سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان

۾ سنڌ جو حصو

باب: 4

صفحو : 8

 

ڪراچي مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ الڳ وطن جو ٺهراءُ

تاريخ 8، 9 آڪٽوبر 1938ع ۾ حاجي عبدالله هارون ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس گهرايو. تاريخ 11، آڪٽوبر 1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪانفرنس منعقد ٿي. ٻين صوبن جا اڳواڻ به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. جهڙوڪ پنجاب جو وزيراعظم سردار سڪندر حيات، بنگال جو وزيراعظم فضل حق، آسام جو وزيراعظم سعيد الله خان، سنڌ جو وزيراعظم الله بخش سومرو، سنڌ جو روينيو وزير پير الاهي بخش، حاجي عبدالله هارون، غلام حسين هدايت الله ۽ جي- ايم سيد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.(1)

حاجي عبدالله هارون استقباليه ڪاميٽيءَ جي چيئرمين پنهنجي مرحبائي تقرير ۾ مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. ڪراچيءَ جي ڪانفرنس مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ لاءِ هيٺينءَ ريت ٺهراءُ منظور ڪيو. قرارداد  ۾ چيو ويو ته” سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس وسيع ننڍي کنڊ تي قيام امن جي مفاد ۾، سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ ثقافتي، تعمير ترقي، معاشي ۽ سماجي بهبود ۽ ٻنهي قومن جي، جيڪو هندو ۽ مسلمان جي نالي سان آهي، سياسي خودارادي جي مفاد جي پيش نظر اهو ضروري سمجهي ٿي ته، هندستان کي ٻن وفاقن ۾ ورهايو وڃي.يعني مسلم رياستن جو وفاق ۽ غير مسلم رياستن جو وفاق. انهيءَ لاءِ هي ڪانفرنس آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪري ٿي ته هو دستور ۾ اهڙي اسڪيم بنائي، جنهن بابت مسلم اڪثريتي صوبا مسلم ديسي رياستن ۾ ۽ اهي علائقا، جتي مسلمانن جي اڪثريت آباد آهي، پنهنجي هڪ وفاق جي صورت ۾ مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهن، ۽ اهو به اهڙيءَ طرح جو هندستاني سرحدن جي ٻي پاسي ڪنهن به مسلم رياست کي انهيءَ جي اجازت هجي ته هو انهيءَ وفاق ۾ شامل ٿي سگهن. ۽ غير مسلم اقليتن لاءِ هر قسم جي حفاظت سان گڏ اهي حق هوندا، جيڪي غير مسلم وفاق ۾ مسلم اقليتن کي سهوليتون ۽ حق ملي سگهندا. (1)

هن ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد چيو ته جيڪڏهن ڪانگريس مسلمانن جي حقن لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ مسلمانن کي سواءِ انهيءَ رستي جي ٻيو ڪو رستو نه آهي، ته پاڪستان جي منصوبي ڏانهن موٽ کائين، پوءِ ڪراچيءَ جي مسلمانن کي ڪير به روڪي نه سگهندو ته هو پنهنجي خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلڪتي تائين مارچ ڪن. (2) قائد اعظم پنهنجي صدارتي تقرير ۾ جمهوريه چيڪو سلاويڪيا کي ٽڪر ڪرڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته جهڙيءَ طرح مڊ تان جرمن جو وجود ختم ٿيڻ جهڙو نه هو ۽ پنهنجي قومي حيثيت ۽ ايڪو هن براعظم ۾ قائم رکيو. هن ڪانگريس تي الزام لڳايو ته هو مسلم ليگ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ۽ مسلمانن ۾ نفاق وجهي پاڻ کي مسلط ڪرڻ چاهي ٿي. هن خبردار ڪيو ته انهيءَ جو نتيجو اهو نڪرندو ته هندوستان ورهايو ويندو. (3)

ڪانگريس کان نفرت پيدا ڪرڻ ۽ مسلمانن جون همدرديون ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جي پروپيگنڊه هئي.”علحدگي ۽ جدا قوم جو تصور.“

مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جي ڪانفرنس ۾ هي پهرئين قرارداد هئي. هن قرارداد کي مدنظر رکي ٻين مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. بنيادي ۽ اصلي قرارداد ڪراچيءَ کي چئي سگهجي ٿو. مسلم ليگ جي ڪنهن به اجلاس ۾ اهڙي جرائت ڪنهن به اڳواڻ ڪانه ڪئي جهڙي دليريءَ سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪانگريس کي دڙڪو ڏئي، ڏني هئي. مسلمانن جي الڳ وطن قائم ڪرڻ لاءِ پيڙه جو پٿر رکيو ويو هو.

سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس جي مڪمل ڪارروائي

سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو پهريون اجلاس نهايت تزڪ احتشام سان 8 آڪٽوبر رات جو 9 وڳي ڪانفرنس جي پنڊال ۾ شروع ٿيو. سارو پنڊال ماڻهن سان ٽمٽار هو، ويهڻ جي جڳهه نه ملڻ سبب هزارين ماڻهو پويان بيٺا رهيا. ڪانفرنس جي منتظمين کي مجبور ٿي ٽڪيٽن جو وڪرو بند ڪرڻو پيو، هزارين ماڻهو ٽڪيت نه ملڻ ڪري مايوس ٿي پنڊال جي چوطرف لائوڊ اسپيڪر جي ذريعي ڪانفرنس جي ڪارروائي ٻڌي رهيا هئا.

شروعات ۾ حافظ علي محمد ڊگهڙي واري ڪلام مجيد جي تلاوت ڪئي. مولوي عبدالحئي حقاني، مير ايوب خان، مسٽر ظفر حسين چيف ڪمانڊنگ آل انڊيا جمعيت القريش والنٽيئر ڪور، ۽ ٻين ڪن صاحبن قومي نظم نهايت خوش الهاني سان پڙهي حاضرين کي محفوظ ڪيو. مرحبا ڪاميٽيءَ جي ميڙ ۾ حاجي عبدالله هارون مهمانن جي آجيان ڪئي.

ڪانفرنس جي ڪارروائي باقاعدي هلائڻ لاءِ شيخ عبدالمجيد صدر صوبه سنڌ مسلم ليگ رسمي طور قائداعظم محمد علي جناح جو نالو پيش ڪندي هڪ مختصر تقرير ڪئي.

شيخ صاحب فرمايو ته ”هي اجلاس مسلم ليگ جو آهي، آل انڊيا مسلم ليگ جو روح روان، مسلمانان هند جي مايه ناز هستي قائداعظم محمد علي جناح، اسان جي خوشقسمتي جو هن اجلاس ۾ موجود آهي. انهيءَ حالت ۾ هن ڪانفرنس جو سهرو به ان جي ئي سر تي سونهي ٿو، شيخ صاحب مسٽر محمد علي جناح جي ڪارنامن جو ذڪر ڪندي چيو ته انڊين نيشنل ڪانگريس جڏهن مسلمانن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ پنڊت جواهر لال نهرو جهڙي ذميوار هي اعلان ڪيو ته هندستان جي قسمت جي فيصلي لاءِ هندستان ۾ فقط ٻه طاقتون آهن. هڪ انگريز ۽ ٻي انڊين نيشنل ڪانگريس! انهيءَ وقت هندستان جي نو ڪروڙ مسلمانن مان مسٽر محمد علي جناح جي شخصيت هئي، جنهن کيس ٻڌايو ته انگريزن خواه انڊين نيشنل ڪانگريس کي ياد رکڻ گهرجي ته هندستان ۾ ٽين طاقت به موجود آهي، جيڪي واحد خدا جا پرستار نو ڪروڙ مسلمان آهن. انهن کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ههڙي هستيءَ کان زياده لائق هن ڪانفرنس جي صدارت لاءِ ٿي نٿو سگهي، رٿ يڪراءِ منظور ٿي؛ قائداعظم الله اڪبر فلڪ شگاف نعرن جي وچ ۾ صدارت جي ڪرسيءَ تي جلوه افروز ٿيو. ان بعد مولانا فضل الحق پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”الله ذوالجلال جا هزارين شڪرانه آهن جو هزارين رڪاوٽن ۽ طرح طرح جي تڪليفن کان پوءِ به اوهان ڀائرن جي خدمت ۾ حاضر ٿي سگهيو آهيان، سچ ۽ حق ڳالهائڻ ۾ آءُ نهايت جرئت ۽ دليري اختيار ڪندو آهيان ۽ نتيجي جي ڪا به پرواه نه ڪندو آهينا، ڪاميابي ان جي سپرد ڪندو آهيان.

