سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان بيڪس

صفحو :6

68. ڪافي روپ ڌناسري

مسڪين ٿو مارين، جاني [1]، ترس نه پيئه تِرَ جيترو [2]!

ساڻ ڏسڻ جي قيد ڪرين ٿو، ڳاريو ٿو ڳارين، جاني...

ڦاهِي زلف جي خالَ جو داڻو، مرغ دلين ڌارين، جاني...

”بيڪس“ بيوس ۾ باهه برهه جي،ٻاريون ٿو ٻارين، جاني...

 

69. ڪافي روپ آسا

نانءَ مولا جي ماهِي، آءٌ وٿاڻ وري تون.

ڏس ويچاريءَ ڏي وري واجهائي، تنهنجي آهه سِڪَ ۾ سدائي...

يار اوهان کي هينئن نه گهرجي، جاني ڪرڻ جدائي...

عشق اوهان جو روز رُئاري، برهه ڪئي آهه ڀلائي...

”بيڪس“ بيوس آهه نماڻو،    تنهنجو سَگ سڏائي...

 

70. ڪافي روپ آسا

هِن هُن ٻنهي کون وياسي، بُکي عشق [3] جي پياسي:

هر بار درد غم جا چمي، سر مٿي [4] چاياسي.

چُستيءَ جي چوٽَ هڻ تون، هستيءَ جي اوٽَ [5] ڀَڃ تون،

مستيءَ جي ڳوٽَ کڻ تون، سوريءَ جي سر هلياسي.

شب روز ڪرندي زاري، در ياد دل ويچاري،

سڙڳَئي هي جان [6] ساري، ڪنهن انگهه [7] ۾ اَڙياسي.

”بيڪس“ نه ڪنهن ۾ اَڙندا، سِڪندي سوريءَ تي چڙهندا،

دمدم هي سَگڙا در دا، هرگز نه ڪنهن جهلياسي.

 

71. ڪافي روپ آسا

’هيرا‘ [8] سدا تون هوندين، جيءَ جا جيارا جاني،

هڪ دم نه ڌار ٿي تون، اي ماهه بدر ثاني.

 

دن رَين خيال تيرا، جُک جُک جلايا جيرا،

چلندا نه وس ڪو ميرا، در دم همين تو داني.

 

لب لعل سرخ لالي، رهندين تون خود خيالي،

تيري جو لا اُبالي، يوسف ڪيا هي ڪنعاني.

لائق نهين تــُّسانون، يه ٻولنا ٻِنهان نون،

ديوڻاهي سر اَسانون، ڪُڇ دل ميري چُڀاني [9].

 

يڪ بار لڳ اِلاهي، اسي دي حسن شاهي [10]،

عاشق ويچارا گاهي، ”بيڪس“ برهه بياني.

 

72. ڪافي روپ گجري

 

يا شاهه [11] ’بيدل‘ ڪريو ڪا ڀلائي،

سندي عشق وحدت ڪريو ڪا عطائي [12].

 

ڏيو درد، داتا، سندو عشقَ عرفان،

تون آن رونق افزاي تخت خدائي...

تون قادر قلندر به هر جاءِ حاضر،

الله لڳ ڪا بخشو سڪ جي [13] سوائي...

و الله يا الله تون آهين هادي،

آهي هر دو جهان ۾ تنهنجي بادشاهي...

خانو خوديءَ جو خراب سگهو ڪر [14]،

صفا صاف صوفي تون ڪر [15] يا صفائي...

آتش ڪڍي عشق جي ۾ ته وجههُ تون،

سدا وير وحدت جي [16] شال وائي...

هي مشتاق ”بيڪس“ ٿو بيوس پڪاري،

تنهنجي در درد جي ڪري ٿو گدائي...

 

مناجاتون

 

 (1)

(1) اي شهنشاهه قلندر، بادشاهه بينظير،

زبده درگاهِ ايزد، مقبلِ ربَّ القدير،

بيوسيلن جا وسيلا، بيڪسن جا واههَ وِير،

ميرَ مَروندي، حسيني، پير عالم جا امير:

شاهه، منهنجي واهه ڪر ڪا، واسطي الله جي،

ڪر نماڻي تي نظر، نالي نبي الله جي!

(2) شاهه عاليجاهه، تون شهباز نــُّوري نامور،

اي يتيمن جا اجها، تون بادشاهه بحر و بر،

خاندانءِ مصطفيٰ جو تون گرامي آن گهُرَ،

توتي آهي منهنجي سڀ لڄ، مون سان لائق لطفَ ڪر:

شاهه، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(3) شاهه، آءٌ مسڪين بيڪس، تون ولي الله بحق،

پنهنجي هِن دامن ـــ لڳي کي دان ڏي، دولهه بحق،

تون صحي سرتاج ڪل پيرن جو شاهنشہ بحق،

تون مساڪينن ۽ هيڻن جو صحي همرهه بحق:

شاهه، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(4) توکي منجهه درگَهه الاهي دسترس آهي عظيم،

توکي ڪيو مختار هر ڪنهن امر ۾ رازق رحيم،

شاهه، تون ناقص نوازين پِير تون پالين يتيم،

هن پنهنجي دامن گرفته[17] تي ڪرم ڪر، اي ڪريم:

شاهه، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(5) توکي منجهه درگاههَ داورَ جي وڏائي دستگاهه،

واصلاً بِا الله، وه وه، تون قلندر بادشاهه،

تون بديون بخشاءِ منهنجون، پِيرَ، آهيان پُر گناهه،

عفو تقصيرات ڪر، عاصيءَ اُتون اِيزد بخواهه:

شاهه، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(6) توتي [18] هردم آهه، هادِي، مهر مُرسل ڄام جي،

هر طرف ڪَن هاڪ تنهنجي فيض ۽ انعام جي،

شاههَ ڪر ڪا واهه، والي، پنهنجي هن پينامَ جي،

دين جا دشمن دسائي [19] فتح ڪر اسلام جي:

شاههَ، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(7) لال تون شهباز نــُّـوري، واقفِ سرِّ خدا،

