سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان

۾ سنڌ جو حصو

باب: 4

صفحو : 10

 

سنڌ جي سياست ۾ ڦيريون

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف پارٽي مسلم ليگ هئي، جنهن جو اڳواڻ غلام حسين هدايت الله ۽ نائب اڳواڻ مير بنده علي ٽالپر هو. مسلم ليگ جي ڪوشش هئي ته الهه بخش جي وزارت کي ڊاهجي. الهه بخش جي وزارت کي ٻن پاسن کان خطرو هو. جيڪڏهن مسلم ليگ وارن کي راضي ڪري ته هندو گروپ مخالف ٿئي ٿو! جيڪڏهن هندو گروپ کي راضي رکي ٿو ته مسلم ليگ مخالفت ڪري ٿي! مسلم ليگ وزارت جي خلاف عدم اعتماد لاءِ پروگرام مرتب ڪيو.

الهه بخش سمجهيو ته هن جي وزارت ڊهڻ واري آهي، تڏهن هن غلام حسين هدايت الله  ۽ مير بنده علي ٽالپر کي وزارت ڏيئي انهن مسلمان ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي مخالف پارٽيءَ سان تعلق رکندر هئا. هو انهن کي ٻن وزارتن جي آڇ ڏيئي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. حالانڪ اهي مسلم ليگ پارٽيءَ جا اڳواڻ ۽ نائب اڳواڻ هئا.

سال 1939ع ۾ الهه بخش پنهنجي وزارت ۾ ٻن جاين جو اضافو ڪيو، جنهن ۾ ڏيئل مل دولت رام، پير الاهي بخش ۽ مير بنده علي ٽالپر کي پنهنجي وزارت ۾ شامل ڪيو. هن وزيرن جي کاتن ۾ ردو بدل ڪئي. پير الاهي بخش کي تعليم ۽ مقامي خود حڪومت؛ مير بنده علي ٽالپر کي روينيو ۽ ڏيئل مل دولت رامن کي زراعت ۽ ٻيلن جا کاتا ڏنا ويا. تاريخ 20 فيبروري 1939ع تي سر غلام حسين وزارت ۾ شامل ٿيو، جنهن کي داخلا، قانون ۽ انتطام عمومي جا کاتا ڏنا ويا. تاريخ 23 فبروري 1939ع تي ٻنهي هندو وزيرن نهچلداس ۽ ڏيئل مل دولت رام استعيفا ڏني، پر 13 اپريل تي هو وري وزارت ۾ شامل ٿيا. (1)

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جو اڳواڻ ۽ نائب اڳواڻ، مسلم ليگ کي ڇڏي وزارت وٺي الهه بخش جا حمايتي بنجي ويا. حالانڪ انهن ٻنهي اڳواڻن مسلم ليگ جي عهدنامي تي صحيحون ڪيون هيون. اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جي پوزيشن ڪمزور ٿي ويئي. بلڪ ختم ٿي چڪي هئي. هاڻي ٻيو ڪو به حيلو ڪونه هو، سواءِ انهيءَ جي ته عوام جي راءِ عامه کي مسلم ليگ جي حمايت ۾ هموار ڪجي. انهيءَ لاءِ ڪو طريقو يا ڪو مسئلو پيدا ڪرڻو هو؛ مسلم ليگ وارن مسجد منزل گاه جو مسئلو کنيو، جئن الهه بخش جي حڪومت کي بدنام ڪري ڪيرائجي.

 

تحريڪ مسجد منزل گاه

تحريڪ جو پس منظر:

مسجد منزل گاه جي تحريڪ، پنجاب ۾ مسجد شهيد گنج تحريڪ جي طرز تي هلائي ويئي هئي. ”مسجد شهيد گنج لاهور ۽ امرتسر روڊ تي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ ان جي اندر اتر ۾ سکن جي اها جڳهه هئي، جنهن کي سک شهيد گنج چوندا هئا، رستي جي ڏکڻ طرف مسجد هئي، مسجد جي ويجهو اسلامي حڪومت جي زماني ۾، جيڪي باغي بغاوت جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيا ويندا هئا، تن کي جيل يا ڦاسي اتي ڏني ويندي هئي. جيڪا مسجد اتر ۾ هئي اها سکن جي قبضي ۾ هئي.(1) صوبائي خودمختياري کان اڳ ڪشمير ۾ ڊوگرا حڪومت هئي، پنجاب جي احرار پارٽي ڪشمير تي مارچ ڪئي هئي، جنهن ڪري پنجاب ۾ سندس اثر وڌي ويو. پنجاب ۾ احرار ۽ يونينسٽ پارٽي جي وچ ۾ مقابلو هو.

