چاڙهي ويهڻ تي زور نه ڪري ها، ته  يا ته اصل شادي ٿئيئي ڪانه ها، يا جي ٿئي ها ته اهي پهريان 12 مهينا خير سان گذري وڃن ها. پر ڪنهن به صورت ۾ هيءَ آکاڻي ڪانه لکجي ها.

 

ماءُ جي محبت [1]

رام لعل سکر جي ڪنهن ڪارخاني ۾ ٽيهين روپئي تي نوڪر هو. انهيءَ سان ئي چندن مل پنهنجي ڀاڻيجي ڪملا جي شادي ڪرائي ڇڏي. شاديءَ کان اڳي چندن مل اها خبر رکڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ڪئي ته جنهن سان گڏ ڪملا کي پنهنجي حياتي گذارڻي آهي، انهيءَ جي چال چلن ڪهڙي آهي. هو ته اهڙي گهوٽ جي ڳولا ۾ هو جنهن کي ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪجهه ڏيڻو نه پويس. انهيءَ خيال کان هن رام لعل کي ئي پسند ڪيو.

ڪملا هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جي رهاڪو هئي ۽ ڳوٺڙي ۾ ئي ڄائي نپني هئي. ننڍي هوندي ئي ماتا ۽ پتا جي پريم کان محروم رهجي وئي هئي. چندن مل لاچار ڪملا کي پاڻ وٽ نپايو هو، پر هن جي پتنيءَ ڪملا ساڻ سهڻو سلوڪ ڪونه ڪيو هو، جنهن ڪري هن شاديءَ مان نه فقط چندن مل ۽ سندس پتني خوش هئا، بلڪ ڪملا به خوش پي ٿي. بک ۾ انسان سڪو گاهه کائڻ لاءِ به تيار ٿي بيهندو آهي. ڪملا جو به اهوئي حال هو، انهيءَ ڪري ته هوءَ هاڻ داسيءَ مان ڦري مالڪياڻي بڻجي ويندي. ڪملا تمام خوش هئي، پر مالڪياڻي بڻجڻ جو پورو شرف کيس حاصل ٿيندو يا نه انهيءَ جو ته خيال ئي ڪونه ڪيائين.

ڪملا هاڻ سورهين سال ۾ هئي. هن جي سونهن ۽ جوانيءَ جو چنڊ آب تاب سان پي چلڪيو. جڏهن هو پنهنجي ڳوٺان سکر وڃي پهتي تڏهن اهو ڏسي ڏاڍو عجب لڳس ته پتيءَ کان سواءِ ساهرن ۾ ٻي پهرائي ڪانه آهي. ڳوٺ جي تازي تواني هوا مان نڪري هوءَ هاڻ شهر جي هڪڙي سوڙهي ۽ اونداهي گهر ۾ اچي قيد ۾ پئي، پر ڪملا کي انهيءَ جي ڪابه پرواهه ڪانه هئي. هوءَ محنت ۽ پورهئي تي هريل هئي. پهرين ته گهر هيٺ مٿي صفا ڪيائين ۽ پوءِ جيڪو ٿورو گهڻو سامان گهر ۾ هو انهيءَ کي ٺاهي ٺڪي رکيائين. ٻن ٽن ڏينهن جي اندر گهر جي رونق ئي بدلجي وئي. پر جنهن ديوتا جي پوڄا لاءِ هن گرهست آشرم سينگاريو هو سو ته هن ڏي ڏسندو ئي ڪونه هو.

رام لعل لکيل پڙهيل ڪونه هو. ڪاريگر هو ۽ هٿن جو پورهيو ڪندو هو. ٽيهه روپيا جي مهيني ۾ ملندا هئس سي هن جي چانهه ٻيڙيءَ ۾ خلاص ٿي ويندا هئا. ڪملا کي آڻي هو ٻه ٽي راتيون ته گهر ۾ رهيو پر پوءِ آهستي آهستي رات جو گهر کان گم ٿي وڃڻ لڳو. شام جو ڪارخاني کان موٽي، ڪجهه کائي پي وري گهر مان نڪري ويندو هو. ڏينهن جو ڪملا پنهنجي پتيءَ جا ميرا ڪپڙا ڌوئيندي هئي، رسوئي تيار ڪري، شام جو هن جي موٽي اچڻ جو انتظار ڪندي هئي. گهر جو خرچ ڏاڍي ڏکيائي سان پورو ٿي پيو. نيٺ اها نوبت اچي رسي جو گهر جا ٿانو به وڪڻڻا پيا. نه فقط ايترو پر ڪملا جا ڳهڻا به رام لعل وڪڻي ڇڏيا.