سنڌ هڪ اهڙو صوبو آهي، جنهن کي صحيح معنى ۾ اسلامي صوبو چئي سگهجي ٿو. سنڌ کي بمبئي صوبي کان ڌار ڪرڻ جي حڪومت برطانيه بلڪل برخلاف هئي، اسان انگلنڊ ۾ وڃي انگريز ميمبرن سان مقابلو ڪيو، هنن کي هن لاءِ مجبور ڪيو ته سنڌ کي بمبئي کان جدا صوبو تسليم ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان جي برادران وطن اسان جي سخت ۾ سخت مخالفت ڪئي. مگر اسان جون لڳاتار ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري الڳ صوبو قرار ڏنو ويو.

اسان سنڌ جي علحيدگي فقط هن لاءِ ڪئي ته سنڌ ۾ اسلامي حڪومت قائم ٿئي ۽ سنڌ جا مسلمان، سنڌ جي عليحدگي مان پنهنجي آباديءَ جي مناسبت سان گهڻي ۾ گهڻو فاعدو حاصل ڪن. مگر افسوس جي حد نه رهي جڏهن ڏٺو سون ته انهيءَ سنڌ ۾ اڄ به برادران وطن جي چالاڪين ۽ چالبازين سبب هندو راڄ قائم آهي ۽ جيڪي وزارتون ٺهن ٿيون سي هندن جي رحم ڪرم تي تڳن ٿيون. هن وقت جيڪا سنڌ جي سياسي حالت آهي سا نهايت مايوس ڪن ۽ تڪليف ده آهي؛ مگر آءُ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اسين دور دراز ملڪن مان هت آيا آهيون سو ناڪام ۽ مايوس ٿي موٽي وڃڻ وارا نه آهيون. ڇا به ٿي پوي مگر اسين ضرور فتحياب ۽ پنهنجي ارادي ۾ ڪامياب ٿي موٽنداسين. اوهان کي ياد هوندو ته سنڌ باب الاسلام آهي ۽ سنڌ ۾ پهرئين اسلامي جهنڊو محمد بن قاسم بلند ڪيو هو، جنهن کي سنڌ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. مگر اوهان کي معلوم ڪري خوشي ٿيندي ته آءُ ابوالقاسم آهيان آءُ سنڌ کي فتح ڪرڻ کان سواءِ واپس نه ويندس:  اسان کي چيو وڃي ٿو ته انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شريڪ ٿي وڃو، مگر حقيقت هن طرح آهي ته ڪانگريس فرقيوارانه جماعت آهي ان کي نيشنل جي دعوى ڪرڻ هرگز روانه آهي؛ ڪانگريس مان نو ڪروڙ مسلمان بحيثيت قوم ٻاهر آهن. ڪانگريس ۾ قوميت جي دعوى ڪوڙي آهي. اسان مسلمان دنيا ۾ هن لاءِ آيا آهيون ته دنيا مان باطل کي مٽائي حق جي حمايت ڪريون مگر هي بلڪل غير مناسب ٿيندو ته هڪڙو باطل مٽائي انهيءَ جي جاءِ تي ٻئي باطل کي قائم ڪريون.

