سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 15

 

ابتدائي چونڊ کان اڳ واريون گڏجاڻيون

جن رياستن ۾ پارٽين جا اڳواڻ طاقتور پئي رهيا آهن، اتي پارٽين طرفان گورنر،سينيٽ ۽ رياستي عهدن جي نامزدگيءَ لاءِ نمائندن جي گڏجاڻيءَ يا ڪنوينشن وارو سرشتو (delegate convention system) وري قائم ڪيو ويو آهي. اهڙيون گهڻيون رياستون اوڀر ۾ آهن.

ڪجهه رياستون، قانون يا رواج مطابق، پارٽين کي ابتدائي چونڊ کان اڳ ڪنوينشن سڏائڻ جي اجازت ڏين ٿيون. رياست جي سڀني حصن جا پارٽي اڳواڻ انهن ڪنوينشنن ۾ گڏجي، ابتدائي چونڊ ۾ پارٽيءَ جي ميمبرن کي رياستي عهدن لاءِ اميدوارن جي سفارش ڪندا آهن. ٻيا اميدوار عام طريقي موجب بئلٽ تي پنهنجو نالو درج ڪرائي سگهن ٿا. پارٽيءَ جي سفارشي اميدوارن کي  کٽڻ جو سٺو وجهه هوندو آهي، پر آخري چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جو مدار هروڀرو ڪنوينشنن ۾ ڪيل فيصلن تي نه هوندو آهي.

ابتدائي چونڊن کان اڳ پارٽي اڳواڻن کي اميدوارن بابت خيال ظاهر ڪرڻ جي موقعي ڏيڻ لاءِ ڪنوينشن سڏائڻ واري انهيءَ سرشتي ۾، جدا جدا هنڌن تي گهڻي بدل سدل آهي. ڪنيڪٽيڪٽ رياست ۾ (جتي ابتدائي چونڊون سڀ کان آخر ۾ رائج ٿيون) ڪنوينشن جو فيصلو آخري هوندو آهي؛ پر شڪست کاڌل ڪو اميدوار، جنهن ڪنوينشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 في سيڪڙو ووٽ کنيا آهن، سو سڌي ابتدائي چونڊ جي تقاضا ڪري سگهي ٿو. جڏهن کان وٺي اهو قانون وجود ۾ آيو آهي، ڪنهن به اميدوار ڪنويشن جي فيصلي تي اعتراض نه ورتو آهي. پر هڪ دفعي ائين به ٿيو آهي ته هڪ وڏيءَ مشهور سياسي شخصيت ڪنوينشن کي دڙڪو ڏنو هو ته جيڪڏهن کيس اميدوار نه ٿاڦيو ويو ته هو سڌي ابتدائي چونڊ جي گهُرَ ڪندو. ڪنوينشن ان دڙڪي کان ڊڄي، کيس اميدوار چونڊيو.

آيووا (Lowa) رياست ۾ ابتدائي چونڊ پهريائين ڪرائي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪو به اميدوار ان ۾ جملي ووٽن جي 35 سيڪڙي کان وڌيڪ ووٽ نٿو کڻي، ته پوءِ پارٽيءَ جو ڪنوينشن سڏائي، ان ۾ سڌيءَ ابتدائي چونڊ ۾ گهڻا ووٽ کڻندڙ اميدوارن مان چونڊ ڪئي ويندي آهي.

 

سڌي ابتدائي چونڊ تي ڪجهه تبصرا.

سڌي ابتدائي چونڊ جي پرچار ڪندڙن جو مقصد پارٽين تي اڳواڻن جي قبضي کي ختم ڪرڻ، بلڪ خود پارٽين جي اهميت کي گهٽائڻ هو. ڳوٺاڻين ايراضين ۽ ننڍن شهرن جا ماڻهو، پارٽين کي اڳواڻن ۽ شهرن  جي شاهوڪارن ۽ واپارين جي مفادن جو ذريعو سمجهنديون هيون. هنن جو يقين انهيءَ ڳالهه ۾ هو ته اميدوارن جي نامزدگيءَ جو اختيار عوام کي ڏيڻ سان ئي عوام جي مفادن جي حفاظت ٿي سگهندي. هربرٽ ڪرولي (Herbert Croly) ۽ وقت جا ٻيا برک دانشور، پارٽين خلاف آواز اٿاريندڙن سان شامل ٿيا. ڪرولي جو خيال هو ته جيستائين اليڪشنن تي ۽ ملڪي ۽ شهري پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن تي سياسي جماعتن جو قبضو هوندو، تيستائين آمريڪا جي قومي زندگيءَ جو مقصد حاصل نه ٿيندو.