گهر ۾ کائڻ لاءِ ٽڪر ڪونه هو ۽ ڪملا ورت رکڻ لڳي. اوڍڻ لاءِ ڪو ڪپڙو ڪونه هو، پر ڪملا اکر به ڪونه ڪڇي، پر جڏهن ننڍي وڏي ڳالهه تي رام لعل هن کي مارڻ ڪٽڻ شروع ڪيو ته هن جي صبر جو پيمانو ڀرجي آيو ۽ رام لعل جي سختين تي زبان کولڻ لڳي. هن جي عياشيءَ تي، هن جي بيحيا هلت تي هن کي ٽوڪڻ لڳي. ڀلا زال جي ڪهڙي مجال جو مرد جي خطائن تي هن کي ٽوڪي! رام لعل لاءِ اها ڳالهه سهڻ جهڙي نه هئي ۽ هڪڙي ڏينهن هن ڪملا کي ماري ماري بيهوش ڪري ڇڏيو. هو سڄي رات انهيءَ حالت ۾ پئي هئي ۽ رام لعل پاڻ حسن جي بازار ۾ پاتلون چٽيندو رهيو.

(2)

رام لعل جو گهر ڪنهن اشراف پاڙي ۾ ڪونه هو. غريب آباد جي به غريب ۾ غريب پاڙي ۾ رهندو هو. پاڙي ۾ ڪمينن ۽ بدمعاشن جا گهر هئا. ڏينهن ته ڪيئن نه ڪيئن گذري ويندو هو، رات جو ڪملا پنهنجي گهر ۾ اڪيلي رهڻ کان ڊڄندي هئي. هڪڙي ڏينهن شام جو جڏهن رام لعل کائي پي ٻاهر نڪرڻ لڳو، تڏهن ڪملا ڊڄندي ڊڄندي هن کي چيو، ”هي گهر چڱو ڪونهي. ڪنهن چڱي پاڙي ۾ گهر جي ڳولا ڇونه ڪريو؟“

ته رام لعل ڇوٽ مان ورندي ڏنيس، ”ها، سو پيڪي گهران ٽڪا به ڏاڍا کڻي آئي آهين، تڏهن ته هن غريب گهر ۾ تنهنجي دل نٿي لڳي“.

”نه، نه!“ ڪملا چيو، ”اها ڳالهه اصل ڪانهي. هتي چئني پاسي بدمعاش ۽ لوفر ٿا رهن ۽ توهين گهر ۾ ڪونه آهيو ته مون کي ڊپ ٿو لڳي“.

تنهن تي رام لعل چيو، ”ڇو؟ ڪنهن سان اکيون لڙايون اٿئي ڇا؟ بدمعاش ۽ لوفر آهن ته پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آهن نه؟ تنهنجي گهر ۾ ڪو گهڙي ته ڪونه ٿو اچي؟“

”پر اوهين گهر ۾ ٽڪو ئي ڪونه ٿا. جي کڻي ڪو گهر ۾ گهڙي به اچي ته مون کي ڪير بچائيندو؟“

رام لعل کلي جواب ڏنو، ”سو مان ڪو تنهنجو نوڪر آهيان ڇا، جو رات ڏينهن تنهنجي چرنن ۾ پيو هوندس؟ اشراف زالن کي ستائڻ جي ڪنهن کي به همت ڪانه ٿيندي.“

ائين چئي رام لعل ته ٽوپي ٽنڊ تي رکي، سيٽي وڄائيندو رهيو، ۽ ڪملا اتي ئي روئيندي رهجي وئي. ٿوري دير کان پوءِ ٿڌو ساهه ڀري ٻاهرئين در کي اندارن ڪڙو ڏئي پنهنجي غريباڻي هنڌ تي اچي ليٽي پئي. انهيءَ مهل هن جي دل ۾ ڪهڙا ڪهڙا خيال پي آيا تن جو محسوس ڪرڻ سولو ڪونهي.

انهيءَ کان پوءِ ٽي ڏينهن رام لعل گهر ۾ شڪل به ڪانه ڏيکاري. ٻئي ڏينهن هڪڙي ويجهي نل تان ڪملا پاڻي ڀريو پي آئي ته سامهون هڪڙو نوجوان ماڻهو ايندو ڏٺائين. هن به هن کي ڏٺو. ڪملا شرم کان پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪيو. لاچار هئي جو نڪو نوڪر رکڻ جي توفيق هين نه ايترو ئي پئسو هون جو ڪنهن پخاليءَ کان پاڻي ڀرائين. هن ته شرم ۽ ڦڪائيءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. پر هو بي شرم ماڻهو گهڙي گهڙي هن ڏي ڏسندو هن کي واجهائيندو رهيو. پاڙي جو ماڻهو هو، هن کي اڳ ڏٺو هيائين. پاڙي وارا گوپال، گوپال ڪري سڏيندا هوئس جو شايد سندس نالو هو. تکا تکا قدم کڻي ڪملا ته پنهنجي گهر ۾ گهڙي وئي پر هو ماڻهو ڏاڍي بلند آواز سان ڳائڻ لڳو ته:

اڄ عشق ۾ اوهان جي منهنجو مٿو اگهاڙو،

ٿيندو ڪڏهن الاجي ميلاپ جو ڏهاڙو.

