سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان بيڪس

صفحو :1

ديوان بيڪس

عبدالحسين شاهه موسوي

پيش لفظ

سن 1954ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي سهاري هيٺ، ”ديوان بيدل“ نهايت آب تاب سان شايع ٿيو. ”ڪلام بيڪس“، يعني انهيءَ سلسلي جي ٻي ڪڙي، به ان جي پٺيان جلد ئي اچڻ کپندو هو. ازان سواءِ ”ديوان بيدل“ جا مقبوليت حاصل ڪئي، تنهنڪري ته هيڪاري ڪم تيزيءَ سان ٿيڻ کپندو هو. پر قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو، جو ڪن مجبورين سبب، گهربل مجموعو پيش ٿي نه سگهيو، جنهن لاءِ ادب نواز حضرات مؤلف کي معذور سمجهندا. بهرحال، ’دير آيد درست آيد‘ جي مصداق، اهو هاڻي ادب جي قدردانن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو، جو اُميدته پسند پوندو.

”بيڪس“ جي ڪلام گڏ ڪرڻ جو طريقو به لڳ ڀڳ اهڙو ئي رهيو، جو هن کان اڳ ”ديوان بيدل“ جي ڀيري رهيو هو، پر هن درويش جي ڪلام جو پتو ندارد. جيئن مالهي، گُلُ ڪٿان ۽ ٻه گُلَ ڪٿان ڪري، گلدستو تيار ڪندو آهي، تيئن ڪافي ڪٿان ۽ ٻه ڪافيون ڪٿان ڪري، مون هيءُ مجموعو تيار ڪيو آهي. انهيءَ ڪري صحيح اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته ڪلام سڀ اچي ويو يا ڪجهه رهجي ويو، پر قياس ائين چوي ٿو ته ڪلام ايترو ئي هئڻ گهرجي.

ڪجهه وقت ٿيو ته درويش ـــ صفت ۽ فقير ـــ دوست، آرائين تعلقي سکر جي زميندار، ميان غلام سرور خان پٺاڻ کي تڪليف ڏنيم ته گڏ ڪيل ڪلام نظر مان ڪڍي ۽ پنهنجو مفيد مشورو ڏئي، ڇو ته کيس ٻڌسڌ چڱي آهي. هو صاحب تڪليف وٺي آيو، ۽ گفتگو جي دوران، کيسي مان ڪنهن ڇپيل ڪتاب جو هڪڙو ورق ڪڍيائين، جنهن ۾ ’بيڪس‘ جون ڇهه ڪافيون هيون، جي مون وٽ اڳ ئي موجود هيون. ورق ڪهڙي ڪتاب جو هو، سو هو صاحب پاڻ به نه ٻڌائي سگهيو. پر ائين سمجهجي ٿو ته يا ته ”ڪليات بيڪس“ اڳي ڇپيل آهي، جو هينئر عدم پيدا آهي، يا ته اهو ڪن شاعرن جي ڪلام جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ’بيڪس‘ جون ڪافيون به آهن. بهر صورت، ”حال حاضر“ جي پراڻي مقولي تي عمل ڪيو اٿم. ”ڪليات بيڪس“ جي مرتب ڪرڻ کان پوءِ، غيبي امداد چئجي يا فقير صاحب جو تصرف، ٻه قلمي نسخا مليا، جن لاءِ چيو ٿو وڃي ته مڪمل آهن. پر انهن سان ڀيٽڻ کان پوءِ به، جيتوڻيڪ ڄاڻجي ٿو ته مون وٽ ڪجهه ڪافيون زياده هيون، پر تڏهن به ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه حصو زماني جي دستبرد جو نظر ٿيو هجي. ٻه سال کن ٿيندا ته خوش قسمتيءَ سان فقير ’بيدل‘ جو ديوان فقير ’بيڪس‘ جي هٿ اکرين هٿ آيو، جنهن جو عڪس پڻ مناسب جاءِ تي ڏنو ويو آهي.

’بيڪس‘ فارسيءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي آهي، پر بلڪل ٿورو ڪلام اٿس. جيڪي ملي سگهيو آهي، سو پڻ هن گڏ عرض آهي.

