سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :12

 

پاڪ محبت

ڪراچي ٺُل يارڊ جي ڀرسان سمنڊ جو هڪڙو ڍورو آهي جنهن تي هڪڙي بوٽ-ڪلب آهي. انهيءُ ڪلب جو آءُ به ميمبر آهيان، جو ٻيڙين هلائڻ جو مون کي ڏاڍو شوق آهي، ۽ اهائي منهنجي ورزش آهي. انهيءَ بوٽ- ڪلب ڏي واٽ، ڪئينس روڊ کان ٿي وڃي. انهيءَ رستي تي ڪي پنج يا ڇهه بنگلا آهن، جي ڍوري جي بنهه ڪپ تي آهن. انهن بنگلن مان هڪڙي بنگلي جي ڪمپائونڊ ۾ خورشيد بيٺي هئي ۽ هڪڙو هٿ ڊگهيريو پنهنجي ٻڪ ۾ ڦوهاري جي پاڻيءَ جا موتي پي ميڙيائين. ٻئي هٿ سان پنهنجي ساڙهيءَ جي هيٺئين پلئو کي قابو ڪيو بيٺي هئي جو هوا جي زور هئڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪپڙا اخلاق جي حد کان مٿي اڏاميو ٿي ويا، ۽ سندس، بلور جهڙيون پنيون ظاهر پي ٿيون. انهيءَ سان گڏ وري هوا جي مستيءَ جي ڪري سندس زلفن اڪثر اڏامي سندس ڪنن تائين هوا جي بي ادبيءَ جي شڪايت پي پهچائي ۽ ذري ذري سندس ڳچيءَ ۽ ڳلن تي ڪاوڙ مان وٽ پي کاڌا. هوا جي اهڙي گستاخيءَ کان سندس چهري جو رنگ کلي پيو هو، هن جي اکين جي چلڪ ڏهوڻي ويهوڻي ٿي وئي هئي ۽ هن جو سرو قد بدن نيٽ وانگر ذري ذري هوا جي زور کان پي لچڪيو ۽ لڏيو.

مون به ڪلب ڏي ويندي واٽ تي اهو عجب لقاءُ ڏٺو، ۽ اهو قدرت جو کيل، اها هوا جي حرڪت ۽ محبوب جي چلولائي ڄڻ سئيءَ وانگر چڀي وئي، عينڪ لاهي صفا ڪري وري چاڙهيم ۽ وري ڏسڻ لڳس ۽ خورشيد به مون کي ڏٺو. پهرين ته البت هٻڪي ۽ شرمايائين، پر ٿوري کانپوءِ خاص طرح مون ڏي ڏسي پنهنجو گل جي شاخ وانگر مڙيل هٿ سڌو ڪيائين. بند آڱريون کلي پيون ۽ ٻڪ مان پاڻي ڪري هيٺ پيو. ڪي بوندون ته هوا ۾ اڏاڻيون ۽ هڪ اڌ پل هوا ۾ چمڪي عالم جي دامن ۾ وڃي لڪيون. ڪي بوندون هيٺ پٿر تي ڪري پرذه پرذه ٿي پيون ۽ اتي، ٻه ٽي لحظا چنڊ وانگر چمڪي پٿر ۾ جزب ٿي ويون.

منهنجين اکين ۾ ڄڻ هڪڙو کنوڻ جو تجلو گهڙي ويو ۽ منهنجين ڏڪندڙ ڄنگهن کي سنڀالڻ لاءِ مون کي پنهنجي لڪڻ تي ٽيڪ ڏئي بيهڻو پيو، ۽ هوءَ مهه لقا نانگ وانگر وٽ کائيندي ۽ ڊيل وانگر نچندي گهر ۾ گهڙي وئي.

(2)

قسمت سان ٻئي ڏينهن مَلڪ جي مون کي انهيءَ گهر ۾ وٺي ويو ۽ اتي منهنجي خورشيد سان ملاقات ٿي.

واقفيت مهل هن جي مرڪندڙ شڪل ڏسي مون کي ايتري چوڻ جي جرئت ٿي ته مون کي لڳي ٿو ته مون اڳ به اوهان کي ڪٿي ڏٺو آهي.

خورشيد تمام رکائيءَ سان شڪل ٺاهي جواب ڏنو، ها ممڪن آهي. دنيا ڪا وڏي ڪانهي. پر مون کي ياد نٿو اچي، ۽ ائين به آهي ته منهنجو حافظو البت ڪمزور آهي“.

مَلڪ جي ٽهڪ ڏئي کليو ۽ چيائينم، مرزا صاحب، هن جي حافظي جي ڪمزوريءَ جو نتيجو اهو آهي جو مس رستمجي هينئر مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر آئي آهي“.

تنهن تي خورشيد جواب ڏنو، برابر پر ڪتاب ياد رکڻ ۽ ماڻهن جون شڪليون ياد رکڻ ٻئي هڪڙي ڳالهه ته نه آهن“.

مون چيو، ”مون ائين ڪڏهن چيو ته اوهان به مون کي ڪٿي ڏٺو آهي. تنهن کان سواءِ جي کڻي ڏٺو به هجيو ته دنيا ۾ ڪي اهڙيون شڪليون آهن جي دل تي رکڻ مشڪل آهن...“

مَلڪ جيءَ وچ ۾ پئي جواب ڏنو، بئريسٽر صاحب، اوهان جي شڪل انهن شڪيلن مان هڪڙي آهي ڇا؟

انهيءَ تي اسان سڀني وٺي کليو. مون وري عرض ڪيو، پر ڪي شڪليون اهڙيون به آهن جن کي وسارڻ مشڪل آهي“.

وري به مَلڪ جيءَ وچ ٽپي جواب ڏنو، ۽ ”خورشيد انهن شڪيلن مان هڪڙي“.

تنهن تي خورشيد ڪرسيءَ تان هيئن چوندي اٿي، مَلڪ-جي، اگرچه اوهين منهنجي پيءُ جيڏا آهيو ته به انهيءَ لاءِ آءٌ اوهان جي گوشمالي ڪرڻ کانسواءِ هرگز ڪين رهنديس. پر، مَلڪ- جي کلندو ڦڙتيءَ سان پنهنجي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ڪوٺيءَ کان نڪري ڀڄي ويو. خورشيد انهي ٻاراڻي راند تي مرڪندي وڃي دريءَ وٽ بيٺي. آءٌ ٿوري دير ماٺ ڪري بيٺس، پوءِ آهستي آهستي آءٌ به دريءَ ڏي وڌيس ۽ ويجهو اچي پڇيم، اوهين مون سان ناراض آهيو ڇا؟

هن مون ڏي عجب جي نظر سان ٿوري دير تائين ڏٺو. سندس خمار ڀريون اکيون ٿورو کليون ۽ سندس ابرن جا خنجر مون تي وار ڪرڻ لاءِ ٿورا مٿڀرا ٿيا ۽ سوال ڪيائين، ناراض! آءٌ توهان سان ڇو ٿيڻ لڳيس؟“

