سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 15

 

اميدوار ڪير آهي؟

صدارتي اميدوار

موجوده صديءَ جي شروع کان، صدارت لاءِ ٻنهي جماعتن جا اميدوار گهڻو ڪري گورنرن مان ٿيا آهن. رڳو ٻه ڄڻا ڪانگريس مان، هڪ سپريم ڪورٽ مان، هڪ وزارت مان، ۽ هڪ وقت جي حڪومت جي وڏي انتظامي عهدي مان صدارتي اميدوار ٿاڦيا ويا آهن. ٻه ڄڻا سياست کان ٻاهر چونڊيا ويا. جنرل ڊوائٽ ڊي. آئزنهاور (General Dwight D. Eisenhower) کي 1952ع ۾ نامزدگيءَ کان اڳ پارٽيءَ جو ڪوبه تجربو ڪونه هو، ۽ وينڊيل ولڪي( Wendell Willkie) کي به، جنهن کي پڻ ريپبليڪن پارٽيءَ ٿاڦيو هو، 1940ع ۾ نامزدگيءَ کان اڳ پارٽيءَ جو ڪو خاص تجربو ڪونه هو. انهن ٻنهي اميدوارنمان آمريڪي سياست جي لچڪ ظاهر ٿئي ٿي، جنهن هيٺ پارٽيون موقعي موجب پنهنجن ميمبرن کان ٻاهر وڃي صدارتي اميدوار چونڊي سگهن ٿيون. گورنر عام طرح انهيءَ ڪري اميدوار ٿيا آهن، ڇو ته رسم موجب هو پنهنجين رياستن طرفان وفدن جي اڳواڻن جي حيثيت ۾ ڪنوينشن ۾ ويندا آهن، ۽ اهي وفد گهڻو ڪري گورنر جي ضابطي  يا گهٽ ۾ گهٽ اثر هيٺ هوندا آهن. ٻيو ته گورنر کي انتظام ۽ حڪومت هلائڻ جو تجربو هوندو آهي.، جنهن کي صدر جي عهدي لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته گورنر مفاد وارن گروپن کي ايترو ناراض نه ڪندا آهن. جيترو ڪانگريس جا ميمبر ڪري سگهندا آهن. موجوده زماني جي نقطه نظر کان جيڪڏهن اسين انهيءَ بحث کي جاچيون، ته اهو بحث ڪو وڌيڪ اثرائتو معلوم نه ٿيندو.

صدر ڪير ٿي سگهن ٿا، تنهن بابت ٻين ڳالهين تي نظر وجهڻ کان پوءِ اسان کي معلوم ٿيندو ته 1960ع تائين به سياست جا سنجيده شاگرد چئي سگهيا ٿي ته ماڻهن جا 12 کان 15 قسم اهڙا آهن، جيڪي صدر يا صدارتي اميدور ٿي نٿا سگهن. سندن انهيءَ لسٽ ۾ هيٺيان قسم شامل آهن، جيڪي چونڊ ۾ ڪاميابي ته خير، پارٽيءَ طرفان اميدور ٿاڦجڻ ۾ به ڪامياب نٿا ٿي سگهن: عورت، ٿورائيءَ واري نسلي گروپ جو ميمبر، ڪئٿلڪ، يهودي، سينيٽر،ننڍيءَ رياست جورهاڪو، يا وقت جو نائب صدر. پر 1960ع واريءَ چونڊ ثابت ڪيو آهي ته اهي رايا قطعي نه آهن، ۽ انهيءَ باري ۾سنجيدگيءَ سان ٻيهر ويچارڻ جي ضرورت آهي.

1960ع ۾ ٻن وڏين پارٽين جي اميدوارن مان هڪ سينيٽر هو، ۽ ٻيو نائب صدر. انهن مان هڪڙو ڪئٿلڪ ۽ وچولي درجي جي رياست جو شهري هو، ۽ مڪ جي هڪ ٿورائيءَ واري فرقي سان سندس تمام ويجهو واسطو هو. ٻنهي اميدوارن جو مقابلو سٺو رهيو. وچولي رجي واريءَ رياست جي ڪئٿلڪ سينيٽر] ڪينيڊيءَ[، نائب صدر کان ٿوريءَ اڪثريت سان کٽيو.

انهيءَ چونڊ کان هڪدم پوءِ، سياسي مبصرن چوڻ شروع ڪيو ته اميدوارن کي ٿاڦڻ واري طريقي ۾ ڦيرو آيو آهي. هنن جو بحث هو ته هينئر گورنر سينيٽرن جي ڀيٽ ۾ عوام جي نظرن ۾ ايتري گهڻي اهميت نٿا رکن. هنن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته جيئن ته پرڏيهي پاليسيءَ جي اهميت وڌي رهي آهي، ۽ پرڏيهي پاليسيءَ کي ٺاهڻ ۾ سينيٽ جو وڏو هٿ آهي، تنهنڪري مستقبل ۾ وڏين پارٽين جا صدارتي اميدوار سينيٽرن مان چونڊيا ويندا. اهو شايد صحيح آهي، پر هڪ سؤ سالن ۾ ٻن سينيٽرن جي چونڊ انهيءَ تبديليءَ جي ڪا پختي ثابت نه آهي.