سڌين ابتدائي چونڊن جي پٺڀرائي ڪندڙن جي اُميدن جي باوجود، اهو سرشتو نڪو سياسي جماعتن کي تباهه ڪري سگهيو آهي، ۽ نه وري ملڪ ۾ بدعنوانيءَ يا بالادستيءَ کي مڪمل طرح ختم ڪري سگهيو آهي. البت انهيءَ سرشتي جي ڪري بداعمالين تي عمل ڪرڻ سو وڌيڪ ڏکيو بنجي ويو آهي، ۽ سياسي اڳواڻ پنهنجي طريقن مَٽائڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. ازان سواءِ، سڌيءَ ابتدائي چونڊ پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ اهو ممڪن بنايو آهي ته اميدوارن جي پسند واري معاملي ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻن جي فيصلن کي رد ڪن.

سڌين ابتدائي چونڊن واري سرشتي جي وڌڻ سان پارٽي – اڳواڻن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر انهيءَ گهٽتائيءَ جو سبب رڳو سڌي ابتدائي چونڊ ئي ڪانه آهي، بلڪ سول سروس ۾ لياقتن جي بنياد تي ماڻهن جي ڀرتيءَ جي سرپرستي ختم ٿي ويئي آهي. تنهن کان سواءِ، جيئن جيئن حڪومت شهرين جي ڀلائيءَ جو وڌيڪ ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي رهي آهي، تيئن تيئن سياسي پارٽيون، بيروزگاريءَ يا اقتصادي بحران جي وقت ۾ سندن خانگي امداد جي عيوض، شهرين کان وفاداريءَ جي طلب ڪري نٿيون سگهن.

شهرن جي اڳواڻن کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، پر انهيءَ جي نتيجي ۾ قومي توڙي رياستي جماعتن جي اثر ۾ ڪو به واڌارو ڪونه آيو آهي، ۽ انهن جي اختياري ڪنهن به هڪ مرڪزيت تي ڄميل ڪا نه آهي. اهو سچ آهي ته سڌين ابتدائي چونڊن جي سرشتي سببان سياسي اثر ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي. سواءِ ڪجهه وڏن شهرن جي، پارٽيءَ طرفان اُميدوار ٿاڦجڻ لاءِ ماڻهو پارٽيءَ جي پڪن ميمبرن تي ڀاڙيندا آهن. پارٽين جي قبضي ۾ ايترا ووٽ هوندا آهن جو جن اميدوارن جي پٺڀرائي پارٽيون ڪنديون آهن، تن کي اوائلي فائدو پهچائي سگهنديون آهن، پر اهو فائدو تڏهن ئي اهميت رکي ٿو، جڏهن سندن تجويز ڪيل اميداور سڌيءَ ابتدائيءَ چونڊن ۾ ووٽرن جي اڪثرت کي قبول پون.

 

چونڊون

آمريڪا ۾ چونڊون مقرر وقفن تي ڪرايون وينديون آهن. نمائندن واري ايوان جا ميمبر هر ٻئي سال، ۽ سينيٽر هر ڇهين سال چونڊيا ويندا آهن، پر سينيٽر جي چونڊ اهڙيءَ ريت ڪرائي ويندي آهي جو سينيٽ جي ميمبرن جو ٽيون حصو هر ٻئي سال چونڊيو ويندو آهي. صدر جي چونڊ هر چوٿين سال ٿيندي آهي. رياستي ۽ مقامي عملدارن (سواءِ ججن جي) هڪ کان چئن سالن جي عرصي لاءِ چونڊيا ويندا آهن.

ڪانگريس جي ميمبرن ۽ صدر جي چونڊ نومبر جي پهرئين سومر کان پوءِ، پهرئين اڱاري ڏينهن ڪرائي ويندي آهي. سڌيون ابتدائي چونڊون، هر رياست جي قانون موجب، سال جي ڪنهن به وقت ڪرايون وينديون آهن.

