سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 5

 

آمريڪا ۾ ووٽ ڏيڻ جي حق جو مستقبل

ائين سمجهڻ لاءِ هرڪو سبب موجود آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن اندر هر رياست ۾ شيدين کي ووٽ ڏيڻ جو مڪمل حق ملي ويندو. جڏهن اها ڳالهه ظهور ۾ آئي ته پوءِ ڪا به اهڙي ايراضي نه رهندي، جنهن ۾ ووٽ ڏيڻ جي وڌيڪ حق جي گنجائش هجي، سواءِ هن جي جو ووٽ ڏيڻ لاءِ گهربل عمر گهٽائي وڃي، يا ٻيون ڪي معياري لياقتون ختم ڪيون وڃن. موجوده لياقتن ۾ڪنهن تڪڙيءَ تبديليءَ جي اميد ڪا نه آهي، توڙي جو هاڻوڪي طريقي ۾ ڪجهه ڦيرين گهيرين ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن.

سواءِ ٽن رياستن جي، ٻين رياستن ۾ هڪ ووٽر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 سالن جو هجڻ ضروري آهي. جارجيا ۽ ڪينٽَڪيءَ ۾ 18 سالن جا شهري ووٽ ڏيئي سگهن ٿا. اَلاسڪا ۾ عمر جي پابندي 19 سال آهي. ٻين رياستن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ عمر گهٽائڻ جون رٿون ڏنيون ويون آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن آئين ۾ اها ترميم پيش ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ٿينديون رهن ٿيون ته سڄي ملڪ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ عمر گهٽائي 18 سال ڪئي وڃي، پر انهن رٿن مان ڪنهن کي به چڱي پٺڀرائي حاصل نه ٿي سگهي آهي.

ڏکڻ جي رياستن کان سواءِ، ٻين ڪجهه رياستن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ تعليم جي لياقت گهڻي عرصي کان مقرر ڪيل آهي. ڪن حالتن ۾ ته ووٽر کي رڳو اهو ڏيکارڻو پوندو آهي ته هو پنهنجو نالو لکي سگهي ٿو. ٻين هنڌن تي اها آزمائش وڌيڪ سخت آهي. نيويارڪ ۾ ووٽر کي هڪ امتحان پاس ڪرڻو پوندو آهي، جنهن ۾ کانئس هڪ جملو پڙهايو ويندو آهي، يا ڪجهه اهڙا سوال پڇيا ويندا آهن، جن جو جواب چوٿين درجي ۾ پڙهندڙ شاگرد به ڏيئي سگهي ٿو.

1880ع کان 1920ع واري عرصي ۾ هن ملڪ ۾ لڏي ايندڙن جي وڏي تعداد سببان، اتر ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ تعليم جي لياقت کي عام طرح قانوني شڪل ڏني ويئي. انهن مان گهڻا ماڻهو انگريزي پڙهي ۽ ڳالهائي نه ڄاڻندا هئا. ڪجهه ته پنهنجي مادري زبان به پڙهي يا لکي نه سگهندا هئا. اتر جي رياستن ۾ تعليم جي انهن لياقتن جي اهميت گذريل چاليهن سالن کان گهٽجي ويئي آهي، ڇو ته اتي اڻپڙهيل بالغن جو انگ ٿلهي ليکي فقط ٻه في سيڪڙو آهي، جيئن ته اڻپڙهيلن مان گهڻا وڏيءَ ڄمار جا شهري آهن، تنهن ڪري اهو انگ آهستي آهستي گهٽبو ويندو.