تون محمد جو حضوري، هاديءَ راهِ هُدا،

تون رسين سختيءَ ۾ سائين، پنهنجي هن پيروءَ سدا،

منهنجي ڪر تون آس پوري، آءٌ سندءِ در جو گدا:

شاههَ، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(8) شاههَ، آءٌ عيبن ۽ عصيانن سان [20] آهيان سينه چاڪ،

مون جهڙو عاصي ۽ مجرم ناهه ڪو بر رُوي خاڪ،

تون، ڀلا! بخشاءِ منهنجا ڏوهه سڀ، اي پير پاڪ،

مون جِها ناقص نوازين غير، تو ناهي ڪو باڪ:

شاههَ، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(9) شاههَ، تون منهنجو وسيلو آنهِن دولهه دمبدم،

حال منهنجي تي، حُسيني، نانءَ ربّ جي ڪر ڪرم[21]،

شاههَ، ڏي تون شادمانا، دفع ڪر درد والم،

جن کي تو جهڙو وسيلو،تن کي غازي ڪهڙو غم:

شاههَ، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(10) تنهنجي در ڪيئي سوالي ٿيڙا فائقَ، فيضياب،

بيمرادن جون مرادان تون پڄائين، بيحساب،

آءٌ سندءِ دامن گرفته، يا شہِ عاليجناب،

منهنجو رک دارَينَ ۾ پردو، بحقِ بوتراب:

شاههَ، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(11) منهنجي ڪر پوري صدا، صديق اڪبر واسطي،

ڪر ڪرم فاروق ۽ عثمان اطهر واسطي،

پيرَ، ڪر مون سان مدد، زهرا ۽ حيدر واسطي،

شرم رک دارَينَ ۾، شبير و شبر واسطي:

شاههَ، منهنجي واهه، ڪر ڪا،...

(12) شاههَ، رک دارَينَ ۾ با آبرو احسان سان،

ڪين ڪر محتاج ڪنهن جو، مُهت رکجو مانَ سان،

وقتِ نزعي جانۡ هَلايو دين ۽ ايمان سان،

پاڪ آءٌ ڪلمو پڙهان احمد اُتي ايمان سان:

شاههَ، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

 (13) مون سين هر مشڪل ۾ واهر ٿج اچي، عالي امير،

سڀ پڄايو[22]، پِيرا! منهنجا مقصدا مافي الضمير،

ڪر ڪَشايش قبر جي، ساڻي ٿيو قطب، ڪبير،

هر دو عالم ۾ نه آهي تو بنا ڪو دستگير:

شاههَ، منهنجي واهه ڪر ڪا،...

(14) شاههَ، آءٌ مسڪين، ”محسن“ ٿيو سوالي تنهنجي در،

پَر به دامنگير تنهنجو آهيان از عهدِ سفر،

”بيڪس“ و بي يار آهيان، مجرم و عاصِي آپر،

واسطي الله جي، يا شاهه، منهنجي واههَ ڪر:

شاهه، منهنجي واههَ ڪر ڪا، واسطي الله جي،

ڪر نماڻي تي نظر، نالي نبي الله جي!

 

(2)

يا قلندر، شاهه سيوهڻ جا سدا،

ڪر نظر ”بيڪس“ بندي تي لڳ خدا!

(1) بادشاهه حضرت قلندر سرورا،

ڪر رَسي تون رهبري، اي رهبرا،

تنهنجي آهي امر ۾ هر دوسرا،

بهرِ موليٰ در دلِ ما اندر آ...

(2) حضرت پيرِ طريقت شاهه تون،

فلڪ اَحدّيث سندو آن ماهه تون،

محمد و حيدر سندو دلخواهه تون،

هر ولي الله عاليجاهه تون...

(3) تنهنجو منصب شاهه چيو موليٰ علي،

حيدرِ ڪرار تون مولا علي،

ڪر ڪرم يڪبار تون هت هلي،

دل دنيا جي حرص توڏنهن آ جهلي...

(4) ”جيفة“ دنيا آهي، تنهن کون نجات،

بخش مون کي يا شہِ عالي صفات،

توکي دمدم ٿو سنڀاريان ڏينهن رات،

يا شہِ شاهان تون حق جي آنهن ذات...

(5) صدقو ناني سيدالابرار جي،

صدقو ڏاڏي حيدرِ ڪرار جي،

صدقو حضرت بادشہ دلدار جي،

صدقو شاهِ مجبتيٰ مختار جي...

(6) ڪر ڀلائي برهه جي، يا سيدا،

ڪر نوازش نينهن جِي، يا سيدا،

ڪر عنايت عشق جي، يا سيدا،

ڪر مهر ڪا درد جي، يا سيدا!...

ڪر عنايت عشق جي، يا سيدا،

ڪر مهر ڪا درد جي، يا سيدا!...

(7) وجهه توجهه عشق احديت سندو،

ڪر ڪرم ڪثرت مٿي وحدت سندو،

وه وَسايو مينهڙو محبت سندو،

ٿيان شڪاري شاهه جي حضرت سندو...

(8) قالُ ڪڍ ۽ حالُ ڏي، يا سيدا

عشق وحدت ڪر عطا تون لڳ خدا،

آهين تون هرجا وسيلو، خاوندا،

واههَ منهنجي ڪر سگهو تون، سيدا!...

(9) نــُّـور نرمل، ڪر نظر يڪبار تون،

نــُّـور موليٰ جو آهين نروار تون،

احمد و حيدر سندو دلدار تون،

هر ولي الله جو آن يار تون...

(10) حال منهنجي سان، حسيني! همقدم!

هُج تون هردم، بادشاها! دمبدم،

ساڻ هجن تنهنجي، حسيني! ناهه غم،

هر دو عالم ساڻ ناهي منهنجو ڪم...

(11) ڪئي خوديءَ مون سان خرابي، شاهه، پاڪ،

هن جڳت ۾ ڪيو مون کي هستيءَ هلاڪ،

ڪيو دوئيءَ جي درد مون کي سينه چاڪ،

پاڪ پنهنجي نُور سان ڪر منهنجي خاڪ...