شرم، حيا ۽ غيرت کان ڪملا جو سڄو بت پي ڏڪيو. اف! اهڙو ظلم! اهڙي بيحيائي، اهڙي بدمعاشي! اشراف زالن تي، انگريزي راڄ ۾ به اهڙا بيجا جملا! ۽ هن کي ڪو جهلڻ وارو ئي ڪونهي؟ پر ٻين جي دلين کي ڪهڙو سيڪ ايندو جڏهن خود منهنجي سواميءَ کي پرواه ڪانهي؟ گهڻي دير تائين ڪملا اهڙيون ڳالهيون پنهنجي دل ۾ ويچاريندي رهي ۽ ڊپ کان سڄي رات ننڊ ڪانه آيس. انهيءَ کان پوءِ روز اهو ماڻهو ڪملا جي گهر جي اڳيان چڪر هڻندو هو ۽ رات جو ڪنهن پاڙي واري گهر مان ويهي بداخلاقي وارا ۽ فحش راڳ ڳائيندو هو. بيڪس ڪملا ٻوڙي ڪانه هئي ۽ لاچار سڀڪي ٻڌڻو ٿي پيس. انهيءَ ڏينهن کان وٺي هن جي دل ۾ رام لعل لاءِ ڌڪار ۽ نفرت پيدا ٿيڻ لڳي. ڪو ڏينهن اهو هو جو ڪملا هن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ ماندي هئي، رام لعل جي پريم ۾ هو پنهنجو سک ۽ آرام قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئي، پر هاڻ... هاڻ هن مان بيزاري پي ٿي. ڇو؟ انهي جو ڪارڻ سماج جي ٺيڪيدارن کان پڇو“.

ڪملا خيال ڪيو ته جو پتي پنهنجي پتنيءَ کي ڇڏي بازاري زالن تي جان قربان ڪندو وتندو هجي، جو پنهنجي لڄ کي بدمعاشن جي پاڙي ۾ ڦٽو ڪري پاڻ بي پرواهيءَ سان گهمندو وتي، انهيءَ سان پريم پاپ... مها پاپ آهي. اهڙي پاپيءَ کي مان پنهنجو هرديشور اصل ڪونه بڻائي سگهنديس. جي هرديشور هجي ها ته ڇا، هو پنهنجي هرديشور جي سنڀال نه ڪري ها؟

(3)

ائين ڪندي ڪندي ٽي سال گذري ويا. هاڻ ڪملا هڪڙي ٻار جي ماءُ هئي. اهوئي هاڻ هن جي زندگيءَ جو سهارو، سندس حياتيءَ جو آڌار هو. ٻار ته ڄمندي ئي تمام هيڻو هو، تنهن تي اڻ هوند ته هن کي هيڪاري بيمار ڪري وڌو. اها ساڳي ڪملا جا ڪنهن وقت ٽڙندڙ گل وانگر ساهري گهر آئي هئي، سا هاڻ ڪنهن ٻن پهرن جي اس ۾ ڪومايل گل جهڙي پي لڳي. جي خود ماءُ ضعيف هوندي ته ڀلا ٻار ڪيئن زور وٺندو؟ جيڪي ٻه ٽي ڦڙا کير جا نڪرندا هئا انهي مان ٻار جو پيٽ ئي ڪونه ڀربو هو. ويچاري ڪملا وٽ ڪوڏي به ڪانه هئي ته ڀلا گانءِ جي کير جو بندوبست ڪيئن ڪري؟ ظالم پيءُ کي ته انهن ڳالهين جو تر جيترو به ويچار ڪونه هو. ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ ايندو هو، وڙهندو هو، ڪملا کي ماريندو هو، ۽ هن کي ٻه ٽي سڌيون ٻڌائي وري هليو ويندو هو. هوڏانهن گوپال بدمعاش، پنهنجي فحش راڳن سان ڪملا جي دل وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ئي رهندو هو. ڪيترائي گهمرا ڪملا کي واٽ ويندي گڏيو به هو ته به اڃا ايتري جرئت ڪانه ٿي هيس جو ڪملا سان ڳالهائي. ڪملا بک ۽ اڃ جون تڪليفون سٺيون، پتيءَ جون گاريون سٺيون، تڏهن به هن بدمعاش جي ڄار ۾ ڪانه ڦاٿي.

اماس جي اونداهي رات هئي ڪملا ٻار کي هنج کنيو ويٺي هئي. پوري تيل نه هئڻ ڪري بتيءَ جي روشني به جهڪي ٿيندي پي وئي. اٽڪل 8 بجي جو وقت هوندو ته رام لعل شراب جي نشي ۾ ٽاٽ ٿيو گهر ۾ گهڙيو. هيءَ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. رام لعل ڏاڍي واڪي ڪملا کان پڇيو، ”ڀوڄن تيار آهي؟“

ڪملا شوڪارو ڀري جواب ڏنو، ”ڀوڄن! ڇا، ڀوڄن ڪو ڀت جي گاري سان رڌبو؟ ان سان ڀوڄن ٺهندو آهي، پر ان جو ته اڄ ٻن ڏينهن کان گهر ۾ ڪڻو به ڪونهي“.