موجوده قانون جي گهڻن نتيجن مان هڪ نتيجو اهو نڪتو آهي جو انهن ماڻهن جي تعداد ۾ نه معلوم ٿيندڙ واڌارو ٿيو آهي، جيڪي ووٽ نٿا ڏين. 1960ع جي صدارتي چونڊ ۾ آمريڪا اندر 21 سالن کان مٿي جي عمر جي شهرين مان رڳو 2ء66 في سيڪڙو ماڻهن ووٽ ڏنا. جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ اهو انگ گهڻن سالن کان وٺي گهڻو آهي، پر تڏهن به ٻين جمهوري ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. ووٽ نه ڏيندڙن جي وڏي تعداد هجڻ جا سبب آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجن ٿا.

جيئن مٿي چيل آهي، ووٽ ڏيڻ بابت قانونن ٺاهڻ جو اختيار رياستن  وٽ هجڻ سببان، هر هڪ رياست ۾ هڪٻئي کان جدا قانون آهن. مين (Maine) رياست ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪرڻ کان اڳ اتي فقط 3 مهينا رهڻ جو شرط آهي. يارهن رياستن ۾ رهائش جي لياقت وري 6 مهينا آهي. ان جي ابتڙ، ٽن رياستن ٻن سالن جي رهائش جو قانون ٺاهيو آهي. باقي رهيل 35 رياستن ۾ رهائش جي لياقت هڪ سال آهي. ٻيو ته قانون موجب، جنهن ڪائونٽي يا شهر ۾ ووٽ ڏيڻو آهي، اتي ووٽ داخل ڪرائڻ کان اڳ 60 يا 90 ڏينهن رهڻ ضروري آهي.

رهائش جا اهي شرط انهيءَ ڪري لاڳو ڪيا ويا ته جيئن رڳو چونڊن وقت ٻاهرين ماڻهن طرفان ڪوڙن ووٽن ڏيڻ کي روڪي سگهجي. ان کان به وڌيڪ اهم سبب اهو هو ته جيستائين هڪ ووٽر پنهنجي تڪ جي حالتن ۽ اميدوارن کي چڱيءَ ريت سڃاڻي نه سگهيو آهي،  تيستائين کيس ووٽ ڏيڻ جي اجازت نه هجي. بدقسمتيءَ سان انهن شرطن سببان، جيڪي ايماندار مقامي چونڊن لاءِ جائز آهن، گهڻا ووٽر صدارتي چونڊ ۾ به ووٽ نٿا ڏيئي سگهن، حالانڪ پوئينءَ حالت ۾ ڪو به فرق نٿو پوي ته ڪو ووٽر مين رياست ۾ رهي ٿو يا ڪئليفورنيا ۾.

آمريڪي ماڻهن جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين گهڻيءَ لڏ پلاڻ جي ڪري، رهائش جو شرط لکين آمريڪين کي ووٽ ڏيڻ کان محروم ڪري ٿو. 1960ع ۾ اهڙن لڏپلاڻ ڪندڙن مان اٽڪل 80 لک ماڻهو رهائش جو شرط پورو نه ڪرڻ سبب ووٽ ڏيئي نه سگهيا.

غير حاضر ماڻهن طرفان به ووٽ ڏيڻ جو بندوبست سڀني رياستن ۾ آهي، پر ائين ڪرڻ ۾ ٻه مشڪلاتون آهن. هڪ ته ڪجهه رياستن ۾ غير حاضر ووٽر کي پنهنجو ووٽ اليڪشن کان ڪجهه هفتا اڳ موڪلڻو پوي ٿو، يا وري قانون انهيءَ ڳالهه تي زور ڀري ٿو ته هو چونڊ ڏينهن رياست کان ٻاهر رهي. ” آمريڪن هيريٽيج فائونڊيشن“ ( The American Heritage Foundation) اندازو لڳايو آهي ته 1960ع ۾ 25 لکن کان وڌيڪ ماڻهو ووٽ نه ڏيئي سگهيا، ڇو ته هو چونڊ واري ڏينهن سفر ۾ هئا. وڌيڪ پنجاهه لک ماڻهو چونڊ واري ڏينهن گهرن ۾ رهيا، يا وري اسپتالن ۾ بيمار هئا، تنهنڪري ووٽ استعمال نه ڪري سگهيا. انهيءَ فائونڊيشن ليکو ڪيو آهي ته 1960ع ۾ جملي هڪ ڪروڙ 95 لک 90 هزار ماڻهو صدارتي چونڊ ۾ ووٽ ڏيئي نه سگهيا.