(12) تون حسين شاهه آن شهباز لال،

طُور تي تنهنجو ڏٺو موسيٰ جمال،

رکيو عيسيٰ کي اُتي فلڪ الڪمال،

ربع فلڪ تحت قدمين خوش خيال...

(13) تون آهين صانع تنهين جو حضرتا،

ترت رس تِک تار ۾، يا سرورا!

ڪل نبيّن، سڀ ولين مدعا،

تون آهين مختار، موليٰ، هاديا!...

(14) مير مروندي حسيني شاهباز،

تون غريبن جو آهين دلنواز،

هٿ ٻڌي عاجز ڪري ٿو هي نياز،

مغز پِستي جان تون ڪر، نا ڪر پياز...

(15) تنهنجو منصب آهه سّارالعيوب،

تنهنجو مشرب آهه غفارالذ ّنوب،

مون کي ڪر مجذوب يا مطلب قلوب،

تحت نظر رک مشرق و مغرب جنوب...

(16) دردمندن کي ڏئين درمان تون،

مون تي ڪر ڪو عشق جو احسان تون،

بخش بهرو برهه جو سلطان تون،

بهر جمله آهين بيشڪ جان تون...

(17) ڪيو ظهورو ذات تنهنجي بالفضل،

منجهه صفت جي نــُّـور عالي بي بدل،

منهنجو منظورِ نظر سان ڪر وصل،

دور ڪر دشمن، جو آ اصلون تڙيل...

(18) ڪر نفي نروار هي جيفه جسم،

لک تون دل جي لوح تي ’اناالحق‘ اسم،

’همه اوست‘ جوڏي ڪو جلوو، ڪر ڀسم،

ڊاهه هي جسمي جهاني تون طلسم...

(19) توتي آهي ننگ منهنجو منجهه حشر،

ڏانهن عقوبت ڏي نجاتي منجهه قبر،

ڪر مون کي ’بيدل‘ جيان بي پاوسر،

تان نه ساڙي باهه مون کي منجهه سقر...

(20) يار منهنجي ساڻ منهنجو ڪر وصال،

عشق وحدت سان ٿيا مان خوش خيال،

در تنهنجي تي درد جي کيڏان ڌمال،

آن نڌر ”بيڪس“ نماڻو عشق حال...

يا قلندر، شاهه سيوهڻ جا سدا،

ڪر نظر ”بيڪس“ بندي تي لڳ خدا!

 

مداحون

                                                                                   

در بيان مدح بيدل فقير

 

منهنجو مرشد مڪمل آهه ڪامل، سندس آهه نانءُ هن مظهر ۾ ’بيدل‘.

هنيائين عشق وحدت جو نغارو، سندس آهه عرش ڪرسيءَ تي اوتارو.

آهي خالق عرش و ڪرسي جو بيشڪ، آهي رازق سڀني ماڻهن جو بيشڪ.

ساري عالم کي پڄائي ٿو روزي، توڙي خاصو هجي ڪرتوڙي موذي.

وحدت عشق سان هو وِير واصل، صفاتي سئر سارو ذات حاصل.

صفت جي سئر جو پِيڙس ڪو رايو، اچي ڪو اوچتو پيس اهڙو وايو.

آهي هادي بيشڪ حامي اسان جو، آهي هر وقت رهبر شهه اسان جو.

بلاشڪ پير پيران آهه ’بيدل‘، بلاشڪ مير ميران آهه ’بيدل‘.

زمين و آسمان تابع انهيءَ جا، مڪان و لامڪان تابع انهيءَ جا.

نه هو عاشق، هيو معشوق بيشڪ، نه هو مخلوق، هو خالق بيشڪ.

”بيدل“ هو بادشاهه بحر بر جو، تنهين ۾ ناهه فرق هڪڙي ذري جو.

غلام محمد سندس خدمت ۾ آيو، وحدت عشق بيشڪ هو مايو.

امانت عشق جي بيشڪ ڏنائون، خنجر وحدت سندو بيشڪ هنيائون.

ولايت وارو قاضي پير محمد، حريف و ساقي و مئخانه محمد.

هيو درويش بالڪل فيض وارو، هنيائين نينهن جو بيشڪ نغارو.

سچو صوفي صفا صادق هيو شير، بلاشڪ محب ڪل هو بِلا وير.

اگرچ مست مجذوب هيو پاڻ، وحدت عشق جو منجهس هو وٿاڻ.

ڀلا هادي ڪريوڪا ڀلائي، تون آهين شهباز جو پيارو سدائي.

الله لڳ پرت جو پيالو پيارو، وحدت جي واٽ ”بيڪس“ کي ڏيکاريو.

اَلائي شاهه ’بيدل‘ ڪر ڀلائي، ڏيو ڪا عشق وحدت جي سوائي.

تون ڪر توحيد جي روشن چراغي، درد محبت سان ڪر مون کي دماغي.

مون کي ڏيو عشق جو پيالو ڀري ڪو، وحدت جي واٽ جو رستو ڏيوڪو.

اوهان ٻاجهون نه آهي ڪا ماڙ منهنجي، سواءِ تنهنجي نٿي سري ڌار منهنجي.

ڪريو ڪا نظر جو ٻيران آهيان، وَسايو دل، جو مان ويران آهيان.

منهنجي ويران دل بلڪل وَسايو، وحدت عشق جي ڪا باهه ٻاريو.

مُحابي ”ميم“ هاديءَ جي ڏياريو، پيالو عشق جوڪو پُر پياريو.

منهنجي مُئي دل اوهان بلڪل جياريو، جڳت ـــ جنجال وحدت سان وساريو.

ڪريو واصل وحدت سان سدائي، مدائي درد محبت جي ٿي وائي.

خدا لڳ عرض هي منهنجو اگهايو، سارو ڪو خيال وحدت جو سڻايو.

غلام محمد پنهنجي محبوب ڏي ڏس، سچي تون دوست دلبر پنهنجي ڏي ڏس.

فقير پير محمد جي تون صدقي، هادي هر وقت ٿيءُ تنهنجي تون صدقي.

ناهي پير مغان تو کون سواءِ ٻيو، سواءِ تنهنجي ناهي ڪو مون کي رستو.