”1935ع جي ايڪٽ موجب صوبائي خودمختياري ۽ 1937ع ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون هيون، جنهن ڪري يونيسٽ پارٽي جي ليڊر سر فضل حسين سوچيو ته احرار جماعت هنن جي مخالفت ڪندي، احرارن جي اثر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضروري سمجهيو، هن هڪ اسڪيم ٺاهي اخبار زميندار جي ايڊيٽر مولانا ظفر علي خان کي گهرايائين، جيڪو احرارن جو سخت مخالف هو. مولانا لاهور ۾ اچي ”نيلي پوش“ جماعت تيار ڪئي ۽ مسجد شهيد گنج جي آزاديءَ جو نعرو  هنيو. خدا جي گهر جي آزاديءَ جو سوال هو؛  ٿوري ئي وقت اندر پنجاب جي عوام ان کي جهاد سمجهي ڪاهي پيا. احرارن مولانا ظفر عليءَ جي مخالفت ۾ هئڻ سبب هن تحريڪ ۾ حصو نه ورتو ۽ عوام کان الڳ رهي پنهجن گهرن اندر رهيا. پنجاب جي ماڻهن چيو ته احرار سچا مسلمان نه آهن جو هن تحريڪ ۾ ساٿ نٿا ڏين. انهيءَ سبب جي ڪري احرار جماعت جو اثر ختم ٿي ويو. اليڪشن ۾ يونينسٽ پارٽي زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي، پر فضل حسين چونڊن کان اڳ فوت ٿي ويو. ان جي جاءِ تي يونينسٽ پارٽي جو اڳواڻ سڪندر حيات خان ٿيو. (1)

اهڙيءَ طرح الهه بخش سومري کي سنڌ اسيمبليءَ اندر مسلمان ۽ هندو ميمبرن جي حمايت حاصل هئي. مسلم ليگ چاهيو پئي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت قائم ٿئي، انهيءَ لاءِ ضروري هو ته راءِ عامه کي الهه بخش سومري جي خلاف ڪجي. هندو، مسلم راءِ عامه هن جي خلاف منظم ڪجي؛ جئن الهه بخش عوام ۾اعتماد وڃائي وزارت تان استعيفى ڏيئي.

الهه بخش جڏهن وزارت ٺاهي هئي ته ان وقت سنڌ جي ليڊرن آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ جي سياست ۾ ملوث ڪيو، جئن آل انڊيا مسلم ليگ جي مدد سان الهه بخش کي اقتدار تان هٽائي سگهجي.”“ آڪٽوبر 1938ع ۾ انهيءَ مقصد لاءِ سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس گهرائي ويئي. هندستان جي ٻين مسلمان صوبن جي اڳواڻن کي هن ڪانفرنس ۾ مدعو ڪيو ويو. (1) هن ڪانفرنس ۾ مسجد منزلگاه جو سوال اٿاريو ويو، مسجد شهيد گنج ۽ مسجد منزل گاه جو پس منظر هڪڙو ئي هو، مقصد هو ته هندو مسلمانن کي اشتعال ۾ آڻي، برسر اقتدار پارٽيءَ کي ڪمزور ڪري حڪومت تي قبضو ڪجي.

تحريڪ مسجد منزل گاه جي شروعات

مسجد منزل گاه سکر جي نزديڪ درياه جي ڪپ تي واقع هئي، جيڪا ڊٺل حالت ۾ هئي، ان جي لڳ هندن جو ٽڪاڻو هو، مسجد کي هندن مسافر خانه طور استعمال ٿي ڪيو. سکر جا مسلمان حڪومت بمبئي کي وقت به وقت چوندا ٿي رهيا ته اتي جيڪا مسجد آهي، اها مسلمانن کي ڏني وڃي.

