سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 2

 

ڳورو بار ڍوئيندڙ ووٽر

ٿاڦڻ ۽ چونڊڻ، ٻنهي طريقن ۾ حصي وٺڻ جي جيڪا آزادي ووٽرن کي حاصل آهي، سا ڪا نِجِي نعمت به نه آهي. ان آزاديءَ کي سنجيدگيءَ سان استعمال ڪرڻ جي حالت ۾ سندن وقت تي وڏو بار پوي ٿو. اڪثر عهدن جو مدو ٿورو ٿيندو آهي. آمريڪا جي سڄيءَ تاريخ دوران گهڻن ماڻهن ٿامسن پين (Thomas Paine)  جو اهو قول مڃيو آهي ته ”جتي ساليانون چونڊون ختم ٿين ٿيون، اتان ظلم جي شروعات ٿئي ٿي.“ هينئر ته ڪجهه عهدن جو مدو رڳو هڪ سال آهي، پر ڊگهيءَ مدت وارا عهدا ڇڊا آهن، ۽ اهي به فقط مقامي ۽ رياستي سطح تي چونڊيل ججن تائين محدود آهن. صدر کي چئن سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي.  آمريڪي سينيٽر ڇهن سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن. ڪجهه رياستن جا گورنر ٻن سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن، ۽ ٻيا وري چئن سالن جي مدت لاءِ. چونڊ ذريعي حاصل ٿيندڙ ٻين اڪثر عهدن جو مدو ٻن سالن کان وڌيڪ نه هوندو آهي. جتي اهو رواج آهي ته رياستي يا قومي چونڊن کي مقامي چونڊن سان نه گڏيو وڃي، اتي هڪ ووٽر کي گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ ٻه ڀيرا  ووٽ ڏيڻو پوي ٿو.

هيٺيون نمونو ڪنهن به صورت ۾ ڪو غير رواجي نه آهي. مقامي عهدن لاءِ اميدوار چونڊڻ خاطر، پارٽيءَ جي ابتدائي چونڊن ۾، سمورا شهري اِڪي انگ وارن سالن جي بهار جي مند ۾ ووٽ ڏيندا آهن. سَرءُ جي موسم ۾ هو وري عام چونڊن ۾ انهن اميدوارن مان عهديدار چونڊڻ لاءِ ووٽ استعمال ڪندا آهن، جيڪي سال جي شروع ۾ ٿاڦيا ويا هوندا. سڀني ٻَڌي انگن وارن سالن ۾ هو نمائندن واري ايوان لاءِ اميدوار ٿاڦيندا آهن، ۽ پوءِ انهن مان ميمبر چونڊيندا آهن. صدر، رياستي گورنر ۽ رياستن جا وڏا عهديدار ساڳين سالن ۾ نه چونڊيا ويندا آهن، ڇو ته ڪجهه آمريڪي هن ڳالهه کي ترجيح ڏيندا آهن ته قومي سياست جو اثر رياستي چونڊن جي نتيجي تي نه پوڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح، 1960ع ۾، ڪئليفورنيا جي ووٽرن، ٻين آمريڪين سان گڏجي، صدارتي چونڊ ۾ حصو ورتو. 1962ع ۾ هنن وڏن رياستي عهدن لاءِ پهريائين اميدوار ٿاڦيا، ۽ پوءِ انهن جي چونڊ ڪئي.

سياسي سرشتي ۾ حصو وٺڻ لاءِ آمريڪين وٽ رڳو سياسي جماعتن يا چونڊن جا رستا کليل نه آهن. ڪنهن مفاد لاءِ منظم ٿيل گروپ عوامي عهدن لاءِ اميدوار کڙا نه ڪندا آهن، بلڪ  اهي لازمي طرح قومي ۽ رياستي پاليسين ٺاهڻ ۾ حصو وٺندا آهن. اهڙا هزارين ماڻهو آهن، جيڪي مخصوص قومي مفادن لاءِ قائم ڪيل سوين گروپن جا عهديدار بنجي، ملڪي سياست ۾ پنهنجو حصو حاصل ڪن ٿا.  مفاد وارن گروپن تي اسين اڳتي ڪنهن باب ۾ تفصيل سان بحث ڪنداسين. هتي رڳو ايترو چونداسين ته آباديءَ جي هر حصي تي مشتمل اهڙا منظم گروپ آهن، جيڪي حڪومت جي گهڻن اقتصادي، سياسي ۽ سماجي مسئلن سان تعلق رکندڙ، فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا.