نه ڪر تشريح ”بيڪس“ بار بلڪل، مڙئي ڄاڻي ٿو تنهنجو حال ’بيدل‘.

نه ٿيءُ نا اميد بيشڪ شاهه ٿيندو، تنهنجو رهبر هميشہ هادي ٿيندو.

تون هرگز آسرو ”بيڪس“ نه لاهج، مدامي ڏور محبت جي تون ساهج.

نه ٿي ماندو جو بلڪل شاهه ٿيندو، تنهنجو رهبر براه عشق ٿيندو.

(2)

آهيان درويش مان دلريش بلڪل، ڪندو هادي هدايت ساڻ خوشدل.

هدايت عشق وحدت فيض واري، محبت درد وحدت فيض واري.

هادي مرشد مڪمل آهه ’بيدل‘، ٿيندو رهبر، ڪندو خوشنود خوشدل.

آهيان بدحال آءٌ بدچال بيشڪ، ڪندو مقبول شل محبوب بيشڪ.

هيس ڪو دڪ طفوليت ۾ لاشڪ، ڀلائي پانهنجي ڪيائون بلاشڪ.

وحدت جي واٽ جي بيشڪ ڀلائي، ڪيائون رحم محبت جو سدائي.

مجازي واٽ ۾ ٿيو يار هڪڙو، اڳانهون انهيءَ جي آءٌ هوس تڪڙو.

گهڻا ڀيرا مجازي راهه ۾ آءٌ، ڪيم بازيون مجازي وات ۾ آءُ.

ڪَيم محبوب جو ظاهر اُنهيءَ کي، سڏيم ٿي ڀاءَ هر رنگ ۾ انهيءَ کي.

انهيءَ جو قد هو شمشاد جهڙو، غلط مان چيو، ناهي شمشاد اُهڙو.

سُهي سرواڳيون ان جي شرمندو، ملائڪ ڇا اڳيون ان جي هلندو.

سورج ۽ چنڊ هو بيشڪ پريشان، ڏسڻ خاطر انهيءَ جي هو ته حيران.

هــُّـيو انوار مولا جو بيشڪ، هــُّـيو اسرار اعليٰ شاهه بيشڪ.

حسن آواز بيرنگي ته آهن، بلاشڪ نُور مولا جو ته آهن.

نه هو يوسف سندو ثاني بلاشڪ، نڪي حوران پريون مَلڪ ملائڪ.

ڏٺو هوندو جنهن، تنهن کون تاقيامت، فراموشي نه ٿيندو تا قيامت.

تنهين جي عشق جي ڪنهن کي آهه طاقت، مثال روز محشر آهه نهايت.

مدامي يار شل هوندو بلاشڪ، خزان جي واءُ کون هوندو سلامت.

پڄاڻؤن ڇڏڻَ هن جنجال جسمي، ٿيندو گم جسم طلسم منجهه اسي.

 

بيان در ثنا جناب حضرت شاهه

عنايت الله صوفي شهيد

چوان ٿو حمد حضرت شاهه سلطان، شهيدِ حق، حقيقت آهه سبحان.

عنايت الله مالڪ آهه هادي، شهه شاهان وحدت ملڪ وادي.

مالڪ آهه ملڪ جو هر جاءِ بلاشڪ، آهي سلطان زمين افلاڪ بيشڪ.

هيو سبحان سرور شاهه خالق، هيو رحمان سڀ خلقت جو رازق.

شمس و قمر هيو انوار ان جو، يوسف يعقوب هو اسرار ان جو.

عرش و ڪرسيءَ جو هردم هادي آهي، مڪان و لامڪان جو شاهه آهي.

هيو خالق، نه هو هرگز نه مخلوق، ڪڏهن عاشق ٿيو ٿي يار معشوق.

هيو هر جاءِ تي موجود صوفي، بهر ڪنهن ملڪ تي معبود صوفي.

بالا ۽ زير آهي شاهه موجود، مٿي افلاڪ تي آهه شاهه معبود.

چيائين ازل ۾ ”الست بربڪم“ ”بليَ“ موٽي چيو تنهن شاهه”ربڪم“.

ڪيائين باهه مون بستان بيشڪ، ڪيائين آب کي آتش بلاشڪ.

عجب اسرار بلڪل شاهه جو آهه، نه ڪر تقرير ”بيڪس“ مست شهه آهه.

منهنجي مُئي دل بلڪل جياريو، وحدت عشق کي ”بيڪس“ سڀاريو.

ڪريو ڪا نظر عظمت فيض واري، وحدت عشق جي ڏيو سمجهه ساري.

ڏيو ڪا موج مستيءَ جي سدائين، يگانوخيال ٿي وحدت سدائين.

دوئيءَ سندي وجهو ديوار ڪيري، ويهاريو دل کي منجهه وحدت جي ويڙهي.

مريدن تي ڪا ڪريو مهرباني، غريبن کي ڪريوڪا واصل جناني.

نٿاجنت گهرون ڪا پَرين واري، جنهن ۾ حور رضوان بيشماري.

گهرون ٿا بهشت محبوب حقيقت، سندن وصلت گهرون ٿا، شهه طريقت.

ڪريو ڪا مهرباني تا رسي هيءُ، انهيءَ درگاهءِ وحدت کي پسي هيءُ.

“بيدل“ واري ڀلا ئي شهه ڪريو ڪا، وحدت عشق جي پيالي ڏيو ڪا.

ڪريو مقتول خنجر عشق جي سان، ڪريو مقبول ٻانهيءَ کي عشق سان.

پيالو عشق جو پُر ڪر پياريو، جسم جنجال وحدت سان وساريو.

ڪريان تقرير ڪهڙي حال جي مان، اٿوَ سڀئي خبر نٿو چوان مان.

قطعو

رحم ڪر شاهه سلطان دل چَريءَ تي، ڪريو ڪا مهراني دل چريءَ تي.

آهيان ”بيڪس“ نڌر بيشڪ نماڻو، اصل کون در اوهان جي تي وڪاڻو.

 

سنڌي ڏوهيڙا

 

سر سارنگ

(1)

آئِي مند ميلاپ جي، برهه ڪيو باران،

مَلڪن کي مستي ٿي، حوران ٿيون حيران،

برهه ڪيو بيران،”بيڪس“ کي بازار ۾.