هوءَ دريءَ تي ائين چڙهي ويٺي، جو سندس اڌ منهن مون ڏي هو ۽ اڌ منهن ٻاهر ڍوري جي پاسي. سامهون، دريءَ مان ڍوري جو سڪو ۽ آلو پٽ، ٿورو سمنڊ جو پاڻي، ٿوري ساوڪ ۽ انهيءَ کان به پرتي ڪلفٽن جون عمارتون ڏسڻ ۾ پي آيا. انهن جا رنگارنگي پٿر ۽ پن، ڪٿي ڳاڙها، ڪٿي ساوا، ڪٿي پيلا، ڪٿي سونهري ته ڪٿي سوسنا، ۽ پريان وري ڪلفٽن جي سڙڪ جي سنهي ليڪ، اهي سڀ هڪ دلچسپ نظارو لڳايو بيٺا هئا. سج به لهڻ تي هو، ۽ انهيءَ جو زردو ۽ سرخ شعاع ڪڏهن بنگلن جي ڀتين تي گهمندو ته ڪڏهن وڻن ۽ ٻوٽن کي چمندو پي لٿو. سج جا ترورا به دونهي وانگر هوا ۾ پاڻيءَ جي چادر پائي سمهي پيا. انهن مان هڪڙو ترورو دريءَ وٽان لنگهندي منهنجي سڪ ڀريل نگاهن وانگر خورشيد جي زلفن ۾ اچي اٽڪي پيو ۽ سندس ڪن جي ويجهو اچي پنهنجي دل جو آتش ڀريو احوال ٻڌائڻ لاءِ ايترو ته ڦٿڪيو جو مون مجبور ٿي هڪڙي وڏي آهه ڀري، تنهن تي خورشيد ڦري مون ڏي ڏٺو ۽ چيائين دنيا ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن جن کي ياد رکڻ گناهه آهي.

مون حسرت سان جواب ڏنو، ”ها، بيشڪ! مگر ڪي اهڙيون به ڳالهيون آهن جن کي وسارڻ عظيم گناهه آهي.

هن بيزار ٿي وري منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ مون چيو، ”مجبوري به هڪڙي انساني حالت آهي“.

پڇيائين، ”پوءِ آءٌ مجبور ڇو نه آهيان؟“

مون جواب ڏنو ته، ”آءٌ ته اڳ ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته مون ته ائين چيو ئي ڪين ته ڪو اوهان به مون کي ڏٺو هو. پوءِ مجبور ڇا تي ٿيندئو؟“

انهيءَ تي ڦڙتي کاڌائين ۽ چيائين، ”جيڪي به ڪالهه اوهان ڏٺو سو آءٌ تمام چڱي طرح ڄاڻان ٿي، ۽ مون کي اها ڳالهه چٽي طرح ياد به آهي. پر آءٌ زال آهيان مون کي ياد رکڻ جو به حق آهي ۽ وساري ڇڏڻ جو به. توهين مرد آهيو ۽ اوهان کي اهڙو ڪو حق ڪونهي“.

مون نهايت عاجزيءَ سان پڇيو، ”جي انهيءَ هوندي به نه وسري ته؟“

هن ڍوري ڏي اشارو ڪري چيو، ”ته پوءِ مرداني مرد کي ٻڏي مرڻ لاءِ گوڏي جيڏو پاڻي به بس آهي“. پوءِ بهار جي لطف ۽ صبا جي آهستگيءَ سان هوءَ منهنجي دل جي نذراني کي ٺوڪر هڻندي ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري وئي. مون به بيوسيءَ کان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ۽ در ۽ ديوار سان شڪايت ڪيم. پوءِ آءُ به ڪنڌ جهڪائي گهر هليو ويس.

(3)

خورشيد جو حڪم اکين تي مون هن کي وساري ڇڏڻ جي دل سان ڪوشش ڪئي. انهيءَ ڪوشش ۾ دين به وساريم، دنيا به وساريم پر دل کان مجبور هوس. اهو ڏينهن وري به ياد رهيو، اها صورت دل ۾ قائم رهي. اهو نقش ميٽائيندي نه ميٽيو. بلڪ روز روز جي ملڻ جلڻ کان ڪشش وئي وڌندي، يادگيري وئي تکي ۽ تازي ٿيندي. حجاب گهٽيو پر بيتابي وڌي، پريشاني وڌي، اختلاج وڌيو، اضطراب وڌيو، صبر جو شيشو ٽٽي پيو، غيرت جو دامن هٿن مان ڇڏئيندو رهيو ۽ نيٺ، جا ڳالهه دل ۾ هئي سان زبان تائين اچڻ لڳي ۽ آءٌ پنهنجي حالت کان خورشيد کي واقف ڪرڻ جا رستا ڳولڻ لڳس.

هڪڙي ڏينهن خورشيد کي اڪيلو ئي اڪيلو ڍوري جي سير تي وٺي ويس. پنهنجي ٻيڙي ڇوڙايم ۽ ونجهه هٿ ۾ کڻي ٻيڙي هلائڻ لڳس. دل ٽپا ڏيڻ لڳي. زبان ۽ تارونءَ جي خشڪي وئي وڌندي پر منهنجي دل جو ارادو ذرو به نه گهٽيو.

خورشيد تي به منهنجي حسرت جو اثر پي وڌيو. اگرچه هن ظاهري طرح هڪڙي پاسي کان جهڪي پنهنجين نازڪ آڱرين سان پاڻيءَ تي ليڪا پي ڪڍيا، ته به ڪڏهن ڪڏهن ٽيڏيءَ اک سان مون کي به ڏسيو ٿي ورتائين. نيٺ مون ونجهه هڻڻ روڪيو ۽ هن ڏي جهڪي آهستي سڏ ڪيومانس، ”خورشيد!“

هن پنهنجي اک جي اشاري سان پڇيو، ”ڇا آهي؟“

مون چيو: خورشيد، آءٌ هاڻ ماٺ ڪري نٿو سگهان.

مرڪي جواب ڏنائين: ڀلا ڳالهايو.

مون چيو: ”ڳالهايان ڪيئن...“

ته جملو ڪپي چيائين: ”ڀلا ماٺ کڻي ڪريو“.

مون بيزاريءَ سان جواب ڏنو: ”بس، اوهان کي ته هر ڪنهن ڳالهه ۾ چرچوئي ٿو سجهي. ڪڏهن کڻي ڌيان لائي منهنجي ڳالهه ٻڌو...“

انهيءَ تي يڪدم گنڀير شڪل بڻائي سنئين سڌي منهنجي سامهون ويهي رهي ۽ چيائين: هاڻ منهنجي عضوي عضوي، رڳ رڳ جو ڌيان اوهان جي چپن تي آهي، جيڪي فرمائڻو هجيو سو فرمايو.

مون چيو: خورشيد آءٌ توسان محبت ٿو رکان.

انهيءَ تي وري تعجب جي نظر سان مون ڏي ڏسي چيائين: گهڻي مهرباني! اڄ ته اوهان منهنجي وڏي عزت افزائي فرمائي آهي.

مون چيو: مون تي چٿرون نه ڪريو. قسم آهي ته اها سچي ڳالهه آهي ته آءٌ اوهان سان محبت ٿو رکان. محبت! محبت ته هڪڙو هلڪو معمولي لفظ آهي. آءٌ ته اوهان تان جان ۽ دل سان قربان آهيان. نه فقط ايترو پر آءٌ اوهان جو پوڄاري آهيان. مون کي ته چنڊ جي مهتابي، سورج جي ٻهڪ، آسمان جو رنگ، تارن جي چمڪ، وڻن جي ساوڪ، بلبلن جون ٻوليون، گلن جي مهڪ سڀ اوهان جي ذات صفات پيا لڳن. جي اوهين نه هجو ته ٻئي عالم، مون لاءِ هڪ خاڪ جي مٺ کان به حقير لڳن.