”دي يونائيٽيڊ اِسٽيل ورڪرس يونين“  جو هڪ مثال کڻو، جيڪا اٽڪل ڇهن لکن مزدورن جي نمائندگي ڪري ٿي. ان کي واشنگٽن ۽ انهن رياستن جي گاديءَ وارن شهرن ۾ پنهنجون آفيسون آهن، جٿي رُڪ پيدا ٿئي ٿو. اهي آفيسون ٻه وڏا سياسي ڪم ڪنديون آهن. پهريون، اهڙن عهديدارن کي چونڊائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ، جيڪي عام طرح منظم پورهيتن جي خواهشن سان همدردي رکندا هجن. سندن ٻيو ڪم آهي، يونين جي ميمبرن کي تعليم ڏيارڻ جي پروگرام تي عمل ڪرڻ، ۽ يونين جي ميمبرن جي مفاد وارن معاملن بابت قانون ساز اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ انتظامي عملدارن جي فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ. گهڻن گروپن وٽ جيتوڻيڪ ايترا ميمبر نه آهن، ۽ نه وري ايتري موڙي ئي وٽن آهي جو ”اسٽيل ورڪرس“ جي پيماني تي پنهنجا پروگرام عمل ۾ آڻي سگهن، پر انهيءَ هوندي به هو پنهنجي وس آهر تمام سرگرميءَ سان ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن پنهنجيءَ خواهش پٽاندڙ پاليسيون تيار ڪرائي سگهن.

انهيءَ مان معلوم ٿيو ته آمريڪي سياسي دنيا هڪ ڪشادي دنيا آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري هر ڪو ماڻهو، جنهن کي سياست ۾ حصو وٺڻ جو شوق ۽ جذبو آهي، ڪا نه ڪا جاءِ حاصل ڪري سگهي ٿو، پوءِ اها چونڊ ذريعي ملندڙ عهدي وسيلي هجي، يا انهن ماڻهن کي مدد ڏيڻ سان، جيڪي عهدن وٺڻ لاءِ مهم هلائي رهيا هجن، يا وري اهڙي اثر استعمال ڪندڙ گروپ وسيلي، جيڪو چونڊن جي مهم بدران ڪجهه پاليسين سان دلچسپي رکي ٿو.

اسين انتخابي حقلن، انهن جي تشڪيل ۽ انهن جي نظرين جو جائزو وٺنداسين. ان کان پوءِ اسان آمريڪي مفاد وارن گروپن، سياسي جماعتن جي قسمن ۽ انهن جي ڪمن جو تفصيل پيش ڪنداسين، ۽انهن مفيد نتيجن جو به مختصر ذڪر ڪنداسين، جيڪي آمريڪا جي پارٽي- سرشتي واري طريقي موجب حڪومت جي فصيلن ٿيڻ ڪري حاصل ٿين ٿا. آخر ۾ اسين تفصيل سان ميمبر ٿاڦڻ جي انهن قسمن ۽ چونڊ جي طريقن تي بحث ڪنداسين، جيڪي هڪ پاسي صدارت سان ۽ ٻئي پاسي سڀني سياسي عهدن سان واسطو رکن ٿا.

 

ووٽر

 آمرڪا ۾ انهن سڀني شهرين کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي، جن جي عمر 21 سالن کان مٿي آهي، ۽ جيڪي رياست ۾ 3 مهينن کان ويندي ٻن سالن تائين رهيا آهن. جيتوڻيڪ مختلف رياستن ۾ ووٽرن جي اهليت لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي درجيبنديون قائم آهن، پر مجموعي صورتحال کي پيش ڪرڻ لاءِ اها ئي سڀ کان صاف ۽ بهترين وصف آهي.  تنهن کان سواءِ، جيئن جيئن وقت گذرندو رهي ٿو، ووٽر جي وصف بابت اهو بيان وڌيڪ صحيح بنبو وڃي. هن موقعي تي مختلف مڪاني ڦير گهيرين جي مثالن ڏيڻ بدران، بهتر آهي ته 1789ع ۾ ”آئين“ جي بحاليءَ کان پوءِ ووٽرن ۾ ٿيل اضافي جي تاريخ جو مختصر جائزو ورتو وڃي.