(2)

آئي مند ميلاپ جي، برهه ڪئي برسات،

گل ڦل باغ بهاريا، پرهه ڦٽي پرڀات،

برهه واري ڪربات، ”بيڪس“، جا ’بيدل‘ ڪئي.

(3)

موسم ٿي ميلاپ جي، برهه ڪئي برسات،

مَلڪ به مستان ٿيا، حورن ڪئي هيهات،

برهه عجائب بات، ”بيڪس“ ڪر بازار ۾.

(4)

سارنگ ساز سنڀاهيا، ابر باراني،

مَلڪن کي مستي ٿي، حورن حيراني،

”بيڪس“ بيراني، مينهن مان موج ٿي.

(5)

سارنگ سرس سنڀائيو، ڪارا ڪري ڪيس،

شِوَ رستي ۾ گوڙ ڪريندا، دوست هوئي شل ديس،

جي پرين ويا پرديس، سي مينهنِ موٽي ميڙيا.

(6)

هُل پيا وِچِ ڪُل مُلڪ دي، بادل ٿو برسي،

گل ڦل باغ بهاريا، تِرُ نٿو ترسي،

سبزي ٿي سرسي، ”بيڪس“ کي برهه جي.

مومل راڻو

(1)

راڻي سندي من ۾، نٿو ڏينهن گڏي،

محلا ماڙيون بنگلا، اوڏانهن ٿواَڏي،

ڀينر ڀاڳ وڏي، راڻو اچي راڄ ۾.

(2)

مومل مرئي مينڌرا! جنهن سان جيءَ جڙِي،

پاڻ هڻي ٿي پَٽ تي، منجهون روح رڙي،

تنهن جي لوءِ لڙي، آهون سڻي اچ تون.

(3)

کوڙ قناتون ڪاڪ ۾، راڻا ويهه رهي،

ماڻهو جي محلات جا،سوڍا ڪر سهي،

ويندءِ ڳالهه وهي، وِکر پوندءِ، ولها!

(4)

راڻا رسڻ ڇڏ، اچ ته پرچون پاڻ ۾،

ڪر ڀلائي، ”بيڪس“ چوي، گوليءَ کي تون گڏ،

هيڻي هڏ مَ ڇڏ،نه ته مُئي سڻندين، مينڌرا!

سسئي

(1)

ڏونگر مون سان رو، ڪڍي پار پنهون جا،

سڄڻ هئم هڪڙو، ويو ڦوڙائجي سو،

ڪنهن کي ڏيان ڏوهه، مون ارادي اِئين ڪيو.

(2)

ڏونگر ڏهاڻي، پاڻ مٿائون گهوريان،

تو ۾ رهاڻي، سدا ٻاروچن جي.

سورٺ

(1)

سورن جو ساز کڻي، ٻيجل ٻڌايو،

سُر تنهين ۾ سوز جو، ڳڙهه پاسي ڳايو.

”بيڪس“ باهه برهه جي، تنهن کي تپايو،

سِگهو ڪر سعيو، سر ڏيڻ جو، سهڻا.

(2)

سورٺ ڪَهي ٻيجل کي، مڱڻا وڃ موٽي،

ٻَڌي تو ٻهڳڻ جي، چنبن ۾ چوٽي،

تنهنجي من ۾ کوٽي، جو مُڙين نٿو، منگتا!

مارئي

(1)

رات واري آئيا، ماروئڙا ملير ۾،

لڌم خواب خوشيءَ جو، ڄڻ مولاملايا،

وري وَسايا، ڀلي ڀاڻ ڀِٽن جا.

(2)

عمر اباڻي پار ڏي، مارو اَڏِن مڏ،

اُٿي اَسر ويل کي، ڪن ساهيڙيون سڏ،

هِت مئيءَ جا هڏ، هُت روح اباڻي راڄ ڏي.

(3)

عمر اباڻن جا، پلپل پون پور.

نيزا نينهن اندر جا، گهايو وڃن گهور،

”بيڪس“ هتڙي بند ۾، جهليو ڪنهن ضرور،

سنگهارن جي سور، اندر منهنجو اَڌَ ڪيو.

متفرقا ڏوهيڙا

هندو مومن ناهه ڪو، آهي پاڻ [23] الله،

فنا سندي فڪر ۾، ڪاهيو دل کي ڪاهه،

ڇڏ ”بيڪس“ بهانا، راهي [24] وٺ راهه،

تنهنجو ساهه پساهه، کائيندو [25] نه سرير ۾.

* * *

سناسين مون سور، ”بيڪس“ پرايو برهه جو،

جوش وڌائون جان ۾، هاڻي وڃي ٿو وهلور،

ڪوجو پرايم پور، سناسين جي سنگ مؤن.

* * *

اٿي جوڳي جاڳ، سمهڻ مؤن سور ٿيو،

تون سڀاڳا سمهي پوين، ننڊ جو نانءُ نڀاڳ،

”بيڪس“ ڙي ڀاڳ، اُڀريو ئي اڃا نٿو ٿئي.

* * *

عاشق سڏائين، رکين سانگو سر جو،

عجيباڻي آگ ۾، پاڻ نه پچائين،

ريجهه بنا رائين، ڪيئن پرين ڪندين پانهنجو.

* * *

”بيڪس“ کي ’بيدل‘ ڪئي توڙون هيءَ تلقين،

اچي ’اناالحق‘ جي، برهه وڄائي بين،

درد هڪو درڪار رک، ڇوڙ ڪفر ۽ دين،

عشق واري آمين، حسن سان حيرت ڪئي.

* * *

”بيڪس“ کي بازار ۾، برهه ڪيو بيران،

سِڪي سِڏائي گهڻو، هوتن لئه حيران،

محبت جو مهراڻ، ڇوهون ٿو ڇوليون ڪري.

* * *

هيئن نه لائق هوءِ، مارڻ مسڪينن کي،

ڇوري ڇڏي ڇپرين، متان پڇتائين پوءِ،

ائين نه گهربو هوءِ، جو ”بيڪس“ کي بيران ڪيئه.