1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪراچيءَ جي ڪانفرنس ۾ مسجد منزل گاه جو سوال کنيو ويو، هن اجلاس ۾ قرارداد پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته مسجد منزل گاه مسلمانن کي ڏني وڃي. هن مذهبي مسئلي کي هندو مسلمانن جو سياسي مسئلو بنايو ويو. هي سوال مسلم ليگ جي ترقي ۽ تباهيءَ جو سوال هو، مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي، هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ته هو هن مسئلي کي کڻي، الهه بخش وزارت آڏو پيش ڪري.

”مسجد منزل گاه ڪاميٽي جي هڪ ميٽنگ محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ سکر ۾ منعقد ٿي ۽ هيٺئن قرارداد منظور ڪئي.

1- موجوده وزارت جي مسجد خلاف پاليسيءَ تي افسوس ۽ رنج جو اظهار ڪيو ويو.

2- سنڌ اسيمبلي جي مسلمانن کان گهر ڪئي ويئي ته هو وزارت تي زور آڻي مسجد منزل گاه کي واپس ڪرائين. جيڪڏهن وزارت ايئن نه ڪري ته هو وزارت جو طرف ڇڏي ان جو خاتمو ڪن ۽ اهڙي وزارت قائم ڪن جا نه صرف مسجد، مسلمانن کي واپس ڏيئي بلڪ مسلم قوم جي سچي خدمت ڪري.

3- سنڌ جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ويئي ته هو پنهنجي اسمبلي نمائندن کي چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪن ته جيڪڏهن مسجد منزل گاه ڪاميٽي جي مشوري تي عمل نه ڪندا ته وري کين ميمبر نه چونڊيو ويندو.

4- 18 آگسٽ مسجد منزل گاه جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏينهن سڀني ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جلسا ڪري موجوده وزارت جي پاليسيءَ تي ڏک ظاهر ڪيو وڃي. سنڌ جي مسلمان ميمبرن کان گهر ڪئي وڃي ته موجوده وزارت جو طرف ڇڏي ڏين.

5- سنڌ جي مسلمانن کي عام طرح ۽ مسلم ليگ جي برانچن کي خاص طرح درخواست ڪئي ويئي ته هو هيٺن هدايتن تي عمل ڪن ۽ مسلم ليگ لاءِ رضاڪار ڀرتي ڪري کانئن قسم تي عهد ورتو وڃي.

6- سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ويئي ته، نه فقط مسجد منزل گاه پر ڪمپائونڊ وال، ريسٽ هائوس سميت، جا وقف جي ملڪيت آهي، سا مسلمانن کي موٽائي ڏني وڃي.

7- جيڪڏهن مسلمانن جا مطالبا وزارت نه مڃي ته آل انڊيا مسلم ليگ کي مسجد منزل گاه حاصل ڪرڻ لاءِ پهرئين آڪٽوبر کان ستياگره شروع ڪرڻ لاءِ چيو ويندو، جنهن لاءِ مسجد منزل گاه ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ويئي ته هو، 27 آگسٽ تي سکر ۾ ڪاميٽي جي ميٽنگ سڏائي، گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار رضاڪار ڀرتي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري. ستياگره ڪرڻ لاءِ ڏه هزار روپيه جمع ڪري، جيڪي صاحب رضاڪار ٿيڻ گهرن يا فنڊ ۾ رقم ڏيڻ چاهين، سي نظر علي خان سيڪريٽري مسجد منزل گاه ڪاميٽي يا خانبهادر کهڙو سان لکپڙه ڪن.(1)

تاريخ 27 آگست 1939ع ۾ سکر ۾ ميٽنگ ٿي. جنهن ۾ هيٺيان ماڻهو ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي چونڊيا ويا.

1- آغا نظر علي، 2- سيد محبوب علي شاه، 3- واجد علي شيخ، 4- ڊاڪٽر يامين.

رٿ ڏني:محمد هاشم گذدر

پٺڀرائي ڪئي:قاضي فضل الله (2)

هي ڪاميٽي مسلم ليگ جي طرفان بنائي ويئي هئي. ڪاميٽي حڪومت جو ڌيان ڇڪايو ته هن مسئلي لاءِ ترت قدم کڻي، ٻيءَ صورت ۾ سنڌ ۾ ستياگره شروع ئي ويندي. حاجي عبدالله هارون سکر ۾ رهي هن تحريڪ کي اڳتي وڌايو.

