سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان

۾ سنڌ جو حصو

باب: 10

صفحو : 20

 

باب ڏهون

تحريڪ پاڪستان ۽ سنڌ جون مسلمان عورتون

تحريڪ پاڪستان ۾ جتي هندستان جي ٻين مسلمان عورتن ڪم ڪيو اتي سنڌ جي مسلمان عورتن پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. مسلمان عورتن مردن سان گڏ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪيو. اها پڻ حقيقت آهي ته جيتري مردن کي آزادي جي ضرورت هئي ساڳي طرح عورتن کي به آزادي جي ضرورت هئي ساڳي طرح عورتن کي به آزادي جي لاءِ تڙپ هئي، مسلمانن کي ڪڏهن به آزادي نه ملي سگهي ها؛ جيڪڏهن عورتون عملي طرح ان ۾ حصو نه وٺن ها. عورتن جي تعاون ۽ مدد کان سواءِ ڪڏهن به مقصد ۽ منزل حاصل نه ٿي سگهي ها؛ تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي مسلمان عورتن جو ڪردار تعريف جي قابل آهي، انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مسلمان مرد ته تعليمي ميدان ۾ پٺتي پيل هئا پر مسلمان عورتون بلڪل ئي علم جي زيور کان خالي هيون. عورتن ۾ تعليم جو نه هئڻ جو خاص سبب انگريز حڪومت جي سامراجي پاليسي ۽ رسم و رواجن جون زنجيرن هيون.

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون هيون جن پنهنجن گهرن منجهه ئي تعليم حاصل ڪئي، تاهم گهرو تعليم عورتن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ناڪافي هئي. اهي صرف پڙهي ۽ لکي سگهنديون هيون. تعليم جو اهو رواج صرف مسلمانن جي دولتمند خاندانن ۾ هو، هي عورتون سنڌي ۽ فارسي لکي ۽ پڙهي سگهنديون هيون. ۽ گهڻن کي ته صرف قرآن پاڪ جي تعليم ڏني ويندي هئي. 1937ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح، آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽي جي ٻيهر  تنظيم ڪئي. انهي دوران آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. جنهن ۾ هڪ وومين مسلم ليگ ڪاميٽي جي تنظيم ڪئي وئي، ان ڪاميٽي جي صدر بيگم محمد علي کي بنايو ويو. جنهن ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ دورا ڪري صوبن جي هر هڪ ضلعي ۾ برانچون قائم ڪيون. انهيءَ ڪاميٽي ۾ هر هڪ صوبن مان هيٺيون عورتون شامل ڪيون ويون.

آل انڊيا مسلم ليگ وومين سب ڪاميٽي

سنڌ:بيگم نصرت عبدالله هارون

پنجاب:بيگم شاهنواز، بيگم تصدق حسين، فاطمه بيگم ، بيگم وقار النساءِ

بينگال:بيگم اختر سليمان

يو پي:بيگم راحيلا شيرواني، بيگم عزيز رسول، بيگم اسماعيل خان، بيگم وسيم ۽ بيگم حبيب الله

سي پي:بيگم صديق علي خان

دهلي:بيگم شائسته اڪرام الله، بيگم اقبال حسين ملڪ، بيگم انجمن آرا، بيگم نورالصباح، بيگم قيصر انور علي.

مدراس:بيگم حافظ

بمبئي:مس فاطمه جناح  (1)

مٿئين وومين سب ڪاميٽي مسلم ليگ لاءِ ڪم ڪيو. ڪاميٽي جي صدر مسلم ليگ جي پروگرام کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڳوٺن جو دورو ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ بيگم نصرت عبدالله هارون آل انڊيا وومين مسلم ليگ جي صدر نامزد ٿي. جنهن پوري ملڪ جو دورو ڪري مسلمان عورتن کي منظم ڪيو. 1943ع ۾ بيگم عبدالله هارون کي آل انڊيا وومين مسلم ليگ سب ڪاميٽي جو صدر نامزد ڪيو ويو. هن پوري ملڪ جو دورو ڪري مسلمان عورتن کي تحريڪ پاڪستان لاءِ سجاڳ ڪيو. انهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ بيگم نصرت عبدالله هارون دهلي ۾ ”نصرت ڪلب“ جو بنياد وڌو. بيگم صاحبه ڪلب منجهه مسلمان عورتن اڳيان آزادي جي تحريڪ لاءِ تقريرون ڪندي هئي. نصرت ڪلب کي صرف مسلمان عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو جيڪو صرف مسلمان عورتن جي تحريڪ جو مرڪز هو.  2