رام لعل گرم ٿي جواب ڏنو، ”ايترو ٿو آڻيان تڏهن به جڏهن پڇو تڏهن اهوئي جواب ٿو ملي ته گهر ۾ ان ڪڻو ئي ڪونهي. ڪهڙو يار ويٺو اٿئي جنهن کي ٿي کارائين؟“

ڪملا ڌڪار جهڙي آواز ۾ چيو، ”شرم ڪريو! شرم ڪريو! الاجي ڇا ڇا پيا بڪو! يار کي تڏهن کارايان جڏهن منهنجو پيٽ ڀريل هجي. اڄ ٽن ڏينهن کان پوءِ گهر آيا آهيو. ان ڪيترو آندو اٿو؟ انهي جي به ڪا سوچ ته ڪريو. ٻن ٽن ڏينهن کان مان بکون ڪاٽي رهي آهيان. توهين ته ٻاهرائين کايو اچو، گهر ۾ ڪو بک مري انهيءَ جي اوهان کي ڪهڙي پرواه!“

رام لعل ته اڳي ئي نشي ۾ چٽ هو، ويتر جو ڪملا جون ڳالهيون ٻڌائين ته هيڪاري آپي کان نڪري ويو. ڏند ڪرٽي چيائين، ”نڀاڳي! بس نٿي ڪرين؟ ڏاڍي گستاخ ٿي وئي آهين. مان نٿو کارايانءِ ته ٻيو ڪهڙو يار اٿئي جو کارايو وڃئي؟“

هينئر ته ڪملا به پنهنجي ڪاوڙ روڪي نه سگهي ۽ چئي ڏنائين، ”آهستي ڳالهايو، آهستي. گوڙ ڇو پيا ڪريو. منهنجو بکيو ٻچڙو هينئر روئي مس سمهيو آهي. توهان کي اهڙيون ڳالهيون ڪندي شرم ڪونه ٿو اچي؟ اوهان جو ٻار رات ڏينهن کير جي ڦڙي لاءِ ڦٿڪي پيو ماندو ٿئي، اوهان جي ڌرم پتني بکون پئي ڪڍي ۽ اوهين... ها اوهين بازاري زالن جا چمپل چٽيندا وتو.“

رام لعل رڙ ڪري چيو، ”بس! پنهنجي زبان بند ڪر! بدمعاش رن! پيڪي ڇونه ٿي هلي وڃين؟ هتي بکون ڇو پئي ڪاٽين؟ کپين وري ڪنهن کي ٿي؟“

ڪملا ستايل شينهن وانگر اڇلجي جواب ڏنو، ”ڇو وڃان؟ اوهين ڪهڙي منهن سان چئن جي اڳيان مون کي شادي ڪري وٺي آيا هئو جو هينئر پيڪي گهر جا ڏس پيا ڏيوم. مصيبتون ۽ تڪليفون سهي به توهان جي گهرجو ڏيئو پئي ٻاريان، نه ته...“ بس، ڪملا جي دل ڀرجي آئي ۽ ڪاوڙ کان هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا.

رام لعل طعنو ڏيندي چيو. ”ها، نه ته ڇا؟ چئو! نه ته ڪنهن يار سان ڀڄي نڪرين ها؟“

ڪملا سڙي جواب ڏنو، ”ها ائين ئي سمجهو. مان گهر ۾ ڀلي بکي اڃي پئي هجان، ويچارو ٻالڪڙو بک پيو مري ۽ اوهين ٻاهر عيش اڏائيندا وتو! اهڙو ظلم! اهڙو پاپ!“

رام لعل منهن چٻو ڪري چيو، ”ته ايترو ظلم ڇو ٿي سهين؟ پنهنجي يار سان نڪري ڇو نه ٿي وڃين؟ سکيو رکندئي! گهر ڌياڻي ٿي پوندينءَ! ڪيئن؟ ڪڏهن ٿي منهن ڪارو ڪرين؟“

ايترو چئي رام لعل ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. ڪملا جي ساري بدن کي ڄڻ باهه لڳي وئي، انهي باهه ۾ ڪملا جي دل ۾ رام لعل لاءِ جيڪا به رهي کهي عزت هئي، سا به جلي خاڪ ٿي وئي. ڪملا پنهنجي پوتيءَ جي پلئو سان اکيون اگهي ڏاڍي نفرت ڀري نگاهه سان رام لعل ڏانهن ڏسي چيو، ”اف! توبه! مون نٿي سمجهيو ته اوهين اهڙا بيشرم ۽ نيچ آهيو. پر مان ڀلي هيس. توهان جو پنهنجي ڌرم پتنيءَ کي بدمعاشن جي حوالي ڇڏي ويٺا آهيو، توهين جي پنهنجي شرم کان ٻڏي نٿا مرو، ڇا، اوهين منهنجي پريم جا ديوتا بڻجڻ جا لائق آهيو؟ نه! نه! هرگز نه! اها منهنجي ڀل هئي جو اڄ تائين مان اوهان جي پوڄا ڪندي آئي آهيان. هاڻ هوشيار رهو! مان اهوئي رستو وٺنديس جنهن ڏي اوهين اشارو ڪري رهيا آهيو، پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ نه، پنهنجي سک ۽ آسودگيءَ لاءِ نه، پر پنهنجي هن مرڻينگ ٻار جي سانگي مان پاپ به ڪنديس، مان بازاري زال بڻجي ڪوٺن تي ويهنديس، جتي اوهين روز مٿو ٽيڪڻ ويندا آهيو ۽ جتان روز ڌڪائي ڪڍبا آهيو.“