* * *

ٻُٽي هنيائون ٻاڻ، ”بيڪس“ کي برهه جو،

ڏِينهان ڏيکارن ڏيهه کي، سدا سينگاري پاڻ،

راتيون روئن روح ۾، رويو ڪن رهاڻ،

اهڙا جن اهڃاڻ، سي لاهوتي ڪنهن نه لَکيا.

* * *

قاضي ملان ڇا ڪندا، آهي عشق اسان جو امام،

”بيڪس“ جي برهه جو، آهي مُلن ۾ ماتام،

لونءَ لونءَ منجهه لغام، ”بيڪس“ کي برهه جو.

* * *

پِير ته منهنجو بادشاهه، خاص جنهن جي خلوت،

رنگ بدلي بيرنگ ڪري، اصل جي عادت،

جڏهن شاهه ڪري شفقت تڏهن محسن مؤن ”محسن“ ٿيو.

* * *

قسمت آندو ڪوٽ ۾، اڳ نه ڏٺو مون هيءُ،

”بيڪس“ لاهه برهه جو، تو جنجل وڌو جيءُ،

راجا راضي ٿيءُ، ته ”بيڪس“ ڇٽي بند مؤن.

* * *

قيدالماءُ قوي، نه ته ڪير ويهي هن ڪوٽ ۾،

لکي آڻ لوح جي، هنڌ ڏيکاريو هيءُ،

راجا راضي ٿيءُ، ته ”بيڪس“، ڇُٽي بند مان.

 

سرائڪي ڪافيون

 

رديف الف

1_ ڪافي روپ آسا

اَسين ڪڏاهين، دلبر، ميري ڪول تون [26] پيارا،

دن رَين خيال تَيرا، ميري جيءَ ڪا جيئارا.

ڪڏاهين نهين تون آوندا، جگ [27] مُّول نهين ڀاوندا،

ڏوجهان ڪون ات سماوندا، جت نينهن ماري [28] نعرا.

دلڙي ڪريندي دانهون، شب روز عشق دي آهون،

نين نگہ ايڏاهون، ڪيتا عشق اشارا.

”بيڪس“ غلام چاڪر، نينان دا خاص نوڪر،

مِٺڙا ڪڏاهين آڪر، نيڻين [29] ويکو [30] نظارا.

 

2_ ڪافي روپ آسا

آيا ”بيڪس“، هو يا بلبل، ويکو گلشن حسن سارا،

تماشا عجب گل ڦل ڪا، سرخ سوسن هي زنگارا.

اڙي ملان نه ڪر بڪ بڪ، نه اتنا مار تم چک چک،

وهم ڪا ورق ڌويڪ يڪ، پِڇي هَڻ نينهن دا نعرا.

نه ڪر قاضي! ڪُوڙي مسئلي، لوڪان دا ڪيون تَڪي وسلي،

رندي هڪ رمز تو رسلي، ڪيون ڪريندا ڪاغذان ڪارا.

طبيبان! ڇوڙ، اُٺ جائو، اِٿي هي عشق جو ڦاهو،

دوايان ڏي نه ڪر ڪايو، محبت ڪا مرض بيچارا.

طب ميزان ڪون نه ڏس، مئن هون بيخود اَتي بيوس،

ڪيتا مئنون برهه ”بيڪس“ دوا هي درد ديدار.

 

3_ ڪافي روپ آسا

تيري تصوير مجڪو ياد تا محشر سجن هوگا،

ڪهان محشر رهيا اي دل، مدامي بر بدن هوگا.

”المومن حي“ في الدارين وچ اينوين ڪَهيا سرور،

سوئي مومن جو عشقي تون وحدت دي وچ چمن هوگا.

ڪهان ’ليلي‘ ڪهاتا هو، ڪهان ’مجنون‘ بتاتا هو،

ڪهان ڌر ’هير‘ ڪا نالا، ڪهان شيدا ’رانجهن‘ هوگا.

ڪهان ’شيرين‘ ڪهان ’فرهاد‘، ڪب مشتاق ڪب معشوق،

ڪڀي تم زير ڪب بالا، ڪڀي عرش وزمن [31] هوگا.

ڪهان ’بيدل‘ ميرا مرشد، قلندر شاهه عالم ڪا،

ڪهان طالب ڪهان مطلوب، ڪهان حار سمن هوگا.

نه ڪي ڪڇ آک اي ”بيڪس“، سمايا رنگ مين بيرنگ،

اينوين پيا يار تون رايا، گل خندان چمن هوگا.

 

4_ ڪافي روپ بسونت

پيئا بسونتي ڪر ويس آيا، آپ عجب رنگ لايا.

جاما زرد بسونتي ڪيتس، رخ گلابي پايا...

دست پيالا محبت والا، اَتون خنجر لڳايا...

نينَ سپاهي خوني خماري، مسڪين مار ستايا...

مزگان ناوڪ، ابرو ڪمانان[32]، سينه مئن سپر بنايا...

”بيڪس“ ويک نظارا بسونتي [33]، ’بيدل‘ سَرَب سمايا...

 

5_ ڪافي روپ آسا گجري آميز

جنازا لي چلو يارو، سجن ڪي ڪُوچي ۾ ميرا.

جئندي مرندي ڳلي اُس مين، ميرا هي رَين دِن ڦيرا.

ديکينگي جب فراقي دل، اُسي دروازه دلبر ڪو،

ڪرينگي سجده اور بولين گي مئن هون زخمي پيئا تيرا.

اگر چاهي سجن ميرا ڪ اُٺ بَيٺي يه مرده [34] عاشق،

هزاران شُڪر ڪر اوٺون، ديکون [35] بيت الله، ڏيئون ڦيرا.

جيسي مجهه سي تم ني ڪِيتي، ايسي ڪوئي ناڪر هي ڪس سي،

دلاسا دي ڪي گُهرايو [36]، جزاڪ الله من خيرا.

مَلڪ منڪر نڪير آوي، پوڇينگي حال ايمان ڪا،

ڪَهينگي هي ڪهان ’ڪنهيا‘ [37]، وه ايمان دين هي ميرا.