اسان جا جيڪڏهن انگريز دوست نه آهن ته هندو به سڄڻ ٿي نٿا سگهن. اسان ارادو ڪيو آهي ته دنيا مان ناحق ۽ باطل کي ناس ڪري. ان جي جاءِ تي حق ۽ انصاف قائم ڪجي. ڪيترائي مٿي ڦريل اسلامي تعليم کان نه واقف چوندا آهن ته اسين اڳ ۾ هندستاني آهيون ۽ ان بعد مسلمان. مگر آءُ عرض ڪندس ته اها انهن ڪم فهمن ۽ ڪوتاهه انديش جي سخت ۾ سخت غلطي ۽ گمراهي آهي. اسين سڀ کان پهريائن مسلمان ۽ ان کان پوءِ ڪو ٻيو نالو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسلام اسان کي آزادي ۽ حيثيت جو سبق ڏيئي ٿو، اسين آزاديءَ  جا شيدائي ۽ حريت جا پتلا آهيون، مگر اسان کي اهڙي آزادي گهرجي جنهن کي حقيقي معنى ۾ آزادي چئي سگهجي. نام نهاد آزادي جنهن مان مسلمانن جي تهذيب ۽ مذهب کي ڪو نقصان رسي، اهو اسان جو مقصد نه آهي! انڊين نيشنل ڪانگريس جي پاليسي عجيب معمو آهي؛ اوهان ڪيترو به ويچار ڪندؤ ته ڪانگريس جي پاليسيءَ جو پتو پئجي نه سگهندو. شروعات ۾ هنن اعلان ڪيو ته اسان کي نوان سڌارا نه کپن، تنهن کان بعد چونڊن ۾ لڙيا ۽ کين ڪاميابي حاصل ٿي ته اعلان ڪيائون ته جيستائين گورنر تسلي نه ڏيندو تيسين وزارتون قبول نه ڪنداسين. گورنر کين نه ڪا تسلي ڏني نه ڪو خاطري جهڙو جواب ڏنو مگر ان هوندي به وزارتن کي ”چنبڙي ويا. انهن متضاد ڳالهين ۽ قلابازين مان معلوم ڪري سگهندا ته انڊين نيشنل ڪانگريس ڪيتري قدر بااصول ۽ ڳالهه جي پڪي آهي.

ڪانگريس ڪاميٽي برسر اقتدار اچڻ کان بعد شرارتن، ظلمن ۽ بي انصافين ۾ منهن وڌو آهي. جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي انهن صوبن ۾ ڪانگريس جي هي اصول رهيو آهي ته مسلم اڪثريت ۾ ڦيٽاڙو وجهجي، انهن جي اجتماع ۽ ٻڌيءَ کي ٽوڙي کين پارٽين ۾ ورهائي مٿن حڪومت ڪئي وڃي. سندن اڪثريت کي بي اثر، بي طاقت بنايو وڃي، جن صوبن ۾ ڪانگريس جو زور آهي اتي ئي ڪانگريس جون حڪومتون قائم آهن.  انهن صوبن ۾ سندن پاليسي ۽ حڪمت عملي رهي آهي ته مسلمانن جي حقن کي مڏيءَ ڇريءَ سان ذبح ڪيو وڃي ۽ مسلمانن جي مذهب ۽ تعليم ۽ تمدن جي پويان ڪات ڪهاڙا کڻي ڪاهي پئجي. هي اهڙي ذهنيت آهي جنهن تي نفرت ۽ لعنت وجهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ڪانگريس پرڳڻن ۾ جن مسلمانن کي وزارتن ۾ ورتو وڃي ٿو سي ٻين مسلمانن جا نمائنده نه آهن ۽ انهن جي پويان مسلم ووٽرن جو ڪو به آواز نه هوندو آهي فقط چند خود غرضن ۽ قوم جي غدارن کي لالچ ڏيئي قوم کان باغي بنايو وڃي ٿو، انهيءَ  پاليسيءَ واري جماعت نيشنلزم  جي دعوى ڪري سا نهايت شرم جي ڳالهه آهي. آءُ قائداعظم مسٽر محمد علي جناح ۽ مسلمانن کي عرض ڪندس ته اهڙا ماڻهو جيڪي مسلمانن جي اڪثريت ۽ قائداعظم کي ڇڏي اسلامي تعليم جي صريح مخالفت ڪئي وڃي، انڊين نيشنل ڪانگريس جي اڳيان سر جهڪائي، انهن تي قومي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کين سنگين سزائون ڏنيون وڃن. ۽ جيڪڏهن اڃان به نه سمجهن ته پوءِ هنن جو مڪمل طرح بائڪاٽ ڪيو وڃي. هنن کي اسلامي قبرستانن ۾ دفنائڻ جي اجازت نه هجي ۽ انهن سان ڪو به اهڙو برتاءُ نه ڪيو وڃي جيڪو هڪڙي مسلمان سان هڪ ٻي مسلمان لاءِ واجب آهي. ڇڏي ڏيو ته هنن جا جنازا مسلمانن جي بجاءِ گانڌي، بوس ۽ جواهر لال نهرو کڻن ۽ سندن جنازي جون نمازون ڪانگريس پڙهي. جيسين ملڪ و ملت جي غدارن کي سزا نه ڏبي تيسين انتظام رکڻ مشڪل ٿيندو. آءُ سنڌ جي مسلمانن کي عرض ڪندس ته نا اتفاقيون ۽ خود غرضيون ڇڏي ڏيو، هڪ ٻئي ڏانهن سينا صاف ڪريو ۽ سنڌ ۾ يڪمشت  ٿي ڪانگريس کي سي پي جو جواب ڏيو. آءُ پڇڻ گهران ٿو ته اوهان سنڌ هن لاءِ عليحده ڪرائي هئي ته ڪانگريس ۽ هندن جا تختئه مشق بنيا رهو؟