نائب صدارتي اميدوار

گهڻن سالن تائين نائب صدارت لاءِ اميدوار اهي ماڻهو هئا، جيڪي صدارتي اميدوار سان گڏ پارٽيءَ جو ”توازن“ برقرار رکندا ٿي آيا. ائين کڻي چئجي ته جيڪڏهن پارٽيءَ جو صدارتي اميدوار هڪ اترادي رياست مان هو، ته نائب صدارتي اميدوار هڪ اولانهينءَ رياست مان ٿاڦجي ٿي سگهيو. يا جيڪڏهن سمجهو ٿي ويو ته پارٽيءَ جو صدارتي اميدوار پارٽيءَ جي آزاد خيال ڌر مان هو، ته نائب صدارتي اميدوار قدامت پسند ڌر مان چونڊيو پئي ويو.

اميدوارن جي ”توازن“ واري نظريي جو بنياد انهيءَ خيال تي هو ته نائب صدر کي حقيقت ۾ ڪو به ڪم ڪرڻو نه پوندو آهي، سواءِ ان وقت جي، جڏهن صدر مري وڃي. اهو ظاهر آهي ته صدارتي اميدوار جا حامي اهوسمجهندا هئا ته سندن اميدوار کي کٽڻ گهرجي، ۽ اها به اميد رکندا هئا ته هو صدارت جو سڄو مدو جيئرو رهندو. نائب صدارت جي غير اهم هجڻ وارو اهو خيال شروعاتي سالن کان وٺي قائم آهي، جڏهن بينجامن فرينڪلن ( Benjamin Franklin)، اهو محسوس ڪندي ته نائب صدر کي ڪوبه اختيار نه آهي، چيو هو ته کيس ” غير ضروري فضيلت مآب“  سڏيو وڃي.

نائب صدارت بابت اهو خيال قوم جي حياتيءَ جي اڪثر حصي ۾ صحيح رهيو آهي. پر 1932ع ۾، فرينڪلن ڊي. روزويلٽ جي صدر چونڊجڻ کان پوءِ، انهيءَ عهدي جي ڪم ۾ تبديلي آئي. روزويلٽ، نائب صدر جيمس نانس گارنر(James Nance Garner) کي ڪانگريس سان تعلق رکندڙ معاملن لاءِ استعمال ڪيو.پنهنجيءَ صدارت جي ٽئين مدي ۾، روزويلٽ، نائب صدر هينري اي. وئليس(Henry A. Wallace) کي ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي اوائلي سالن ۾ گهڻا ڪم سپرد ڪيا. صدر ٽرومن کي گهڻن ڪمن ۾ نائب صدر البين برڪلي(Alben Berkley)کان ڪارائتي مدد ملي.

بهرحال، آئزنهاور جي حڪومت ئي هئي، جنهن ۾ نائب صدر نمايان اختيار پنهنجي هٿ ۾ کنيا. آئزنهاور، رچرڊنڪسن(Richard Nixon) کي ڪئبينيٽ ميٽنگن ۾ آندو، ۽ جڏهن پاڻ غير حاضر هو ته ڪئبينيٽ-ميٽنگن جي صدارت نڪسن کان ڪرائي، کيس گهڻيون سياسي ذميداريون سپرد ڪيون، ۽ حڪومت پاران عالمي دورن تي موڪليو.

صدر آئزنهاور گهڻن موقعن تي پنهنجو يقين ظاهر ڪيو ته نائب صدر کي صدر جي اڪثر خيالن سان همراءِ هجڻ گهرجي، ان کان پوءِ ئي صدر نائب صدر کي حڪومت جي پروگرامن ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. ٻيو ته ائين ڪرڻ سان ئي، صدر جي موت يا معذوريءَ جي حالت ۾، نائب صدر حڪومت جي پروگرامن کي جاري رکي سگهي ٿو. مسٽر نڪسن صدر آئزنهاور جي خيالن سان ٺهڪي آيو، ۽ صدر جي مرضيءَ مطابق سندس مدد ڪيائين.

1960ع ۾ جيتوڻيڪ ٻنهي پارٽين جي صدارتي ۽ نائب صدارتي اميدوارن جي جاگرافيائي مقامن جو پورو خيال رکيو ويو هو، تڏهن به اها حقيقت آهي ته صدارتي اميدوارن نائب صدارت لاءِ انهن ئي ماڻهن کي قبول ڪيو، جيڪي سندن پاليسين سان اتفاق رکندڙ هئا. ريپبليڪن پارٽيءَ جا اميدوار، نڪسن ۽ هينري ڪئبٽ لاج(Henry Cabot Lodge)، ساڳين ئي خيالن جا هئا. شروع ۾ جيتوڻيڪ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي آزاد خيال ڌر وارن لِنڊن بي. جانسن( Lyndon B. Johnson) کي گهڻو قدامت پسند ٿي سمجهيو، پر هينئر معلوم ٿئي ٿوته گهرو ۽ پرڏيهي مسئلن تي ڪينيڊيءَ ۽ جانسن جا خيال هڪٻئي کان گهڻو جدا نه آهن.

انهيءَ يقين لاءِ سبب موجود آهن ته مستقبل ۾ نائب صدارتي اميدوارن کي ٿاڦڻ جو هاڻوڪو طريقو جاري رهندو. خيال آهي ته صدارتي اميدوار ڪنوينشن تي نائب صدارت لاءِ اهڙن ئي اميدوارن کي ٿاڦڻ لاءِ زور ڏيندا، جيڪي سندن هم خيال هجن.، جاگرافيائي لحاظن جي اهميت قائم رهندي، پر وڌيڪ اهميت صدارتي اميدوارن جي خيالن سان عام اتفاق کي هوندي.