تاريخ 26 اپريل 1943ع دهلي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس 1941ع مدراس ۾ منعقد ٿيو هو، جنهن جي قرارداد نمبر 8 ۾ چيو ويو هو ۽ ڪاميٽي کي اختيار ڏنو ويو هو ته ڪاميٽي جي ڪنهن به ميمبر جي جاءِ موت، استعيفيٰ يا ڪنهن ٻئي سبب خالي ٿئي ته اها ڀري سگهجي ٿي. سنڌ جي هيٺين عورتن کي آل انڊيا سب ڪاميٽي لاءِ نامزد ڪيو ويو. جهڙوڪ نصرت عبدالله هارون، بيگم انور هدايت الله ۽ بيگم جي الانا.  `(1)

مسلمان عورتن جي سب ڪاميٽي جو پهريون کليل اجلاس ڪراچي جي گانڌي گارڊن ۾ منعقد ٿيو، جتي بيگم هدايت الله ۽ بيگم شفيع (پنجاب) تحريڪ پاڪستان تي تقريرون ڪيون.

سنڌي مسلمان عورتن جو ٻيو عام جلسو منعقد ٿيو. هن جلسي کي درهم برهم ڪرڻ لاءِ ڪانگريس جي طرفان انتهاپسند عورتن کي موڪليو ويو. ڪانگريس عورتون جلسي ۾ داخل ٿيون، پر سنڌي مسلمان والنٽيئر ڇوڪرين همٿ ڪري جلسي تي ڪنٽرول ڪري ورتو. بيگم هدايت الله احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته  پوليس جي ڪمڪ ڏني وڃي. هن جي مطالبي تي حڪومت  پوليس کاتي ۾ عورتن جي مقرري ڪئي. بيگم هدايت الله سنڌ جو دورو ڪيو، جتي هن مسلمان سنڌي، پٺاڻ، بلوچ عورتن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو.

ڊسمبر 1943ع ۾ صوبائي ڪاميٽي جي ڪاروباري ڪاميٽي، پنهنجي ميٽنگ ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو ته آل انڊيا مسلم ليگ جو چوٿون اجلاس جيڪو ڪراچي ۾ منعقد ٿيندو، تنهن ۾ موثر طريقي سان ڪردار ادا ڪيو وڃي. هڪ ڊگهي رپورٽ سب ڪاميٽي جي ڪيل ڪم واري تيار ڪئي وڃي، جيڪا مرڪزي سب ڪاميٽي جي آڏو پيش ڪئي ويندي. هي اجلاس جيڪو 24 ڊسمبر کان شروع ٿيو جنهن ۾ 5 هزار مسلمان عورتن شرڪت ڪئي. خوبصورت لباس پهريل مسلمان نيشنل گارڊ جي عورتن جي قطار جو قائداعظم محمد علي جناح معائنو ڪيو. انهي جلسي ۾ جناح صاحب اظهار خيال ڪندي چيو ته مسلمان عورتون پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، هن هندستان جي ٻين علائقن ۾ به نيشنل گارڊ جي تنظيم تي زور ڏنو. قائداعظم وڌيڪ چيو ته مسلمانن جي سامهون هڪ وڏي مهم آهي ۽ مون کي اميد آهي ته مسلمان پاڪستان جي سپاهي جي حيثيت سان ڪم ڪندو. انهن جي تعاون کان سواءِ اهو تمام مشڪل آهي ته مسلم ليگ پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري! تاريخ 25 ڊسمبر تي مرڪزي سب ڪاميٽي جي الڳ گڏجاڻي منعقد ٿي جنهن ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا.