روهڙيءَ جو شهر به، ٺٽي وانگر، علم ادب ۽ ولايت جو گهر رهيو آهي؛ تنهنڪري هر دور ۾ هن شهر ۾ درويش بزرگ، خدا رسيده، اديب ۽ شاعر رهيا آهن. جيڪڏهن خدا گهريو ته رفتي رفتي سڀني درويشن جو ڪلام پيش ڪيو ويندو.

جيئن ”ديوان بيدل“ جي تاليف وقت مُربيم سيد عطا حسين شاهه صاحب موسوي، دامت برڪاتہ، جي هدايتن مشعل راهه جو ڪم ڏنو، تيئن هن ڀيري به سندن ساڳي ذره نوازي رهي.

مان انهن سڀني صاحبن جو شڪر گذار آهيان، جن مون کي پنهنجا قلمي نسخا يا بياض مهرباني ڪري ڏنا آهن، يا جن وٺي ڏيڻ ۽ ڪلام گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. انهن مان ڪن جا نالا آخر ۾ ڏنل آهن، ۽ ڪن جا سندن خواهش ۽ اصرار تي ڇڏيا ويا آهن، جو اهي نام نمود جا قائل نه آهن.

مان پنهنجي پياري دوست، مسٽر علي محمد مهر شڪارپوريءَ جي شڪريي ادا ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان، جنهن صاحب پنهنجو قيمت وقت بچائي، مون کي ڪلام ڀيٽائڻ ۽ لکڻ ۾ مدد ڪئي آهي. خداوند تبارڪ و تعاليٰ شال سڀني مذڪورصاحبن کي ماجور فرمائي، آمين!

روهڙي،

4 ـــ آگسٽ، 1958                                  ـــــــ مؤلف

تعارف

 

”بيڪس“ جي زندگي

خليفي محمد محسن جي گهر ۾، سالن کان پوءِ، درويشن ۽ ولين جي دعا سان وَسَنوَ ٿي ۽ پٽ ڄائو، جو قادر بخش ’بيدل‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. اهڙي طرح، ’بيدل‘ جي گهر ۾ به مدت مديد کان پوءِ مبارڪ ـــ مبارڪ جو آواز آيو. پٽ ڄمڻ تي هر گهر ۾ حيثيت آهر شادمانا ٿيندا آهن، پر هيءُ پُٽ، حسين مهه جبين ۽ سڀني طرحين سهڻو هو ۽ ازان سواءِ گهڻي عرصي کان پوءِ پيدا ٿيو هو، سو ئي وري هڪ حسن پرست جي گهر ۾، تنهن فقير صاحب جي خوشيءَ ۾ ايڏو اضافو ڪيو، جنهن جو اندازو ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. فقير صاحب مٿس پنهنجي والد بزرگوار جو نالو، محمد محسن، رکيو. سندس تاريخ ولادت هيٺينءَ ريت لکي اٿس:

بيست و ششم جماد ثاني زاد، محسن و مولدش مبارڪ باد،

پنج و هفتاد يڪ هزار و دو صد، بدز بحري رسول شاهه رشاد،

حق تعاليٰ بحق حسنينش، از حوادث زمان مصون داراد.

يعني فقير محمد محسن تاريخ 26 جماد الثاني، سن 1275 هجريءَ ۾ متولد ٿيو. سندس پير سدورو ٿيو، ۽ ٻن سالن کان پوءِ فقير صاحب جي گهر ۾ ٻيو پُٽ به پيدا ٿيو، جنهن جو نالو محمد فريد رکيو ويو. چون ٿا ته محمد فريد ڄمندي ڄام هو، ۽ ننڍي هوندي ئي اهڙيون ڳالهيون ڏيکارڻ ۽ ڪارناما ڪرڻ لڳو، جو سمجهجي پيوته ’اِنا الحق‘ جي نعري هڻڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪندو. قضا اِلاهي، اُهو ننڍي ئي هوندي رباني راهه ڏانهن راهي ٿيو.

