سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان

۾ سنڌ جو حصو

باب: --

صفحو : 15

 

 

سنڌ اسيمبلي جو مڪمل نتيجو

مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوار:

سر غلام حسين (لئنڊ هولڊرس)  2. مسز جي الانه (مسلم عورتن جي تڪ) 3. سيٺ محمود هارون 4. مسٽر محمد هاشم گذدر 5. مير مقبول خان 6. رئيس يوسف خان چانڊيو 7. خانبهادر فضل محمد لغاري 8. سيد ميران محمد شاهه 9. مير بنده علي خان ٽالپر 10. سردار بهادر مير حاجي حسين بخش 11. سيد نور محمد شاهه 12. خان صاحب غلام رسول جتوئي 13. سردار محمد اعظم خان 14. رئيس حاجي علي محمد خان مري 15. سردار علي گوهر خان مهر 16. آغا بدرالدين خان 17. پيرزاده عبدالستار 18. سردار جعفر خان جمالي 19. سردار نور محمد خان بجاراڻي 20. خانبهادر محمد ايوب کهڙو 21. خانبهادر نواب حاجي امير علي خان لاهوري 22. پير حاجي الاهي بخش 23. سيد حاجي اعلي اڪبر شاهه 24. خانبهادر غلام محمد خان وساڻ 25. ارباب توڳاچي، 26. خانبهادر مير غلام علي خان ٽالپر 27. نواب مير محمد خان چانڊيو.

 

جي ايم سيد پارٽي

مسٽر جي ايم سيد 2. سيد محمود علي شاهه 3. بقادار شاهه 4. مسٽر غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي.

مولا بخش پارٽي

مسٽر مولا بخش 2. خانبهادر دادن خان لنڊ 3. سردار نبي بخش خان ڀٽو 4. خانبهادر سردار خان کوسو.

ڪانگريس پارٽي

پروفيسر گهنشام 2. آر ڪي سڌوا 3. سيٺ هريداس 4. مسٽر نهچلداس وزيراڻي 5. مهراج وشنو 6. مسٽر نارائڻ ملڪاڻي 7. مسٽر نيوند رام 8. سيٺ ٽهلرام 9. سيرو مل وشنداس 10. پرسرام ٽهلراماڻي 11. ماڌو داس سوالومل 12. مسٽر چوئٿرام 13. هولا رام 14. ڊاڪٽر گوبند رام پنجابي 15. سوامي ڪرشنانند 16. سيٺ مينگهو مل 17. سيٺ پرتارا 18. سيٺ ايسر داس ورند (واپارين جي طرفان) 19. مکي گوبند رام (لئنڊ هولڊرس) 20. ڄيٺي مائي سپاهلاڻي (هندو عورتن جو تڪ 21. سيرو مل ڪرپانداس (آزاد) 22. مسٽر نارائڻ داس بيچر (مزدور)

 

يورپين گروپ

ڪرنل هوزم 2. ڪرنل ماهن 3. ڪرنل فريزر

جنوري 1946ع جي هندستان ۾ عام چونڊون ٿيون.

قائداعظم جي ڪوششن سان مسلم ليگ ڪامياب ٿي. مسلم ليگ جا ڪامياب اميدوار صوبيوار هيٺين طرح ڪامياب ٿيا.

صوبو

مسلم لسٽون

مسلم ليگ جا ڪامياب اميدوار

آسام

34

31

بنگال

119

113

بهار

40

34

اوڙيسه

-

4

يو پي

66

55

پنجاب

86

79

صوبه سرحد

38

17

سنڌ

35

28 (1)

”سنڌ ۾ اليڪشن جو نتيجو هن طرح هو. مسلم ليگ 27، ڪانگريس 21، قومپرست 4، جي ايم سيد گروپ 4، يورپين 3 ۽ مزدور هڪ. (هڪ قومپرست ميمبر مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. مسلم ليگ جون 28 سيٽون ٿيون. ايوان ۾ ڪنهن جي به اڪثريت ڪا نه هئي. اسيمبلي جي سيشن کان اڳ به ميمبر خانبهادر فضل محمد لغاري ۽ سردار خان کوسو، جي ايم سيد جي گروپ ۾ شامل ٿيا. جي ايم سيد وزارت ۾ بي اعتمادي جو نوٽيس اسپيڪر کي ڏنو. ان وقت گورنر هڪ آرڊر ڪڍي اسيمبلي کي ملتوي ڪري ڇڏيو. جي ايم سيد جي گروپ 31 ميمبرن جي صحيحن سان گورنر کي ليٽر موڪليو ته جلد سيشن سڏائي ته بي اعتمادي جي رٿ زير بحث آڻي سگهجي! گورنر رمضان مهيني جو عذر ڏيئي اجلاس سڏائڻ کان انڪار ڪيو. آخر گورنر 5 سيپٽمبر 1946ع تي اسيمبلي جو سيشن سڏايو. هي اجلاس سپليمينٽري گرانٽون پاس ڪرڻ لاءِ منعقد ٿيو. انهيءَ تاريخ تي سيد ميران محمد شاهه اسيمبلي جي اسپيڪر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. جنهن ڪري اسيمبلي ۾ بحران پيدا ٿيو. اسيمبلي ۾ ڪنهن به گروپ کي واضح اڪثريت ڪا نه هئي؛ جيڪا وزارت ٺاهي سگهي.  (1) اسيمبلي ۾ غلام حسين هدايت الله گروپ ۽ جي ايم سيد  گروپ هڪ ٻئي جو حريف هو. جي ايم سيد کي ڪانگريس جي حمايت هئي.