جڏهن هن تحريڪ زور ورتو ۽ مسلمانن ۾ اشتعال وڌڻ لڳو ته ” سنڌ جي وزيراعظم الهه بخش سومري، حاجي عبدالله هارون کي سکر ڇڏڻ جو حڪم صادر ڪيو. محمد ايوب کهڙي کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ جي، ايم سيد، سنڌ مسلم ليگ جي اڳواڻ جي حيثيت سان تحريڪ مسجد منزل گاه کي جاري رکيو. (1)”منزل گاه بحال ڪاميٽي“ بنائي ويئي، هيٺيون منصوبو ستياگره شروع ڪرڻ لاءِ بنايو ويو. هن منصوبي تحت سنڌ جي وزيرن ۽ ان جي حمايتي اسيمبلي ميمبرن اڳيان ستياگره ڪرائڻ جو منصوبو رٿيو ويو. اهو منصوبو هيٺينءَ ريت بنايو ويو.

ستياگره جي جاءِ

ستياگره ڪنهن جي اڳيان

ستياگره ڪير

ڪرائيندو

1. ڪراچي شهر

الهه بخش گبول ۽ ٻيا مسلمان وزير

محمد هاشم گذدر

2. ڪراچي ضلع

محمد عثمان سومرو

پير غلام مرتضى (ميهڙ)

3. دادو ضلع

پير الاهي بخش

سيد علي اڪبر شاه (ميهڙ)

4. لاڙڪاڻو ضلع

حاجي امير علي خان

قاضي فضل الله

5. نواب شاه ضلع

سيد محمد علي شاه

جي-ايم سيد ۽

سيد خير شاه

6. ٿرپارڪر ضلع

غلام نبي شاه

پير اسماعيل جان سرهندي

7. هالا

مخدوم غلام حيدر

پير غلام مجدد

8. سکر شهر

پيرزاده عبدالستار

محبوب علي شاه

9. سکر ضلع

ڪيهر خان بوزدار

مولوي عبدالرحمان ڀرچونڊي

10.جيڪب آباد ضلع

سهراب خان سرڪي

غلام نبي پٺاڻ

سلطان ڪوٽ

11. شڪارپورشهر

وزيراعظم الهه بخش سومرو

سيد صادق علي شاه

12. جيڪب آباد شهر

وزيراعظم الهه بخش سومرو

غلام نبي پٺاڻ

13. مسجد منزل گاه

مسجد منزل گاه وٽ

واحد علي شيخ

14. سنڌ

سنڌ

پير غلام مجدد سرهندي.(1)

منزل گاه ڪاميٽيءَ جي مدد لاءِ هڪ جماعت بنائي ويئي، جيڪا ستياگره ڪندڙن جي مدد ڪندي، جئن ستياگره ڪندڙن کي ڪا به تڪليف درپيش اچي ته ان جو جلدي تدارڪ ڪري سگهجي ۽ تحريڪ کي ڪاميابيءَ  سان هلائي سگهجي. هن جماعت کي هيٺينءَ طرح منظم ڪيو ويو. هن جماعت لاءِ ڪارڪن ۽ رضاڪار بنايا ويا جن کي مختلف فرائض سونپيا ويا. هيٺين ڪارڪنن کي پنهنجا فرائض ڏنا ويا.

کاڌو پهچائڻ لاءِ: خان محمد عالم، حڪيم تاج الدين، حاجي گل محمد، حڪيم عبدالحق ۽ حافظ محمد صديق.

ڪئمپ آفيس: نعمت الله، شيخ عبداللطيف وڪيل، مستر اميد علي، مستري علي بخش، عبدالڪريم ۽ صاحب علي شاه

پيغام پهچائيندڙ: ماستر غلام حسين ۽ محمد يامين.

سامان پهچائيندڙ:  سيٺ محمد اسماعيل، عبدالڪريم ۽ سيٺ عبدالرزاق.