جيڪڏهن انهيءَ  تبديليءَ رواج جي صورت ورتي، ته ان جو آمريڪي سياست تي هڪ ٻيو اثر به پوندو: يعني ته نائب صدر حڪومت جي ڪم ۾ گهڻو حصو وٺندو. هن کي پرڏيهي معاملن جي لاهن- چاڙهن جي تمام چڱي ڄاڻ هوندي، ۽ هو اڳواڻن نائب صدرن جي ڀيٽ ۾ عوام جي نظرن ۾ وڌيڪ اهميت حاصل ڪندو. انهن ڳالهين جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته نائب صدر پنهنجي مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ خود بخود خانگي زندگيءَ ۾ گم ٿي نه ويندو، جيئن اڳي ٿيندو هو.

صدارتي مهم

قومي ڪنوينشن کان اڳ اميدوار گهڻو ڪري صدارتي ترجيح وارين ڪن سڌين چونڊن ۾ حصو وٺي چڪا هوندا آهن، ۽ رهيل رياستن ۾ رياستي پارٽيءَ جي اڳواڻن جي حمايت حاصل ڪري وٺندا آهن. 1960ع واريءَ چونڊ تي مختصر نظر ڊوڙائڻ سان اسان کي چٽيءَ طرح معلوم ٿي ويندو ته ڪهڙيءَ ريت هڪ پارٽيءَ جي اميدوار کي عام آزمائش مان لنگهڻو پوي ٿو.

1960ع واري ريپبليڪن ڪنوينشن ۾ نائب صدر رچرڊ ايم. نڪسن جي مخالفت نالي ماتر هئي. کيس پارٽيءَ جي رياستي تنظيمن جي پٺڀرائي حاصل هئي. سندس نالو گهڻين صدارتي ترجيح وارين سڌين چونڊن ۾ داخل ڪيو ويو، پر مخالفت ۾ ڪو به سنجيدو اميدوار ڪونه هو. نيويارڪ جي هر دلعزيز گورنر، نيلسن راڪيفيلر(Nelson Rockefeller)، کي سندس رياست جي وفد جي اڪثريت جي حمايت هئي، ۽ ان سان گڏ ريپبليڪن پارٽيءَ جي آزاد خيال ڌر جي جذباتي پٺڀرائي به ساڻ هئي. هو ڪنوينشن جي نمائندن جا 120  کان ڪجهه گهٽ ووٽ کڻي پئي سگهيو. پارٽيءَ جي قدامت پسند پاسي کان وري سينيٽر بيري گولڊ واٽر(Barry Goldwater)  هو، جيڪو هڪ سو نمائندن جي حمايت جي اميد ڪري پئي سگهيو. توڙي جو اهي ٻئي اميدوار پنهنجيءَ توقع مطابق گهڻي کان گهڻا ووٽ کڻن ها، تڏهن به سندن جملي ووٽ نڪسن کي ريپبليڪن پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار ٿيڻ کان نه روڪي سگهن ها. ٻنهي مان هرڪو، هٿ کڻڻ جي عيوض، وڌ ۾ وڌ پارٽيءَ جي منشور ۾ پنهنجي مرضيءَ جي ڪجهه ڳالهين کي شامل ڪرائڻ جي اميد ڪري سگهيو ٿي. راڪيفيلر، منشور بابت نڪسن سان بحث ڪري، ان ۾ ڪجهه ڦير گهيري قبول ڪرائي. ان کان پوءِ، ڪنوينشن جي شروع  ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، راڪيفيلر هٿ کڻي ويو.

ڪنوينشن ۾ ووٽنگ ٿيڻ کان اڳ سينيٽر گولڊ واٽر به نڪسن يا نڪسن جي وڏن حامين سان گهڻا گهمرا مليو. پوءِ يا ته سندس زياده قدامت پسند خيالن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويئي، يا ڪي ٻيا سبب هئا، پر گولڊ واٽر پنهنجو نالو ڪنوينشن اڳيان پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، گولڊ واٽر کي ڪنوينشن جي جملي ووٽن جو ٿورو تعداد مليو، ۽ نڪسن پهرينءَ ئي ووٽنگ ۾ کٽيو.