چونڊن لاءِ هر رياست ۾ تڪ ٺاهيا ويندا آهن، جن کي precincts چوندا آهن. تڪ شهرن ۾ آباديءَ جي لحاظ کان، ۽ ڳوٺاڻين ايراضين ۾ سفر جي مفاصلي کي خيال ۾ رکي مقرر ڪيا ويندا آهن. هر هڪ تڪ ۾ هڪ سئو کان وٺي ٽن هزارن تائين ووٽ ٿي سگهن ٿا. ڳوٺاڻين ايراضين جي تڪن ۾ ووٽرن جو تعداد عام طرح گهٽ هوندو آهي. جن شهري تڪن ۾ ووٽ بئلٽ – پيپر ذريعي ڏنا ويندا آهن، تن ۾ ووٽرن جو تعداد اُنهن تڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي، جتي مشينن وسيلي ووٽ ڏنا ويندا آهن. چونڊون سرڪاري عمارتن ۾ ٿينديون آهن، جهڙوڪ فائربرگيڊ ۽ اسڪول. جتي سرڪاري جايون نه آهن، اتي چونڊون ديولن يا وڏن دڪانن ۾ ڪرايون وينديون آهن.

چونڊن جي نظرداري ٽن کان نوَ عملدار ڪندا آهن، جيڪي هر هڪ تڪ ۾ خاص انهيءَ مقصد لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ اهي عملدار شهر يا ضلعي جي حڪومت مقرر ڪندي آهي، پر اصل پسند وڏين سياسي جماعتن جي هوندي آهي. اهي عملدار ووٽرن جا نالا تڪ جي ووٽرن جي لسٽ ۾ جاچي، کين بئلٽ – پيپر آهن، يا ووٽنگ وارين مشينن مٿان نظر رکندا آهن، ۽ ووٽنگ جي وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ ڪندا آهن. هر هڪ تڪ جا انگ اکر هڪ مرڪزي آفيس ڏانهن موڪليا ويندا آهن، جيڪا چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪندي آهي.

تڪ جا سرڪاري عملدارن سان گڏ، هر پارٽي پنهنجا پولنگ ايجنٽ به مقرر ڪندي آهي. اهي ايجنٽ ڪنهن ووٽر جي ووٽ ڏيڻ واري حق خلاف اعتراض اٿاري سگهن ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ ووٽر کي ثابت ڪرڻو پوندو آهي ته هو اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن جو نالو تڪ جي ووٽرن واريءَ لسٽ ۾ رجسٽر ٿيل آهي. دراصل، اڪثر ايراضين ۾ انهن پولنگ ايجنٽن جي ڪا به ضرورت ڪا نه رهي آهي، ۽ کين ڪجهه به ڪرڻو ڪو نه پوندو آهي: اهي هن کان اڳ واري زماني جو رسمي يادگار آهن، جڏهن چونڊن ۾ اڃا ڪوڙا ووٽ هلندا هئا.

 

بئلٽ

شروعاتي سالن ۾ ووٽ آواز وسيلي ڏبا هئا، يا، بئلٽ– پيپر ذريعي ڏيڻ جي حالت ۾، بئلٽ – پيپر سياسي پارٽيون ووٽرن کي مهيا ڪنديون هيون. آدمشماري وڌڻ سان ۽ اليڪشنن ۾ بدعنوانين جي ثابتي ملڻ ڪري، رياستن جي قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين ”آسٽريلين بئلٽ“ (Australian ballot) جو طريقو رائج ڪيو. انهيءَ جو مطلب فقط اهو آهي ته بئلٽ ڳجها هوندا آهن، ۽ اهي رياست پنهنجي خرچ تي سڄيءَ رياست لاءِ هڪ ئي قسم جا ڇپائيندي آهي. بئلٽ – پيپرن جي اها هڪجهڙائي، هڪ رياست جي سرحدن کان اڳتي نه هوندي آهي.

عام طرح، مختلف رياستن ۾ ٻن قسمن جا بئلٽ-پيپر استعمال ڪيا ويندا آهن: هڪ ۾ سڀني عهدن لاءِ هڪ ئي پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي سهوليت آهي، ۽ ٻئي ۾ وري ٻن يا وڌيڪ پارٽين جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي سولائي ڏنل آهي.

