سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان بيڪس

صفحو :3

محترم ساڌو واسواڻي پنهنجي ڪتاب “The Vision of a Village-Singev” ۾، فقير ”بيڪس“ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ”هڪ دفعي ميلي جي موقعي تي درگاهه تي ويس. اُتي هڪ هندو عورت پنهنجي بيمار ٻار کي کڻي آئي، صرف انهيءَ اعتقاد سان ته کيس خواب ۾ نياءُ ملندو ۽ هدايت ٿيندي ته ڪيئن ۽ ڪهڙو علاج ڪجي.“

محترم ساڌو واسواڻي، پنهنجي ڪتاب ”Desert Voices“ ۾، هڪ ٻيو واقعو بيان ڪيو آهي، جو فقير صاحب جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي مقبوليت تي روشني وجهي ٿو. فرمائي ٿو ته ”هڪ دفعي هڪ ڳوٺ ۾ رات جو رهڻ ٿيو. منهنجو انتظار ٽڪاڻي ۾ ڪيل هو. مان، پنهنجي معمول مطابق صبح جو چئين بجي مهل اُٿيس. منهنجي اُٿڻ کان ٿورو پوءِ، پاڙي مان هڪ هندوءَ جي پرارٿنا جو آواز ڪَن تي پيو. انهيءَ دوران ۾ هن صاحب ”بيڪس“ فقير جي ڪافي ڏاڍي مٺي ۽ مڌر آواز سان آلاپڻ شروع ڪئي. رات جي وڳڙي ۾ هرهڪ لفظ چٽو ۽ موثر نموني ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيو.مون کي اُن وقت جو لطف آيو، سو هڪ ته ويجهيءَ ڇڪ نه وسرندو، ٻيو ته ان جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي، ڇو ته ”بيڪس“ جو ڪلام محض راڳ آهي، سو فقط ٻُڌڻ لاءِ آهي، ۽ نه پڙهڻ لاءِ.“

بيڪس جي شاعري

”بيڪس“ فقير، هڪ لائق پيءُ جي لائق پٽ وانگر، پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي ممڪن ڪوشش ڪئي، ۽ سندس معاشرتي خواهه معاشقي زندگي اهڙي ئي رهي، جهڙي سندس والد بزرگوار جي هئي. ”بيدل“ جيان، هن به قلندر شهباز کان روحاني فيص ورتو. جيئن هُن درگاهه تي پهچڻ کان پوءِ شعر چوڻ شروع ڪيو، تيئن هن به ڪيو. جيئن هُن حقيقت کي پهچڻ لاءِ مجازي عشق پوڙي ڪري ورتو، تيئن هن به ڪيو. پر جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته پيءُ جيترو ضابطو پاڻ تي ڪونهيس. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ٻاڦ ڪڍي ٿو، ۽ مجازي عاشق وانگر، وڇوڙي ۽ تڪليفن جي شڪايت ۽ جدائيءَ کي جلد ختم ڪرڻ جي تمنا ڪري ٿوـــ ـــ برهه کي ’برهه بهاري‘ به جابجا سڏي ٿو۔ محبوب کي منت ڪري ٿو، ۽ انهيءَ بيقراريءَ ۾ کيس ’بيوفا‘ نه سڏي ٿو، جو هن کان اڳ گهڻو ڪري سنڌي شاعرن جو شيوو نه رهيو آهي، ۽ ساڳئي وقت رقيبن جي به شڪايت ڪري ٿو. مثلاً:

(ڪافي روپ آسا يا سورٺ)

از محرم رُس نه يار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

حال واقف يار همدم، هُج هميشہ همقدم،

دم نه هڪڙو ٿي تون ڌار.

ڪيئن ڪيئه جاني جدائي، مون سان ڪيئه بيوفائي،

نانءُ مولا جي نهار.

هيءَ رقيبن راهه ماري، تَنَ ۾ تنهنجي طلب طاري،

اکڙيون تنهنجون گل انار.

”بيڪس“بيوس ڇا ڪري، جو تو لئه دمدم ٿو مري،

تو تَؤن صدقي وار وار.

 

(ڪافي روپ ڪلياڻ)

ڪر نه جدائي يار، گهوريو وڇوڙو، وَرُ تون.

دريا درد جو دل ۾، وهي تارون تار،

ڪر نه مون سان مامرو، صورت جا سينگار.

مٺا ماڻا ڇا ڪجن، مُٺَن جا مَنَ ٺار،

دم ٻه ـــ ٽي دنيا ۾، گڏ ٿي يارَ گذار.

هتِ هُت هُج هنئين ۾، دم نه ٿي تون ڌار،

”بيڪس“ عشق انڌير ڪيا، غازي غمزي دار.

هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو:

سچ الايُوَ يارَ ٻين سان، مون سان ڪوڙ ڪمايو تو،

يارَ جادوگرَ ”بيڪس“ سان، هَي، وه جو نينهن نڀايو تو!

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

جلي ٿي هيءَ جان، جيڏيون! سڄڻ کي ڪو سمجهائي.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

’ڪنيه‘ ڪون ڪوئي سمجهاوي، ميري اس شام دل لُٽي.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

’ڪنيه‘! ڪول آ ميري، اتنا ماڻ ڪيا ڪرنا،

اي سانورا سُڻ سخن ميرا، خدا ڪولون ڪي ڪُڇ ڏَرنا.

دکي هي جان جي ميرا، سُکي لاغرض تَن تيرا،

گلي ۾ رَين دن ڦيرا، اي دلبر ڌيان ڪي ڌرنا.