خورشيد چيو: يا الله! اوهان ته مون کي فرشتن ۽ ديوتائن کان به وڌائي وڃي خدا سان ڪلهو هڻايو. ڇا، آءٌ اوهان جي نظر ۾ خود خدا ته نه آهيان؟

مون چيو: نه خدا نه، پر بيشڪ خدا جي محبوبن مان خلقيل محبوب. پوءِ ٻيڙيءَ ۾ ئي گوڏن ڀر نوڙي، وڏي عزت ۽ وينتيءَ سان هن کي عرض ڪرڻ لڳس: ديوي! هاڻ تون پنهنجي پوڄاريءَ تي رحم ڪر، ۽ هن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ شريڪ ڪر.

مون ڏٺو ته منهنجي ڇڪ جو هن تي ڪجهه اثر ٿيو. سندس ڪافر اکين ۾ اها روشني پيدا ٿيڻ لڳي جنهن سان، چوڻ ۾ ٿو اچي ته، ڏاڏي هوا جون اکيون بهشت ۾ چلڪنديون هيون. پر وري اک ڇنڀ ۾ الهجي ڪهڙو خيال دل ۾ آيس جو اکين جا پکڙيل تارا ڪومائجي ويا ۽ سندس ٻرندڙ شعلن کان منهنجو جسم جلڻ لڳو. مون بيوسيءَ ۽ نيزاريءَ سان چيو: رحم ڪر! رحم ڪر! جي دانهن ڪري هٿ جوڙي ڏانهس ڊگهيريا. پر هن جا نازڪ، گلاب جي پتين جهڙا چپ ڀيڙجي ويا ۽ هن هڪ عجيب حقارت ڀرئي انداز سان پنهنجي ساڙهيءَ جو پکڙيل پلئو منهنجي پهچ کان پري ڪري ميڙي ڇڏيو.

تراڙ جو ڪپڻ، تير جو چڀڻ، بندوق جي گوليءَ جو سڀني ۾ ٽنگ ڪرڻ، کنوڻ جو ڪري ملڪ ساڙڻ سڀ ڏٺا ۽ ٻڌا اٿم، پر خورشيد جي انهيءَ انداز جي زخم جهڙي اونهائي، انهي جهڙو چڀندڙ درد، انهيءَ جهڙي جان گدازي ڪنهن ۾ ڪانهي. مون کي پنهنجي ڪم کان، پنهنجي زندگيءَ کان بلڪ خود پاڻ کان نفرت پيدا ٿيڻ لڳي. منهنجو جهڪيل سر هيڪاري وڌيڪ جهڪي ويو، منهنجي هيٺاهين نگاهه ٻيڙيءَ جي تري ۾ ڄمي وئي ۽ آءٌ نااميد ۽ شرمندو ٿي موٽي پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺس.

خورشيد منهنجو مصيبت ڀريو، پريشان حال ڏسي ڪجهه ٽوڪڻ جي ارادي سان، ته ڪجهه دلداري ڏيڻ لاءِ مون کي چوڻ لڳي مسٽر مرزا، معاف ڪجو، اگرچه اوهين بئريسٽر ۽ عقلمند آهيو. ته به اوهين پنهنجي خيال ۾ ايتي قدر غلطان آهيو جو اوهان انهن ديوارن جو ته اصل خيال ئي ڪونه ڪيپ آهي جي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اڏيل آهن. توهين مسلمان، آءٌ آتش پرست، توهين سنڌي آءٌ پارسياڻي، توهين سنڌ جا آءٌ بمبئيءَ جي، توهان جي ٻولي سنڌي منهنجي ٻولي گجراتي، توهين پردي جا پابند، آءٌ آزاد. نه ذات هڪ، نه مذهب هڪ، نه ٻولي هڪ، نه ريت هڪ نه رواج هڪ اهڙي بيجوڙ جوڙي ۾ ڪهڙا ويانهه ۽ ڪهڙيون شاديون! ڪهڙي ناممڪن ڳالهه آهي“.

مون غمزده آواز سان چيو: اهو سڀ سچ آهي، پر محبت اهڙين پابندين تي کلندي آهي. عشق اهڙين ڀتين کي ڀڃيو ڇڏي.

هن بيزاريءَ سان چيو: محبت؟ محبت جو هن جهان ۾ وجود آهي ڪٿي؟

چيائين: هرگز نه، مردن جي عورتن سان محبت اصل ٿيندي ڪانهي. هو فقط هن جي جسماني خوبصورتيءَ ۽ سونهن تي ديوانا آهن. جي هو عاشق آهن به ته هن جي گل جهڙي رخسار تي، هن جي مڌڀرين اکين تي، هن جي صراحيدار گردن تي ۽ هن جي اڀرندڙ جوانيءَ تي. زال جو روح بيحد گندو ۽ ذليل هجي، سندس دماغ ڀل ڪيترو به مڏو هجي ته به هن جي ظاهري سونهن آهي ته مرد لاءِ اها وڌيڪ وڻندڙ آهي. هن کي پنهنجي نفس پرستيءَ سان ڪم آهي نه روح جي صفائيءَ يا سچائيءَ سان. اوهين جنهن کي عشق ٿا چئو انهيءَ کي آءٌ بوالهوسي يا نفساني خواهش ڪري ٿي سمجهان.

مون چيو: جي ائين به کڻي هجي، ته به آءٌ اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته آءٌ اوهان سان محبت ٿو رکان.

چيائين: ٺهيو، بس! بس! رهڻ ڏيو! اجايو منهنجو وات نه کولايو. اوهين به ته نيٺ مرد آهيو. اوهان مان ٻيو ڇا ورندو؟

مون چيو: ته، ضرور ٻڌايو ته دل جي ڳالهه دل ۾ ڇو رهجي وڃڻ گهرجي. ذرو آءٌ به ته ٻڌان.

چيائين: چڱو جي اوهين هرو ڀرو ضد تي چڙهيا آهيو ته ٻڌو. آءٌ تڏهن سمجهان ها ته اوهين برابر مون سان دلي محبت ٿا رکو جڏهن هنن ڊگهن نانگ جهڙن وارن جي بدران منهنجي مٿي ۾ هڪڙي مٺ وارن جي مس هجي ها! هن ڀريل، گلابي رخسار جي بدران ڏريل منهن هجيم ها، ۽ انهيءَ تي به ماتا جا هزار داغ؛ هنن متوالين ۽ بجلي ڪيرائيندڙ اکين بجاءِ ٽيڏيون چوچيون اکيون هجنم ها ۽ تن ۾ به ڦلا. جي منهنجي ڀريل بدن جي بدران سڪيل سڙيل ڪاٺيءَ جهڙو بدن هجي ها ۽ آءٌ ڪا ميري ڦاٽل ساڙهي پايو منڊڪائيندي، گهلبي هلان ها ۽ تڌهن چئو ها ته، هاءِ، ڏس خورشيد ڪهڙي نه حسين آهي، ڪهڙي نه وڻندڙ آهي، ڪهڙا نه زلف اٿس، ڪهڙِ نه نازڪ بدن آهي! اهڙي ڪا جنت جي حور به ڪانه هوندي! جهڙي هيءَ منهنجي دل جي مالڪ آهي. اهڙي ڪنهن ڌرم جي ديوي به ڪانه هوندي... جڏهن اوهين ائين...“

مون جلد ڳالهه ڪپي بي اختيار ٿي چيو بس! ڪهڙي نه هيبتناڪ تصوير پيئي ڪڍين!