مسلمانو! اوهان کي غيرت اچڻ گهرجي، قوم جي مفاد ۽ عوام جي بهبوديءَ لاءِ پنهنجا ذاتي غرض ۽ شخصي فائدا قربان ڪرڻ گهرجن. اوهان يڪدم مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو آخر مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان مسلمان کي ڪهڙي شيءِ مانع آهي. جيڪو مسلمان مسلم ليگ ۽ مسلم اتحاد ۾ شريڪ ٿيڻ کان نٽائي ۽ ڪيٻائي ٿو ته مون کي اهڙي مسلمان جي ايمان ۾ شبهه آهي.

سڪندر حيات خان جي تقرير

پنجاب جي نواب سر سڪندر حيات خان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”نون سڌارن جي ماتحت جيڪي حق اسان کي ڏنا ويا آهن انهن جي معنى آهي ته اڪثريت  واريون قومون پنهنجن صوبن ۾ بهبودي جو سامان پيدا ڪن.مگر افسوس آهي جو اسان تي قوم جي اڪثريت وارا صوبا جتي اسان رواداريءَ  سان حڪومت ڪرڻ جا متمني هئاسين اتي ٻي حالت پيدا ٿي ويئي. اسان کي صوبي سرحد ۽ سنڌ تي ڀروسو هو ۽ خاص طرح مون کي ته يقين هو ته اهي صوبا اسان جي تقويت جو سبب ٿيندا. مگر بدقمستيءَ سان اهي ٻه صوبا جتي مسلمانن جي ڪافي اڪثريت آهي باعث زحمت بنجي ويا آهن. بنگال ۽ پنجاب ۾ اسان جي اڪثريت نالي ماتر آهي، ليڪن اسان اتي پنهنجو ڪم پاڻ سنڀالي رهيا آهيون. جيڪڏهن اسان جي سنڌ ۽ سرحد جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون ته انهيءَ جو نتيجو مسلمانن لاءِ نهايت خراب نڪرندو. جيڪڏهن ڪنهن اصول جي بنا تي اسان کي نقصان پهچي ها ته اسان کي افسوس ڪونه ٿئي ها! مگر سرحد ۽ سنڌ ۾ اصول جي خلاف قوم فروشن نيشنلزم جو ڍونگ رچائي غلط نموني اختيار رکي، اتي جي مسلمانن ۾ نااتفاقي پيدا ڪئي آهي. مگر هي ياد رکڻ گهرجي ته مسلمان رواداريءَ سان رهي سگهي ٿو ۽ غلاميءَ لاءِ بلڪل تيار نه آهي. ۽ ڪو به غيرت مند ڪلمي گو مسلمان انهيءَ کي برداشت نٿو ڪري سگهي.(1)

هن بعد جلسي جي صدر قائداعظم محمد علي جناح اردو ۾ ڇپيل تقرير ڪئي ۽ بعد ۾ هن ڪانفرنس جي پهرئين نشست ختم ٿي.

سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي ٻي نشت 9 آڪٽوبر رات جو 9 وڳي زير صدارت مسٽر محمد علي جناح جي شروع ٿي. پنڊال ۾ ڏهن هزارن کان مٿي ماڻهو هئا ۽ پنج هزار کن ماڻهو پنڊال کان ٻاهر هئا، ساڍي نوين بجي جلسي جي ڪارروائي قرآن شريف جي تلاوت ۽ قومي نظمن سان شروع ٿي. شروعات ۾ خانبهادر  فقير خان رئيس ائيبٽ آباد، مختصر تقرير ڪئي. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ” آءُ مسلمانان سرحد جي پاران اوهان کي پيغام ڏيڻ آيو آهيان. آءُ ڪو مقرر ڪونه آهيان جو رنگ ڍنگ سان تقرير ٻڌائي اوهان کي وندرايان. اوهان کي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته ڪير توهان کي تقرير ٻڌائي رهيو آهي پر هي ڏسڻ گهرجي ته هو اوهان کي ڇا ٻڌائي رهيو آهي. مان اوهان کي سرحدي ڀائرن جو پيغام ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان ڪامل انسان بنجو، مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ جمع ٿي هڪ مرڪز تي اچو.

ان بعد سي- پيءَ جي نمائيندي سيد عبدالرئوف شاه ايم ايل اي پنهنجي صوبي جي متعلق اظهار ڪيو. سيد عبدالرئوف شاه چيو ته ”اوهان اسان جي درد دل جو احساس ڪري نٿا سگهو. اوهان خدا جي مهربانيءَ سان اڪثريت ۾ آهيو، بدقسمتيءَ سان، اسان انهيءَ صوبي جا رهندڙ آهيون جتي مسلمانن جو تعداد برابر ۽ سي پي کي ملائڻ سان به مشڪل ساڍا چار في صدي ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري اسان کي هر قسم جي مصيبت جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو، وديه مندر جي اسڪيم جي لعنت جا ڪنهن به صوبي ۾ رواج ۾ اچي نه سگهي، اها اسان تي مڙهي ويئي. ان لاءِ ٻه لک روپيا پبلڪ فنڊ مان منظور ڪيا ويا آهن، جن  مان مسلمانن کي حصي ۾ پنجاه روپيا مس اچن ٿا. سڄي صوبي جي مسلمانن متفق طور انهيءَ اسڪيم جي مخالفت ڪئي پر ڪنهن به نه، ٻڌو. هن مطالبو ڪيو ته هن اسڪيم جو نالو بدلايو وڃي مگر انهيءَ کي به ٺڪرايو ويو؛ وزيراعظم جواب ڏنو ته وديه مندر جي نالي ۾ ئي ايتري ڪشش موجود آهي جو نوانوي في صدي آبادي لاءِ روحاني ولولي جو باعث آهي. انهيءَ اسڪيم جي بدولت تعليم مرهٽي ۽ هنديءَ ۾ هوندي. مسلمانن جي ٻچن کي شروعات کان هندو تهذيب سيکاري ويندي. ڪانگريس جي دعوى هئي ته اقليتن جي زبان، رسم الخط وغيره جي حفاظت ڪئي ويندي، مگر اڄ ڪانگريس حڪومت انهيءَ جي مٽائڻ لاءِ برسر پيڪار آهي، مسلم ليگ پارٽي اسيمبليءَ ۾ هڪ بل پيش ڪري ته اقليتن کي يونيورسٽيءَ تي ڇهه نمائنده ڏنا وڃن، جن مان ٻه جايون مسلمانن کي مليون ٿي. انهيءَ جائز مطالبي کي به فرقه پرستيءَ جو رنگ ڏيئي ٺڪرايو ويو.