سنڌ اسيمبلي جي سياست

”سنڌ مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ ٻه گروپ ٿي ويا. کهڙو گروپ ۽ غلام حسين هدايت الله گروپ. ٻئي اڳواڻ وزيراعظم جي عهدي تي نه پيا ٺهن. مگر قائداعظم محمد علي جناح، غلام حسين هدايت الله جو نالو قبول ڪيو.  (2)  تاريخ 8 فيبروري 1946ع ۾ غلام حسين پنهنجي وزارت جي نئين سر تشڪيل ڪئي ۽ پاڻ وٽ مالي، عمومي انتظامي امور، جنگ کان پوءِ نئين سر تعمير جو ڪم ۽ پبلڪ سروس جا کاتا رکيا. ٻين وزيرن جهڙوڪ محمد ايوب کهڙي کي پي ڊبليو ڊي، مير غلام علي ٽالپر کي داخلا، قانون ۽ خوراڪ، پير الاهي بخش کي روينيو جا کاتا مليا. تاريخ 30 مارچ 1946ع تي ٻه وڌيڪ وزير کنيا ويا، پيرزاده عبدالستار تعليم، صحت ۽ مڪاني خود حڪومت ۽ مير بنده علي خان ٽالپر کي زراعت، صنعت، امداد باهمي ماهيگيري ۽ محنت.

9 سيپٽمبر 1946ع تي وزارت استعيفيٰ ڏني. ڇاڪاڻ ته اسيمبليءَ ۾ ڪنهن به پارٽي کي واضح اڪثريت ڪا نه هئي. مگر گورنر ٻيهر غلام حسين کي وزارت بنائڻ لاءِ چيو. تاريخ 21 سيپٽمبر 1946ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله ٻيهر وزارت ٺاهي، جنهن ۾ هن پاڻ وٽ سياسي، عمومي ۽ انتظامي امور جا کاتا رکيا ۽ ٻين وزيرن جهڙوڪ خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي پي ڊبليو ڊي، پير الاهي بخش کي روينيو، مير غلام علي ٽالپر کي خوراڪ، مير بنده علي خان ٽالپر کي زراعت ۽ صنعت پيرزاده عبدالستار کي تعليم، صحت ۽ مڪاني خود حڪومت. (1)

سر غلام حسين جي وزارت مڪمل مسلم ليگي وزارت هئي، پر هن جو مخالف گروپ به مضبوط هو تنهن ڪري هر وقت وزارت جي ڊهڻ جو خطرو رهندو هو.

ڊسمبر 1946ع جي اليڪشن

جنوري 1946ع جي اليڪشن بعد جي ايم سيد گروپ ۽ سر غلام حسين هدايت الله گروپ هڪ ٻئي جا مخالف ٿي بيٺا. اسيمبلي ميمبرن جي تعداد موجب ڪنهن به پارٽيءَ کي واضح اڪثريت ڪا نه هئي. اهڙيءَ طرح اسيمبليءَ جو اجلاس مهمل ٿي ويو. سرفرانس موڊي سنڌ جو گورنر هو جنهن هندستان جي وائسراءِ کي سنڌ جي سياسي حالتن کان آگاهه ڪيو. جنهن کيس تجويز ڏني ته اسيمبليءَ کي معطل ڪري  سنڌ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن. مگر گورنر ۽ وائسراءِ جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا، جنهن ڪري اهو معاملو سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا ڏانهن موڪليو ويو. سيڪريٽري آف اسٽيٽ، سنڌ جي گورنر سان متفق راءِ ٿي اسيمبليءَ کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ جي گورنر اسيمبليءَ کي برخواست ڪري نين چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اسيمبلي جي برخواست ٿيڻ بعد ٻي اليڪشن ڊسمبر 1946ع ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. هي اليڪشن پاڪستان جي مطالبي تي اثرانداز ٿيڻ واري هئي. مسلم ليگ پارٽي اميدوارن کان درخواستون گهرايون. سنڌ ۾ ان وقت ٽي گروپ ٿي ويا. جي ايم سيد گروپ، کهڙو گروپ ۽ سر غلام حسين هدايت الله گروپ.