ڊيمو ڪريٽ، 1960ع واري ڪنوينشن کان اڳ

ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ صورتحال ريپبليڪن پارٽيءَ کان گهڻو مختلف هئي. ڊيمو ڪريٽڪ ڪنوينشن کان هڪ سال اڳ تائين، ڪو به هڪڙو اميدوار ٻين اميدوارن کان اڳرو نه هو. گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو امڪاني اميدوار سمجهيا پئي ويا. اِسٽوئرٽ سيمنگٽن (Stuart Symington)، هيوبرٽ ايڇ. همفري (Hubert H. Humphrey)،لِنڊن بي. جانسن(Lyndon B. Johnson)، جان ايف. ڪينيڊي(John F. Kennedy) ۽ اڳوڻي اميدوار ائڊلائي اي. اسٽيونسن( Adlai E. Stevenson)، سڀني سينيٽرن کي پارٽيءَ جي نامزدگي کٽڻ جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ موقعو ڏنو ويو. انهن مان ٻن، سينيٽر جانسن ۽ سينيٽر سيمنگٽن، صدارتي ترجيح وارين ابتدائي چونڊن ۾ حصي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو.ٻن سينيٽرن، همفري ۽ ڪينيڊيءَ، فيصلو ڪيو ته سندن واسطي پارٽيءَ طرفان ٿاڦجڻ لاءِ صدارتي ترجيح وارين ابتدائي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ائڊلائي اسٽيونسن رسمي طرح پنهنجي نالي پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. اهو ظاهر آهي ته هن اميد پئي ڪئي ته ٻين اميدوارن ۾ اهڙي ويڙهه لڳندي يا هو پنهنجا موقعا اهڙيءَ ريت وڃائيندا، جو پارٽي رڳو سندس اميدواريءَ تي اتفاق ڪندي.

سيمنگٽن ۽ جانسن پنهنجيون سرگرميون انهن رياستن ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻ تائين محدود رکيون، جن ۾ صدارتي ترجيح واريون ابتدائي چونڊون نه ٿينديون آهن. هو پارٽيءَ جي انهن اڳواڻن کان ڪنوينشن ۾ حمايت ڪرڻ جا واعدا وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا. هو سينيٽر هيمفري يا سينيٽر ڪينيڊيءَ سان صدارتي ترجيح وارين ابتدائي چونڊن ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا.

پوين ٻن سينيٽرن، جن کي پنهنجن علائقن کان ٻاهر وارين رياستن ۾ پارٽيءَ جي پٺڀرائي حاصل نه هئي، محسوس ڪيو ته اميدواري حاصل ڪرڻ لاءِ کين پنهنجين خوبين جو ڏيکاءُ ڪرڻو آهي. هنن تنهنڪري گهڻين رياستي ابتدائي چونڊن ۾ بهرو ورتو. سينيٽر ڪينيڊيءَ اميدواريءَ لاءِ ڊوڙ پنهنجيءَ رياست مساشوسيٽس جي ڀر واريءَ ايراضيءَ کان شروع ڪئي، جتي کيس چڱيءَ طرح سڃاتو ويندو هو. سينيٽر همفريءَ مهم جي شروعات منيسوٽا ۽ ڏکڻ ڊڪوٽا کان ڪئي. انهن رياستن ۾ ٻنهي جو ڪنهن به سختيءَ سان مقابلو نه ڪيو.

ظاهر آهي ته معمولي مخالفن کان ابتدائي چونڊ کٽڻ سان ٻنهي جي صورت ۾ ڪو خاص واڌارو نٿي اچي سگهيو. ٻنهي ڄاتو ٿي ته ابتدائي چونڊن کين ۾ هڪٻئي سان سڌو مقابلو ڪرڻ گهرجي. پهريائين هو وسڪونسن ۾ هڪٻئي سان ٽڪريا، هر هڪ کي هن رياست ۾ هڪ نه ٻئي نموني فوقيت حاصل هئي.

وسڪونسن رياست منيسوٽا جي پاڙيسري آهي، جنهن ۾ همفريءَ پنهنجيءَ رياست کان علاوه سڀ کان سخت مهم هلائي هئي. ڪينيڊيءَ کي انهيءَ اميد ڪرڻ جو سبب هو ته انهيءَ رياست جي اترادي حصي جا ڪئٿلڪ ووٽر ساڻس همدردي ڪندا.

سخت مهم کانپوءِ، جنهن ۾ ٻنهي اميدوارن سڄيءَ رياست جو دورو ڪيو، وڏن ۽ ننڍن گروپن سان ڳالهايو ۽ هزارين ماڻهن سان پاڻ کي متعارف ڪرايو، ابتدائي چونڊ ۾ ڪينيڊيءَ کي وفد جا ساڍا ويهه ووٽ مليا، ۽ همفريءَ کي ساڍا ڏهه.

سندن چٽاڀيٽيءَ جو ٻيو امڪاني هنڌ اولهه ورجينيا هو. سينيٽر ڪينيڊيءَ جي کوجنا ڪندڙ عملي، ڊسمبر 1959ع ۾ عام راءِ معلوم ڪئي ته سينيٽر ڪينيڊيءَ  کي همفريءَ مٿان ترجيح حاصل هئي. پنهنجي مخالف جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪينيڊيءَ  لاءِ هيءَ هڪ مثالي رياست هئي. اولهه ورجينيا جي آباديءَ جي اڪثريت پرٽيسٽنٽن جي آهي: انهيءَ رياست ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان هو ڏيکاري ٿي سگهيو ته هڪ ڪئٿلڪ  لاءِ پراٽيسٽنٽ علائقي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪو سخت مسئلو نه آهي. اولهه ورجينيا ڪڏهن به اها ثابتي نه ڏني آهي ته هوءَ ڪئٿلڪن جي خلاف آهي. ٻيو ته اها ئي رياست آهي، جتي ڪائونٽي ۽ شهري سطح وارين پارٽي تنظيمن تي اڳواڻن جو مڪمل قبضو هو. ڪينيڊيءَ ۽ سندس حامين کي هن قسم جي سياست جي وڏي ڄاڻ هئي، جڏهن ته وچ اولهه جي تنظيمي سياست ۾ همفري اڃا ٻار هو.