سنڌ وومين مسلم ليگ جي تنظيم

صدر:بيگم نصرت عبدالله هارون

سيڪريٽري:بيگم عزيز رسول

خزانچي:بيگم عبدالعزيز

تاريخ 31 ڊسمبر 1945ع ۾ مسلمان عورتن جو هڪ وڏو جلسو ڪراچي جي ڪياماڙي تي زير صدارت بيگم هدايت الله جي ٿيو، جنهن ۾ بيگم انصاري، بيگم انور حسين هدايت الله بيگم يوسف هارون، بيگم الانه ۽ ٻين تقريرون ڪيون. جنهن ۾ مسلم خواتين کي ايندڙ چونڊن جي اهميت کان واقف ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جو نصب العين ”پاڪستان“ ٻڌايو ويو ۽ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ جي مدد ڪئي وڃي.  (1)

سنڌ جي مسلمان عورتن جو تحريڪ پاڪستان ۾ حصو

”تاريخ 11 جنوري 1946ع آل انڊيا مسلم ليگ خواتين ڪراچي برانچ جو جلسو انجمن هال ۾ ٿيو، جتي بيگم هدايت الله ”يوم شڪرانو“ جي سلسلي ۾ قائداعظم ڏانهن مبارڪ باد جو ٺهراءَ پاس ڪري موڪلڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن جي بيگم شعبان تائيد ڪئي. ٻئي ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته مسلم ليگ جي اميدوار مس جي الانه کي ڪامياب بنايو وڃي. آخر ۾ بيگم دائودپوٽه کي ليگ جي زنانه ڪاميٽي مان خارج ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هوءَ مسلم ليگ جي اميدوار بيگم جي الانه جي مقابلي لاءِ اميدوار ٿي هئي. هن جلسي کي بيگم هارون، بيگم شعبان، بيگم هدايت الله، بيگم انصاري، بيگم محمد اسحاق ۽ بيگد ولي محمد خطاب ڪيو.  (1)

سال 1946ع صوبه سنڌ مسلم خواتين ڪاميٽي بنائي وئي. جنهن تي هيٺين عورتن کي بطور ميمبر نامزد ڪيو ويو: بيگم عبدالله هارون صدر آل انڊيا مسلم خواتين، بيگم هدايت الله صدر سنڌ مسلم ليگ خواتين ۽ بيگم شعبان سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ خواتين. هي ڪاميٽي تنظيمي پروگرام لاءِ حيدرآباد کان ڪوئيٽا ويئي، جتي تحريڪ پاڪستان لاءِ تبليغ ڪئي.  (2)

”حيدرآباد ۾ عورتن جو جلسو زير صدارت بيگم غلام حسين هدايت الله جي ٿيو. آرگنائيزينگ سيڪريٽري بيگم طاهرا اعجاز حسين آغا هئي ۽ بيگم غلام رسول ڀرڳڙي چيئرمين استقباليه ڪاميٽي هئي. هن جلسي ۾ بيگم مخدوم محمد عمر نظم پڙهيو ۽ بيگم واجد علي انصاري حصول پاڪستان لاءِ تقرير ڪئي. خواتين حصول پاڪستان لاءِ تقريرون ڪيون ۽ خواتين نيشنل گارڊ جي تنظيم تي زور ڏنو.  (1)  ”تاريخ 24 مارچ 1946ع خواتين نيشنل گارڊ مسلم ليگ جو جلسو زير صدارت بيگم غلام رسول ڀرڳڙي جي منعقد ٿيو. جلسي جي ڪارروائي مس محمد اعظم هلائي. نيشنل گارڊ جي ڪارڪن محترمه سعيده بيگم ترانه پڙهيا ۽ حاضرين ”ليڪي رهين گي پاڪستان“ جا نعرا لڳايا. هيٺين عورتن پاڪستان جي موضوع تي تقريرون ڪيون. بيگم طاهره آغا، بيگم حڪيم شمس الدين ، بيگم محمد يونس، مس آدم خان، مس محمد يونس، مس عارف.  (2)

”تاريخ 16 مارچ 1946ع ۾ حيدرآباد ۾ مدرستہ البنات ۾ هزارين عورتن جي موجودگي ۾ مسلم ليگ (خواتين) جي ڪارروائي زير صدارت ليڊي غلام حسين هدايت الله صاحبه جي تلاوت قرآن مجيد سان شروع ٿي. آرگنائيزيشن سيڪريٽري بيگم طاهره اعجاز حسين آغا، قائداعظم محمد علي جناح، محترمه مس فاطمه جناح ۽ ٻين جا، ڪانفرنس ڏي موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايا. بيگم رئيس غلام رسول ڀرڳڙي چيئرمين استقباليه ڪاميٽي آجيان جو خطبو پڙهيو.