جي ايم سيد، سيد پارٽي کي ٽڪيٽن ڏيارڻ جو حامي هو. مگر جناح صاحب چيو ته هي اليڪشن پاڪستان جي مطالبي تي اثرانداز ٿيندي، جنهن ڪري ٽڪيٽ اهڙن ماڻهن  کي ڏني وڃي جيڪي مسلم ليگ جي اثر سان گڏ ذاتي اثر سبب ڪامياب ٿي سگهن. مگر جي ايم سيد جو مطالبو هو ته مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مون مقبول ڪيو آهي انهيءَ ڪري ٽڪيٽون مان ورهايان. جنهن مان سندس مقصد هو ته پنهنجي پسند موجب سندس حمايتن کي ٽڪيٽون ملن، مگر ڪو به فيصلو ٿي نه سگهيو. قائداعظم مسلم ليگي ليڊرن جهڙوڪ چوڌري خليق الزمان، حسن امام ۽ لياقت علي خان کي سنڌ موڪليو ته هو مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن ضلعي ۽ تعلقي جي عهديدارن کان پڇن ته ٽڪيٽون ڪنهن کي ڏنيون وڃن. جي ايم سيد، غلام محمد وساڻ جي خلاف غلام حيدرشاهه، نور محمد شاهه جي مقابلي ۾، پير قربان علي شاهه، نوابشاهه ۾ خير شاهه، ڪنڊياري مان محمد علي شاهه کي بيهارڻ ٿي چاهيو. سنڌ جي مسلم ليگي ورڪرن سيد گروپ جي خلاف فيصلو ڏنو، جنهن ڪري مسلم ليگ جون ٽڪيٽون جي ايم سيد جي مرضي  خلاف ڏنيون ويون. جي ايم سيد مسلم ليگ جي مخالفت ۾ بيٺو. مسلم ليگ اليڪشن جي ورڪ کي تيز ڪيو.

اليڪشن ۾ مسلم ليگ جي پرچار

قائداعظم مسلم ليگ جي اليڪشن خرچ لاءِ ڪجهه رقم جي الانا کي ڏئي کيس اليڪشن ڪاميٽيءَ جو آنرري سيڪريٽري مقرر ڪيو. جي الانا کي قائداعظم چيو ته سنڌ پاڪستان جي تحريڪ لاءِ هڪ اهم صوبو آهي، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته مسلم ليگ سڀئي 35 سيٽون حاصل ڪري. جيئن صوبي اندر مسلم ليگ جي وزارت ٺهي سگهي. (1) جي ايم سيد جيتوڻيڪ مسلم ليگ جو مخالف هو مگر هن پاڪستان جي مخالفت نه ڪئي. قائداعظم چيو ته ”مون کي مسلم ليگ جون سڀ سيٽون کپن پر خاص طور جي ايم سيد واري سيٽ ضرور کپي“، هن ورائي چيو ته ”جي ايم سيد واري سيٽ تمام اهم آهي ۽ مان قاضي محمد اڪبر (مسلم ليگي اميدوار) کي ڪهڙيءَ به صورت ۾ ڪامياب ڏسڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته انهيءَ تڪ ۾ اشتهارن ذريعي ۽ ورڪرن رستي ميٽنگون ڪوٺائي ۽ انهن لاءِ هر ڪا سهولت گاڏين ۽ تيل جي ڪئي وڃي. انهيءَ مقصد لاءِ قائداعظم، جي الانا کي اليڪشن خرچ واسطي جي ايم سيد جي تڪ لاءِ 50 هزار رپيا ڏنا.  (2) ڪيترن ئي مسلم ليگي اڳواڻن حيدرآباد ۾ گڏ ٿي جي ايم سيد جي تڪ ۾ پبلڪ جلسن جو اهتمام ڪيو. ”سنڌ جي مذهبي پيرن ۽ علمائن پبلڪ جلسن کي خطاب ڪيو. مسلم ليگ جي تحريڪ ۾ (اليڪشن ۾) پير غلام مجدد سرهندي ان جي ڀرپور مدي ڪئي. هن سان گڏ حضرت پير صاحب ڀرچونڊي، پير عبدالرحمان ۽ ان جو فرزند پير عبدالرحيم هئا جن پوري سنڌ جو دورو ڪيو. پير صاحب ڀرچونڊي شريف سان گڏ علمائن جي هڪ جماعت  دورو ڪندي هئي، جنهن ۾ سيد صدرالدين شاهه ايڊيٽر اخبار ”نقيب“ خاص طور تي قابل ذڪر  آهن.  (3) پير محمد حسن جان سرهندي علماءُ دين به تحريڪ پاڪستان شروع ٿي ته مسلم ليگ جي حمايت ڪئي ۽ پنهنجي پوئلڳن کي به مسلم ليگ جي حمايت ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي اليڪشن ۾ جڏهن مسلم ليگ جي اميدوارن جي مقابلي لاءِ ڪانگريسي مسلمان اليڪشن ۾ بيٺا ته پاڻ رات ڏينهن دورا ڪري، ڪانگريسي ليڊرن جي منصوبن کي خاڪ ۾ ملايو. ان وقت پاڻ پنهنجي مريدن  کي مسلم ليگ جي حمايت لاءِ خط لکيا.  (1) مسلم ليگ اشتهار ورهايا. قرآن شريف جون آيتون پڙهي مسلم ليگ جي ورڪ ڪئي.