پهرئين قسم جو بئلٽ – پيپر، جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ”انڊيانا بئلٽ“ (Indiana ballot) چيو وڃي ٿو، ٻئي قسم کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن بئلٽ ۾ اميدوارن جا نالا سندن پارٽيءَ جي ڪالم ۾ رکيا ويندا آهن. اميدوارن جا نالا عهدن جي اهميت مطابق هوندا آهن. مثال طور، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪالم ۾ انهيءَ پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار جو نالو سڀ کان مٿي هوندو؛ انهيءَ کان پوءِ سينيٽر طور بيٺل اميدوارن جو، ان کان هيٺ نمائندن واري ايوان جي ميمبريءَ جي اميدوار جو، ۽ اهڙيءَ طرح ٻين سمورن عهدن لاءِ اميدوارن جا نالا درجيوار درج ڪيل هوندا. ٻئي ڪالم ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ جي اميدوارن جا نالا به ساڳيءَ ترتيب سان درج ڪيل هوندا. جيڪڏهن ڪي ٻيون جماعتون به چونڊن ۾ حصو وٺندڙ هونديون ته انهن جي اميدوارن جا نالا به ساڳئي نموني بئلٽ تي آندا ويندا. جيڪڏهن ڪو ووٽر سڀني عهدن لاءِ هڪ ئي پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ گهري ته هو انهيءَ پارٽيءَ واري ڪالم جي مٿان فقط هڪ منڌيئڙو پائيندو. ٻيءَ صورت ۾، هو ٻنهي پارٽين مان جن به اميدوارن کي پسند ڪري، انهن جي نالن ڀرسان منڌيئڙا ڏيئي سگهي ٿو. بهرحال، جيسين هو هر هڪ عهدي لاءِ رڳو هڪ اميدوار کي ووٽ ڏئي ٿو، سندس ووٽ رد نه ڪيو ويندو – پوءِ ڀل ته هو ڪن عهدن لاءِ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ مان، ۽ ڪن لاءِ ريپبليڪن پارٽيءَ مان اميدوار چونڊي.

بئلٽ – پيپر جي ٻئي قسم ۾، جنهن کي گهڻو ڪري ”مساشوسيٽس قسم“ (Massachusetts type) چيو ويندو آهي، سڀني پارٽين جي اميدوارن جا نالا انهن عهدن هيٺان لکيا ويندا آهن، جن لاءِ هو چونڊ ۾ حصو وٺي رهيا هجن. مثال طور، سينيٽ لاءِ سڀني پارٽين جي اميدوارن جا نالا ۽ انهن اڳيان سندن پارٽيون، ”سينيٽ“ واري ڪالم ۾ لکيا ويندا آهن. نمائندن واري ايوان جي اميدوارن جا نالا، ”نمائندن جو ايوان“ واري ڪالم هيٺان داخل ڪيا ويندا آهن. هن قسم جي بئلٽ – پيپر ۾ ووٽر جي همت افزائي ٿيندي آهي ته هو جدا جدا پارٽين جي اميداورن کي ووٽ ڏئي.

80 في سيڪڙو رياستون هينئر ابتدائي ۽ عام چونڊن ۾ ووٽنگ – مشينون استعمال ڪنديون آهن. انهن مشينن سان ووٽن جي ڪوڙي ۽ غلط ڳڻپ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته ڏکي ضرور آهي. ووٽنگ – مشينن وسيلي ڳڻپ تڪڙي ٿيندي آهي، ۽ نتيجن جا تفصيل به جلد تيار ٿي ويندا آهن. ”پارٽي ڪالم“ سرشتي توڙي ”مساشوسيٽس“ سرشتي، ٻنهي لاءِ مشينون ڪتب اچن ٿيون. پهرئين سرشتي وارين مشينن ۾ هر پارٽيءَ جي ڪالم جي کٻي هٿ تي هڪ وڏو مُٺيو ٿيندو آهي، ته جيئن ووٽر ان سان سڀني عهدن لاءِ هڪ ئي پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي سگهي. پر جيڪڏهن ڪو ووٽر هر هڪ عهدي لاءِ پنهنجو ووٽ مختلف پارٽين جي اميدوارن کي ڏيڻ گهري، ته پوءِ هر هڪ اميدوار جي نالي جي ڀرسان وري ننڍو مُٺيو آهي، جنهن کي هيٺ ڪرڻ سان هو ان اميدوار کي ووٽ ڏيئي سگهي ٿو. مساشوسيٽس سرشتي لاءِ به انهيءَ نموني جون مشينون هونديون آهن، سواءِ هن جي ته انهن ۾ سڀني عهدن لاءِ هڪ پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ وڏو مُٺيو لڳل نه هوندو آهي.