هن صدر ڪانفرنس ۽ آيل وفدن کي خوش آمديد چيو ۽ ٻڌايو ته اهو خاص جذبي تحت مسلم ليگ ۾ شامل ٿيون آهن ۽ هو هر مرد، عورت ۽ ٻار کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ کان سواءِ  آرام نه ڪنديون، وڌيڪ چيائون ته مسلمان زالون حصول پاڪستان لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

بيگم هدايت الله صدر ڪانفرنس  شڪريو ادا ڪندي تاريخ مان مسلم خواتين جي بهادري ۽ قرباني جا حوالا ڏيندي چيو ته مسلمان زالن کي مسلم ليگ جي جهنڊي تحت گڏ ٿي پنهنجي پيدائشي حق پاڪستان جي آخري جدوجهد لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

ان کان پوءِ بيگم واجد علي انصاري پاڪستان جي موضوع تي تقرير ڪندي چيو ته حصول پاڪستان لاءِ قربانين ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ اسان کي سنت خليل الله کي تازو ڪرڻ گهرجي.

ساڳي تاريخ تي خواتين مسلم ليگ ڪانفرنس جي ٻئي سيشن جي ڪارروائي هزارين عورتن جي موجودگيءَ ۾ زيرصدارت بيگم هدايت الله جي تلاوت قران مجيد سان شروع ٿي. بيگم مخدوم محمد عمر هن خاص موقعي جي لاءِ ٺاهيل نظم پڙهي؛ آرگنائيزنگ سيڪريٽري بيگم طاهره اعجاز حسين آغا معزز مهمانن کي خوش آمديد چوندي رپورٽ ۾ انهن عورتن جو شڪريو ادا ڪيو، جن ڪانفرنس کي شاندار ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ مدد ڪئي. خواتين جي، مسلم ليگ لاءِ محبت ۽ جوش و خروش جي تعريف ڪئي ۽ اپيل ڪئي ته هو سڀني مسلمانن کي حصول پاڪستان جي جدوجهد لاءِ، هن نازڪ دور ۾ متحد ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻن ۽ تيستائين آرام نه ڪن جيستائين هر هڪ مرد، زال مسلمانن جي قومي نمائنده جماعت مسلم ليگ جو ميمبر نه ٿيو آهي. اها ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ تسليم شده حقيقت آهي اهو هٿ جيڪو پينگهو لوڏي ٿو سو دنيا تي حڪومت به ڪري سگهي ٿو.

بيگم واجد علي انصاري ۽ بيگم عبدالله هارون آل انڊيا خواتين مسلم ليگ تقريرون ڪيون. بيگم هارون چيو ته هندو ۽ مسلمان هر ڳالهه ۾ ڌار آهن ۽ ڌار رهندا. اڪثريت ۽ اقليت جو سوال نه آهي پر ٻن قومن جو سوال آهي. پر مسلمان فطرتن آزادي پسند آهي، هو نه خود غلام رهندو بلڪه اها انگريزن جي غلامي هجي يا هندن يا ڪنهن ٻيءَ جي، ۽ نه وري پنهنجين پاڙيسرين کي غلام بنائڻ يا غلام ڏسي ٿو. سڀني پيچيدگين جو علاج آزاد هندستان ۽ آزاد پاڪستان آهي.

ڪانفرنس ۾ هيٺيان ٺهراءَ متفقه طور پاس ڪيا ويا:

سرڪار کان آزاد هند فوج جي مقدمن جي ڪڍائڻ ۽ ڪپتان عبدالرشيد ۽ ڪپتان برهام الدين جون سزائون معاف ڪرڻ جي زوردار گهر ڪئي.