ٽن هفتن جي سخت مهم کان پوءِ، سينيٽر ڪينيڊيءَ اولهه ورجينيا جي صدارتي ترجيح واريءَ ابتدائي چونڊ ۾ تمام وڏيءَ اڪثريت سان همفريءَ تي فتح پاتي. همفري، سينيٽر جانسن ۽ سيمنگٽن جي حامين جي مدد حاصل ڪرڻ کان پوءِ به، سينيٽر ڪينيڊيءَ کان گوءِ کڻي نه سگهيو. هينئر جانسن ۽ سيمنگٽن محسوس ڪيو ته جيستائين ڪينيڊيءَ کي ڪنهن ابتدائي چونڊ ۾ شڪست نه ڏني ويئي آهي، تيستائين کيس ڪنوينشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان ڪير به رنڊائي نه سگهندو.

اولهه ورجينيا جي ابتدائي چونڊ ۾ هارائڻ کان پوءِ، همفري وڌيڪ مقالي تان هٿ کڻي ويو. سينيٽر ڪينيڊيءَ سخت پراٽيسٽنٽ آباديِ وارن علائقن ۾ به پاڻ کي مضبوط اميدوار  ثابت ڪيو. اڳ جيڪي رياستي پارٽيون  ڪينيڊيءَ جي پٺڀرائي ڪرڻ  کان هٻڪي رهيون هيون، انهن هينئر ظاهر ٿي ڪنوينشن ۾ سندس مدد ڪرڻ جو واعود ڪيو. ان جي نتيجي ۾، هاڻي نظر اچڻ لڳو ته سينيٽر ڪينيڊي ڊيموڪريٽڪ  پارٽيءَ جي ڪنوينشن ۾ پهرينءَ ئي ووٽنگ ۾ اميدوار ٿاڦيو ويندو.ڪنوينشن ۾ جانسن ۽ اسٽيونسن جي ڪجهه طاقت هجڻ کان پوءِ به، اڳڪٿيءَ مطابق، سينيٽر ڪينيڊي پهرينءَ ووٽنگ ۾ ڪامياب ٿيو.

مٿي اسين ڪنوينشن کان اڳ واريون جيڪي سرگرميون بيان ڪري آيا آهيون، تن مان نامزدگيءَ جو عام طريقو سمجهي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو عهدي تي فائز صدر ٻيهر پارٽيءَ جي اميدوار جي حيثيت ۾ نامزدگي چاهي، ته اها کيس آسانيءَ سان ڏني ويندي آهي. ٻئي هٿ تي، مخالف پارٽيءَ ۾ ڪو هڪڙو ماڻهو نه هوندو آهي، جيڪو ٻين اميدوارن کان ايترو اڳرو هجي جو کيس پارٽي پنهنجو صدارتي اميدوار ٿاڦي. ڪنوينشن کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا اڳ تائين چار يا پنج ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن کي پارٽيءَ جي نامزدگيءَ جي اميد هوندي آهي.

ڪنوينشن کان پوءِ جي مهم

قومي ڪنوينشن کان پوءِ، پارٽيءَ جي اندر سموريون ڌريون عام طرح ڪامياب اميدوار جي پاسي ٿي وينديون آهن. انهيءَ عام اصول جي ڀڃڪڙي هن وقت رڳو ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ ڏٺي وڃي ٿي. جيئن ته ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جو صدارتي اميدوار گهڻو ڪري ڪنهن اترادي رياست مان هوندو آهي، تنهنڪري ڏاکڻين رياستن جا ڪجهه اڳواڻ صدارتي اميدوار جي شهري حقن بابت سخت موقف جي پٺڀرائي  ڪرڻ کان نٽائيندا آهن.

1960ع ۾ ساڳي حالت هئي. مسيسپي، الاباما ۽ ورجينيا جي ڪجهه پارٽي-اڳواڻن، ظاهري يا ڳجهيءَ طرح، ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار جي مخالفت ڪئي. مسيسپي ۽ الاباما رياستن جي اڳواڻن ريپبليڪن پارٽيءَ جي اميدوارن جي به مدد نه ڪئي، ڇو ته اميدوار شيدين کي وڌيڪ شهري حق ڏيڻ جي فائدي ۾ هئا. ورجينيا جي ڊيمو ڪريٽ اڳواڻن ته ڊيمو ڪريٽڪ يا ريپبليڪن، ٻنهي اميدوارن کي مدد ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. ممڪن آهي ته هنن لڪل طرح ريپبليڪن پارٽيءَ جي اميدوار جي مدد ڪئي هجي.

1960ع ۾ صدارتي مهم جو طريقو به ساڳيو اهڙو هو، جهڙو صديءَ جي پوئين چوٿائيءَ دوران هو. هن دفعي هڪ ڊرامائي تبديلي وجود ۾ آئي: اها هئي ٻنهي اميدوارن جو ٽيليويزن تي بحث. اهو تقرير مباحثو هڪ ئي رات ۾ 7 ڪروڙ پنجاهه لک ماڻهن ٽيليويزن تي ڏٺو. اسين انهيءَ مباحثي تي اڳتي هلي مختصر بحث ڪنداسين.