کلي جواب ڏنائين: اوهين ته بلڪل ڊڄي ويا آهيو. فقط خيالي تصوير تي ئي اهڙي حالت آهي ته سچ پچ جي اهڙي هجان ها، يا اوهان سان پلئو اٽڪائي پوءِ اهڙي ٿي پوان ها ته اوهان جي محبت الاجي ڪيڏانهن اڏامي وڃي ها. منهنجي ته حياتي دشوار ٿي پوي ها ۽ اوهين انهيءَ کي محبت ٿا فرمايو! انهيءَ کي اوهين عشق جو خطاب ڏيڻ ٿا چاهيو؟ توبهه ڪريو! نيٺ ته غور ڪريو ته اهڙي محبت ۽ شهوت ۾ فرق ڪهڙو وڃي رهيو؟

مون چيو: خورشيد! منهنجي محبت کل ۽ چرچي جي لائق نه آهي. انهيءَ کي کلي نه اڏاءِ، ڪنهن مرد جي پاڪ محبت اهڙي خسيس شيءِ نه آهي جنهن کي ڪا ملڪ جي راڻي به بيپرواهيءَ سان ٿڏي پري ڪري. اها شيءِ آهي جنهن جي حورن کي به اميد آهي، جنهن لاءِ ديوين کي به تمنا آهي. سچ ٿو چوان ته دل جو نذر اهو نذر آهي جو خود خدا کي به قبول آهي. اوهين ڪيئن اهڙي محبت جو تماشو ويٺا اڏايو؟ جنهن کي اوهان بوالهوسي يا شهوت سڏيو آهي، انهيءَ ۽ اهڙي محبت جي وچ ۾ ايترو فرق آهي جيترو راوڻ ۽ رام ۾، قابيل ۽ هابيل ۾، نوح جي پٽ ۽ ابن مريم ۾، شيطا ۽ خدا ۾...“

وري به ڳالهه ڪپي، مون ڏي نهاري، ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيائين ها اهو برابر آهي، پر... دل ۾ نه ڪجو... پهرين پنهنجين اکين مان حيوانيت جو جوش دور ڪريو، پوءِ ڪنهن اشراف زال کي خاطري ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريو ته اوهان جي محبت پاڪ ۽ صاف آهي...

مون ڊگهو ساهه کڻي ڏاڍي غمگين ۽ ڀڳل دل جي آواز سان پڇيو: بس! اوهان جو اهوئي جواب آهي؟

هوءَ وري جهڪي پاڻيءَ تي ليڪا ڪڍڻ لڳي ۽ مون ڏانهن منهن ڦيرائي ڏٺائين به ڪين. فقط ڪنڌ ڌوڻيائين. مون ٻيڙيءَ جو منهن موڙيو، ۽ ڪناري تي اچي پهتاسون. مون ڀڳل آواز ۾ چيو: خدا حافظ، خورشيد! هن مون ڏي نهاريو به ڪين، ۽ کڙٻڙ مان قدم سنڀاليندي منهنجي نظر مان غائب ٿي وئي.

(4)

 انهي واقعي بنسبت، انهن ڏينهن جي لکيل ڊائريءَ ۾ منهنجي هيءَ داخلا آهي، جنهن ڏينهن شام جو ڍوري جي ڪپ تي منهنجي دل جي آرزوءَ تي پاڻي ڦري ويو، انهيءَ رات آءٌ سڌو گهر آيس. هاڻ آءٌ يڪمنو ٿي پنهنجي ڌنڌي کي اچي لڳو آهيان. پنهنجو نالو پيو ڪڍان منهنجي آمدني جيڪي سو وڌندڙ آهي. سڀڪو منهنجي لياقت جي تعريف پيو ڪري. ڪي بزرگ دوست منهنجي نالي پيا چون ته فلاڻو هاڻي ماڻهو ئي ٻيو ٿي پيو آهي. ماڻهو مون کي ڀاڳ وارو پيا سڏين. آءٌ انهن جي خوشامد تي ظاهري ته پيو کلندو آهيان پر اندر ۾ رت جا ڳوڙها پيا ڳڙندا اٿم. ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي جان تي ڇا پيو گذري، ۽ ڇو سڀڪجهه هوندي ۽ پنهنجي زندگي برباد ڪري پيو سمجهان. هن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي حياتيءَ جي چمن ۾ اها هوند بهار جي نشاني نه آهي پر خزان جو هڪ انوکو روپ آهي. هي گلن جي ٽڙڻ جا نه پر پنن جي ڇڻڻ جا آثار آهن. انهن کي ڪهڙي خبر ته منهنجي غريب غيرت ۽ شرافت تي ڇا اچي بڻي آهي. آءٌ پستول ٿو کڻان ۽ غيرت اچيو منهنجا هٿ جهلي، آءٌ پل تان ٽپي ٻڏڻ جي ٿو ڪريان ته شرافت ٿي شرمائيم، آءٌ شراب جي ٻاٽليءَ ڏي هٿ ٿو ڊگهيريان ته پنهنجي درد کي نشي جي درياهه ۾ غرق ڪريان ته عقل آڏو ٿو اچيم، آءٌ جوئابازيءَ سان دل وندرائڻ ٿو گهران ته مذهب جي مصيبت ٿي ماريم! مطلب ته چئني پاسي ڇوٽڪاري جا رستا کليل آهن ته به محبت مون کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري آءٌ سڄو وقت پاڻ کي رڌل ٿو رکان ته دل تي ٻيو ڪو خيال نه اچيم. پر انهيءَ پهر به ته ڪم نه ٿو ڪري سگهجي! انهيءَ ڳالهه اچي منجهايو آهيان. جي ڪڏهن به گهمندي ڦرندي باغ ۾ وڃيو سهڙان ته مون کي ڏسي سنبل سر ٿي ڌوڻي، نرگس اک ٿي هڻي، ڪليون مرڪي مون تي ٺٺوليون ٿيون ڪن، گل مون کي ڏسيو پيا کلن، بلبل طعنه زني ٿي ڪري ۽ انهيءَ ريت آءٌ زمين ۽ آسمان جي دشمنيءَ کان پريشان ٿي موٽيو گهر اچان ۽ پنهنجي غريباڻي ڪوٺيءَ ۾ اچيو پنهنجو سر لڪايان. رات جي اڪيلائيءَ ۾ جڏهن ساري دنيا ننڊون پئي ڪري ۽ آءٌ ڏک جي بستري تي پيو ليٽان پيٽان، تڏهن جي ڪا ڪوئل جي ڪوڪ منهنجي ڪنن تي ٿي پئي ته پهرين وانگر پنهنجي محبوب جي ياد ۾ اڱڻ ۾ پيو ڦيريون پايان. هن کي وڻن جي ٽارين ۾ پيو ڏسان، ڪنڊن ۾ پيو نهاريان، ڦوهاري جي حوض ۾ به هن جي تارن جيئان ٽمڪندڙ اکين جو عڪس پيو نظر اچيم. پر هن کي ڪٿي به نه ڏسي، نيٺ نااميد، دل شڪستو ٿي ٿڪو ٽٽو وري اچيو هنڌ تي ڪران. جي انهيءَ بي آراميءَ هوندي به ڪو ننڊ جو جهوٽو اچيو وڃيم ته وري خواب ۾ نئين سر هڪڙو سائو باغ نظر ٿو اچيم جنهن جي هوا مان بهشت جي باغ جي گلن جي خوشبو پئي اچيم. انهيءَ جي وچ ۾ هڪڙو ننڍو لعل جو ٺهيل بنگلو آهي، جتي خورشيد چيلهه تائين وار ڇوڙيو بيٺي آهي، ۽ هڪڙي هٿ جي ٻڪ ۾ آب حيات جا قطرا ڪٺا ڪيو پئي مون کي آڇي. پر جڏهن آءٌ اهو ٻڪ وات تي رکڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان تڏهن هوءَ يڪدم بيرحميءَ سان پاڻي آڱرين مان وهايو ڇڏي، ۽ پوءِ گلن وانگر ٽڙندي ٻهڪندي، نازڪ وجھڻ جي شاخن وانگر لڏندي لمندي، مون کي چيڙائيندي، نظر کان غائب ٿيو وڃي. آءٌ ننڊ جي حالت ۾ ”خورشيد! خورشيد!“ پڪاريندو ٻئي هٿ ڊگهيري کٽ تان اٿي محبوب جي تلاش ۾ ٿو نڪران ۽ نيٺ ڪنهن نه ڪنهن شيءِ تي ٺوڪرجي سجاڳ ٿيو پوان ۽ ٻنهي هٿن سان مٿو ترين ۾ جهلي ويهيو رهان. اکين اڳيان اونده اچيو وڃي، زندگي بيڪار پيئي لڳي. وري پنهنجي دل تي ضابطو ڄمائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان پر صبر جو دامن وري هٿن مان نڪريو وڃيم ۽ نيٺ محبت جو جوش پاڻي ٿي اکين مان ٽمي ٽمي صبح ڪرايو ڇڏي.