اهو ٻڌندئي رام لعل ڏنڊو کنيو ۽ ڪملا کي مارڻ ڪاڻ اڳتي وڌيو. پر هاڻ ڪملا کي مارڻ ڪا سٿري ڳالهه ڪانه هئي. هوءَ به هڪڙو لڪڻ هٿ ۾ کڻي وڙهڻ لاءِ سامهون ٿي بيٺي. هي رنگ ڏسي رام لعل جا نشا ئي ٽٽي پيا. هو سمجهي ويو ته ڪملا هاڻ سندس قابوءَ کان نڪري رهي آهي. انهيءَ مهل ٻار روئيندو اٿيو. ڪملا کي پنهنجي ڪاوڙ وسري وئي ۽ ”هاءِ منهنجا لعل“ چوندي ٻار کي وري هنج ۾ کنيائين، جو لڪڻ کڻڻ مهل هن کي کٽ تي ليٽائي ڇڏيو هوائين، ۽ سندس اکين مان ڳوڙهن جا نيسارا وهڻ لڳا.

رام لعل ڪجهه وقت خيال ۾ رهيو پوءِ آهستي اٿي گهر کان ٻاهر نڪري در بندي، ٻاهران ڪڙو پائي ڇڏيو، ۽ پنهنجي انهيءَ حرڪت تي خوش ٿيندو ڪنهن پاسي نڪري ويو.

ڪملا کي سڌ ڪانه رهي ته پاڻ گهر ۾ قيد ڪئي وئي آهي.

(4)

جڏهن کان وٺي گوپال بدمعاش ڪملا کي بري نگاهه سان ڏسڻ لڳو هو، تڏهن کان وٺي ڪملا ڏينهن بدران رات جو، هئو مئو ٽرئي کان پوءِ نل تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي. اڄ به آڌيءَ رات ڌاري پنهنجي ٻالڪ کي، جو تپ جو جوش کان بي سڌو هو، کٽ تي ليٽائي پاڻي ڀرڻ لاءِ هلي. جڏهن در تي پهتي تڏهن رام لعل جي حرڪت جي خبر پيس. گهر ۾ پاڻي جو ڦڙو به ڪونه هو. جيڪي هو سوبه ڪملا اڇلائي ڏول خالي ڪري کڻي هلي هئي. هاڻ ڇا ٿيندو؟ رات ڪيئن گذرندي؟ جتي پاڻي اڇلايو هئائين اتي ڊوڙي وئي ته جي ڪجهه پاڻي زمين تي پيل هجي ته ڪپڙي سان چهي ٿورو گهڻو ڪٽوري ۾ نپوڙي وجهي ڇڏي. هن کي پنهنجي ڳڻتي ڪانه هئي. هن کي ماني کاڌي اڄ ٻه ڏينهن ٿي ويا هئا. ٻه چار ڦڙا پاڻي: انهي بنا اڄ انهيءَ بيمار ٻار کي ڪجهه نه ڪونه مليو هو. شام کان وٺي تپ جو جوش هو ۽ ٻارڙي جو وات هر هر پي سڪو. ڪملا ٻه ٽي ڦڙا هن جي وات ۾ وجهندي هئي البت جيڪي سو آرام ايندو هوس. هاڻ ته پاڻيءَ بنا ٻار سڄي رات ڪيئن ڪاٽيندو؟ در کولڻ جي ڪوشش ڪيائين پر سندس ڪوشش مان ڪي ڪين وريو. ڪيتري دير در وٽ بيهي ڦوٽن سيرن مان جهاتيون پائي ٻاهر ڏسڻ لڳي ته من ڪو لنگهي ته انهيءَ کي در کولڻ لاءِ چوي. شرم ۽ لحاظ جو هي وقت ڪونه هو. ٻار مرڻينگ حال ۾ پيو هو. گهڻي دير تائين ڪو اتان ڪونه لنگهيو ته زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳي، پر ڪنهن به هن ڏکايل جو آواز ڪونه ٻڌو. سڀڪو پنهنجي گهر ۾ آرام سان سمهيو پيو هو. ڪهڙي نه ظلم جي حالت هئي! کير ته ٺهيو پر پاڻيءَ جو چڪو به ڪونه هو جنهن سان هوءَ پنهنجي ٻار جا سڪل چپ کڻي آلا ڪري. ڪنهن اڃيل جهرڪيءَ جي ٻچي وانگر هن جي ٻار به هر هر وات پي کوليو ۽ پاڻي نه ٿي مليس ته ڏاڍي درد ڀري نگاهه سان ماءُ ڏي ڏسي وري اکيون کنيو ٿي ٻوٽيائين. انهيءَ مهل جيڪو ڪملا جو حال هو سو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ڪملا ذري ذري گهر جي ڇت تي وڃيو ٿي گهر کان ٻاهر نڪري! ڪڏهن ڇت تي، ڪڏهن در وٽ، ته ڪڏهن ٻار جي کٽ وٽ وڃيو ٿي بيٺي. ائين ڪندي ڪندي رات جا چار به لڳي ويا. ٻار جو حال ته هاڻ ڏسڻ کان ٻاهر هو، ائين پي لڳو اجهو ويو ڪي ويو. ڪملا وري هڪڙو ڀيرو ڊڪي وڃي ڇت تي بيٺي. هن ڀيري ڏٺائين ته پري کان ڪو ڳائيندو پيو اچي. اهوئي راڳ اهو سر، اهي ئي تان جي هن هزار ڀيرا اڳي ٻڌا هئا. انهيءَ مهل به اهو ساڳيو، ”ايندو ڪڏهن الاجي ميلاپ جو ڏهاڙو“، ڳائي گوپال ڪملا کي ڌتاري پنهنجو ڪرڻ ٿي چاهيو. اهوئي راڳ جو ٻڌي ڪملا جي تن ۽ من کي باهه وٺي ويندي هئي، اڄ اهوئي راڳ هن کي امرت جهڙو پيو لڳو. اهو جوان هاڻ گهر کي بلڪل ويجهو اچي پهتو هو. هن جو نالو ته اڳي ئي ڪملا کي ايندو هو، سو ڏاڍي واڪي سڏ ڪيائينس، گوپال! گوپال!