ڊسمبر 1946ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليلگ جا اشتهار ڇا گهرجي

اسان کي سڀ کان اڳ ايمان گهرجي    انهيءَ کان پوءِ پاڪستان گهرجي

عزيز و اقربا تن من ۽ ڌن سڀ           ڪرڻ اسلام تان قربان گهرجي

خدا جو ۽ محمد ۽ علي جو              ڏين سر ليءَ فقط فرمان گهرجي

تيار آهيون مرڻ ۽ مارڻ تي بلڪل   رنگين ان سان ميسر ميدان گهرجي

جهاد ئي آه جنت  جو وسيلو           بنا بخشش نه مال و جان گهرجي

مدد الله جي ۽ زور بازواسان کي جنگ جو سامان گهرجي

ڪفن سر سان ٻڌل ۽ سر تريءَ تيڳچيءَ ۾ هار جئين قرآن گهرجي

جيئڻ آزادي سان آه عزت مئي آزادگيءَ جو شان گهرجي

خدا جو ملڪ آه ملڪ مسلم     نه ڪنهن ٻئي جو اسان کي دان گهرجي

ڇڏيو، سر خان بهادر جو لقب تنجن کي عاقبت جو مان گهرجي

نه ڪو سردارجي پي خان صاحبنه خالي خواه مخواه جو خان گهرجي

اسان کي ڪجهه نه گهرجي هاڻ ”حافظ“

فقط ايمان و پاڪستان گهرجي. (2)

اچ ملي زنده ڪريون تحريڪ پاڪستان کي

اچ ملي زنده ڪريون تحريڪ پاڪستان کي

آزمائش آه اڄڪلهه صاحب ايمان جي.

ٿي مجاهد مرد مسلم قوم کي آزاد ڪر،

زندگي کي وقف ڪر پرواه نه ڪر زندان جي.

قوم پنهنجيءَ کان جدا ٿي ٿئين غدار تون،

ڇا ملي تعليم توکي آه، هي قرآن جي.

قوم کي وڪڻي ٽڪن تي غير جو حامي نه ٿي،

هي اسان جي لاءِ، آه ڳالهه هڪ ارمان جي.

آهي مومن اڄ اهو جو قوم لاءِ قربان ٿيڻ،

جان پڻ قربان ڪري گر ٿئي ضرورت جان جي.

مبتلا جنهن وقت کان تون فرقه بندي ۾ ٿئين،

تنهن جي دل مان ٿي ويئي الفت فنا اخوان جي.

پنهن جي همت ساڻ جهنڊو ليگ جو اوچو رهي،

تنهن جي وچ سان آه، عزت هر ڪنهن انسان جي.

بايقين ويندي اڏي ”ناهي“ مخالف ليگ جو،

آه، هي تحريڪ وٺي صورت ويئي طوفان جي.  (1)

 

پاڪستان ۾ ڇا هوندورام راڄ ۾ ڇا ٿيندو

1. مسلمانن جي بادشاهي1. هندو آزاد ۽ مسلمان غلام

2. شريعت محمدي جي پيروي2. گانڌي جي بت جي پوڄا بندي ماترم جو گيت

3. قرآن حديث ۽ فقه جي تعليم3. وارڌا اسڪيم ۽ گيتا جي تعليم

4. واپار، هنر ۽ کيتي4. هندو آسودا ۽ مسلمان سڃا

5. سڀني سان هڪجهڙو انصاف5. هندن سان مروت مسلمانن سان ظلم

6. امن ۽ امان ۽ صلح سانڌ6. خونريزي ۽ فساد

7. مسجد وڌيڪ مدرسه آباد7. بتخانه آباد ۽ مسجدون ويران.  (1)

مسلم ليگ

”هندستان جو سواد اعظم آهي.

مسلم ليگ ۾ هندستان جي هر صوبي جا مسلمان سڀني طبقن جا شامل آهن.

مسلم ليگ مسلمانن جي هر طبقي، خاص، عام، تعليم يافته جاهل، غريب ۽ امير جي جماعت آهي.

مسلم ليگ جي مخالفت، ملت اسلاميه جي مخالفت آهي.

مسلم ليگ جي فتح اسلام جي فتح آهي.