ووٽ ڏيڻ جي حق تي رياستن جو ضابطو

قومي عهديدارن جي چونڊ ڏانهن آئين ۾ رڳو ٽي اشارا ڪيل هئا. آئين پهريون شرط اهو وڌو ته نمائندن واري ايوان (House of Representatives) جي ميمبرن کي چونڊڻ لاءِ ”هر هڪ رياست ۾ چونڊيندڙن جون لياقتون اهي ساڳيون هجڻ گهرجن،جيڪي رياستي قانون ٺاهيندڙ مجلس (State Legislature) جي سڀ کان گهڻن ميمبرن واريءَ شاخ جي چونڊيندڙن لاءِ گهربل آهن.“ ٻيو شرط هو ته سينيٽرن جي چونڊ رياستي قانون ٺاهيندڙ مجلسون ڪنديون. اهو فقرو 1913ع ۾ ’سترهين ترميم‘ ذريعي بدلايو ويو، جنهن هيٺ سينيٽرن کي عام ماڻهن پاران چونڊڻ جو شرط وڌو ويو. آئين جو ٽيون شرط اهو هو ته صدر جي چونڊ چونڊيندڙن جي هڪ وچينءَ جماعت ذريعي ٿيندي، جنهن کي صدارتي ”چونڊيندڙ“ (Electors) سڏيو ويو. انهن صدارتي چونڊ ڪرڻ وارن جي چونڊ هر هڪ رياست ۾ ”قانون ساز مجلس جي جاري ڪيل هدايتن پٽاندڙ“ڪرڻي هئي. جيڪڏهن سڀني رياستن مان چونڊيندڙ ڪنهن به اميدوار کي اڪثريت ڏيڻ ۾ ناڪامين، ته صدر جي چونڊ نمائندن واري ايوان کي پهرين پنجن صدارتي اميدوارن مان ڪرڻي هئي (1). ايوان ۾ ووٽ ڏيڻ وقت، هر رياست کي فقط هڪڙو ووٽ هو.

انهن شرطن مان هر هڪ جو سخت پهلو اهو هو ته هر هڪ رياست کي اڪيلي سر فيصلو ڪرڻو پوندو هو ته قومي عهدن لاءِ ڪنهن کي ووٽ ڏيڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي نه. اها حالت اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، سواءِ ان جي ته پندرهين ۽ اڻويهين ترميمن ذريعي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ڪا به رياست ان سلسلي ۾ نسل يا جنس  جي بنياد تي ڪنهن به ماڻهوءَ يا جماعت خلاف امتياز نه رکندي.

تنهن ڪري معلوم ٿيو ته ووٽ ڏيڻ جي حق جي تاريخ جو ڪو به جائزو (سواءِ ٻن ترميمن جي) آئين ۽ رياستي قانون جي ڦيرين گهيرين جو جائزو آهي. قومي حڪومت مناسب قانون وسيلي  انهن ترميمن تي عمل ڪرائي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن رياستي قانون اصلي ۽ عملي طرح امتياز نٿا رکن ته ان قومي قانون جو رياستي قانونن تي ڪو به اثرنه پوندو.

آمريڪا ۾ ووٽ ڏيڻ جي حق، چونڊ جي طريقن ۽ سياسي جماعتن تي رياستن جي اختياريءَ جي ڪهڙي اهميت آهي، ان تي اسين ٻين بابن ۾ بحث ڪنداسين. بهرحال، مختصر طرح اسين هتي اهو چئي سگهون ٿا ته رياستن کي ڏنل انهيءَ بنيادي اختياريءَ سببان، سڄي ملڪ ۾ چونڊن جي طريقن ۾ تمام گهڻوفرق پيدا ٿي پيو آهي. قوم جي وڏين سياسي جماعتن اندر اختيارن جي علحدگيءَ جو وڏو سبب پڻ رياستن جي اها قوت آهي.

اڇي چمڙيءَ وارن مردن کي ووٽ جو حق

آئين جي عمل ۾ اچڻ وقت آمريڪا جي اڇي چمڙيءَ وارن بالغن جي اڪثريت کي ووٽ ڏيڻ جو حق هو. ووٽ ڏيڻ لاءِ رياستن طرفان عام طرح رڳو اهو شرط هو ته ووٽ ڏيندڙ ڪجهه ملڪيت جو مالڪ هجي يا ٿورو گهڻو ٽئڪس ڀريندو هجي. بهرحال، ٽڙيل پکڙيل آباديءَ جي هڪ وڏي ملڪ ۾، جنهن ۾ فقط هڪڙو شهر اهڙو هو جنهن جي آدمشماري چاليهه هزار هئي، ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ اهو آسان هو ته ووٽ استعمال ڪرڻ لاءِ گهربل زمين ٽڪرو حاصل ڪري سگهي(1).