محمد محسن کي آخوند عبدالله وٽ پڙهڻ ويهاريو ويو، جنهن کيس زماني جي دستور موجب، فارسيءَ جي تعليم ڏني ۽ ”سڪندر نامو“ ختم ڪرايو. آخوند صاحب سندس ذهن ۽ ذڪاءُ ڏسي، خيال ڪيو ته کيس اسڪول ۾ تعليم ڏياري، ڪو سرٽيفڪيٽ وٺي، نوڪري ڪرائجي. پر اڳئين زماني جا ماستر ٻارن کي پرکڻ ۾ ماهر هئا، تن نينگر ڏانهن غور سان نهاري چيو ته ’آخوند صاحب، هن لاءِ اهوئي بس آهي!‘

سڀڪنهن ٻار تي گهر، سنگت ۽ اسڪول جو اثر پوي ٿو. فقير صاحب وڏي وٽ هر وقت صوفين ۽ مريدن جي آمد هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ حق ۽ حسن جي تذڪري کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو، البت راڳ گهڻو هوندو هو. انهيءَ ماحول ۾ فقير محمد محسن پنهنجي زندگيءَ جا پهريان چوڏهن سال گذاريا، جنهن کان پوءِ سندس والد بزر گوار جو سايو سندس سِر تان لٿو. سال کن کان پوءِ هو سيوهڻ شريف، قلندر شهباز جي درگاهه تي ويو. ممڪن آهي ته انهيءَ باري ۾ پنهنجي والد بزر گوار کان کيس ڪو اشارو مليو هجي. بهرصورت، پنهنجي والد ماجد وانگر، شعر چوڻ اُتانهون شروع ڪيائين. چون ٿا ته اتي کيس چار درويش مليا، جن بابت فرمايو اٿس:

 

بيٺا منجهه بازار، لاهوتي مون لَکيا.

پيرين پراڻا کرکڻا، زرد سندن رخسار،

ڪنهن نه انهان ڪون لکيا، ساري منجهه سنسار...

بيٺا ها بازار ۾، درسن ڪن ديدار....

سامين کي سهيون ڪري، طالب ڪو تڪرار...

ڏسي هن نڌر کي، ڪيائون تند تنوار،

چمي شال چاهه مان، پرين جي پيزار...

بخشيائون”بيڪس“ کي، عشق وارو آزار،

سناسين سڌاريو، ڪريان شڪر هزار....

”بيڪس“ تي ڪنهن جواثر پيو جو سندس قلب کُليو ۽ شعر چوڻ لڳو، سو چڱيءَ طرح معلوم ٿي نه سگهيوآهي، پر سندن مناجاتن ۽ مدحيه ڪافين مان جن ۾ قلندر شهباز جي تعريف ۽ توصيف ڪئي اٿس ۽ کيس حمايت ڪرڻ ۽ ساڻي ٿيڻ لاءِ سڏيو اٿس، سمجهجي ٿو ته جيئن ”بيدل“ کيس روحاني رهبر ڪري ورتو، تيئن هن به سندس نقش قدم تي هلي، ان جي اقتدا ڪئي.

سيوهڻ کان موٽڻ کان پوءِ، ڪجهه وقت آخوند عبدالله جي مڪتب ۾ وڃي ويهندو هو ـــ گويا اڃا ڪجهه ڪمي رهيل هئي، جنهن جي پورائيءَ جي انتظار ۾ هوڪجهه وقت کان ميرانپور (جهوڪ) شريف جي درگاهه ڏانهن روانو ٿيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن سفر ۾ ڀائي ڪشنومل ۽ سيد رسول بخش شاهه ٿرڙيءَ وارو ساڻس شريڪ هئا. درگاهه تي پهچڻ کان پوءِ هيٺيون فارسي غزل چيائين:

من نعره اناالحق دم دم زنم بسوزي،

من ڪُوس ذات مِطلق، دم دم زنم بسوزي.

سلطانِ ملڪِ اعليٰ، بيرنگ بي نشانم،

طبلِ خداي اعظم دم دم زنم بسوزي.