گوپال وائڙو ٿي مٿي ڏسڻ لڳو. انهيءَ مهل ايترو روشني ڪانه هئي جو هو ڪملا جي شڪل سڃاڻي پر گهر سڃاڻندو هو ۽ زنانو آوز ٻڌي سمجهائين ته جنهن سندريءَ کيس هميشه ڌڪار جي نظر سان پي ڏٺو هو، جنهن سندس راڳن تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو هو، انهي سندريءَ اڄ پاڻهئي پاڻ کيس پي سڏ ڪيا. پاڻ ڪو جواب ڪونه ڏنائين بلڪ وائڙو ٿي ڇت ڏي نهارڻ لڳو. ڪملا وري بي آرام ٿي چيو، ”ڇا پيو ڏسين؟ در کي ٻاهران ڪڙو ڏنو پيو آهي سو لاهي جلدي اندر اچ. اعتبار ڪري، اڄ تون جيئن چوندين تئين ڪنديس. جلدي ڪر، جلدي!“

گوپال کي پڪ ٿي ته برابر اها سندري آهي ۽ نيٺ اهو ”ميلاپ جو ڏهاڙو“ جنهن لاءِ ٽي ورهه پي ٻاڪاريو هيائين سو اچي پهتو آهي. جهٽ ۾ وڌي در ڪو ڪڙو لاٿائين. گهر ۾ اڃا پير مس پاتو هئائين ته ڪملا هن جو هٿ جهلي چيو، ”پهرين ته هن ڪٽوري ۾ پاڻي ڀري آءُ پوءِ ٻيون ڳالهيون“. ڪٽورو گوپال جي هٿ ۾ ڏئي پاڻ ڏاڍي بي آراميءَ سان در تي بيهي هن جو رستو ڏسڻ لڳي. ٻن چئن منٽن جي اندر گوپال پاڻي ڀري آيو. ڪملا جهٽ هڻي گوپال جي هٿ مان پاڻيءَ جو ڪٽورو کسي انهي ڪوٺيءَ ڏي ڀڳي جتي سندس ٻالڪڙي موت جو رستو پي ڏٺو. گوپال به آهستي آهستي هن پٺيان ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو. پاڻي جا ٻه ڍڪ ڀرڻ سان جي ٻار جي شڪل ۾ البت رونق آئي، ۽ خوشي سان ڪملا جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. گوپال ڏي ڏسي چيائين، ”گوپال منهنجي ٻالڪڙي کي بچاءِ ته مان ساري عمر تنهنجي داسي ٿي گذارينديس. پنهنجو حسن، پنهنجي جواني سڀ تنهنجي قدمن تي قربان ڪنديس!“