هر رياست ۾ غير حاضر ووٽنگ لاءِ به گنجائش رکي ويندي آهي، پر ان جا شرط سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙا نه آهن. ڪجهه رياستن ۾ جيڪڏهن ڪو ووٽر بيماريءَ سببان يا چونڊ واري ڏينهن تي رياست کان ٻاهر رهڻ سببان پولنگ اسٽيشن تي نه اچي سگهندو هجي، ته هو خاص بئلٽ – پيپر ذريعي، چونڊ واري ڏينهن کان اڳ ووٽ ڏيئي سگهي ٿو. ٻين رياستن ۾ غير حاضر ووٽنگ جا شرط وڌيڪ سخت آهن. عام طرح شرط اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ووٽر غير حاضريءَ واري بئلٽ – پيپر اليڪشن کان ڪجهه وقت پهريائين حاصل ڪرڻ گهرجي. هن کي بئلٽ – پيپر، مناسب احتياط سان ڀري، اليڪشن جي ڏينهن کان هڪ يا ٻه هفتا  اڳ چونڊ ڪرائيندڙ عملدار ڏانهن ضرور موٽائي موڪلڻ گهرجي. عام طرح، غير حاضر ووٽرن جا ووٽ عام ووٽن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڳڻيا ويندا آهن.

 

مهم جو خرچ

آمريڪا ۾ پارٽين جي هيڊ ڪوارٽرن کي هلائڻ يا چونڊن جي مهمن جي خرچ لاءِ پارٽين جي ميمبرن کي چندا نه ڏيڻا پوندا آهن. مهمن جا خرچ انهن چندن مان هلايا ويندا آهن، جيڪي انفرادي طرح ڪي شخص يا گروپ هڪ پارٽيءَ يا هڪ خاص اميدوار کي ڏيندا آهن. نمائندن واري ايوان يا سينيٽ جا اميدوارن رياستي يا قومي پارٽين کان خرچ وٺي سگهن ٿا، پر هو حيرت انگيز حد تائين پنهنجين مهمن لاءِ خانگي ذريعن کان حاصل ٿيندڙ سڌن چندن تي ڀاڙيندا آهن.

ڪارپوريشنن يا پورهيت تنظيمن کي اميدوارن توڙي پارٽين کي چندن ڏيڻ کان منع ڪيل آهي. پر قانونن ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي، جنهن سان واپارين کي مهمن لاءِ چندن ڏيڻ کان روڪيو وڃي. پورهيت تنظيمن پنهنجن ميمبرن کان رضاڪارانه چندن جو هڪ سرشتو قائم ڪيو آهي، جنهن سان پورهيت تنظيمن جي پٺڀرائيءَ وارن ميمبرن جي مدد ڪئي ويندي آهي. ازان سواءِ، ڪن نرم قانونن هيٺ، ڪارپوريشنون ۽ پورهيت تنظيمون ”تربيتي“ پروگرام جاري رکي سگهن ٿيون، جن جو اصل مقصد پارٽين تان خرچ جو بار هلڪو ڪرڻ آهي. انهن تربيتي پروگرامن ۾ نوان ووٽرن کي رجسٽر ڪرڻ جون تحريڪون ۽ پارٽيءَ جي مهمن لاءِ حمايت ڪندڙن کي بهتر طريقي تي تيار ڪرڻ وارا سکيا جا پروگرام شامل هوندا آهن.