نائب صدرنڪسن ۽ سينيٽر ڪينيڊيءَ، رائج ٿيل رسم جي پورائي ڪندي،پنهنجن حامين سان واعدو ڪيو ته هو سڄي ملڪ ۾ سخت مهم هلائيندا. نڪسن ته ايتري قدر واعدو ڪيو ته هو آمريڪا جو هر رياست ۾ وڃي تقريرون ڪندو. سندس نامزدگيءَ جي ڇهن هفتن کان پوءِ سندس ڄنگهه سُڄي  پيئي، جنهن ڪري کيس ٻه هفتا اسپتال ۾ رهڻو پيو، تنهن هوندي به هن پنهنجو واعدو پورو ڪيو. سينيٽر ڪينيڊيءَ به آمريڪا جي رياستن ۾ واچوڙي وانگر دورا ڪيا، پر نڪسن جي ڀيٽ ۾ هن ڏکڻ ۾ گهٽ وقت گذاريو. ان جو سبب اهو هو ته ڪينيڊيءَ جو نائب صدارتي اميدوار، ٽيڪساس رياست جو لِنڊن بي. جانسن، خاص طرح ڏکڻ ۾ مهم هلائي رهيو هو. جيتوڻيڪ پارٽيءَ جي ٻنهي اميدوارن سڄي ملڪ ۾ مهم هلائي، پر هنن گهڻو وقت وڏين رياستن ۾ صرف ڪيو. جيئن ته هڪ رياست جا سمورا ”چونڊيندڙ ووٽ“(Electoral votes) عام  ووٽن (popular vote) ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوار کي ڏنا ويندا آهن، تنهنڪري اتر-اوڀر، وچ اولهه ۽ ڏور اولهه جي رياستن کي وڏي اهميت آهي، جن جي آدمشماري گهڻي آهي. ٻنهي پارٽين جا اميدوار ڄاڻندا آهن ته نيويارڪ، پينسلوانيا، نيوجرسي، انڊيانا، اوهايو، مشين، الينائي، مِسوري ۽ ڪئليفورنيا رياستن جي ووٽن تي چونڊ جي نتيجي جو مدار هوندو آهي. گهٽ آباديءَ وارين رياستن ۾ ووٽ کٽڻ چڱي ڳالهه آهي، پر اهو ضروري آهي ته اميدوار گهٽ ۾ گهٽ ٽن يا چئن وڏين رياستن جا ووٽ کڻي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کان پوءِ، انهيءَ ڳالهه تي عجب نه لڳندو ته ڪينيڊيءَ ڇو پنهنجي وقت جو 85 في سيڪڙو مٿي ڏيکاريل وڏين رياستن ۾ مهم هلائيندي گذاريو.

ٻنهي اميدوارن وڏين رياستن ۾ مهم هلائيندي تقريرون ڪيون، پاڻ کي تعارف ڪرايو، ۽ رياستي ۽ مقامي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون. سواءِ نيويارڪ جي، سڀني رياستن ۾ انهن مهمن پنهنجو اثر ڏيکاريو. سينيٽر ڪينيڊيءَ نيويارڪ ۾ ووٽن جو فيصله ڪُن تعداد کنيو.

مهم جا مسئلا

ريپبليڪن ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي وچ ۾ ڪنهن به صدارتي مهم جي مسئلن بابت گهڻيءَ حد تائين صحيح اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. مخالف پارٽي هميشه حڪمرانن پارٽيءَ جي پرڏيهي پاليسيءَ کي ننديندي آهي. ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي، جنهنکي مزدورن جي ٻه ڀاڱي ٽي حصي جي مدد حاصل آهي، زور ڏيندي آهي ته ريپبليڪن پارٽي غريب شهرين جي زندگيءَ جي معيار وڌائڻ لاءِ سرڪاري پئسو خرچ ڪرڻ نٿي گهري. ڊيمو ڪريٽ خاص اقتصادي سڌارن جون رٿون به پيش ڪندا آهن. هو اهو به واعدو ڪندا آهن ته ريپبليڪن حڪومت جي ڀيٽ ۾ هو وڌيڪ زرعي سڌارا آڻي سگهن ٿا. 1960ع ۾ ڊيمو ڪريٽن چيو ته ريپبليڪن حڪومت ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي.

ٻئي هٿ تي، ريپبليڪن وري سڌارن بابت ڳالهائيندي ائين به چوندا ته موجوده وقت ۾ متوازن قومي بجيٽ جي ضرورت آهي. هو به هارين کي واعدو ڪندا آهن ته سندن حالت سڌاري ويندي، سا به گهٽ خرچ سان. 1960ع ۾ هنن آئزنهاور جي حڪومت تي فخر جو اعلان ڪيو، ڇو ته آئزنهاور ڪميونسٽن کي وڏين رعايتن ڏيڻ کان سواءِ امن برقرار رکيو هو.

ٻئي پارٽيون، رواج موجب، شيدين کي وڌيڪ شهري حق ڏيارڻ جو واعدو ڪنديون آهن. 1960ع ۾ اميدوارن چيو ته هو شيدين کي ڏکڻ ۾ ووٽن جا هڪجهڙا حق ڏيارڻ ۽ شيدين خلاف اسڪولن ۽ نوڪرين ۾ ٿيندڙ متڀيد خلاف وفاقي حڪومت جا اختيار استعمال  ڪندا.