هندي ۽ مرهٽي زبان کي صوبي جي زبان قرار ڏنو ويو آهي. اسيمبليءَ جون تقريرون هندي ۽ مرهٽيءَ ۾ رڪارد ٿين ٿيون. مسلمانن به گهر ڪئي ته اردو ۾ به تقريرون رڪارڊ ڪيون وڃن ته عذر ڏنو ويو ته خرچ زياده ٿيندو. اندازو ڪيو ويو ته اهو خرچ ڪنهن به حالت ۾ هڪ هزار کان زياده نه اچي ها- جبل پور ۾ ٻه فرقيوارانه فساد ٿيا. جنهن فساد ۾ مسلمان ملزم زياده هئا، انهن تي ڪيس هلائي کين ڳري کان ڳريون سزائون ڏنيون ويون. ٻيو فساد جنهن ۾ هندو مجرمن جو تعداد گهڻو هو، انهن جا ڪيس ڪانگريس هن بهاني تي ڪڍرائي ورتا ته هندو مسلم تعلقات  خوشگوار رهندا. سي- پي صوبي جي لوڪل باڊيز جي اندر گڏيل چونڊون رواج ۾ آنديون ويون آهن. انهن مان ئي اوهان سمجهي ويا هوندا ته جتي مسلمانن جي آبادي وڌ ۾ وڌ چار  يا پنج سيڪڙو هجي اتي هو ڪهڙي طرح پنهنجا نمائنده ميونسپالٽين يا لوڪل باڊين ۾ موڪلي سگهندا. ڪانگريس گورنمينٽ گئوڪشيءَ جي بندش ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. اسيمبليءَ م اهو بل آندو ويو آهي، اهو بل پبلڪ راءِ لاءِ پڌرو ڪيو ويو- جتي پنجانوي سيڪڙو هندو آبادي هوندي، اتي انهيءَ بل تي ڪهڙو رايو ملندو؟” سو اوهان سمجهي سگهو ٿا، اسان جي دردن جو وڏو داستان آهي، جيڪڏهن آءُ هن جو تفصيلوار بيان ڪريان ته مون کي انهيءَ لاءِ گهڻو وقت گهرجي، مگر آءُ سڀني ڳالهين جو اختصار  ڪندي اوهان کي فقط اهو ايترو ٻڌايان ٿو ته اسان جي زندگي وبال جان بنجي ويئي آهي، اسان کي اميد هئي ته جن صوبن ۾ اسان جي مسلمان ڀائرن جي اڪثريت آهي اهي اسان جي هن سلسلي ۾ ضرور مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان جي مسلمان ڀائرن جو پاڻ ۾ اتفاق آهي ته ضرور هندن کي به انديشو رهندو ته جيڪڏهن اسان ڪن مسلمانن سان ظلم جو برتاءُ  ڪيو ته مسلمان اڪثريت وارا صوبا به هندن سان ساڳيو سلوڪ ڪندا، انهيءَ ڪري مان سي پيءَ جي مظلوم مسلمانن جي مظلوميت جو واسطو وجهي اوهان کي عرض ڪندس ته اوهان متفق ٿيو ته اسان کي ظلمن مان نجات ملي.

خانبهادر مخدوم مريد حسن صاحب ملتاني جي تقرير

هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ” سنڌ جا مسلمانو! خدارا وقت جي نزاڪت کي ڏسو، هينئر مسلمانن لاءِ نهايت نازڪ وقت اچي رهيو آهي، انهيءَ ڪري اوهان کي خدا جي حڪم موجب هڪ رسيءَ کي چنبڙي وڃڻ گهرجي ۽ مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺان اچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ ئي مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت آهي ۽ مسلمانن جي ترقي ۽ بهبودي ان جي معرفت ئي ملي سگهي ٿي. مون کي سنڌ جي مسلمانن جي حالت تي افسوس ٿئي ٿو جو هو باوجود اڪثريت ۾ به ذليل زندگي گذاري رهيا آهن، انهن جي ڪمزوريءَ جو سبب فقط اهو ئي آهي جو هنن ۾ اتفاق ڪونه آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي تنظيم ڪن ته جيڪر پنهنجي حالت کي بهتر بنائي سگهن. مون کي اميد آهي ته مان جلد مخدوم غلام حيدر صاحب سان گڏ سنڌ جو دورو ڪندس ۽ مسلمانن جي تنظيم لاءِ ڪوشش ڪندس.