انهي ۾ ذرو به شڪ ڪونهي ته گوپال جي چال چڱي ڪانه هئي، پر هن جي دل رحم ۽ درد جي جذبن کان بنهه خالي ڪونه هئي. خراب سنگت جي ڪري هو سڌي رستي تان لهي رهيو هو، پر تنهن هوندي به اڃا سندس دل ماڻهپي کان ٻاهر نڪري ڪانه وئي هئي. هن کي سمجهڻ ۾ دير ڪانه لڳي ته اڄ جو ڪملا پنهنجي عزت ۽ پنهنجو ست برباد ڪرڻ لاءِ تيار آهي سونه ڪنهن نفساني خواهش جي ڪري، بلڪ اها ماءُ جي محبت هئي جا پنهنجي ٻار کي موت جي چنبي مان ڇڏائڻ لاءِ پاڻ برباد ڪرڻ لاءِ تيار هئي. اهو نظارو ڏسي گوپال جي دل ڀرجي آئي. ماءُ جي محبت هڪڙي پل ۾ بدمعاش کي شريف انسان بڻائي ڇڏيو. جنهن ڪملا کي ٽن سالن کان پنهنجو شڪار بڻائڻ چاهيائين ٿي، اها ساڳي ڪملا اڄ هن جي نظر ۾ ڪا پوتر ديوي پي لڳي، بي اختيار ٿي گوپال هن جي پيرن تي ڪري پيو ۽ ڀريل آواز سان چوڻ لڳو، ”معاف ڪجو... مان ڀليو هوس...“

ڪملا ڪنڌ هيٺ ڪري تمام آهستي جواب ڏنو، ”نه، نه، گوپال! تون ڇا پيو چوين. مان ته سچ پئي ڳالهايان. هاڻ هن جسم تي تنهنجو اختيار آهي، تون انهيءَ جو مالڪ آهين. پر منهنجي هن ٻالڪڙي کي بچاءِ... مان ته هاڻ تنهنجي داسي آهيان.“

گوپال اکين ۾ پاڻي آڻي چيو، ”ماتا، ائين نه چئو. توهان جون اهي ڳالهيون ٻڌي منهنجو جگر ٿو ڏري. ماتا، تنهنجو هڪڙو پٽ تنهنجي سامهون هٿ جوڙيو بيٺو آهي. حڪم ڪر! پر وري اهڙيون ڳالهيون پنهنجي زبان تي نه آڻ، نه ته ڌرتي ڦاٽي پوندي ۽ ڌرم ڀرشٽ ٿي ويندو. تون ڪو فڪر نه ڪر. ڀڳوان مڙئي چڱي ڪندو. اجهو مان وڃان ٿو هينئر ڊاڪٽر کي وٺي ٿو اچان. گوپال اکيون اگهندو تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري ويو.

ماءُ جي محبت هڪڙي پاپيءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي.

(5)

ٻار سگهوئي تڪڙو تڪڙو ساهه کڻڻ لڳو ۽ هرهر پاڻيءَ ڪاڻ وات پي کوليائين. ٿوري ئي دير ۾ گوپال کير جو ڪٽورو کڻي ڊاڪٽر کي ساڻ وٺي آيو. ڊاڪٽر تمام چڱي طرح سان ٻار کي تپاسيو. واتئون ته ڪي ڪين چيائين پر سندس شڪل مان گوپال سهي ڪيو ته ٻار جو خير ڪونهي، ۽ چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب، خرچ جو ڪو خيال نه ڪجو، ڪيترو به خرچ لڳي پر منهنجي ڀاءُ کي بچايو“.

ڊاڪٽر جواب ڏنو، ”فڪر نه ڪريو، مالڪ کي منظور آهي ته ٻار چڙهي پوندو“.

اهو ٻڌي ڪملا جي پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو. گوپال ڊاڪٽر سان موٽي دوا وٺي آيو ۽ اهو سڄو ڏينهن ڪملا سان گڏ ٻار جي ٽهل ٽڪور ۾ رهيو. شام ڌاري ٻار جي حالت البت بهتر ڏسڻ ۾ آئي ۽ اکيون به وڃي پٽيائين، تڏهن گوپال کي ڪملا چيو، ”تنهنجو هي احسان مان ساري عمر ڪين وسارينديس. تو اڄ هڪڙي ماءُ جي دولت کيس موٽائي ڏني آهي“.

گوپال چيو، ”ماتا، هي سڀ ڀڳوان جي ڪرپا آهي. ماڻهوءَ جو ڪو وس ڪونه ٿو هلي. مون اوهان لاءِ ڪجهه به ڪين ڪيو آهي پر اوهان اڄ مون کي مرونءَ مان ماڻهو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻ مون کي آسيس ڪريو ته منهنجي دل هميشه انهيءَ ريت سجاڳ ۽ هوشيار رهي“.

ڪملا، گوپال جي مٿي تي هٿ رکي چيو، ”پٽ! مان توکي دل سان دعا ٿي ڪريان ته شل سدا خوش رهين ۽ ائين ڏکويلن جي مدد ڪندو رهين. تون هاڻ گهر وڃ جو سڄو ڏينهن ڪجهه کاڌوئي ڪونه اٿئي. مون وٽ ڪجهه آهي جو توکي کارايان“.

”پر اوهي؟“

”مان اڄ ڪونه کائينديس. جيسين منهنجو ٻالڪڙو چڱو ڀلو ڪونه ٿيندو، تيسين مان ڪڻو وات ۾ ڪونه وجهنديس. اهو منهنجو وچن آهي“.