اُمتي حُسن، بنده عشق ڪا اصلون ڪيا تقدير،

هون گا جب تَلڪ محشر دينگي ڦيرا پيئا ڏيرا.

قيامت دِن بيچاري دل، رسول الله ڪي آگي،

ڪري فرياد، سڻ سروَر، ڪيا اس بيگنہ ٻيرا.

 

مُلا، تم نا جنازا پڙهه، جنازا ڀي پڙهي دلبر،

جِسِي ڪا متري دل اندر هُوا هي رَين دن ديرا.

پُڇيو اُس سي ”بيڪس“ بيوس، ڪيهِي تقصير ڪِيتِي هي،

جو اُسڪون [38] تم بڇوڙا هي، دل اُسڪي مين ديرا تيرا.

 

6_ ڪافي روپ جوڳ

حسن حيرت يار، ڏاڍا چَرچا لايا!

سَنۡيان نيڙي رانجهن وسندا، ”وفي اَنفُسڪُم“ دليان ڪَهندا[39].

”وهو مَعڪُم“ رانول رَسندا، آپي نون بيرنگي آپي پسندا:

چيري والي چمڪار[40]، چشمان چوٽ لڳايا.

حُسن سونهارا سَير ڪريندا، پيرنگي وچ رنگ گهَڙيندا، [41]،

جنهن دي سر آ عشق اَڙيندا، ناز دا نيزا اُٺان مريندا [42]:

دل لُٽي دلدار، عينان عشق اَڙايا.

مل سِيالين ڏيندي طعني، مٺي [43] ماريندي عام اياڻي،

بات بِرهه دي مينون ڀاڻي، عشق دا مُنصب عاشق ڄاڻي:

يوسف خدمتگار، مصرين مُلهه وڪاڻا [44].

شاهه منصور نون سُوليءَ چاڙهيس [45]، کُوري وچ خليل کڙايس [46]،

’بيدل‘ شاهنشاهه سڏايس، عشق دا منصب وه وه پايس:

شيخ صنعان زنار، ڳل ۾ پرتون پايا.

شمس الحق دي کَل کَلايس [47]، شاهه سرمد دا ڪنڌ ڪَپايس [48]،

گهاڻي شيخ بلال پَڙايس، بُلا شاهه دا سيس ڪَٽايس [49]:

”بيڪس“ وچ بازار، نينهون ناز نچايا.

 

7_ ڪافي روپ جوڳ

 

رانجهن والي راز، ميڏا من موهيا.

 

تخت هزاري دا شاهه سيلاني، جهنگ سِيالين آيا جاني،

صورت وچ مجاز، سانُون حاصل هويا.

 

غمزان رمزان مارڪي سانُون، بيغرض هي يار اسان نُون،

بيخودي دا باز، سر اساڏي صاحب سويا.

 

صورت ساڏا سڀ ڀلايا، عشقدي ڪِيتي فرش تي آيا،

”بيڪس“ سوز گداز، دل دا جاما ڌويا.

 

8_ ڪافي روپ ڪونسيو

شوخ چهرا[50] گلبدن دا[51]، چشم خوني مار دا،

درد والي [52] در اُتي شب روز دلبر ڳار دا [53].

 

هي بَسوَنتي جامه ڪيتس سُرخ شعله سر اوپر،

عشق دي آتش اچانڪ دل ميري وچ ٻار دا،

 

دست دلبر لالِي لائِي، خون سيتي عاشقان،

وه مجن جو ساري [54] تيري [55] خون ڪيو بيچار دا.

 

ناز دا ناوڪ مَريندئين بيگنہ بيچاره نون،

حال مسڪينان دا ويکو، گهر لٽيا ويچار [56] دا.

 

9_ ڪافي روپ گجري

شها [57] ’بيدل‘ تيرا بَردا هوا هي اب تو ويچارا [58]،

جس ڪا نام ”بيڪس“ بيوس ويچارا.

 

تيرا طالب ازل سي يُون ڪري فرياد دم دم مين،

دمادم روڪري زاري، نهين ڪوئي سوا تجهه يارا [59].

 

ميرا ارواح [60]! جائو قدمبوسي ڪرو اور نياز اس ڪي در،

ڪهو ”بيڪس“ پَڙا هي قيد، وه وه عشق اشارا.

 

ميرا هادي هو تم اِس جگ اُوسڀي جگ مين،

’ڪنيه‘ مارتا مجهڪو ڪِيتس مري دل ڪو پارا.

 

تيري بِن ڪون غور ڪري، اي ”بيدل“ بادشاهه ميرا،

قلندر اور قادر تم، نهين ڪوئي دوسرا يارا.

 

صَدق تم اپني محبوب ڪي ڪر غور يه ميرا،

مِلا ”بيڪس“ ڪو ’ڪنيه‘، جو ووهِي دل ڪا هي دل آرا.

 

10_ ڪافي روپ گجري

شهنشاهه قلندر، تون هين هادي ميرا،

سوا تيري صاحب نهين اور ميرا.

 

ڪُرسي عرش اَفلاڪ مين جو نغارا،

بَهر جا بهر ملڪ تيرا نظارا.

 

مقبول ڪرنا يه هي عرض همارا،

ڪر آباد عشقون ميري دل ڪا ديرا [61].

 

ولايت وحدت ڪا تو هين وِير والي،

تو واقف دلون ڪا، تيرا مين سوالي.

 

مِلا يار مجڪون، جو هي خود خيالي،

بَهر دل هي جاري، شها! حڪم تيرا.

 

پُڪاري ميري دل هي فرياد ڪرتي،

مِلا يار ”بيڪس“ ڪون، جس لاءِ مرتي.

 

سوا يار مُجڪون ڪا ساعت نه سَرتي،

ڪِيتا ميري دل ڪون جِسي ٻيرا ٻيرا.

 

11_ ڪافي روپ آسا

 

’ڪنيه‘! ڪول آ ميري، اِتنا ماڻ ڪيا [62] ڪرنا،

اي سانورا، سُڻ سخن ميرا، خدا ڪولون ڪِي ڪُڇ ڏرنا.