ڪانگريس جي، مسلمانن ۾ تفرقو وجهي، حڪومت ڪرڻ جي سازش جي مذمت ڪئي وئي.

 گورنر پنجاب جي، خضر حيات وزارت ٺاهڻ واري غيرآئيني ۽ جانبدرانه فيصلي جي مذمت ڪئي.

گورنمينٽ برطانيه کي خبردار ڪيو ويو ته مسلمان مسلم ليگ جي لاهور واري ٺهراءَ موجب پاڪستان کان گهٽ ڪنهن به آئين تي رضامند نه ٿيندو. انهيءَ لاءِ ڌار دستور ساز اسيمبلي عمل ۾ آندي وڃي.

غدار مسلمانن کي تنبيهه ڪئي وئي ته هو هندن جا ڪٽ پتلا ٿي مسلمانن ۾ تفرقو ۽ تباهي جو باعث نه بڻجن.

قائداعظم جي قيادت ۾ اعتماد جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان کي سنڌ جي مسلم خواتين جي طرفان يقين ڏياريو ويو ته هو پاڪستان لاءِ فقط حڪم ٿيڻ تي هر قرباني ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وينديون. خواتين نيشنل گارڊ لاءِ اپيل ڪئي وئي ۽ تمام گهڻي تعداد ۾رضاڪارن پاڻ کي پيش ڪيو. آخر ۾ بيگم هدايت الله صدر ڪانفرنس ڪارروائي کي ختم ڪندي سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪانفرنس جي منتظمين کي ڪانفرنس جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، قومي تراني سان ڪانفرنس ختم ٿي.

سنڌ جي مسلمان عورتن جا جلسا ٿيندا رهيا. جلسن جون ڪارروايون هيٺين طرح منعقد ٿيون:

”حيدرآباد سنڌ ۾  آچر ڏينهن تاريخ 21 اپريل 1946ع جي زنانه نيشنل گارڊ ٽنڊو ولي محمد برانچ جو جلسو ميدان گرلز اسڪول ۾ شام جو پنجين بجي منعقد ٿيو. پاڙي جون پنجاهه کن عورتون آيل هيون ۽ جلسو زير صدارت صاحبه دسته ٽنڊو ولي محمد مس اي مخدوم صاحبه جو شروع ٿيو.

جلسي جي شروعات مس عارف صاحبه جي تلاوت قرآن پاڪ سان  شروع ٿي. تنهن کان پوءِ زنانه نيشنل گارڊ جي ميمبرن مسلم ليگ جو ترانو پڙهيو. پوءِ ناظرين کي پاڪستان جي اسڪيم جي وضاحت، نهايت اعليٰ لفظن ۾ مس شمس الدين صاحبه نائب صاحبه دسته ڪئي. تنهن کانپوءِ مس ايف مخدوم صاحب مسلم ليگ ۽ ان جي نصب العين پاڪستان جي سمجهاڻي پرزور الفاظ ۾ ڏني. پوءِ سيڪريٽري مس ڪي محمد پريل نيشنل گارڊ ڇا آهي؟ ۽ اسان کي هن ۾ ڇو شامل ٿيڻ گهرجي؟ تنهن جي سمجهاڻي ڏني.

پڇاڙي ۾ صاحبه دسته ناظرات جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري قومي جلسي ۾ بهرو ورتو. اسان جي همت افزائي ڪئي ۽ ٻارهن ڀينرن قومي جذبي کان متاثر نيشنل گارڊ ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ نالا ڏنا ۽ جلسو بخير و خوبي ۽ قومي نعرن سان ختم ٿيو.  (1)