1960ع ۾، 10 ڪروڙ 40 لک آمريڪي ووٽ ڏيڻ جي عمر جا هئا. انهن مان جيڪڏهن اسين هڪ ڪروڙ 90 لک 90 هزار ماڻهو ڪٽي ڇڏيون، جيڪي رهائش يا ٻين پابندين سببان ووٽ ڪري نه سگهيا، ته باقي 8 ڪروڙ 44 لک 10 هزار ماڻهو بچن ٿا، جيڪي ووٽ ڏيئي سگهيا ٿي. انهن مان جن ماڻهن ووٽن ۾ حصو ورتو، تن جو انگ 6 ڪروڙ 88 لک 32 هزار 818 هو، يعني جملي ووٽرن جو 5ء81 في سيڪڙو. انهن ظاهري سببن ڪري، سڌارن آڻڻ جو پرچار ڪرڻ وارا رهائش جي بندشن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، خاص طرح صدارتي چونڊن جي سلسلي ۾ (1). هو غير حاضر ووٽرن تي به وڌل بندشن ۾ تبديلي آڻڻ جي سفارش ڪن ٿا، ته جيئن سفر ڪندڙ يا ٻين سببن ڪري غير حاضر رهندڙ ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ ۾ سولائي ٿئي. رياستون پنهنجا قانون ڦيرائي رهيون آهن، پر اهي تبديليون تڪڙيون ۽ هِڪَ ڪَريون نه آهن. پنهنجن قانونن کي بدلائڻ ۾ اهي رياستون سڀني کان سست آهن، جن ووٽرن تي سخت پابنديون وڌيون آهن.

غير ووٽر ڪير آهن؟

سڀني قانوني مسئلن تي غور ڪرڻ کان پوءِ به هڪ ڪروڙ 60 لک ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي 1960ع ۾ پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪري نه سگهيا، غير صدارتي چونڊن ۾ ته اهو انگ گهڻو وڌيڪ آهي. پوءِ ڀلا اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ووٽ ڏيئي ٿي سگهيا، پر نه ڏنائون؟

ويجهڙائيءَ وارن سالن جي اڳين صدارتي چونڊن وانگر، 1960ع ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ووٽ ڏکڻ ۾ ئي پيا. مسيسپي رياست جي حقيقي ووٽرن مان رڳو 6 ء25  سيڪڙي صدارتي چونڊ ۾ ووٽ ڏنا. الاباما ۾ 9ء30  سيڪڙو ماڻهن ووٽ ڏنا. ڏکڻ جي ٻن رياستن، ٽينيسي ۽ اتر ڪئرولينا، ۾ 50 في سيڪڙو کان ٿورڙو وڌيڪ ماڻهو ووٽ ڏيڻ ويا. 1956ع واريءَ  صدارتي چونڊ ۾، اڳ جي ڀيٽ ۾، ڏکڻ جي رياستن ۾ گهڻا ووٽ پيا هئا، پر 1960ع ۾ اهو انگ ان کان به وڌي ويو.

ڏکڻ ۾ ڏنل ووٽن جي ابتڙ، اُتر وارين ٽن رياستن – اداهو، نيو هئمشائر ۽ يوٽا ۾ بالغ شهرين جي 80 في سيڪڙي کان به وڌيڪ ووٽرن سينيٽر ڪينيڊيءَ يا نائب صدر نڪسن کي ووٽ ڏنا. 27 ٻين اتر وارين رياستن ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ڄڻن ووٽ وڌا. ڏکڻ کان ٻاهر هوائي، ڪينٽَڪي ۽ ميريلئنڊ ئي اهڙيون ئي رياستون هيون،  جن ۾ ووٽرن جو تعداد 60 في سيڪڙو کان هيٺ هو.