رياستن جون حڪومتون ۽ قومي حڪومت، ٻيئي، مهمن دوران چندن گڏ ڪرڻ ۽ خرچڻ تي ضابطو رکنديون آهن. قومي ضابطا فقط انهن چندن سان واسطو رکندا آهن، جيڪي نمائندن واري ايوان، سينيٽ، صدارت ۽ نائب صدارت جي اميدوارن لاءِ گڏ ڪيا ويندا آهن. رياستي قانون، صدارت ۽ نائب صدارت کان سواءِ، ٻين سڀني اميدوارن جي چندن سان تعلق رکن ٿا. رياستي ۽ قومي قانون نه رڳو چندن سان واسطو رکن ٿا، پر انهن جو مقصد ووٽرن تي مختلف قسم جي دٻاءَ کي روڪڻ ۽ ٺڳيءَ کي ختم ڪرڻ به آهي. مثال طور، ”هئچ ايڪٽ“ (The Hatch Act) ۾ قومي حڪومت کان پگهار وٺندڙ سياسي شخصيتن کان سواءِ، ٻين ماڻهن کان چندن وٺڻ لاءِ منع ڪيل آهي. ان کان سواءِ، انهيءَ ائڪٽ ۾ اهو شرط به ڌل آهي ته ڪو به سرڪاري ملازم قومي عهدن جي مهمن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي.

رياستي ۽ قومي حڪومتن پاران ڪانگريس جي مهمن ۾ خرچ جي انداز جي حد مقرر ڪيل آهي. اميدوارن کي مليل چندن ۽ ڪيل خرچ جي رپورٽ ضرور داخل ڪرڻي پوندي آهي، پر اهي رپورٽون عام طرح گهٽ رقم ڏيکارينديون آهن.

اليگزينڊر هَرڊ (Alexende Heard)، جنهن مهمن جي خرچن بابت اميدوارن جي رپورٽن ۽ ٻين انگن اکرن جو سڀ کان وڌيڪ تفصيلي مطالعو ڪيو آهي، انهيءَ نتيجي تي پهتو آهي ته آمريڪا ۾ هڪ ووٽ تي ٿيندڙ خرچ ٻين جمهوري ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. هن اهو به ڏيکاريو آهي ته چونڊون پئسن خرچڻ سان نه بدلائي سگهبيون آهن. ازان سواءِ، ڪئين ثابتين جي بنياد تي هن اهو به معلوم ڪيو آهي ته عام ماڻهن کي جيڪو خيال آهي ته مهمن جا چندا رڳو شاهوڪار ماڻهو ڏيندا آهن، سو غلط آهي، بلڪ لکين عام شهري سياسي مهمن لاءِ چندو موڪليندا آهن.

انهيءَ مسئلي تي ويچار ڪندڙ ٻين شخصن جيان، هرڊ به انهيءَ خيال جو آهي ته خرچ تي پابندين وجهڻ کان بهتر اهو آهي ته مهمن جي خرچ جي صحيح تفصيلن موڪلڻ لاءِ اميدوارن تي زور آندو وڃي.

مهمن جي خرچ بابت صدارتي ڪميشن (The President’s Commission on Campaign Costs) جنهن جو چيئرمين هرڊ هو، تنهن مهمن جي خرچ ۾ سڌارن آڻڻ لاءِ هرڊ جي گهڻين سفارشن تي غور ڪيو. ڪميشن جي سفارشن مان سڀ کان اهم سفارش اها هئي ته جيڪي ماڻهو پارٽين کي چندو موڪلين ٿا، انهن کي ٽئڪس ۾ رعايت ڏني وڃي. انهيءَ سفارش جو مقصد اهو آهي ته انهيءَ رعايت کان همٿائجي، گهڻا ماڻهو پارٽين کي چندو ڏين، جيئن وڏا چندا ڏيندڙ ٿورن ماڻهن جي اهميت گهٽجي وڃي. (1)

ٻن رياستن – ڪئليفورنيا ۽ منيسوٽا – مهمن لاءِ چندي ڏيندڙن کي اڳواٽ ئي ٽئڪس ۾ رعايت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيئن ته اها رعايت تازو شروع ڪئي ويئي آهي، تنهن ڪري اڃا صاف طرح معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ان جو اثر چندي ڏيندڙن تي ڪهڙو پيو آهي.


(1)  مهمن جي خرچ تي تفصيلي بحث لاءِ ڏسو اليگزينڊر هرڊ جو ڪتاب:

The Costs of Democracy (Chapel HillL:Universty of North Carolina Press, 1960).

انهيءَ موضوع تي تازين سفارشن لاءِ ڏسو:

Financing Presidential Campaigns:The Report of the President’s Commission on Campaign Costs (Washington: Government Printing Office, 1962).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org