سنڌ مسلم ليگ جي سرگرم ڪارڪن بيگم طاهره اعجاز حسين آغا هڪ 44 صفحن جو ڪتاب نالي ”اسان جو پاڪستان“ 1946ع ۾ ڇپايو، جنهن ۾ هن هي ڪتاب مسلم ليگ جي صدر خواتين بيگم هدايت الله ڏانهن منسوب ڪيو. هن ڪتاب ۾ محترمه بيگم اعجاز حسين آغا سنڌ جي مسلمانن کي نهايت سولي نموني سان پاڪستان جو مطلب، مسلم ليگ جو مقصد بيان ڪيو آهي. پاڪستان حاصل ڪرڻ جا سبب، هندن جو نام نهاد اتحاد لاءِ ڪوششون ۽ انهن جا منصوبا، مسلمان کان هندن جي نفرت جا مثال ڏئي سنڌ جي عام مسلمانن کي سجاڳ ڪيو. هن پاڪستان جو منصوبو تمام سهڻي نموني سمجهايو. آخر ۾ هن هندستان جي مسلم عوام ۽ خاص طور تي سنڌ جي مسلمان عوام کي اپيل ڪندي لکي ٿي ته پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ  جدوجهد ڪيو. هن ڪتاب جا مختصر ٽڪرا مثال طور ڏجن ٿا:

مسلمانو! وقت جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ذاتي ۽ قبيلائي مفادن، ثقافت ۽ رقابتن کي وساري ڇڏيو ۽ جماعت جي سڏ تي فرد واحد وانگر سبز هلالي، پرچم هيٺ متحد ٿي پنهنجي آزادي ۽ پياري وطن پاڪستان لاءِ اشاري ملڻ تي هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو.

مسلمان! اٿي کڙو ٿي! هوش ۽ عقل کان ڪم وٺ! زمانو بدلجي چڪو آهي! وقت جي تقاضا ڏانهن ڌيان ڏي! پنهنجي گرد و نواح جو جائزو وٺ! دشمن جا ناپاڪ اراد، اتحاد، ايثار ۽ قرباني ڏس! ڪلڪتي ۽ بمبئي جي خوني واقعات تي غور ڪري ڏس! اسلام جي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏي. دوست ۽ دشمن ۾ تيمز ڪري، پنهنجن ڏهه ڪروڙ ڪلمه گو مسلمانن جي واحد نمائنده قومي جماعت جو ساٿ ڏي!“

جنوري 1947ع، ”حيدرآباد ۾ مسلم خواتين ڪانفرنس جو هڪ عظيم الشان اجلاس شرو ٿيو. ۽ هزارن جي تعداد ۾ دختر توحيد شرڪت ڪئي. جلسي جي صدارت بيگم هدايت الله ڪئي ۽ اول جلسي جي ڪارروائي تلاوت قرآن پاڪ سان شروع ٿي. بعد ۾ بيگم شاهنواز ۽ مس فاطمه جناح جا موڪليل پيغام پڙهيا ويا. استقباليه ڪاميٽي جي چيئرمين بيگم ڀرڳڙي مسلم خواتين جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ تي شڪريه بجا آندو. بيگم طاهره اعجاز حسين آغا پنهنجي تقرير جي دوران چيو ته، دنيا کي سنڌ جي چونڊن واضح ڪري ڏيکاريو آهي ته ملت اسلاميه هند مسلم ليگ، حصول پاڪستان جا حامي آهن. جيڪڏهن هندستان جا مسلمان چاهين ٿا ته  هو پاڪستان کي قائم ڪن ۽ بهار کي ٻيهر دهرائڻ جو موقعو نه ڏين، ته مسلمان مردن، عورتن ۽ ٻارن خواه ٻڍن کي مڪمل طرح سان تيار رهڻ گهرجي ۽ پاڪستاني جهنڊي هيٺ اچي هڪ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. پنجاب جي خضر وزارت جي اها روش ملڪ ۾ امن نه پر بدامني ڦهلائڻ جي آهي. امن پسند نيشنل گارڊ تي بندش وجهڻ بلڪل غيرمنصفانه  طريقي تي مبني آهي. انهي ڪري مان پنهنجي مسلم ڀينرن کي استدعا ڪندس ته  هو قران جي رهبري هيٺ اسلام جي گذريل روايات کي زندهه ڪرڻ لاءِ مسلم ڀائرن سان جهاد ۾ شانه بشانه ٿي بيهن. بيگم صاحبه مسلم خواتين اڳيان ڏهن نڪتن وارو پروگرام پيش ڪيو. جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته:

مسلمان خواتين پنهنجي اولاد کي طارق، خالد ۽ ٽيپو جهڙن شيرن جيان تربيت ڏيڻ گهرجي.