ڏاکڻين رياستن کان سواءِ، ٻين رياستن ۾ ووٽن جي گهڻي تعداد هجڻ جا سبب ظاهر آهن. اتر وارين اڪثر رياستن جي ڀيٽ ۾، ڏاکڻين رياستن جي آئينن ۾ ووٽرن تي وڌل پابنديون وڌيڪ سخت آهن. ووٽرن جو تعداد، اڇيءَ چمڙيءَ وارن توڙي شيدين ۾، ووٽ ڏيڻ جي عادت نه هجڻ ڪري به گهٽيو آهي.  اتر جي مقابلي ۾، ڏکڻ ۾ عورتن جو به گهٽ تعداد ووٽ ڏيندو آهي. اڳين چونڊن وانگر، 1960ع ۾ به گهڻا شيدي انهن قانوني ۽ انتظامي پابندين سببان ووٽ ڏيئي نه سگهيا، جيڪي اڃا تائين انهن اڳيان چونڊن ۾ بهري وٺڻ لاءِ رڪاوٽ بنيون بيٺيون هيون.

سڄي ملڪ ۾ گهڻي ۾ گهڻي ووٽنگ وڏن شهرن ۽ انهن جي پسگردائيءَ وارن علائقن ۾ ٿئي ٿي. شهرين جي ڀيٽ ۾، هاري سياست ۾ گهٽ دلچسپي وٺن ٿا، جيستائين ڪي خاص زرعي مسئلا کين آڏو اچن. شهري ووٽرن مان به اهي ماڻهو، جيڪي ٿوري عرصي کان ڳوٺن مان شهرن ۾ آيا آهن، سي ووٽ گهٽ تعداد ۾ ڏين ٿا. غير ووٽرن ۾ انهن ماڻهن جو تعداد به گهڻو آهي، جيڪي شهر ڇڏي وڃن ٿا(1) . عجب جي ڳالهه اها آهي ته ووٽ ڏيندڙن ۾ هارين جي تعداد گهٽ هجڻ کان پوءِ به، هو اميدوارن بابت بهترين ڄاڻ رکندڙ ماڻهن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا (2).

ووٽرن تي سندن جنسن جي لحاظ سان نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته عورتن کان وڌيڪ مرد ووٽ ڏيندا آهن. ٿلهي ليکي مردن مان 20 سيڪڙو، ۽ عورتن مان 30 سيڪڙو ووٽ ڏيندا آهن. اهو تفاوت 1920ع ۾ عورتن کي ووٽ جي حق ملڻ کان ڪجهه سالن تائين پوءِ واري فرق کان چڱو گهٽ آهي. اهو تفاوت گهڻو ڪري ڏکڻ جي ڪجهه خاندانن، ۽ ٻين علائقن جي مخصوص نسلي گروپن جي انهيءَ احساس جي ترجماني ڪري ٿو ته ” عورت جي جاءِ گهر اندر آهي“ ۽ عوامي معاملن سان واسطو مردن جو ڪم آهي.

گهٽ عمر وارن ووٽرن جو تعداد به گهٽ آهي. 34 سالن کان گهٽ عمر وارن ووٽرن جو 30 سيڪڙو ووٽ نه ڏيندو آهي. 35 سال ۽ ان کان مٿي عمر جي ووٽرن ۾، ووٽ نه ڏيندڙن جو تعداد گهٽجي 25 في سيڪڙو ٿئي ٿو.

ڪاليج گريجوئيٽن جو گهٽ ۾ گهٽ 90 في سيڪڙو ووٽ ڏيندو آهي. هاءِ اسڪول گرئجوئيٽن مان 80  في سيڪڙو  ووٽ ڏيڻ ويندا آهن، پر جن ماڻهن جي تعليم ابتدائي اسڪول کان پوءِ ختم ٿي ويئي آهي، انهن مان 60 في سيڪڙو کان ٿورڙو وڌيڪ پنهنجو ووٽ استعمال ڪندا آهن.