شهباز آشيانم، لاهوت لامڪانم،

آوازِ ”من خدايم“ دم دم زنم بسوزي.

من تحت و فوق هستم، موجود زير و بالا،

طنبورِ عشق عالم دم دم زنم بسوزي.

اندر جهان بيشڪ ڪردم بهانه ”بيدل“،

”بيڪس“ نقاره وحدت دم دم زنم بسوزي.

پاڻ ڏاڍو سهڻو هو. سندس موڪري، ڪڻڪ رنگي پر زياده اڇاڻ ڏانهن مائل منهن تي چاپئين سونهاري هوندي هئي. سندس رخ تي اَڻلکا مائي جا داڻا، پگهر اچڻ تي موتين وانگر پيا جرڪندا هئا. قد جو پورو پنو، بت ۾ ڀريل ۽ ٺاهوڪو جوان هو. ساڄي پير جي ٻاچ اڌ هيس. لٽي ڪپڙي جو شوقين هو. ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا تيل ڦليل سان وهنجندو هو، ۽ ڀيري ڀيري سان پوشاڪ مٽائيندوهو. پٽڪي جو ڀير اهڙو رکندو هو، جهڙو ڏاڙهونءَ جو ٽڙيل گل.اهو بعضي اڇو، بعضي گلابي ته بعضي وري ست رنگو به هوندو هو. وڏي فقير صاحب واريءَ کٽ تي پٿراڻيءَ جي مٿان اڇي چادر وڇائي، وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويهندو هو. گهٽ ڳالهائيندو هو. جيتوڻيڪ راڳ سندس روح جي راحت ۽ جيءَ جو جياپو هو، تڏهن به ڏينهن جونه ڳائيندو هو،البت رات جو اڪيلائيءَ ۾ ٻاهر وڃي آلاپيندو هو. جيڪو وقت ويٺو هوندو هو، وقت جون راڳڻيون پيون ڳائبيون هيون. اگرچ حسن جي پٺيان حيران ۽ پريشان هو، ۽ سندس شعر مان به ائين ئي پيو نظر اچي ـــ مثلاً:

صورت ساڏا سڀ ڀُلايا، عشق دي ڪيتي فرش تي آيا،

”بيڪس“ سوز و گداز، دل دا جاما ڌويا ـــ

پر هوَس کي اهڙو ماري مات ڪيو هئائين ۽ نفس تي ايتري قدر قادر ۽ قابض هو، جو هڪ لڱا ڪنهن ڪڃريءَ گستاخي ڪئي ته هڪدم جنڊيءَ لٿل رُول، جو هر وقت سندس هٿ ۾ هوندوهو، وهائي ڪڍيائينس:

”جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.“

(شاهه)

فقير صاحب کي وڏي ننڍي جي ڏاڍي شناس هوندي هئي. پنهنجي والد وانگر، سيدن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو. چون ٿا ته هڪ دفعي شهرجا چڱا مڙس، ڪجهه سادات ساڻ ڪري، وٽس ويا ۽ کيس شادي ڪرڻ لاءِ گذارش ڪيائون، ته من پُٺ پَڌري ٿئي، پيڙهي قائم ٿئي. فقير صاحب کين مهت ڏنو ۽ شادي ڪيائين. محترم مولوي محمد صادق صاحب راڻيپوري، شاديءَ جي سلسلي ۾ مرحوم قاضي جان محمد ولد قاضي عبدالرؤف صاحب روهڙيءَ واري کان راوي آهي ته فقير صاحب فرمايو ته ”اسان جي رڳ رڳ اِلاهي عشق جي آڙاهه ۾ سڙي ويئي آهي ۽ ڪجهه نه رهيو آهي.“