تعليم بالغان جو سرشتو هئڻ گهرجي.

مسلمانن کان خريد ڪرڻ واري تحريڪ جاري ڪرڻ.

نوجوان فرزندن کي تجارت ڏانهن لاڙو ڪرائڻ.

غريب حرن جي اولاد لاءِ امداد ڪرڻ.

هڪ بيت المال جو قيام ڪرڻ.

ٻهراڙين تائين مسلم ليگ جو آواز پهچائڻ.

مردن خواه عورتن کي نيشنل گارڊ ۾ ڀرتي ڪرائڻ جي ڪوشش وٺڻ

شريعت بل ۽ ٻيا اهڙا بل جنهن مان مسلم عوام کي فائدو رسي، حڪومت تي زور آڻڻ ته جلد بحال ڪري.

بيگم هدايت الله صدر ٿيڻ جو شڪريو بجا آڻيندي  چيو ته اسان ڏسي وٺنداسين ته بهار جا بزدل هندو، مسلمانن جي نئين آبادين کي وري ڪيئن مٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. بيگم شعبان هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ خضر وزارت کي سخت الفاظن ۾ ننديو ويو ۽ خضر وزارت تي واضح ڪيو ويو ته  جيڪڏهن هو پنهنجي جارحانه روش کان باز نه آئي، ته انهي مان بلڪل برا نتيجا برآمد ٿيندا. جنهن جي  سموري جوابداري خضر وزارت تي عائد ٿيندي. انهي ٺهراءُ جي بيگم انصاري تائيد ڪئي. جيڪو يڪراءِ بحال ٿيو. ٻين مقرر بيگمات به پنهنجي تقرير جي دوران مسلم خواتين کي منظم ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي جو پاڪستان جي آئنده جهاد ۾ حصو وٺڻو آهي.  (1)

انهي اجلاس جي ٻي نشست ٻي بجي  شروع ٿي. تلاوت قرآن مجيد کان پوءِ پهريائين مولوي عبدالقدوس بهاري ۽ مولوي عبدالقيوم ڪانپوري نهايت پراثر تقرير ڪندي ٻڌايو ته اسان مسلمانن جي شاندار ماضي ۾ ڪيئن مسلم خواتين مجاهدانه نموني ۾ مردن سان ميدان جنگ ۾ غازين جيان گڏ وڙهنديون هيون. هنن موجوده وقت تي نقشو ڇڪيندي چيو ته، موجوده وقت جون زالون پنهنجو ڪيترو نه وقت فضول سينگار ۾ برباد ڪنديون آهن. اسانجي معزز خواتين کي گهرجي ته هو پنهنجي مردن، ڀائرن ۽ فرزندن کان پڇن ته هنن قوم ۽ جماعت لاءِ ڪهڙي نمايان قرباني ڪئي آهي؟ بيگم عبدالله هارون صاحبه پنهنجي تقرير دوران حاضرين خواتين کي نيڪ مشورو ڏنو ته جڏهن اوهين پنهنجي گهرو ڪمن کان فارغ ٿيو، تڏهن اوهان پنهنجن ڀينرن کي قرآن جي تعليم ڏيو ۽ کين مسلم ليگ جي اغراض و مقاصد کان واقف ڪريو. روزا ۽ نماز جهڙن نيڪ ڪمن ڏانهن توجهه ڪيو.