مسلم ليگ جي شڪست مسلم عوام جي شڪست آهي.

مسلمانن جي نمائندگي جو جائز حق صرف مسلم ليگ کي ئي  آهي.

مسلم ليگ ساري قوم جي شيرازه بندي ڪري ان کي هڪ مرڪز تي آندو آهي.

ان کان سواءِ سڀني صوبن جا مسلمان جدا جدا ۽ منتشر ٿي ويندا.  (2)

ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت برطانيه ۽ ڪانگريس مسلمانن جي جداگانه قوميت جو ثبوت گهرن ٿا.

”ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي مسلمانن لاءِ پاڪستان جي قيام ۽ آزادي حصول جو پيش خيمو آهي.

ٻي حالت ۾ مسلم قوم جو سياسي وجود خطري ۾ پئجي ويندو.

ايندڙ چونڊون ڪن فردن، شخصيتن ۽ فرقن جي وچ ۾ ناهن.

بلڪه اسلامي نصب العين مسلم مطالبات جي حاصل ڪرڻ لاءِ آهن.

ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ جي مخالفت، اسلامي اصولن ۽ مقصدن جي مخالفت آهي.

ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ جي مدد اسلام جي مدد آهي.

ايندڙ چونڊن جو اثر سڄي اسلامي دنيا جي مستقبل تي پوندو. (1)

مسلم ليگ جي حمايت ۾ اشتهار

تاريخ 9 ڊسمبر 1946ع ۾ نين چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. مسلم ليگ جي طرفان هڪ اشتهار ڇپايو ويو، ان اشتهار تي چنڊ تاري جي اندر الله اڪبر جا لفظ نمايان لکيا ويا. ان جي ڀر ۾ هڪ طرف مسلم ليگ زنده باد ۽ ٻئي طرف پاڪستان پائنده باد لکيل هو. اشتهار ۾ مسلمانن کي چيو ويو.

”مسلمانو! مسلمانو، تاريخ نائين ڊسمبر 1946ع سومر جو ڏينهن ياد رکجو. توهان کي قومي فرض جي يادگيري ڏيارجي ٿي ملت جي رهبرن، علماءِ ڪرام؛ حضرات پير صاحبان، سادات سڳورن، گادي نشينن ۽ معزز خاندانن جو رايو آهي ته سمورا ووٽ آل انڊيا مسلم ليگ جي اميدوارن کي ڏئي شاندار طور ڪامياب ڪريو، جيڪي ووٽ آل انڊيا مسلم ليگ اميدوارن کي ملندا ان مان ظاهر ٿيندو ته ڪيترا مسلمان پاڪستان جي فائدي ۾ آهن. ان ڪري مسلم ليگ اميدوارن کي گهڻي ۾ گهڻا ووٽ ڏئي پنهنجي راءِ پاڪستان لاءِ ظاهر ڪريو ۽ ڪانگريس کي شڪست ڏيو.

مسلمانو توهان کي ڇا گهرجي

1.توهان کي آزاد اسلامي حڪومت (پاڪستان) گهرجي جنهن ۾ شرعي حڪومت هجي.

توهان کي قرض مان ڇوٽڪارو گهرجي.

توهان کي واڻيا وقال – منڇي مڙا ڦرين ٿا تن کان ڇوٽڪارو گهرجي.

توهان کي ظالم ڪامورن جي ظلم کان بچاءُ گهرجي.

توهان کي سڀني حقن جي سلامتي گهرجي.

توهان جي تهذيب ۽ تمدن سلامت هجي.

توهان کي کنڊ، گاسليٽ، ڪپڙو ۽  ٻيون ضروريات جون شيون گهرجن.

توهان کي زمين جي آبادي لاءِ جام پاڻي ۽ پيئڻ لاءِ، پاڻيءَ جا سرڪاري کوهه گهرجن.

توهان کي سٺا رستا، سستي ڀاڙي سان موٽر لاريون گهرجن.

توهان کي هنري ڪارخانه پنهنجا گهرجن. جنهن ۾ هر قسم جو سامان تيار ٿيل هجي.

توهان جون مسجدون ۽ مدرسہ آباد هجن ۽ انهن ۾ عربي ۽ ديني تعليم ۽ قرآن شريف جي تعليم، حديث شريف ۽ فقہ ۽ شرعي مسئلا مفت سيکاريا وڃن ۽ مذهبي تعليم جو بندوبست سٺو هجي ۽ توهان جي جاين تي اسلامي جهنڊا هجن ۽ عبادت ۽ مذهبي رسمن ۾ ڪو اٽڪاءُ نه هجي.

اوهان کي سڀني کاتن ۽ نوڪرين جو پورو عيوضو ۽ حق ملڻ گهرجي ۽ جن مسلمان ڪامورن جا حق ماريا ويا آهن تن سان انصاف هئڻ گهرجي ۽ ننڍن ڪامورن جا پگهار وڌايا وڃن.