 

 

بڇايم سيج سُولان دي، جب آئِي رَين بِڇڙڻ دي [63]،

اي گُلرخ دلربا دلبر، مِلڻ ڪا حرف ڪَب پڙهنا.

 

دُکِي هي جان جِي ميرا، سُکِي لاغرض تَن تيرا،

گَلِي مين رَين دِن ڦيرا، اي دلبر ڌيان ڪِي ڌرنا.

 

”بيڪس“ بَردا تيرا بيوس، هماري دلڙي تم لِي کَس،

ماڻا نه ڪر ميرا جاني، اي دلبر عاقبت مرنا.

 

12_ ڪافي روپ ڪانرو

ماهِي عرض نه مندا!

رات آئي تَب آيا وڇوڙا، ڪُوڪان ڪُوڪ نه سُڻندا [64]...

بِرههُ بَلا هي سخت قاصائي، مغز هَڏان نُون ڀَندا...

”بيڪس“ گهٻراتا هي ساجن، سوز آهين نهين سَڻدا [65]...

13_ ڪافي روپ بلاولي

مئن نه ڄاتا، نامئن سڃاتا!

مَن نه ڄاتا ڪائي دل ڀي ڦَسندي [66]،

محبت ڪِيتي ويچاري مُسندي،

پوءِ مئن ڄاتا، جِڏان من ميرا ڦاٿا.

 

حُسن دي بازر سودا هي سَر دا،

عشق دلال اُتان آن کَڙندا،

سوريءَ چڙهڻ پُکا ساڏا پاتا.

 

عشق اَجل هي اصلون اَڪيلا،

سر تي ماريندا سُوران دا سيلا،

نازڪ نال ”بيڪس“ دا ناتا.

 

14_ ڪافي روپ جوڳ

مئنون تُسانڏڙي تانگهه لڳڙي، پيارا!

ناز نيڻان دي منڙا موهيا، وڃي سڄڻ ڪنهن سانگ،

ڪِيتئي وِسارا.

دين ڪفر دي جاءِ نه ڪائي، ڏيندا عشق اڇانگ،

پِرت پَسارا [67].

”بيڪس“ برهه دي چاءِ ملامت، نينهن نسهرا نانگ،

عشق اشارا.


[1] . مارين ڙي (س). ”ڀ“ ۽ ”ڪ“ نسخن ۾ پويان ’جاني‘ رديف ڪونهي.

[2] . ترس نه ٿئي تِر جو ڪو (ڀ ـــ ڪ ـــ س)

[3] . پرت (ع ـــ س ـــ ب).

[4] . تي (ڀ ـــ ا).

[5] . هوٽ (ع).

[6] . جِندُ (ڀ ـــ ا ـــ ڪ ـــ س).

[7] . انگ (ڀ ـــ ا ـــ س).

[8] . بيڪس جي هڪڙي محبوب جو نالو.

[9] . پڇاڻي (ڪ ـــ س).

[10] . سدا هي حسن دي شاهي (س).

[11] . بادشاهه (ڀ).

[12] . لقائي (ُڀ).

[13] . بخشو ڪا سِڪ (ڪ).

[14] . وڃائج سگهو ٿي (ب).

[15] . ڪا (ح).

[16] . ۾ ٿي (ڪ ـــ س).

اڳئين طبقي جي شاعرن جو ڪلام موسيقيءَ تي موزون ڪيل آهي، تنهنڪري ان ۾ عربي عروض واريون پابنديون ڪينهن؛ البت قافيي جو خيال رکيو ويندو هو سو به، ڪافين توڙي ڏوهيڙن ۾، ان جو نرالو نمونو هو.

[17] . لڳي (الف).

[18] . توکي (الف).

[19] . دسائين (الف ـــ ڀ).

[20] . سختيءَ ضروري (ڀ).

[21] . ۾  (غ).

[22] . پڄائي (ڀ).

[23] . عين (ح).

[24] . رڙهي (ح).

[25] . سمائيندو (ح).

[26] . وهه (ڪ ـــ ب)

[27] . هڪ (ڪ).

[28] . ماريا (ڪ).

[29] . لينن (ا ـــ ڪ).

[30] . وِکا (ب).

[31] . عرشبن زمين (ح).

[32] . ڪمان (ع).

[33] . ”بيڪس“ بيوس ڦرندا اداسي (ڪ ـــ س).

[34] . مڙهه (ڪ ـــ س)؛مئا (ب).

[35] . ويکون  (س ـــ ب).

[36] . گهٻرايو (ڪ ـــ ب).

[37] . نام معشوق (س).

[38] . اسڪو ( س).

[39] . کَسندا (ل ـــ س)

[40] . ڇير والي ڇمڪار (غ ـــ ل ـــ س).

[41] . ڪريندا (س)؛ ڌريندا (ب).

[42] . تير ماريندا (س)؛ نازڪ ناؤڪ انهون مريندا (ح).

[43] . مهڻي (ل ـــ ب ـــ ح).

[44] . وچايا (س ـــ غ ـــ ح).

[45] . سوريءَ تي منصور چڙاهيس ( غ ـــ ب ـــ ح).

[46] . ڪرايس (الف).

[47] . کيل کلايس (الف).

[48] . سِر سرمد دا قتل ڪرايس (س).

[49] . ڪپايس (الف ـــ س).

[50] . چيرا (الف).

[51] . ڪا (ا ـــ ڪ ـــ س ـــ ح).

[52] . والا (ا ـــ ڪ ـــ ح).

[53] . گهار دا (ب).

[54] . ساري هن تيري (س).

[55] . خوني (الف).

[56] . بيچار (س).

[57] . شهي (الف).

[58] . بيچارا (ح).

[59] . چارا (ح).

[60] . روح (ح).

[61] . مريدي ڪا ديرا (ل ـــ ح).

[62] . نا 0ڪ)؛ ڪيون (س ـــ ڪ).

[63] . بِڇڙاندِي (س).

[64] . سَگهندا (ح).

[65] . سَلندا (س).

[66] . مين نه ڄاتا ها ڪا دل ڀي ڦَسندي (غ).

[67] . پيارا (ب).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org