(5)

ٽي ورهيه اهائي حالت رهندي آئي. پوءِ هڪڙي ڏينهن خورشِيد جو ڀاءُ ايدلجي، جو اڳين ڏينهن ۾ منهنجو سنگتي ٿي ويو هو، مون کي رستي تي ڏسي، ”مرزا جي، مرزا جي“ پڪاريندو مون ڏي وڌي آيو ۽ اچي ڏاڍي حب سان مون کي گڏيو. ظاهر ڪيائين ته پاڻ به بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري آيو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي اٿس. آءٌ هن کي پنهنجي بنگلي تي وٺي آيس. گهڻي تائين پي ڳالهيون ڪيون سين ۽ گذريل ٽن سالن جو احوال هڪ ٻئي کي ڏنو ورتوسين. اها خبر ٻڌي ته گذريل ٽن سالن ۾ آءٌ ڪو ورلي سندس گهر آيو ويو آهيان، مون کي ڏوراپو به ڏنائين ۽ ڏک به ظاهر ڪيائين. ٻئي ڏينهن وري آيو، ساڻ هڪڙو خط کڻي آيو. مون خط کولي پڙهيو. منجهس نڪو هو سرنامو نڪا ڪنهن جي صحيح، فقط خورشيد جي سهڻن گجراتي اکرن ۾ ڪنهن اردو غزل جو هڪڙو شعر لکيل هو.

عشاق کي هونڻون پر شکوه بهي نهين آتا،

جو ظلم يه کرتي هين سهتي هين سب بيچاري.

يعني ته عاشقن جي چپن تي ڪڏهن ڏوراپو به نٿو اچي. معشوق جيڪي به ظلم ٿا ڪن سي ويچارا ماٺ ڪري سهيو وڃن.

آءٌ ٽوپي پائي اوڏي مهل ئي ايلجيءَ سان شامل راه ٿيس. سندس گهر وڃي پهتاسين. ڏٺم ته خورشيد پنهنجي پراڻي ادا سان کلمک بيٺي آهي. مون ماٺ ۾ ساڻس هٿ ملايو. گهڻي سڪ سان ڏٺم پر سندس اکين ۾ ڪابه محبت جي نشاني نظر نه آئي. فقط ڦڪائيءَ جا ڪي آثار ٿي ڏٺا ۽ آءٌ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. خورشيد دستوري خاطر خواهيءَ کان پوءِ چيو، ”هاڻ ته اوهين عيد جو چنڊ ٿي پيا آهيو!“

مون چيو: هائو پر اهو غريب ته اصل کان سج جو محتاج آهي. جي سج پاڻ پنهنجي سخاوت ۾ ڪوتاهي ڪري ته ويچاري چنڊ جو ڦڪو ٿي وڃڻ يا اصل ڏيکائي نه ڏيڻ ڪا عجب جي ڳالهه نه آهي.

خورشيد منهنجو اشارو سمجهي ڦڪائيءَ کا سرکڻي جهڪايو ۽ ڀاڻس اڻڄاڻائيءَ کان چيو: مرزا جي، اوهين ته اهڙيون مٿاڇريون ڳالهيون پيا ڪريو ڄڻ اسين ڪي ڌاريا آهيون، ۽ اسان کي گڏجي اوهان کي ڪا خوشي ڪانه ٿي آهي.

مون چيو ايدلجي، اعتبار ڪندين ته اوهان کي ڏسي آءٌ ايتروئي خوش ٿيو آهيان جيترو اوهان مون کي ڏسي خوش ٿيا آهيو.

ايدلجي ڪو جواب ڏيڻ تي هو ته هن جو ڪو اصيل اچي ويو ۽ هو اٿي ٻاهر ويو. خورشيد آهستي مون کان پڇيو: اڃا اوهان جي ڪاوڙ ڍري ڪانه ٿي آهي.

مون چيو: ڪاوڙ نه ڪڏهن هئي نه آهي. ها، دل ۾ ناسور سو هو ۽ اڃا آهي، پر هينئر ته اهو بلڪل لاعلاج ٿي چڪو آهي.

خورشيد مرڪي جواب ڏنو: دل ۾ ناسور؟ ته چئبو ته خير سان اوهان جي دل اڃا اوهان وٽ آهي.

مون مرڪي چيو: اڙي نه. مون کي وسري ويو. چوڻ کپندو هوم ته جت اڳي دل هوندي هئي ات هاڻ ناسور آهي. دل آهي ڪٿي؟ اها ناقبول سوکڙي جا مون ڪنهن جي قدمن تي ٿي رکي سا ته، بوٽ ڪلب واري ڍوري جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پئي سڙندي هوندي.

هن شرم کان وري اکيون کڻي هيٺ ڪيون ۽ آءٌ به بي آراميءَ کان اٿي ڪوٺيءَ ۾ تصويرون ڏسڻ لڳس. اڃا آءٌ پنهنجن ويندڙ حواسن کي جهلڻ جي ڪوشش ۾ هوس ته ايتري ۾ هڪڙو ويهين يا ٻاويهين ورهين جو حسين نوجوان ڪوٺيءَ ۾ گهڙي آيو. مون ڏٺو ته هن جي اچڻ ڪري خورشيد جي چهري تي ٻئي نموني جي رونق چڙهي ۽ هن پنهنجي مٿي تان ڪريل ساڙهيءَ جو پلئو وري سنڀالي مٿي تي رکيو، ۽ سڌي ٿي ويٺي. ”انٽروڊڪشن مان معلوم ٿيو ته هي نوجوان جنهن جو نالو مڪرجي هو سو سيٺ پالنجيءَ جو پٽ هو، جو هينئر ڪاليج ۾ بي- اي پڙهندو هو. هن جي سڪايل ۽ محبت آميز نگاهن مان آءٌ تاڙي ويس ته هوبه انهن ئي زلفن جي زنجيرن ۾ گرفتار ٿيل آهي جن ۾ آءٌ اڳي مبتلا هوس. خورشيد البت ڪجهه گهٻرايل ٿي ڏٺي ۽ اسان لاءِ چانهه ٺاهڻ جو بهانو ڪري نڪري وئي.

ٿوري دير ته هن جوان کي آءُ پنهنجي دل ۾ توريندو رهيس ۽ ٿوري کان پوءِ گفتگو شروع ڪيم: هن خاندان سان ته اوهان جو جهونو رستو هوندو.