توهان جي ٻارن جي تعليم جي لاءِ اسڪول گهڻا هجن جتي مفت تعليم جو بندوبست هئڻ گهرجي.

سڀني شين جو واپار توهان جي هٿ ۾ هجي ۽ سنڌي مسلمان واپارين جون ڪوٺيون ولايت ۾ هجن.

هاري ناري آسودا ۽ خوشحال هجن. هارين کي پنهنجا سٺا گهر هجن ۽ هارين وٽ به سٺا زيور ۽ سٺا ڪپڙا هجن ۽ چورين جو آزار نه هجي.

زميندار آسودا ۽ قرض کان ڇٽل هجن ۽ سندن زمينداري اهنج دور هجن.

توهان کي مفت دوائون ۽ ڳوٺ ۾ سرڪاري ڊاڪٽر پاڻهي پاڻ اچي مفت دوائون ڏئي وڃن.

غريبن ۽ بيمارن ۽ پوڙهن ۽ يتيمن ۽ بيواهن ۽ مزدورن ۽ معذورن کي سرڪاري مفت کاڌو ۽ رهڻ جي جاءِ هجي.

وڏن شهرن ۾ مسافرخانه سٺا هجن جيئن توهان کي شهر ۾ رهڻ جي تڪليف نه ٿئي ۽ توهان جي ڳوٺن ۾ سرڪاري ميلا مفت هجن.

توهان هر طرح خوش آسودا ۽ عزيزن ۽ دوستن سان سکي هجو ۽ غلاميءَ کان آزاد هجو.

مسلمانو! توهان کي مٿيون ڳالهيون گهرجن ته سنڌ اسيمبلي جي چونڊ ۾ پنهنجا سمورا ووٽ آل انڊيا مسلم ليگ جي بيهاريل اميدوارن کي ڏيو ۽ ملت جي غدارن ۽ ڪانگريسي ڪرايه دار ايجنٽن کي شڪست ڏيو، جي توهان کي غلام رکڻ گهرن ٿا. فقط آل انڊيا مسلم ليگ اميدوار اوهان جون اهي تڪليفون لاهي سگهن ٿا.

هندستان جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي بي تاج بادشاهه قائداعظم محمد علي جناح جو سنڌ جي مسلمانن کي ارشاد

سنڌ پاڪستان جو دروازو آهي اهو پنهنجي هٿ ۾ رکو! جيڪڏهن توهان اهو دروازو وڃايو ته پاڪستان حاصل نه ٿيندو.

منهنجو ارادو هو ته مان پنهنجي پروگرام موجب سنڌ ۾ رهڻ واري عرصي جي دورن ۾ سنڌ جو دورو ڪري، سنڌ اسيمبليءَ جي اهم چونڊن ۾ مسلم ليگ ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوارن جي خدمت ۽ هر ممڪن مدد ڪريان، پر اوچتو ڪي اهڙا نوان ۽ مکيه واقعات رونما ٿيا آهن جن جي مدنظر مون کي سنڌ ۾ پنهنجو رٿيل پروگرام رد ڪري برطانيه سرڪار جي دعوت قبول ڪري لنڊن ڏانهن وڃڻو پيو آهي. مان هتان 1 ڊسمبر 1946ع تي لنڊن ڏانهن روانو ٿي ويندس، جتي اسان کي مسلم هندستان سان تعلق رکندڙ نازڪ سوالن سان منهن ڏيڻو آهي.

مون کي افسوس آهي جو آءُ ايندڙ چونڊن جي دوران سنڌ کان ٻاهر هوندس ۽ ارمان اٿم ته سنڌ جو دورو ڪري نه سگهيس...... منهنجي هر هڪ مسلم حلقي جي مسلم ووٽرن ڏانهن خصوصن منهنجو اهو پروگرام آهي ته اوهان ٻئي ڪنهن به اميدوار جي مدد نه ڪري فقط مسلم ليگ اميدوارن جي ئي مدد، تائيد ۽ حمايت ڪريو.

صوبي سنڌ جي مسلمانن جون قسمتون لوڏي ۾ آهن، تنهن ڪري اوهان سڀني مسلمانن کي گهرجي ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿي، مسلم ليگ ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوارن جي دل و جان سان تائيد ۽ حمايت ڪريو ۽ ڪن به اهڙن ماڻهن جي باطل دعوائن تي گمراهه نه ٿيو، جيڪي مسلم ليگ جي انتظام جي خلاف ورزي ڪري، مسلم ليگ ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوارن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو مسلم ليگ ۽ مسلم هندستان جا خطرناڪ دشمن آهن ۽ مان سنڌ جي مسلمانن کي اهڙي قسم جي ماڻهن کان خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان.