1960ع واريءَ چونڊ ۾، مهم جي عام اختلافن ۾ هڪ وڌيڪ مسئلو شامل ڪيو ويو- اهو هو مذهب. انهيءَ کان اڳ آمريڪي تاريخ ۾ هر هڪ پارٽيءَ رڳو هڪ دفعو ڪنهن ڪئٿلڪ کي پنهنجو اميدوار ٿاڦيو هو. 1928ع ۾ الفريڊ اي. سمٿ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جو اميدوار هو، جنهن کي هربرٽ هوور (Herbert Hoover) زبردست شڪست ڏني. ان وقت سمٿ جي شڪست جو سبب، ووٽرن جي ڪئٿلڪن خلاف ذهنيت کي ٺهرايو ويو.

1928ع ۾ مذهب جي مسئلي جي اهميت ڪهڙي به هجي، پر 1960ع ۾ اليڪشن کان اڳ واري جائزي ۾ مذهب جو مسئلو  ڪافي اهم هو. مهم دوران نائب صدر نڪسن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي مذهب جي بنياد تي ملڪ اندر ڪنهن به عهدي کان محروم نه ڪرڻ کپي. انهيءَ بيان کان پوءِ، نڪسن مذهب جي مسئلي تي وڌيڪ بحث کان بلڪل انڪار ڪيو.

انهيءَ مسئلي تي سينيٽر ڪينيڊيءَ به رڳو هڪ دفعو هائوسٽن(ٽيڪساس رياست) ۾ پراٽيسٽنٽ اڳواڻن اڳيان ڳالهايو هو. پنهنجيءَ تقرير ۾ هن پراٽيسٽنٽن کي اپيل ڪئي ته هو رڳو مذهب جي بنياد تي ووٽ نه ڏين، ڇو ته ڪنهن به مذهب سان تعلق رکڻ واري پنهنجي پيدائشي حق جي ڪري ڪو به ماڻهو صدارت کان محروم نه رهڻ کپي. هن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت جي پاليسين جي سلسلي ۾ هو مذهب کان آزاد آهي. مهم جي پوئين حصي ۾ انهيءَ تقرير جون فلمون ۽ رڪارڊ ڪيل حصا  گهڻين اترادي رياستن ۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڏيکاريا ۽ ٻڌايا ويا.

ٻيئي اميدوار پاڻ ۾ مذهب جي مسئلي بابت خبردار رهيا، پر سندن حامين انهيءَ جو خيال نه ڪيو. ڪيترائي اطلاع پهتا هئا، جنهن موجب ڪينيڊيءَ جي مدد لاءِ سندس حامين ڪئٿلڪن جا ووٽ پڪا ڪرڻ لاءِ مذهب جي مسئلي کي هوا ڏني، ۽ اهڙيءَ طرح نڪسن جي پٺڀرائي ڪندڙن به پراٽيسٽنٽن کي پنهنجي طرف ڪرڻ لاءِ مذهب کي لاڙيو. تنهن هوندي به، ٻنهي اميدوارن جي پختي رويي سبب، انهيءَ مسئلي تي گهڻو بحث نه ٿيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مذهب جو ووٽن ۾ دخل رهيو هو، پر اهو ممڪن آهي ته ڪينيڊيءَ جي چونڊ سان هاڻي مذهب جو مسئلو مستقبل جي مهمن ۾ نه پيدا ٿئي.

ٽيليويزن ۽ مهمون

ٽيليويزن ذريعي ووٽرن تائين پهچڻ جو سلسلو 1952ع کان ئي شروع ٿي ويو هو، پر ان ذريعي کي عظيم اهميت 1960ع ۾ ملي. مهم جي اوج دوران ٻنهي اميدوارن جي وچ ۾ ٽيليويزن تي چئن مباحثن جو انتظام ڪيو ويو. ممڪن آهي ته چونڊ جي نتيجي تي انهن مباحثن جو به اثر پيو هجي.

اهي مباحثا صحيح معنيٰ ۾ مباحثا نه هئا، بلڪ ان لاءِ اخباري ليکڪن ۽ نشريات جي ماهرن ٻنهي اميدوارن کان سوال پڇيا، ۽ ٻنهي کي هر هڪ سوال جي جواب ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويو.

پهرئين مباحثي ۾ نڪسن جي حامين کي سخت ڌڪ لڳو، ۽ ڪينيڊيءَ جي پٺڀرائي ڪندڙن کي وڏي هٿي ملي. پهرئين سڄي مباحثي ۾ ڪينيڊي اڳرائي ڪندڙ رهيو، ۽ نائب صدر نڪسن ٺاهه جا وجهه ڳولڻ تي مجبور ٿيو. گهڻن مبصرن محسوس ڪيو ته ڪينيڊيءَ مباحثو ” کٽيو“. بيشڪ، انهيءَ سببان عوام جي نگاهن ۾ ڪينيڊيءَ جي شخصيت جو قدر وڌي ويو.

باقي ٽن مباحثن ۾ سينيٽر ڪينيڊيءَ جي شخصيت جو ماڻهن جي نظرن ۾ واڌارو کڻي نه ٿيو، پر تڏهن به نڪسن جيڪي ڪجهه پهرئين مباحثي ۾ وڃايو هو، سو وري حاصل ڪري نه سگهيو. اهو چوڻ مشڪل ٿيندو ته انهن مباحثن جو چونڊ جي نتيجي تي اثر پيو يا نه، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو يقين آهي ته مباحثن سان نڪسن کي ڪا به مدد نه پهتي، ۽ ڪينيڊيءَ کي ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جو موقعو مليو. اهو به يقين آهي ته ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ به ٽيليويزن تي مباحثن کي اهميت ملندي.