آمدنيءَ جي نقطه نظر سان معلوم ٿيندو ته  ووٽرن جي جيتري آمدني وڌيڪ آهي، اوترو ئي وڌيڪ هو ووٽ ڏيڻ ۾ دلچسپي وٺي ٿو. سال ۾ 2 هزار ڊالر ۽ ان کان گهٽ ڪمائيندڙن جو رڳو اڌ کان ڪجهه وڌيڪ حصو ووٽ استعمال ڪري ٿو. ان جي مقابلي ۾، جن جي ڪمائي سال ۾ 5 هزار ڊالر ۽ ان کان وڌيڪ آهي، تن مان 90 سيڪڙو صدارتي اميدوارن جي چونڊ لاءِ ووٽ ڏين ٿا.

پيشي جي لحاظ کان، ووٽرن جا انگ اکر ذري گهٽ آمدنيءَ وارن انگن اکرن جهڙائي آهن. ڊاڪٽر، وڪيل، ۽ ٻين اهڙن پيشي وارن يا وڏين نوڪرين وارن مان سراسري طرح 90 سيڪڙو ماڻهو ووٽ ڏين ٿا. خوش پوش ملازم ووٽرن مان گهڻو ڪري 80  في سيڪڙو ووٽ استعمال ڪندا آهن. سکيا ورتل ۽ نيم سکيا ورتل ملازمن جو 3 حصو صدارتي چونڊ ۾ ووٽ ڏيندو آهي، پر اڻ سکيا ورتلن مان فقط 3/5 ووٽ ڏيندا آهن. جيئن اڳ ۾ چئي آيا آهيون، چونڊن ۾ حصو وٺندڙن جي لسٽ ۾ هاري به گهڻو هيٺتي آهن، توڙي جو ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ هارين مان 3/3  ووٽرن ووٽ وڌا آهن. 1948ع تائين ته اڌ کان مٿي هاري چونڊ واري ڏينهن تي گهرن ۾ ئي ويٺا هوندا هئا.

 

مختلف نسلن جا گروهه ۽ ووٽنگ

ٻاهرين ملڪن ۾ ڄاول آمريڪي شهري عام طرح پنهنجو ووٽ جو حق سنجيدگيءَ سان استعمال ڪندا آهن. انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 80 في سيڪڙو صدر لاءِ ووٽ ڏيندا آهن. ٻن يا ٽن پيڙهين وارا آمريڪي پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٿورڙو وڌيڪ تعداد ۾ ووٽ ڏين ٿا. پر عجب جهڙي ڳالهه آهي ته لڏي ايندڙن جي چوٿين پيڙهيءَ وارن ۾ اهو تعداد چڱو گهٽجي وڃي ٿو، ۽ انهن مان رڳو 75 في سيڪڙو مان ووٽ ڏيڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

جيڪڏهن نون شهرين جي اصلوڪي ملڪ تي نظر وڌي ويندي ته معلوم ٿيندو ته آئرلنڊ جي ڪئٿلڪ ووٽرن جو 95 في سيڪڙو ماڻهو ووٽ ڏين ٿا. ٻين نون آيلن مان80 في سيڪڙو ماڻهو ووٽ استعمال ڪن ٿا. ۽ انهن ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اٽلي ۽ پولنڊ مان لڏي ايندڙن جو تعداد وڌيڪ آهي.