شهر مان سامان گڏ ڪرڻ: مولوي عبدالعزيز، مولوي محمد بخش، چوڌري غلام قادر، باغو قصاب، مستري اختر علي ۽ چوڌري گاما.(1)

”اهي رضاڪار جيڪي سکر ۾ گڏ ٿيا، انهن پهرئين آڪٽوبر 1939ع تي بک هڙتال شروع ڪئي. رضاڪارن کي منزل گاه خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، مگر رضاڪارن انڪار ڪيو، جنهن ڪري پوليس آنسو گيس استعمال ڪري جڳهه خالي ڪرائي. (2) پير غلام مجدد سرهندي 313 رضاڪارن جي هڪ جماعت ترتيب ڏيئي مسجد منزل گاه ۾ ستياگره شروع ڪرائي، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هڙتالون ۽ ستياگره جو سلسلو شروع ٿي ويو. ” تاريخ پهرئين آڪٽوبر 1939ع تي 313 رضاڪار گرفتار ڪيا ويا جن ۾ 36 سيد، 11 علماءُ ۽ 3 حافظ قرآن هئا. (3) اسلام جو نعرو لڳايو ويو. دين تي قربان ٿيڻ جا واعظ ڪيا ويا. جڏهن ستياگره زور ورتو” ان وقت سنڌ جي وڏي وزير الهه بخش سومري جي حڪومت جي طرفان، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي محمد صادق کڏي وارو، مولانا يونس عبدالعزيز دهلي واري کي موڪليو ويو ته اهي مسلم ليگ جي ڪارڪنن سان ملي ستياگره بند ڪرائين.(4)

هڪ طرف مسجد منزل گاه تي مسلمانن ستياگره شروع ڪئي ته ٻئي طرف هندن جو رد عمل به شروع ٿيو. ”آريه سماج جو هڪ ليڊر ڊاڪٽر مونجي سکر ۾” تبغ برهنہ“ سان للڪاريو، هندن کي ڀڙڪايو، فساد ڪرايا ۽ مسجد منزل گاه کي هندن جو مذهبي مسئلو بنايو. (1) پهرئين آڪٽوبر کان ستياگره شروع ٿي جنهن ۾ اٽڪل هزارکن ماڻهو گرفتار ٿيا. (2) تاريخ 9، نومبر 1939ع ۾ هيٺين اڳواڻن کي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. جهڙوڪ جي – ايم سيد، نظر علي پٺاڻ، ڊاڪٽر يامين، نعمت الله قريشي، شيخ واجد علي، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي پٺاڻ، پير غلام مجدد، سيد صادق علي شاه، شڪارپور وارو ۽ شيخ اختر علي شڪارپور وارو. (3) حڪومت مسجد منزل گاه ڪاميٽي ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻن سان ڳالهيون شروع ڪيون. سکر ۽ ان جي آس پاس فرقيوارانه هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. هن مذهبي معاملي کي سياسي رنگ ڏيئي ٻن فرقن جي وچ ۾ خون وهايو ويو، جن ۾ ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. مٿين قيدين کي 9، جنوري 1940ع ۾ آزاد ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سر غلام حسين هدايت الله، مسٽر سڌوا جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته؛ 164 گهر ساڙيا ويا، ڏهن ماڻهن کي گولي لڳي، 158 ماڻهو قتل ٿيا ۽ 27 زخمي ٿيا 8 لک هڪ هزار هڪ سو روپين جي ملڪيت جو نقصان ٿيو. پنج پوليس انسپيڪٽر 7 ڪنسٽيبل معطل ڪيا ويا. ڪل 997 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 939 ڳوٺاڻان ۽ 58 شهري گرفتار ڪيا ويا.(4)

سيپٽمبر 1940ع جسٽس وسيٽن جي چئرمينيءَ هيٺ هڪ جانچ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنهن سکر جي فسادن متعلق رپورٽ ڏني. رپورٽ موجب فسادن ۾ 151 هندو ۽ 14 مسلمان قتل ٿيا، 58 هندو ۽ 18 مسلمان زخمي ٿيا. هن پنهنجي رپورت ۾ لکيو ته احتجاج مسلم ليگ جي طرفان ڪرايو ويو هو ته جئن طاقت حاصل ڪري سگهجي. (1) جسٽس وسيٽن پنهنجي رپورٽ جي آخر ۾ لکيو؛ منزل گاه جو حصو مسجد هو جيڪو مسلمانن کي ڏنو وڃي ۽ باقي حصو هندن وٽ رهي.