جيڪڏهن اسان هن چونڊن ۾ ناڪامياب ٿياسون ته ان جا تمام خطرناڪ نتيجا نڪرندا ۽ اسان پنهنجي نصب العين پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪري رهيا آهيون تنهن ۾ پڻ اسان کي زبردست نقصان رسڻ جو انديشو ٿيندو.

قائداعظم آخر ۾فرمائي ٿو ته مان سمجهان ٿو ته سنڌ جا مسلمان ڪڏهن به پٺتي پئي مون کي نااميد نه ڪندا. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ شل اوهانکي فتح ۽ نصرت نصيب ڪري آمين.

مسلمانو! ڪانگريس توهان کي غلام رکڻ گهري ٿي؛ ڪانگريس اميدوار توهان کي لالچائي رهيا آهن؛ مسلمانو! انهن جي فريب ۾ نه اچو ۽ اسلامي فرض پورو ڪريو ۽ گانڌي ۽ نهرو جي پيشوائي کان پاڻ کي بچايو، صحيح اسلامي رستو وٺو. انهن ڪانگريسين بهار ۾ لکين مسلمانن کي شهيد ڪرايو آهي ۽ هندستان ۾ رام راڄ قائم ڪرڻ گهرن ٿا.

مسلمانو! مسلم ليگ اميدوارن جا نالا ياد رکو ٻيا مخالف اميدوار پاڻ کي مسلم ليگي سڏائن ٿا انهن تي اعتبار نه ڪريو؛ پنهنجو هڪ هڪ ووٽ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيو.

اسلام جا غيرتمند فرزندو!

تاريخ 9 ڊسمبر 1946ع سومر ڏينهن ٽولا ٽولا ٿي ساوا اسلامي جهنڊا هٿ ۾ کڻي الله اڪبر جو نعرو بلند ڪري پنهنجي پنهنجي پولنگ اسٽيشن تي حاضر ٿي، پنهنجي تڪ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيو ۽ پنهنجي عزيزن ۽ دوستن جو ووٽ ڏياريو. مسلم ليگ زنده باد.

سنڌ جا غيور مسلمانو! مون اوهان جي قومي حمايت ۽ ملي احساس ۾ اميد رکي قائداعظم محمد علي جناح کي يقين ڏياريو آهي ته سنڌ جا مسلمان پنهنجا سمورا ووٽ مسلم ليگ اميدوارن کي ڏئي سڀني اميدوارن کي ڪامياب ڪري مخالفن جا منصوبا خاڪ ۾ ملائيندا. توهان جو فرض آهي ته پنهنجو قومي جوهر ڏيکاري مسلم ليگ اميدوارن کي ڪامياب ڪري قومي خودداري جو ثبوت ڏيندا.  (1)

 

يوسف هارون

صدر سنڌ مسلم ليگ

 

ڊسمبر 9، 1946ع جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ جا بيهاريل اميدوار

ڪراچي ضلع

1. ڪراچي شهر: حاجي محمد هاشم گذدر

2. لياري ڪوارٽرس:سيٺ محمود هارون

3. ٺٽه ڪراچي: انور حسين غلام حسين

4. جاتي، بٺورو، سجاول:رئيس فضل محمد خان لغاري

5. شاهه بندر، ساڪرو، گهوڙا ٻاري: پير عالي شاهه

6. ٺٽه:محمد يوسف چانڊيو

 

سکر ضلع

7. ميرپور ماٿيلو ۽ اوٻاوڙو:سردار قيصر خان بوزدار

8. پنو عاقل ۽ گهوٽڪي: سردار علي گوهر خان مهر

9. ڳڙهي ياسين ۽ سکر: آغا بدرالدين دراني

10. شڪارپور: رحيم بخش سومرو

11. سکر روهڙي:پيرزاده عبدالستار

 