بيگم انصاري پنهنجي ولوله انگيز تقرير جي دوران مسلم خواتين کي نيشنل گارڊ ۾ ڀرتي ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي ۽ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيائين ته حرن جي زالن کي يڪدم آزاد ڪيو وڃي ۽ حرن جي لوڙهن کي ڳوٺن جي صورت ۾ تبديل ڪيو وڃي. حرن کي پنهنجا اڳوڻا گهر ۽ زمينون واپس ڪيون وڃن. اهو ٺهراءُ  يڪراءِ بحال ٿيو ۽  شام جو ساڍي ستين بجي خواتين ڪانفرنس خيرخوبي سان ختم ٿي.(1) تاريخ 1 فيبروري 1947ع ۾ لاهور ۾ خضر حيات جي وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ شروع ٿي. لاهور ۾ خواتين جو هڪ احتجاجي جلوس خضر وزارت جي خلاف ترتيب ڏنو ويو. سنڌ خواتين مسلم ليگ جي صدر بيگم صغران ۽ جنرل سيڪريٽري بيگم شعبان هن تحريڪ ۾ حصو ورتو. سنڌ مسلم ليگ جون خواتين، لاهور پهچڻ کان پوءِ، ٻئي ڏينهن خواتين جو احتجاجي جلوس صغران بيگم جي اڳواڻي هيٺ نڪتو. جلوس جي ٻنهي طرفن کان پوليس جي ڪمڪ هئي. پوليس جو سپرنٽينڊنٽ صغران بيگم وٽ اچي پنهنجو هٿ صغران بيگم جي مٿان ڏيئي چيو ته ”توهان اڳتي نه ٿا وڌي سگهو؟ صغران بيگم سپرنٽينڊنٽ ڏي نفرت جي نگاهه سان ڏسندي هن کي جواب ڏنو ته، ”پنهنجو هٿ پري ڪر! اسان سنڌ مان صرف انهي لاءِ آيا آهيون ته مسلم ليگ جو جهنڊو گورنر هائوس جي مٿان لڳايون.“ خواتين جو هي جلوس صغران بيگم جي اڳواڻي هيٺ سيڪريٽريٽ وٽ پهتو. سيڪريٽريٽ جو لوهي دروازو بند هو. ڪجهه رضاڪار ۽ عورتن ٽپ ڏئي دروازو اندران کوليو. ڪي ڇوڪريون بلڊنگ تي چڙهي ويون ۽ صغران بيگم مسلم ليگ جو جهنڊو بلڊنگ جي مٿان کوڙڻ لاءِ ڏئي، پاڻ ڇٻر تي ويهي رهي. ايتري وقت ۾ هڪ ماڻهو جيڪو نيشنل گارڊ وارو هو. تنهن صغران بيگم کي چيو ته گرائونڊ کان جلدي نڪرو ڇاڪاڻ ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا بم اڇلائين پيا. پر هن ان کي جواب ڏنو ته مان ايستائين هتان نه نڪرنديس جيستائين مٿي بلڊنگ واريون ڇوڪريون نه  پهچن! جيڪڏهن اهي فائر ڪرڻ چاهين ته ڀلي ڪن. جڏهن سڀ عورتون بلڊنگ مان نڪري آيون ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا بم ڇوڙيا. عورتن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيا. ڪجهه وقت کان پوءِ هي افواهه هلي ويو ته صغران بيگم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن حادثي جي ٽن ڏينهن بعد خضر وزارت استعيفيٰ ڏني. ٻئي ڏينهن تي سڀ  قيدي عورتون جيل مان آزاد ٿيون. خواتين مسلم ليگ جو جلسو قيدي عورتن ۽ صغران بيگم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ هر هڪ ڪنڊ کان هي آواز گيت جي صورت ۾ اچي رهيو هو.

صدقي جاوان مبارڪ قدمون والي،

صديقي جاوان مبارڪ قدمون والي.  (1)


(1)  نورالصباح بيگم، تحريڪ پاڪستان اور خواتين، شيخ غلام علي اينڊ سنس، لاهور 1970ع ص – 28 - 29

2  نورالصباح بيگم، تحريڪ پاڪستان اور خواتين، ايضن ص – 64 -65

(1)  G. Allana, Pakistan Movement Historic Document, Karachi, Paradise Subscription – P. 313

(1)  Sarfaraz Hussain Mirza, Muslim Women Role in Pakistan Movement Karachi, Paradise Subscription, P: 66 - 67

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 13، 1946ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، مارچ 16، 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 11، 1946ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، اپريل 2، 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي 21 جنوري 1947ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 31، 1947.

(1)  نورالصبا بيگم تحريڪ پاڪستان اور خواتين، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنس، 1970ع ص - 216

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org