چيائين: هائو، منهنجو پيءُ ۽ خورشيد جو پيءُ سڄي عمر گهرا سنگتي هئا ۽ اسان جو به اهوئي رشتو آهي. ننڍي هوندي کان اسين پليا نپنا گڏ آهيون. جڏهن خورشيد جي پيءَ انتقال ڪيو پوءِ البت اسان جي اٿ ويهه گهٽ ٿي، پر هاڻ، ايدلجيءَ جي ولايت مان موٽڻ کان پوءِ وري منهنجي پيءَ جي خواهش ٿي آهي ته اسين پنهنجو اڳيون رستو قائم ڪريون.

منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ مون ڊڄندي ڊڄندي پڇيو ته  اها خواهش خورشيد سان تعلق ٿي رکي؟

هن ڪنڌ ڌوڻي قبوليت ڏني. مون پنهنجي ڏڪندڙ آواز تي قبضو ڄمائي مڪرجيءَ کي چيو: خدا اوهان کي ڪامياب ڪري! اهو مڙس ڏاڍو خوش نصيب هوندو جنهن کي خورشيد جهڙي ٻانهن ملڻ جي اميد هوندي. آءٌ پاڻ کي ڪنهن ورهين جي بيمار جهڙو بي طاقت سمجهي وري ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. مڪرجيءَ خاطرداريءَ طور چيو: خير ته آهي؟ طبيعت ته ٺيڪ اٿو؟

مون ضعيف آواز ۾ چيو: مڙيئي خير آهي.

هو گهڻي دير مون کي تڪيندو رهيو، ۽ هن جي شڪل مان نموني نموني جا خيال پي ظاهر ٿيا. همدردي، رحم، افسوس، ڪاوڙ، حسد، دشمني، بغض، ۽ نيٺ حيوانيت هن جي طبيعت تي غالب پئجي وئي، ۽ مون کي خار ڏيارڻ جي ارادي سان چيائين: بئريسٽر صاحب اوهان لاءِ اهو خيال خام آهي، ۽ اوهان جي اميد بلڪل اجائي. ايدلجي ۽ منهنجو پيءُ پاڻ قريب قريب فيصلو ڪري چڪا آهن ۽ انهيءَ فيصلي جي خورشيد کي به پوري طرح خبر آهي.

انهي فقري ته منهنجي رهيل کوهيل اميد تي پاڻي وهائي وسائي ڇڏيو. پر انهيءَ سان گڏ منهنجي غيرت کي به جاڳائي مون کي مرد بڻائي ڇڏيو. مون سڄي عمر ڪڏهن اهڙين ڳالهين ۾ هار ڪانه مڃي هئي. تڪليفن ۽ مصيبتن ڪڏهن به مون کي ڊيڄاريو ڪين. منهنجي لاءِ تڪليفون مقابلو ڪرڻ جو سامان آهن، نه دل شڪستو ٿي ويهي رهڻ جو. آءٌ مڪرجيءَ جو شڪر گذار آهيان جو هن مون کي خار ڏيارڻ لاءِ مرڪي منهنجي مغروريءَ کي ٺوڪر هڻي منهنجي جنگي طبيعت کي جاڳايو.

مون مڪرجيءَ جي مرڪندڙ شڪل ڏسي هن ڏي نظر ڪري چيو: مسٽر مڪرجي ڪنهن ڪم جو قريب قريب پورو ٿيڻ ۽ انهيءَ جي سرانجامي ٿيڻ ۾ ايترو فرق آهي جيترو پيالو چپ تي رکڻ ۽ پيڻ ۾. ممڪن آهي ته پيالو وات تي رکڻ کان پوءِ به هٿن مان نڪري وڃي، ۽ اڃايل اتي ئي رهجي وڃي. توکي سوير ئي سينو سهائڻ ۽ آڪڙ ڪرڻ جڳائي نٿو“.

هن چيو: خير، شايد ائين هجي، پر اوهان کي ته ايتري به اميد ڪانهي ته ڪو پيالو اوهان جي وات تائين به ايندو“.

مون هن کي ڌڪار جي نظر سان ڏسي هن کي چيو: نوجوان! آءٌ تنهنجو  بدخواهه نه آهيان تون دلجاءِ ڪر. پر پنهنجو ڪم سنڀال“.

مڪرجي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ مون کي ڪو سخت جواب ڏيڻ تي هو ته خورشيد پاڻ چانهه جي ٽرائي کڻي اندر آئي. هن پنهنجي هٿ سان مون کي چانهه جي پيالي ٺاهي ڏني جا مون پيتي. هڪڙي هڪڙي ڍڪ ۾ طهور جي شراب جي مدهوشي ڀريل هئي. آءٌ انهيءَ جي مزي وٺڻ ۾ ايترو محو ٿي ويس جو مڪرجيءَ جي ڳالهه بلڪ هن جي هستي به منهنجي دل تان لهي وئي.

آءٌ ڍڪ ڀري پيالي خالي ڪري خورشيد جو منهن تڪيندو رهيس. هن مرڪي ٻيو ڪوپ وڌائي منهنجي اڳيان رکيو. پهرئين ڪوپ جي اثر سان گڏجي انهي مرڪ ته منهنجون وايون بتال ڪري ڇڏيون. آءٌ متوالن وانگر جهوليندو ۽ رندن وانگر چپن کي چسڪا ڏيندو ٻيو ڪوپ به چاڙهي ويس. خورشيد جي اکين پڇيو: ”ٻيو؟“ مون چيو هائو ٻيو! ٻيو! هن ٻيو به ڪوپ ٺاهي اڳيان رکيو. مون موالين وانگر ڏڪندڙ هٿن سان ڪوپ کڻي وات تي اڃا مس رکيو هو ته ڪن تي آواز پيو، ”خورشيد! هڪڙي ڪوپ جي مون تي به عنايت ٿئي“.

مون ڦري ڏٺو ته پاسي کان مڪرجي بيٺو آهي ۽ هٿ ۾ خالي ڪوپ اٿس. منهنجا چپ ڪوپ تائين اچي رهجي ويا. ڏاڏي آدم وانگر آءٌ ۽ به بهشت تان ڪري اچي هيٺ زمين تي ڦهڪيس. ڪوپ منهنجي هٿ مان نڪري اچي پٽ تي پيو. مڪرجي بي اختيار ٽهڪ ڏئي کلي ڏنو. ائين پئي لڳم ته  ڄڻ منهنجي دل ۾ ڪنهن چنهنڊڙي پاتي هجي، ۽ آءٌ بيقرار ٿي اٿيس.

خورشيد ڏاڍي فڪر مان پڇيو: خير ته آهي؟

”آءٌ اڪيلو رهي رهي چريو ٿي پيو آهيان. خورشيد، مون کي ڏاڍو افسوس آهي، ائين چئي هليو ويس.

(6)

 گهر پهچي مون خيال ڪيو ته هي مون ڪيو ڇا؟ جڏهن مون کي خبر هئي ته منهنجي نذر ڪيل دل خورشيد ناقبول ڪري چڪي هئي ته مون کي رقابت ڪرڻ ڪو ڪهڙو حق هو؟ جڏهن آس ٽٽي چڪي هئي تڏهن اميد رکڻ مان حاصل ئي ڇا ٿيڻو هو. واجب به ائين هو ته هم قوم، هم مذهب، هم وطن ۽ هم عمر جو پاڻ ۾ جوڙو ٺهي. هر ڪنهن انسان کي حق آهي ته پنهنجي مرضيءَ تي انهن ڳالهين جو فيصلو ڪري. انهيءَ ۾ ڏوراپو ڏيڻ واجب آهي نه شڪايت ڪرڻ. انهيءَ حالت ۾ منهنجو تيسو ٻاراڻو هو، منهنجو ڪاوڙجي هليو اچڻ برابر هڪ کل ۽ مسخريءَ جو باعث هو. مون کي کپندو هو ته جا مائٽي خورشيد پنهنجي لاءَ منظور ڪئي هئي انهيءَ کي داد ڏيان ۽ سندس چونڊيل جوان جي تعريف ڪريان ۽ کيس مبارڪ ڏيان. تنهن ڪري مون شرمندو ٿي دل ۾ اهو فيصلو ڪيو ته مون کي خورشيد کان معافي وٺڻ گهرجي ۽ مبارڪباديءَ جو فرض جلديءَ ۾ جلدي لاهڻ کپي.