غير ووٽرن تي مجموعي تبصرو

 گهٽ آمدنيءَ وارا گروپ گهٽ تعليميافتا به ٿين ٿا، تنهنڪري هو گهڻو ڪري اڻ سکيا ورتل ملازم (unskilled workers)  ۽ هاري آهي. ٻيو ته عام طرح نوجوان ماڻهو به گهٽ آمدنيءَ وارن گروپن ۾ آهن. اهو شايد انهيءَ ڪري آهي جو کين سماج سان گهٽ وابستگي آهي، يا ڇاڪاڻ ته هو ايترو گهڻو گهمندا رهن ٿا، جو غير ووٽرن جي گروپن ۾ سندن تعداد سڀ کان گهڻو آهي.

جيئن رابرٽ لين (Robert Lane) چيو آهي، ”شهري ايراضين ۾ رهندڙن جو تمام وڏو انداز ٻاهران لڏي آيلن، مختلف نسلن سان تعلق رکندڙن، ڪئٿلڪ فرقي وارن ۽ يهودين جو آهي، انهن مان اڪثر گروپ سراسري کان وڌيڪ تعداد ۾ ووٽ ڏين ٿا. انهيءَ سبب ڪري مرڪزي شهرن ۾ ووٽ ڏيندڙن جو گهڻو تعداد انهن گروپن جي موجودگيءَ تي مدار رکندو – ساڳيءَ طرح انهن گروپن جي وڌيڪ شهرن ۾ ڦهلجڻ سان سندن ووٽنگ جي سراسريءَ تي اثر پوندو“(1).

1960ع ۾، تمام گهڻن شهرن وارين رياستن اندر ووٽ ڏيندڙن جي تعداد ۾ اڳين سالن کان ڪجهه واڌارو آيو هو. ان جي ابتڙ، ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ آباديءَ وارين رياستن ۾، جتي پراٽيسٽنٽن جو تعداد وڌيڪ آهي، ووٽ ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو ٿيو هو. ووٽنگ جي تعداد ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو اتر ڊڪوٽا، لوئيزيانا، مين ۽ منيسوٽا ۾ نظر آيو هو. لوئيزيانا ۽ منيسوٽا ۾ وڏن شهري مرڪزن سان گڏ، وسيع ڳوٺاڻيون ايراضيون به آهن. ٻين ٻن رياستن ۾ وري ڳوٺ گهڻا آهن.

اڄڪلهه ووٽ ڏيندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو عورتن، اُتر توڙي ڏکڻ جي شيدين، ۽ گهٽ تعليم وارن ماڻهن ۾ نظر اچي ٿو. ڪجهه شهري ايراضين ۾ شيدي ووٽر اڇيءَ چمڙيءَ وارن جيترا يا انهن کان به وڌيڪ آهن. ووٽ ڏيندڙڻ ۾ يهودي سڀني کان مٿي آهن، توڙي جو 1930ع کان اڳ هو چونڊن ۾ تمام گهٽ حصو وٺندا هئا(1).


(1)  ڪجهه رياستن ته اڳ ۾ ئي صدر جي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ رهائش جو شرط گهٽائي 60 ڏينهن يا اڃا به گهٽ ڏينهن ڪري ڇڏيو آهي. گهڻيون رياستون ته انهيءَ ووٽر کي به ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏين ٿيون، جيڪو رياست مان ته لڏي ويو آهي، پر اڃا ٻئي هنڌ مستقل رهائش اختيار نه ڪئي اٿس. مٿي ٻڌايل شرطن بابت معلومات  Brendon Byrne  جي هيٺئين ڪتاب مان حاصل ڪئي وئي آهي:

 Lets’ Modernize Our Horse – and- Buggy Election Laws (Washigton, Connecticut; The Centre for Information on America, 1961(

(1) Campbell, Converse, Miller and Stokes, The American Voter (New York: John Wiley and Sons, 1960)

 

(2)  V.O. Key, Public Opinion and American Democracy (New York: Alfred A. Knopf,1961), p. 494.

(1) Robert E. Lane, Political Life ( Glencoe, I llinois: The Free Press, 1959), p. 50.

(1) Robert E. Lane, Political Life ( Glencoe, Illinois: The Free Press, 1959), p. 51.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org