سکر فسادن واري جاچ ڪورٽ اڳيان قسم تي بيان ڏيندي مسٽر جمشيد هيٺئن طرح حقيقت ڏني آهي. ”22 آڪٽوبر جو مسٽر شامداس جي جاءِ تي مسٽر سيد (جي- ايم سيد) سان منزل گاه واري معاملي بابت منهنجي گفتگو ٿي هئي. سيد مون کي چيو ته ”جمشيد توکي خبر آهي ته آءُ نه ڪٽر آهيان نه تعصبي پر هاڻوڪي وزارت سنڌ ۾ تباهي آندي آهي، تنهن ڪري اسان کي ضرور ان جون پاڙون پٽڻ گهرجن.“ مون کيس چيو ته ان مان قومن جي وچ ۾ ڪشيدگي پيدا ٿيندي!  پاڻ چيائين ته اهڙي ڪشيدگي ٿيڻ جو امڪان ڪونه آهي پر جيڪڏهن ڪو ممڻ مچي پيو، تڏهن به اهڙين ڳالهين جو صوبي جي واڌاري لاءِ ٿي پوڻ لازمي ڳالهه آهي. مون کي وڌيڪ چيائين ته تو ۾ ۽ مون ۾ هي فرق آهي ته تون انقلاب کان ڊڄين ٿو ۽ منهنجو ويساه هي آهي ته ملڪ جو واڌارو ٿئي ۽ انقلاب پيدا ٿي.(2)  هن تحريڪ جو مقصد صرف الله بخش وزارت کي ڪيرائڻ ۽ مسلم ليگ جي حڪومت قائم ڪرڻ هو. هن تحريڪ جا مکيه اڳواڻ سيٺ حاجي عبدالله هارون، محمد ايوب کهڙو، واجد علي شيخ، جي – ايم سيد، محمد هاشم گذدر، قاضي فضل الله ۽ پير غلام مجدد سرهندي هئا.


(1)  ڪريم بخش خالد، عوامي دور (6) ڪراچي، حڪومت سنڌ، تعلقات عامه 1972ع ص 28

(1)  روزانه پيسا اخبار، لاهور، جون 18، 1925

(1) حافظ خير محمد اوحدي، جهونو صحافي، مينيجر سنڌ زميندار پريس سکر کان مصنف جو ورتل انٽرويو، آگسٽ 22، 1974ع

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، جولاءِ 26، 1939

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، آگسٽ 26، 1939

(1) ايم- آر ماڻيداساڻي، مظلوم سنڌ، حيدرآباد، ڪهاڻي ساتيه مندر 1947ع ص 262

(1)  ورتل – اصلي ڪاپي- امير جهاد مسجد منزل گاه سکر، شيخ واحب علي جي طرفان آڪٽومبر 8، 1939ع تي جاري ڪيو ويو.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، آڪٽومبر 5، 1939

(2)  Shaikh Abdul Razak, Sukkur past and present Writer guild Sukkur, 1962, p: 162

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، نومبر 3، 1939ع

(4)  سڪندر اعظم عباسي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جون ادبي خدمتون، ايم – اي جو مقالو 1964ع ص 22

(1)  قادر بخش (زيب ڀٽي) سنڌ ۾ سرهندي سڳورن جون سماجي ثقافتي ۽ ادبي سرگرميون، ايم- اي جو مقالو 1961ع ص 111

(2)  سڪندر اعظم عباسي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جون ادبي خدمتون، ايم – اي جو مقالو 1964ع ص 22

(3)  جي- ايم سيد، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، مسلم ڪالوني ڪراچي، 1952ع ص ص 61، 62

(4)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 31، 1940ع

(1)  ايم – آر ماڻيداساڻي، مظلوم سنڌ، حيدرآباد، ڪهاڻي ساهتيه مندر 1947ع ص 266

(2)  حڪيم عطا محمد، سنڌ جي سياست جو تازو چڪر، سکر سٽي مسلم ليگ – ص 8، 9

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org