آئين جي عمل ۾ اچڻ جي گهڻن ورهين کان پوءِ، جڏهن سمنڊ جي اوڀر واري ڪناري سان گڏ شهر وڌڻ شروع ٿيا، ووٽ ڏيڻ جي حق کي محدود ڪرڻ جي سلسلي ۾ ملڪيت واري اها بندش وڌيڪ نمايان ٿيڻ لڳي. شهرن جي وڌڻ سان گڏ، بنا ملڪيت وارن پورهيتن جو هڪ ننڍو طبقو به پيدا ٿيو، جنهن کي ان وقت ”مشينن جو ڪم ڪندڙ“ (Mechanics)سڏيو ويندو هو. شروعات ۾ ته جيفرسن (Jefferson)  جهڙن  برابريءَ جي پرچار ڪندڙ سياسي اڳواڻن به انهن پورهيتن کي ووٽ جي حق ڏيڻ سان پيدا ٿيندڙ طاقت کان ڊپ جو اظهار ڪيو. انهيءَ هوندي به، جڏهن انهن پورهيتن جو تعداد وڌيو ته هنن رياستن جي قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين کي، ووٽ ڏيڻ لاءِ ملڪيت هجڻ واري شرط هٽائڻ لاءِ زور ڀريو. ڪجهه وقت تائين اوڀر جي رياستن انهيءَ دٻاءَ جو مقابلو ڪيو.

انهيءَ وچ ۾، لڏي ويندڙن جي اولهه ڏانهن وڃڻ ڪري گهڻيون نيون رياستون اتحاد ۾ شامل ٿيون. جن رياستن کي هينئر ” وچ اولهه“ (Middle West)  سڏيو وڃي ٿو، تن ۾ اهڙن ماڻهن جي آبادي هئي، جن اتي پهچڻ شرط زمينون حاصل ڪيون. اتي طبقاتي متڀيد گهٽ هو. ڪير به شاهوڪار ڪو نه هو، ۽ گهڻو ڪري سڀ ڪٽنب اناج پوکڻ ۽ مال پالڻ يا شڪار تي گذران ڪرڻ سان خود ڪفيل رهي پئي سگهيا. رياستي حڪومتن جون رٿابنديون گهٽ هيون، تنهن ڪري ٽئڪس به تمام گهٽ هئا. انهن حالتن، هيٺ، ووٽ ڏيڻ لاءِ ملڪيت يا ٽئڪس جا شرط لاڳو ڪرڻ بي معنيٰ ٿين ها؛ تنهن ڪري عمر، ۽ رهائش جي گهٽ ۾ گهٽ عرصي جي ڪن گهرُجن کان سواءِ، اوهايو(Ohio) رياست کان علاوه ٻين سڀني نين رياستن اڇيءَ چمڙيءَ وارن مرد شهرين تي ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻي ڪا به بندش نه وڌي.

اولهه جي نين رياستن ۾ انهيءَ برابريءَ ڪري، اوڀر جي پراڻين رياستن ۾ اڇيءَ چمڙيءَ وارن مردن طرفان ووٽ جي حق حاصل ڪرڻ واريءَ تحريڪ کي وڏي هَٿِي ملي. اها تحريڪ، جيڪا اوڻيهين صديءَ جي اوائل ۾ شروع ٿي، تنهن ائنڊريو جئڪسن (Andrew Jackson) جي زماني ۾ نئين سر طاقت حاصل ڪئي. اوڀر جي ڪن ملڪيت رکندڙن جي مخالفت هوندي به، 1830ع ڌاري، اوڀر وارين رياستن جي اڪثريت ۾ اڇيءَ چمڙيءَ  وارن مردن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو. ڪجهه رياستن پنهنجن بندشي قانونن کي لاهڻ ۾ ڍرائي ڪئي. روڊ آئلنڊ(Rhode Island) ته 1842ع تائين ووٽ ڏيڻ لاءِ ملڪيت هجڻ واري پابندي نه هٽائي. آخر ۾ اتر ڪئرولينا (North Carolina)  اها بندش 1856ع ۾ لاٿي، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ اڇيءَ چمڙيءَ وارن بالغ مردن جي ووٽ جو حق قائم ٿيو.


(1)  پويون فقرو ”ٻارهين ترميم“ وسيلي 1804ع ۾ بدلايو ويو، جنهن هيٺ، ٻين ڳالهين سان گڏ، اهو فقرو به لاڳيو ڪيو ويو ته نمائندن وارو ايوان پهرين ٽن مکيه اميدوارن مان هڪ کي صدر چونڊيندو. ٻيو ته ان ذريعي چونڊيندڙن جي ووٽ ڏيڻ جو طريقو به بدلايو ويو. پوئين تبديلي سياسي جماعتن جي وڌڻ ڪري ضروري ٿي پيئي.

(1)  اِهو خيال ان خيال جي ابتڙ آهي، جيڪو ووٽ جي حق جي تاريخ ۾ هن وقت تائين وري وري پئي بيان ڪيو ويو آهي، پر تازن مطالعن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اهو خيال صحيح آهي. انهيءَ سلسلي ۾ خاص طرح شلٽن ولئمسن (Chilton Williamson)  جو هي ڪتاب ڪمائتو آهي:

American Suffrage from Property to Democracy, 1760-1860 (Princeton: Princeton University Press, 1960),

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org