مسٽر عاشق حسين جي تقرير

 مسٽر عاشق حسين ايم ايل اي بهار جي نمائنده پنهنجي صوبي جي حالت نهايت درد انگيز نموني ۾ ٻڌائي. ڪانگريس گورنمينٽ طرفان مسلمانن تي انهيءَ  صوبي ۾ مظالم ڪيا ويا آهن تن کي واضع طور بيان ڪيو. هن صاحب ٻڌايو ته اسان تي جنهن قسم جا ظلم ڪيا وڃن ٿا، انهيءَ جي بيان ڪرڻ لاءِ مون کي ڪي به لفظ نٿا ملن، مان چند واقعا اوهان جي سامهون بيان ڪيان ٿو.

جئن ته بهار جي هڪ ڳوٺ اڪڙيا ۾ ڪي ماڻهن ڳئون جو گوشت ٻئي ڳوٺ مان آڻيندا هئا، حڪومت جي طرفان بندش وڌي ويئي، جواب ۾ مسلمانن قانون شڪنيءَ جو ارادو ڪيو. مگر جيستائين هو قانون شڪني ڪن تنهن کان اڳ ٽيويهه مسلمانن کي گرفتار ڪيو ويو. ضلع هزار باغ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ مسلمان ڳئون جو گوشت آندو، جنهن کي هندن پڪڙيو، کيس نه فقط مار ڏنائون مگر ان جي منهن ۾ پيشاپ ڪري سندس منهن ۾ سوئر جو گوشت رڳڙيائون. پوليس غريب مسلمان جي فقط رپورٽ به ڪانه ورتي. مسلمانن عيسائي پوليس سپرنٽينڊنٽ کي اطلاع ڏنو، جنهن شرير هندن کي گرفتار ڪيو ۽ انهن تي مقدمو هلايو. مگر ملزمن جي زياده تعداد کي بري ڪيو ويو. اوهان ڀاڳپور جي گوليبازي ٻڌي هوندي ته اتي مسلمانن جي پرامن هجوم تي ڪيئن گوليبازي ڪئي ويئي. در جهنگ ۾ هڪ مقام آهي، جنهن ۾ مسلمانن جون قبرون آهن هڪ مسلمان مري ويو، انهيءَ کي مقام ۾ دفن ڪيو ويو. هندن اعتراض ورتو ته اها اسان جي جڳهه آهي، ٽن ڏينهن بعد مسلمان جي لاش کي قبر مان ڪڍي درياه ۾ لورهي ڇڏيو. هي ۽ ٻيا هزارين واقعا آهن، جن جي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ مون کي وقت گهرجي، مان مسلمانان سنڌ کي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجي مظلوم ڀائرن جي اخلاقي مدد ڪرڻ جو واحد ذريعو اهو آهي ته هو سنڌ ۾ متحد ٿي مسلم ليگ جي حڪومت قائم ڪن ته جئن ڪانگريسي حڪومتن کي مسلمانن تي ظلم ڪرڻ وقت هن ڳالهه جو خيال رهي ته اسان جيڪڏهن مسلمانن سان ناجائز ظلم ڪيا ته مسلم ليگ صوبن ۾ انهي جو جواب اسان کي به اهڙو ڏنو ويندو.


(1)  جي- ايم سيد، کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

(1)  شريف الدين پيرزاده پاڪستان منزل به منزل، ڪراچي، گلڊ اشاعت گهر 1965 صه - 194

(2)  Syed Sharifudin Pirzada, Pakistan Resolution and Historic Lahore Session Vol. I, Karachi, Pak: Publication, 1968. P. 10

(3)  Syed Sharifudin Pirzada, Evolution of Pakistan, Lahore, Legal decisions, 1963 P. 151

نوٽ: قائداعظم جي تقرير نه ملي سگهي آهي. باقي شروعات ۾ ڪجهه اقتسابات ڏنل آهن.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، آڪٽوبر 12، 1938ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org