انهيءَ مراد سان ٻئي ڏينهن شام جو آءٌ وري ايدلجيءَ جي گهر ويس. رات چانڊوڪي هئي ۽ باغ جي وڻن جو هڪڙو هڪڙو پن چانڊوڪيءَ ۾ چلڪيو. خورشيد به باغ ۾ پسار پي ڪيو. دستوري سلام ۽ نياز کان پوءِ مون چيو: خورشيد، آءٌ ڏاڍو پشيمان آهيان، توکان معافي وٺڻ ۽ توکي مبارڪباد ڏيڻ آيو آهيان.

هن مرڪي مون کان پڇيو: معافي ڇا لاءِ ۽ مبارڪ ڇا جي؟

مون چيو: پنهنجي بيجا ڏک ۽ ڪاوڙ جي معافي ۽ مبارڪبادي...

کلي پڇيائين: ها ۽ مبارڪبادي ڇا جي؟

مون ڏاڍي حسرت سان چيو: خورشيد، ڏس! مون کي اجايو نه ستاءِ. تون چڱي طرح ڄاڻين ٿي ته آءٌ مبارڪ ڇاجي ٿو ڏيڻ چاهيان. آءٌ سڄي حقيقت کان واقف آهيان. انهيءَ فيصل ٿيل ڳالهه ۽ ايندڙ شاديءَ کان به. مون سان خود مڪرجيءَ ڳالهه ڪئي آهي. اڃا انهيءَ کان به وڌيڪ کولي مبارڪ ڏيان ڇا؟

هن جي اکين مان عجب طرح جا شعاع نڪرڻ لڳا ۽ مون کي چيائين: اوهان کي ٻڌي ٻڌائي ڳالهه تي تمام جلدي اعتبار اچيو وڃي.

مون پڇيو: ڇا؟ اوهين انهيءَ کان انڪاري آهيو؟

چيائين: منهنجي اقرار يا انڪار مان فائدو ڪهڙو؟ توهين ته اڳي ئي انهي ڳالهه تي اعتبار آڻي چڪا آهيو. سچ آهي ته مردن جي ڀورڙائيءَ جي ڪا حد ڪانهي.

پوئين جملي بنسبت مون چٻي چٿي جواب ڏنو ته مرد اهڙا ڀورڙا نه هجن ها ته جيڪر عورتون اهڙي سولائيءَ سان انهن کي بيوقوف ڪيئن بڻائين ها. ڪيئن خورشيد، نيٺ انهيءَ ڏينهن جي فيلسوفيءَ جو نتيجو اهوئي وڃي بيٺو؟

پڇيائين: ڪهڙي فيلسوفي؟

مون چيو: اهائي ته مرد نفس پرست آهي، ۽ عورتن ۾ فقط بدني سونهن جا ڳولائو آهن، ۽ انهن جي پسنديءَ جو لاڳاپو فقط بدن سان آهي، نه روح سان. مرد ته برابر اهڙا پر آءٌ توهان کان ٿو پڇان ته اوهان به عورت ٿي، پنهنجي پسندي ٻئي ڪهڙي آڌار تي ڪئي؟ اهي ئي جسماني خوبيون. اهي ئي مردانگيءَ جا جوهر. اهيئي مضبوط هٿ پير، اهوئي شينهن جهڙو سينو، اهائي چيتي جهڙي چيلهه! آءٌ تڏهن مڃان ها جڏهن مڪرجيءَ ۾ اهي ظاهري بدني جسماني سونهن جون صفتون نه هجن ها ۽ پوءِ به اوهان جي منظوريءَ جي نظر انهيءَ تي ڪري ها. هندوستاني ريت رواج ڇڏي يورپ جي خيالن موجب ڳالهيون ته گهڻيون ئي ڪري ڄاڻو پر حقيقت کان انڪار نٿا ڪري سگهو، ۽ قدرت جو قانون اوهان جي فيلسوفيءَ جي ڪري بدلجي نه ٿو سگهي.

خورشيد ٿوري دير ماٺ ڪري وائڙي ٿي مون ڏي نهارڻ لڳي. پوءِ هڪ عجيب طرح سان مرڪي مون کي چيائين: مون مڪرجيءَ جي شاديءَ جي آڇ نامنظور ڪري ڇڏي. اوهين اجايو پيا ڪاوڙجو.

اهو فقرو منهنجي مئل آرزوءَ لاءِ هڪ اڪثير بوند هو: جهڙو سڪل زمين تي رحمت جو مينهن. انهيءَ منهنجي دل جي خشڪ باغ کي سائو ڪري ڇڏيو. پر شڪ جو برو ٿئي جو اها ڳالهه دل سان ئي نه پي لڳي، ۽ مون ڏاڍي ڳڻتيءَ مان پڇيو: سچ ٻڌايو، مون کي اعتبار ئي نٿو اچي.

چيائين: ها اوهان کي اعتبار ڪيئن ايندو! آءٌ مڪرجي ته نه آهيان جو اوهان کي اعتبار اچي. آءٌ هڪڙي ڪوڙي ٺڳ باز زال آهيان جو هڪڙي جي شاديءَ جي آڇ منظور ڪري ٻين کي چوندي وتان ته آءٌ آزاد آهيان، سو منهنجي ڳالهه تي اوهان کي اعتبار ڪيئن ايندو؟ پر وڪالت جي ڌنڌي منهنجي طبيعت اهڙي شڪي ۽ بي اعتبار ڪري ڇڏي آهي جو انهيءَ تي به خاطري نه ٿيم ۽ پڇي ويٺس: نيٺ به سو ڇو؟

انهيءَ سڌي سادي جملي ۾ الاجي ڪهڙو ڏنگ هو جو هڪدم هوءَ باهه ٿي ۽ ڏاڍي ڪاوڙ سان چيائين: منهنجي دل جي مرضي! توهين ڪير پڇڻ وارا آهيو. اوهان کي منهنجي ڪنهن ڪيل فصيلي تي ڇو، ڇا ۽ ڪيئن پڇڻ جو حق ڏنو ڪنهن؟ مون کي اوهان جي انهيءَ سوال پڇڻ ۽ بحث ڪرڻ جي عادت تان ته نفرت آهي. مرد سڀ اهڙا آهن. کين جيڪي وڻي سو ڪن. انهن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي، پر جي ڪنهن زال ڪو ڪم ڪيو ته بس، پٺيان پئجي ويندس ته ائين ڇو ٿيو؟ ڪهڙو سبب آهي؟ پڇون ته اوهين آهيو ڪير؟ منهنجا مالڪ؟ منهنجا وڏا؟

آءٌ هن جي ڪاوڙ ڀر ڊڄي ويس ۽ نيٺ شرم کان سرجهڪائي ڇڏيم. خورشيد وري ٿورو رکي چيو: هن کان اڳ مون کي اوهان لاءِ عزت هئي، بلڪ ٿوري محبت به هئي، پر اڄ کان وٺي... هينئر کان وٺي... مون کي اوهان لاءِ نفرت آهي. ائين چئي هوءَ ڏاڍي مان سان باغ مان گهر ڏي وڃڻ لڳي. مون ليلائي هن کي سڏ ڪيو....