جيڪب آباد ضلع

12. ڪنڌڪوٽ ڪشمور:سردار نور محمد خان بجاراڻي

13. جيڪب آباد ڳڙهي خيرو:سردار مير جعفر خان جمالي

14. ٺل تعلقو: سردار سهراب خان سرڪي

لاڙڪاڻو ضلع

15. لاڙڪاڻو: محمد ايوب کهڙو

16. ڏوڪري وارهه: قاضي فضل الله

17. قمبر شهدادڪوٽ:مير محمد خان چانڊيو

حيدرآباد

18. هالا: مخدوم غلام حيدر

19. بدين ٽنڊو باگو:مير غلام علي خان ٽالپر

20. ماتلي ٽنڊو الهيار:مير بنده علي خان ٽالپر

21. ٽنڊو محمد خان:مير حاجي حسين بخش خان

ٿرپارڪر ضلع

22. سانگهڙ کپرو عمرڪوٽ: رئيس حاجي غلام محمد خان وساڻ

23. ڏيپلو مٺي ڇاڇرو ننگر پارڪر: ارباب توڳاچي

24. ميرپورخاص جيمس آباد ڊگڙي سامارو:مير احمد خان ٽالپر

نوابشاهه ضلع

25. شهدادپور:علي محمد مري

26. نوشهرو فيروز: سيد نور محمد شاهه

27. ڪنڊيارو:حاجي غلام نبي خان ڏهراج

28. نوابشاهه سنجهورو:محمد اعظم خان

29. مورو سڪرنڊ:حاجي غلام رسول خان جتوئي

دادو ضلع

30. دادو جوهي:پير الاهي بخش

31. ميهڙ ڪڪڙ:سيد حاجي علي اڪبر شاهه

32. ڪوٽڙي سيوهڻ:قاضي محمد اڪبر

33. حيدرآباد:ميران محمد شاهه

34. غلام حسين هدايت الله: (زميندار جاگيردار)

35. مسز جي الانا (سنڌ مسلمان عورتون)

9 ڊسمبر 1946ع جي اليڪشن جا ڪامياب اميدوار

1. محمود هارون 2. محمد هاشم گذدر 3. انور حسين غلام حسين هدايت الله 4. خانبهادر فضل محمد لغاري 5. پير عالي شاهه 6. مخدوم غلام حيدر 7. حاجي مير حسين بخش ٽالپر 8. مير غلام علي ٽالپر 9. مير بنده علي ٽالپر 10. خانبهادر غلام محمد وساڻ 11. مير احمد خان ٽالپر 12. ارباب توڳاچي 13. محمد اعظم خان 14. حاجي غلام رسول خان جتوئي 15. سيد نور محمد شاهه 16. غلام نبي ڏهراج 17. قاضي محمد اڪبر 18. پير الاهي بخش 19. سيد حاجي علي اڪبر شاهه 20. قاضي فضل الله 21. مير محمد خان چانڊيو 22. پيرزاده عبدالستار 23. سردار قيصر خان بوزدار 24. آغا بدرالدين دراني 25. سردار علي گوهر خان مهر 26. رحيم بخش سومرو 27. مير جعفر خان جمالي 28. نور محمد خان بجاراڻي 29. سردار خان کوسو 30. ميران محمد شاهه 31. محمد ايوب کهڙو 32. محمد يوسف چانڊيو 33. علي محمد مري 34. غلام حسين هدايت الله 35. مسز جي الانا.(1)

نوٽ: (تاريخ 12 فيبروري 1947ع ۾ جي ايم سيد اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي. ٽربيونل ۾ بي پي دلال صدر ۽ رحيم بخش شيخ ڪمشنر ۽ فيروز علي نانا ڪمشنر تي مشتمل هو. ٽربيونل پنهنجو فيصلو گورنر کي 2 فيبروري 1949ع ۾ ڏنو، جنهن ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ پير الاهي بخش ۽ مير محمد شاهه چيئرمين ضلعه لوڪل بورڊ دادو کي بدعنواني تحت 6 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ۽ جي ايم سيد کي اسيمبلي جو ميمبر بحال ڪيو.  (1)


(1)  مرزا ابوالحسن اصفحاني، قائداعظم ميري نظر مين، ڪراچي، روٽا پرنٽ ايجنسي، 1968ع ص - 205

(1)  جي ايم سيد کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

(2)  Choudhry Khaliq-u-Zaman, Path way to Pakistan Lahore, Lond man 1961 P: 384

(1)  ڪريم بخش خالد، عوامي دور، (6) ڪراچي، حڪومت سنڌ تعلقات عامه، 1972ع ص - 21

(1)  G. Allana Qauid – E – Azam Jinnah, Lahore, Feroze And Sons 1967 P: 382

(2)  G. Allana Qaid – E – Azam Jinnah Lahore, Feroze and Sons, 1967 P: 389

(3)  محمد صادق قصوري اڪابر تحريڪ پاڪستان گجرات، مڪتبه رضويه 1976ع ص - 187

(1)  محمد صادق قصوري اڪابر تحريڪ پاڪستان ايضا ص - 228

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي 13 آگسٽ 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، 31 ڊسمبر 1946ع.

(1)  سنڌ مسلم ليگ جي ڇپايل، اشتهار، مان ورتل

(2)  سنڌ مسلم ليگ جي ڇپايل، اشتهار، مان ورتل

(1)  سنڌ مسلم ليگ جي ڇپايل، اشتهار، مان ورتل

(1)  اصلي اشتهار تان ورتل، يوسف – اي هارون ايم اي هارون ايم ايل اي (سينٽرل) پريزيڊنٽ سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪراچي سول اينڊ ملٽري پريس ڪراچي، ڊسمبر 1946ع.

(1)  ورتل اصلي مسلم ليگ جي پوسٽر مان، مسلم ليگ جي اميدوارن جي لسٽ

(1)  Sindh Government Gazette, Government Notification, Legal Department, Feruary, 14, 1949 P: 158.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org