”پر، ماتا، ائين بيمار ٿي پوندينءَ، پوءِ ٻار جي سڀال ڪير ڪندو؟ پر مان وڃان ٿو ۽ ماني کائي اوهان لاءِ ڪجهه کڻي ٿو اچان. اوهان کي ضرور کائڻو پوندو“.

ڪملا مرڪي جواب ڏنو، ”مان بک ڀر ڪونه ٿي ڊڄان. زالون گهڻو ڪجهه سهي ٿيو سگهن. بک ڇا آهي! نه گوپال تون منهنجو ڪو فڪر نه ڪر. مون کي پڪ آهي ته سڀاڻي منهنجو ٻار چڱو ڀلو هوندو... يا... يا...“

گوپال جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ڪجهه چوڻ اجايو سمجهي ماٺ ڪري ٻاهر نڪري ويو. هن جي وڃڻ کان ٿورو ئي پوءِ ٻار جي طبيعت وري بگڙڻ لڳي. ڏسندي ئي ڏسندي، اڌ ڪلاڪ جي اندر ڪملا جو پيارو ٻار هميشه لاءِ هن دنيا کان موڪلائي ويو! ڪملا، ”منهنجي جان! منهنجو لعل!!“ چوندي روئيندي رهي. جڏهن گوپال موٽي آيو تڏهن منهن اونڌائي پي ٿي ۽ ڪملا پنهنجي مئل ٻار کي ڇاتيءَ سان لايو ويٺي رني. گوپال کي ڏسي ڪملا چيو، ”ويو هليو! رسي هليو ويو! گوپال هن ٻار جي سانگي مان سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هيس، هن جي خاطر مان زال جو غرور، استريءَ جو پتي ورتاپڻو- سڀ ڪجهه برباد ڪرڻ لاءِ تيار هيس، پر هي مون کان رسي هليو ويو. ڀلا ڇونه رسي ويندو؟ کير ته ٺهيو پر، ماءُ ٿي به مون سموري رات هن جي وات ۾ پاڻيءَ ڦڙو به ڪونه وڌو! هاءِ منهنجو لعل مون کان رسي ڪاوڙجي پيو وڃي...“

گوپال کي به روئڻ اچي ويو ۽ بنهه انهيءَ مهل رام لعل، نشي ۾ چور، گهر آيو. هن کي ڏسنديئي ڪملا رڙ ڪئي، ”اجهو هن پاپي، چنڊال جي ڪري منهنجو ٻالڪڙو مون کان رسيو پيو وڃي. هاءِ! جي هي ظالم رات جو در پائي نه وڃي ها ته منهنجو ٻار اڃ کان ڦٿڪي ساهه ڇو ڏئي ها. هاڻ ڇا کپي ئي ظالم؟ هاڻ ٻار مون کان کسڻ به ٿو گهرين ڇا؟ ڪونه ڏينديس... نه، نه... مان اصل ڪونه ڏينديس، ڪونه ڏينديس، ڪونه ڏينديس! نه، نه! منهنجي جيئري ته تون هن ٻار کي پنهنجي ڀرشٽ هٿ به ڪونه لائيندن! وڃ! وڃ! پري ٿي...“ ائين چئي ڪملا جاري مان ڪات کڻي هٿ ۾ ڪيو ۽ ٻئي هٿ سان ٻار کي ڇاتيءَ سان لائي، ڪات گهمائيندي در ڏي وڌي. رام لعل ڊپ کان ۽ گوپال اچرج جي ڪري اتي ئي بيٺا ڏسڻ لڳا، ۽ ڪملا، ”نه، ڪونه ڏينديس، ڪونه ڏينديس“، چوندي در کان ٻاهر نڪري وئي. جڏهن ٿوري دير کان پوءِ هوش جاءِ آيس تڏهن گوپال هن جي ڳولا ۾ نڪتو. پر رات اونڌاهي هئي ۽ ڪملا ائين گم ٿي وئي جو هن جو ڪو پتو به ڪونه پيو.

ٽئين ڏينهن ڪملا جو مڙهه درياهه جي ڪپ تان لڌو. ٻار اڃا اونهين ئي ڇاتيءَ سان چنڀڙيو پيو هوس. جي ڪنهن وڏي سيٺ يا ديوان جو مڙهه هجي ها ته دنيا ۾ هوءِ هوءِ مچي وڃي ها، اخبارن جا خاص پرچا ڇپجي وڃن ها ۽ پوليس حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ، زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏي ها. پر هيءُ ته هڪڙي سماج جي ستايل، ڏکن جي ماريل ماءُ جو لاش هئو... ۽ هتي هندوستان ۾، غريب ۽ بيڪس زالن جو ساٿي ڪير آهي!!


[1]  هيءَ آکاڻي ماهوار ”سنڌو“ رسالي جي مئي 1934ع واري پرچي ۾ ڇاپيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com