هن ڦري مون کي چيو: آءٌ اوهان سان نٿي ڳالهايان.

مون چيو: ڀلا ايترو ته ٻڌايو ته منهنجو قصور ڪهڙو آهي؟

چيائين: يا خدا! ايترون ڳالهيون ڪري ويٺا آهيو ۽ اڃا ٿا پڇو ته اوهان جو قصور ڪهڙو؟ منهنجي انهيءَ کان وڌيڪ گهٽتائي ڪهڙي ٿي ڪري سگهيو جو اوهان مڪرجيءَ جهڙي شخص سان محبت رکڻ جي مون تي تهمت لڳائي.

۽ اگرچه مون گهڻو ئي ستايومانس ۽ معافي گهريمانس پر هوءَ اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي گهر ۾ هلي وئي.

(7)

انهيءَ کان پوءِ مون خورشيد کي گڏجڻ جي گهڻائي ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر هوءِ پنهنجن نوڪرن هٿان ڪو اهڙو نه اهڙو بهانو ڏياري موڪليندي هئي جو هميشه نااميد ٿي موٽي ايندو هوس. نيٺ آءٌ به ٿڪجي ماٺ ڪري ويهي رهيس ۽ حياتيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينهن صبر سان ڪاٽڻ لڳس. ائين ٻيا به ٻه چار مهينا گذري ويا.

هڪڙي ڏينهن سج لٿي کان پوءِ منهن اونداهيءَ مهل گهمندي گهمندي آءٌ بوٽ- ڪلب وٽ ڍوري جي ڪپ تي اچي نڪتس، ۽ اڳيون ڍوري جو سير ۽ ٻيڙيءَ جي چال کي ياد پي ڪيم ته ڪنهن مٺي آواز سان منهنجي پٺيان اچي چيو: بئريسٽر صاحب، ڇو، هن مند ۾ ٻيڙيءَ ۾ ڪونه چڙهبو آهي ڇا؟

مون يڪدم ڦري ڏٺو ته اها ساڳي مهه لقا بيٺي هئي جنهن جي بي نيازين منهنجي زندگيءَ کي موت کان به خراب حالت تي رسايو هو.

منهنجي دل جي اوڏي مهل ڪهڙي حالت هئي اهو هڪڙو خدا ٿو ڄاڻي. پر منهنجي واتان جيڪي نڪتو سوهي: خورشيد! تون! تون هت ڪيئن آئينءَ؟

مرڪي چيائين: اڃا اوهان سوالن پڇڻ جي عادت ڪانه ڇڏي آهي؟

مون شرمساريءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ جهڪايو.

هن چيو: ٻيڙي ڇونه ڇوڙايو؟

مون جلدئي پنهنجي ٻيڙي تيار ڪرائي ۽ اڳي وانگر پاڻ ئي ونجهه هٿ ۾ کڻي ٻيڙي هلائڻ لڳس.

ٿوري دير ته خورشيد ماٺ ڪيو پي مون ڏي ڏٺو، پوءِ ڪجهه شرارت ته ڪجهه سنجيدگيءَ سان چيائين: مرزا جي، اوهان جي دل ته هتي ئي ڪٿي پئي هوندي. چست لڳايو، شايد لڀي به پوي“.

مون ڏانهس نظر ڪئي. سندس اکين ۾ انهيءَ مهل اها روشني هئي جا مجنوءَ کي ڏسڻ سان ليليٰ جي اکين ۾ ايندي هئي. اگرچه سامهون چوڌاري بنگلن ۽ رستن تي بجليءَ جون بتيون پي ٻريون. پر انهن جي روشني خورشيد جي اکين جي روشنيءَ جي اڳيان منهنجي نظر ۾ ڦڪي پي لڳي. اها حالت ڏسي مون کي وري سيني ۾ اميد جاڳي ۽ ڊڄي ڊڄي پڇيم: هي اوهين انهيءَ تي به ڪاوڙجي نه پئو ته منهنجي دل جي لڀڻ جو سولو ئي رستو ٻڌايانو.

چيائين: وڏي شوق سان. جيڪي وڻيو سو فرمايو. مون کي به ڏاڍو فڪر آهي ته ڪنهن طرح اوهان جي وڃايل دل لڀي پوي جو اوهان جي غلط فهميءَ موجب انهيءَ جي وڃائجي وڃڻ جي ڪي قدر آءٌ به جوابدار آهيان.

مون چيو: جي ائين آهي ته پرتي وڃڻ جو ضرور ئي ڪونهي. اوهين پنهنجي دل ۾ کڻي ڏسو. جام جمشيد وانگر انهيءَ ۾ به سڀ ڪجهه نظر ايندو. جڏهن ايترو چوڻ به ڦٻي ويم تڏهن پنهنجي همت ٻنهي هٿن ۾ قابو جهلي وينتيءَ سان عرض ڪيم ته: خورشيد، هاڻ ته منهنجي دل موٽائي ڏي ۽ جي نه ته ڀلا انهيءَ جو ڪو عوض ڏينم.

هن جي چهري تي شوخي ۽ شرارت جي بدران حد درجي جي نرمي چڙهي وئي. ڏاڍي محبت سان هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون ۽ مون کي چيائين: انهيءَ جي عوض ۾ مون کان ڇاٿا گهرو؟ آءٌ حاضر آهيان.

مون چيو: خورشيد، پياري، آءٌ توکي ٿو گهران. تون، تنهنجو پيار ۽ تنهنجي محبت، تنهنجو چنڊ جهڙو منهن، تنهنجا پکڙيل وار، تنهنجيون محبت ڀريون نگاهون...

چيائين: منهنجا ڌڻي، منهنجا مالڪ، اهي ته اڳي ئي توهان جا آهن. ڪي ٽي سال ٿيا جو اهي سڀ مون اوهان کي ڏنا ۽ وڏي خوشيءَ سان ڏنا آهن.

مون وائڙو ٿي پڇيو: ڀلا جي ائين آهي ته هي ٽي سال مون کي هيئن باهه ۾ ڇو پي جلايو اٿئي؟

ڏاڍي لاڏ سان جواب ڏنائين: هاءِ ڙي ناداني! جي ائين نه ٿئي ها ته اوهان ۾ ۽ مڪرجيءَ ۾ ڪهڙو فرق رهي ها. پاڪ ۽ ناپاڪ محبت جي به ته پرک لهڻ ضروري آهي. اها لڌيم ۽ هاڻ، سائين آءٌ اوهان جي بندي آهيان. جان ۽ دل، زندگي ۽ موت، ڏک ۽ سک، دنيا ۽ آخرت سڀ اوهان جي هٿ ۾ آهن. جيئن وڻيو، تيئن ڪيو.

هن هٿ جوڙي منهنجي پيرن ڏي ڊگهيريا ۽ مون ڏي اهي جوڙيل هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي کڻي چپن تي رکيا.

ٻيڙي ڪناري ڏي موٽي. پر ڪيئن؟ اسين ٻئي پاسو پاسي ۾ لڳائي ويٺاهئاسين. ونجهه منهنجي هٿن ۾ هئا ۽ سکان هن جي هٿ ۾. انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اسين ٻئي انهيءَ ئي ريت پاسو پاسي سان ملايو حياتيءَ جي درياهه تي پيا هلون ۽ شايد هي دنيا ڇڏي فردوس برين ۾ ٻي زندگي به ائين گذري!

آمين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com