چونڊ

آمريڪا ۾ پولنگ مختلف رياستن ۾ مختلف وقتن تي شروع ٿيندي آهي. 1848ع کان وٺي صدارتي چونڊ هر رياست ۾ نومبر جي پهرئين سومر کان پوءِ، پهرئين اڱاري تي ٿيندي آهي، پر ووٽنگ جو اصل وقفو مختلف رياستي قانونن تي مدار رکي ٿو(1). عام طرح اترادي رياستن ۾ ووٽن جا نتيجا پهريائين اچڻ شروع ٿيندا آهن، ڇو ته اتي ووٽنگ-مشينون استعمال ڪيون وينديون آهن.

گهڻي وقت کان وٺي اهو رواج رهيو آهي ته شهرن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار کي ووٽ ملندا آهن، ۽ ڳوٺاڻن ۽ گهٽ آباديءَ وارن علائقن ۾ ريپبليڪن اميدوار گهڻا ووٽ کڻندو آهي. تنهنڪري، سوال آهي ته ”شهرن ۾ ڊيمو ڪريٽ ايترا گهڻا ووٽ حاصل ڪري سگهندا، جو جڏهن شهرن کان ٻاهر وارن علائقن مان ووٽن جا نتيجا اچڻ شروع ٿين، تڏهن به ڊيمو ڪريٽن جي اڪثريت قائم رهي؟“ اهوسوال هميشہ صحيح به نه آهي. مثال طور، 1948ع ۾ صدر هئري ٽرومن پنهنجي ٻيءَ اليڪشن ۾ ڳوٺاڻين ايراضين جي ووٽن جي نتيجن ظاهر ٿيڻ وقت به اڪثريت حاصل ڪندو رهيو.

1960ع ۾ اتر- اوڀر وارين رياستن جا نتيجا اڳ ۾ آيا، جنهن ۾ ڪينيڊيءَ  کي زبردست ووٽ مليا. نيو انگلينڊ وارين رياستن، نيويارڪ  ۽ پينسلوانيا ۾ ڪينيڊيءَ کي مليل ووٽن جي اڪثريت جي بنياد تي، گهڻن مبصرن ائين چيو ته ڪينيڊي  زبردست اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو. پر جڏهن ملڪ جي ٻين حصن مان نتيجا اچڻ شروع ٿيا، تڏهن اهو صاف ظاهر ٿيندو ويو ته عام ووٽن ( popular votes) ۾ مقابلو سخت آهي. اهو به چٽيءَ طرح ظاهر ٿيو ته صدارتي ”چونڊيندڙ ووٽن“(electoral votes) ۾ ٻنهي مان ڪو به هڪڙو اميدوار تمام ٿوري فرق سان کٽندو.

1960ع واريءَ چونڊ ۾ مقابلو ايترو ته سخت هو جو ووٽنگ پوري ٿيڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ تائين به نائب صدر نڪسن شڪست نه مڃي. انهيءَ وقت به اڃا گهڻين رياستن مان نتيجا نه آيا هئا. ڪئليفورنيا رياست ۾ نڪسن تڏهن کٽيو، جڏهن عام ووٽن کان گهڻا ڏينهن پوءِ، غير حاضر ووٽن جي ڳڻپ ڪئي ويئي. هوائي رياستن ۾ پهريائين ڪينيڊيءَ کٽيو، پوءِ نڪسن، ۽ جڏهن سرڪاري طرح ڳڻپ ٿي ته هڪ دفعو وري ڪينيڊيءَ کٽيو.

اِلينائي رياست ۾ ڪل 47 لک ووٽ پيا، جن مان ڪينيڊيءَ فقط 8858 ووٽن جي اڪثريت سان کٽيو. ٽيڪساس، نيو جرسي ۽ مسوري رياستن ۾ ڪينيڊيءَ  کي ڪل 3 ڪروڙ 42 لک 27 هزار ۽ 96 ووٽ مليا، ۽ نڪسن کي 3 ڪروڙ 41 لک 8 هزار 3 سؤ 19 ووٽ. اهڙيءَ طرح، ڪينيڊيءَ ٻنهي پارٽين جي اميدوارن لاءِ پيل 6 ڪروڙ 83 لک 35 هزار 3 سؤ ۽ 15 ووٽن مان هڪ لک 18 هزار 8 سؤ 77 ووٽن جي اڪثريت سان کٽيو. سندس ووٽ حقيقت ۾ جملي ووٽن جي اڪثريت کان ڪجهه گهٽ هئا، ڇو ته ڪجهه وٽ ڪن رياستن ۾ ٻين جماعتن کي به ڏنا ويا.


(1)    1848ع کان اڳ، هر هڪ رياست چونڊن لاءِ پنهنجو جدا ڏينهن مقرر ڪندي هئي، تنهنڪري پارٽيءَ جا اميدوار هڪ رياست ۾ چونڊ ختم ٿيڻ تائين مهم هلائي، پوءِ وري ٻيءَ رياست ۾ ويندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org