فقير صاحب ظاهري طرح مجاز ڏانهن مائل نظر ايندو هو، پر در حقيقت هو حقيقت ڏانهن راغب هو. ڏسڻ ۾ حسن لاءِ بيحال، پر سچ پچ باحال. ٻاهران ديوانو، اندر ۾ فرزانو، وٽس ڏينهن جو سهڻن جو ذڪر، رات جو سونهن جي سرمايي جو فڪر هوندو هو، ڏينهن جو ڏاڍي ٺٺ سان هلندو هو، ته رات جو لانگوٽ ٻڌي، رلهي ڪلهي تي رکي، پيو درويشن ۽ ولين جون درگاهون گهمندو هو. اهڙي ماڻهوءَ کي شاديءَ مان ڪهڙي شاد ماني؟ واسطو وَجهه ته ٺهيو، پر خيال به ڪونه رهيس. خليفو سبحان بخش، موجوده سجاده نشين، راوي آهي ته آخوند عبدالله، فقير صاحب کي وقت بوقت پيو چوندو هوته شاديءَ جو مقصد آهي اولاد، پر اوهين انهيءَ طرف توجهه ئي نٿا ڪريو. تنهن تي فقير صاحب هڪ دفعي مشڪي فرمايو ته ”اسان کي اولاد آهي.“ وڌيڪ پڇا تي پاڻ واضح ڪيائين ته غلام لطيف، يعني موجوده خليفي صاحب جو والد ماجد، اسان جو نينگر آهي[1]. چون ٿا ته فقير صاحب جي وصال کان پوءِ غلام لطيف کي پڳ ٻڌائي ويئي جنهن جي ان وقت عمر نهايت ٽي سال هئي.

افسوس جو سندس زندگيءَ وفا نه ڪئي، پر انهيءَ ٿوري عرصي ۾ ڪافين ۽ ڏوهيڙن جو چڱو ذخيرو ڇڏيو اٿس. نثر ۾ ڪو ڪتاب ڪونه لکيو اٿس، ۽ نه وري فارسيءَ ۾ پنهنجي پيءُ وانگر صاحب ديوان ٿي سگهيو.

مسٽر تلوڪچند، رٽائرڊ اڪائونٽنٽ پي. ڊبليو. ڊي، ساڪن روهڙي، فقير صاحب جي وفات بابت هيٺيون واقعو بيان ڪري ٿو:

پراڻي مختيارڪار، جا هاڻوڪيءَ ميونسپل آفيس جي ڀرسان هئي، تنهن جي اولهه ۾، ان سان لڳ مسٽر مولراج بئريسٽر خيرپوريءَ جي جاءِ هئي ۽ اڃا به آهي، جنهن ۾ هرڪو نئون مختيارڪار اچي رهندو هو. فقير صاحب، جو هميشہ اڇا اُجرا ڪپڙا پائي، جنڊيءَ لٿل رول هٿ ۾ کڻي پيو هلندو هو ۽ جنهن سان گهڻو ڪري ٻه چار ماڻهو هوندا ئي هوندا هئا، سو اچي ان جاءِ جي ڀرسان، تَڙَ تي بيهندو هو. هڪڙو حسن، ٻي جواني، ٽين شوقينن واري پوشاڪ، سو هر ڪو ظاهربين آدمي ڀلجي سگهيو ٿي. تن ڏينهين روهڙيءَ جو مختيارڪار مسٽر مولسنگهه هو، تنهن هڪڙي ڏينهن پنهنجي عهدي ۽ عملداريءَ جي انڌ ۾ ان الله واري کي، جو هر وقت پنهنجي اصليت ظاهري لباس ۾ لڪائيندو وتندو هو، نه سڃاڻو، ۽ غصي ۾ اچي ويو. قصو شايد اڃا ڪجهه اڳتي هلي ها، پر فقير صاحب سان جو هر وقت هندو ۽ برهمڻ چڱي انداز ۾ هوندا هئا، تن منٿ ميڙ ڪري ٺاري ڇڏيو. فقير صاحب اُن ڏانهن ڪو توجهه ڪونه ڪيو، ۽ پنهنجي معمول مطابق چار چشميءَ لاءِ ٻئي طرف هليو ويو.

قدرت خدا جي اهڙي ٿي، جو ساڳئي ڏينهن انهيءَ مختيارڪار صاحب جي پُٽ، انهيءَ ساڳئي تَڙَ تي تَڙُ ڪندي، جان ٽٻي هنئي ته گُم! کوهن جا وات بند ٿيا آهن، پر ماڻهن جا نه. ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن. هر ڪنهن پنهنجي نموني خيال ظاهر ڪيو۽ قياس آرائي ڪئي، پر ماڻهن جو يقين ٿيو ته مختيارڪار صاحب هڪ درويش جي دل ناحق ڏکوئي آهي، سو جيسين درويش دعا نه ڪندو، تيسين ڇوڪر نه لڀندو.

پيءُ ـــ ماءُ جي دل، پنهنجي اولاد لاءِ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار، سواچي فقير جي پيرن تي ڪِريا. پر فقير منهن ئي نه ڏئي! آخر، ماڻهن جي صلاح سان، ”ڪنهيي“ جي مائٽن کي ۽ خود ڪنهيي کي وڃي ستايائون. ڪنهيي سان فقير صاحب جي دلبستگي هئي، ۽ هو سندس شاعريءَ جو ”محبوب“ هو. (ڪنهيي جو احوال اڳتي ايندو.) ٻن ڏينهن جي منٿ ميڙ کان پوءِ، ٽئين ڏينهن ڪنهيي کي ڪَهل پيئي، سو اچي فقير صاحب کي عرض ڪيائين. فقير صاحب دعا ڪئي، ۽ ڇوڪر لڌو. پر ڪنهن کي خبر ته ڇا مان ڇا ٿي سگهي ٿو! فقير صاحب ڪنهيي کي چيو ته ”تو اسان مان ڪجهه نه پرايو، پر اسين تو مان سڀڪجهه حاصل ڪري وڃون ٿا.“ رات جو سمهڻ وقت وصيت ڪيائين ته ”اسان جي هينئر موڪلاڻي آهي: اسان جو جنازو محبوب جي دروازي تي هلي لاهجو ۽ کيس چڱيءَ طرح  منهن ڏيکارجو، ۽ جيسين اجازت نه ڏئي، تيسين نه کڻجو.“ فقيرصاحب هڪ ڪافي انهيءَ مضمون جي چئي آهي، جنهن ۾ ڪانڌين کي ”سڄڻ جي ڪُوچي ۾“ جنازي کڻي وڃڻ جو تاڪيد ٿيل آهي. فرمائي ٿو:

جنازا لي چلو، يارو، سجن ڪي ڪُوچي ۾ ميرا،

جئندي مرندي گلي اُس ۾، ميرا هي رَين دن ڦيرا.

بس، فقير صاحب جيئن سُتو، تيئين سُتو رهيو. سندس جنازي سان هندو توڙي مسلمان تمام گهڻي انداز ۾ هئا. وصيت مطابق، سندس جنازو، ٽَڪر تي، ڪنهيي جي گهر وٽ لاٿو ويو. ڪنهيي جا مائٽ صراف هئا ۽ پئسي وارا ماڻهو هئا، تن هڪڙو قيمتي ڪپڙو اچي جنازي مٿان وڌو. هن واقعي کان پوءِ ڪنهيو روئندو رهيو.

فقير صاحب کي سندس والد جي ڀر ۾ جاءِ ڏنائون، جنهن جو پاڻ هميشہ عاشق ۽ مريد هو ۽ سندس تعريف ۾ ڪئين ڪافيون چيون اٿس. هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

منهنجا پير مرشد شهنشاهه ’بيدل‘، هي ”بيڪس“ بيوس پرتو ٿي بلڪل:

عمر ٻاجهون تنهنجي مون گوندر گذاري.

سندس وفات  جي تاريخ آهي:

 

اَن يارِ نوجوان ڪہ خوش بود صحبتش،

رفت از جهان بماند ازو داغِ حسرتش،

سال رحيل آن ز خود جست، گفت آن:

با وصف پاڪ محمد محسن شهيد شوقش.

      1298 هه

”بيڪس“ فقير جي آخرين آرامگاهه

ٻاهريون منظر


. [1] . بقول ساڌو واسواڻي، اهو سندس صحيح معنيٰ ۾ اولاد آهي: “Desert Voiccs” p, 57

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org