”بيڪس“ بَردا تيرا بيوس، هماري دلڙي تم لي کس،

نه ماڻا ڪر ميرا جاني، اي دلبر عاقبت مرنا.

اڳئين طبقي جي شاعرن جو ڪلام موسيقيءَ تي موزون ڪيل آهي، تنهنڪري اُن ۾ عربي عروض واريون پابنديون ڪينهن، البت قافيي جو خيال رکيو ويندو هو. سو به، ڪافين توڙي ڏوهيڙن ۾، ان جو نمونو نرالو هو پر ”بيڪس“ ته ٻوليءَ جي ٻنڌڻن کان ئي پاڻ کي آزاد رکيو آهي. مثلاً:

ناهه مناسب جاني توکي، ”بيڪس“ سان بيپرواهي.

هن ڪافيءَ جون ٽي مصراعون سنڌي ۽ ٽي سرائڪي آهن. اهڙيءَ طرح، هيٺين ڪافي سنڌي آهي، پر ان ۾ ڪي ڪي سرائڪي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن:

مون سان جاني جادو لايو تو، دام زلف ۾ ڦاسايو تو.

اهڙيءَ طرح، هيٺينءَ ڪافيءَ جو ٿلهه سنڌي آهي:

ڇا کؤن رُسي وئين راڻا، ڪڏهن پَرچندين پيارا!

پر ان جون ٻه مصراعون سڄيون فارسي آهن:

(1)    باديگران نشستي، دست از يتيم شستي،

پيمانه خود شڪستي، ديدار ده خدا را.

 

(2)ڪردي عطا فراقم، شب روز سينه چاڪم،

فرمرده هلاڪم، گاهي نما نظارا.

پر ڪن مصراعن ۾ اڌ فارسي ۽ اڌ سنڌي آهي. مثلاً:

احوالِ ماببين تو، چين در جبين چنين تو،

گاهي شوي قرين تو، دل جا سڄڻ سونهارا.

اهڙيءَ طرح، جنهن وقت مٿس جذبو طاري ٿئي ٿو، تڏهن سنڌي، سرائڪي، اردو، هنڌي، فارسي، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين جا لفظ بنا ڪنهن امتياز جي ڪم آڻي ٿو. اها ڳالهه ٻوليءَ ۽ زباندانيءَ جي نقطه نگاهه کان البت معيوب آهي، پر هيءُ درويش انهن کي ملائي، اهڙي نموني پيش ڪري ٿو جو انهن ۾ پاڻ زياده رس ۽ ميٺاج پيدا ٿئي ٿو. بعضي ڪن لفطن کي پاڻ ۾ ملائي، نوان اصطلاح ٺاهيا اٿس، جن پاڻ ٻوليءَ ۾ اضافو ڪيو آهي.

شاعري جذبات نگاريءَ جو ٻيو نالو آهي. شاعر تي جنهن وقت جهڙو جذبو طاري ٿئي ٿو، اهڙوئي لفظ يا اصطلاح سندس ذهن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو سندس انهيءَ جذبي جي صحيح ترجماني ڪري ٿو. ”بيڪس“ يار جي جدائيءَ جو بيان ـــ ـــ جنهن کي هو ”برهه“ سڏي ٿو ـــ ـــ اهڙي خوش اسلوبيءَ سان ڪري ٿو، جنهن ۾ سندس مقصد جا ٻئي پاسا روشن ٿين ٿا. فرمائي ٿو:

(1)_ برهه بازاري، عشق آزاري، هڪ بيقراري ٻي خلق جي خواري.

(2)_ ڳَئِي موسم خزان والي، آيا برهه بهار.

(3)_ فضل ٿيو، فرق پيو، برهه ڪيو باران.

(4)_ آئي مند ميلاپ جي، برهه ڪئي برسات.

”فرهنگ آصفيه“ وارو، ”بازاري“ لفظ جي معنيٰ هيٺينءَ ريت لکي ٿو:

”بازار سي نسبت رکني والا ـــ عام ـــ معمولي ـــ بازار ڪي بيٺني والا ـــ بي اعتبار“.

”بيڪس“ جي ”برهه بازاري“ ۾ ڪيڏي وسعت آهي! حافظ شيرازيءَ جيڪو خيال هيٺئين بيت ۾ آندو آهي، سو لڳ ڀڳ فقير صاحب انهيءَ هڪڙي اصطلاح، ”برهه بازاري“، ۾ ادا ڪيو آهي:

من از آن حسنِ روز افزون ڪہ يوسف داشت دانستم،

ڪہ عشق از پرده عصمت برون آرد زليخا را.

انهيءَ ڪري برهه لاءِ تمنا به ڪري ٿو:

داتار تون دلاور، آڌار هي گداگر،

بخشين برهه بهادر، پنهنجي ڪرم جا ڪي تولا.

ازان سواءِ فقير صاحب سوز ۽ اثر پيدا ڪرڻ خاطر ڪي پنهنجا اصطلاح به ٺاهيا آهن، جي سندس ذهانت ۽ طباعيءَ جو روشن دليل آهن. مثلاً:

(1)              محبت ماريو مسڪينن کي، ”بيڪس“ برهه بڇائين ٿو.

(2)             وڄائي دردَ دمامون، پنهنجا پيارا ڪُهائين ٿو.

(3)             تون قادر قلندر بهر جاءِ حاضر،

   الله لڳ ڪا بخشو سڪ جي سوائي.

(4)             تَڻ تَڻ جهَلندا تون دلبر، گهَت ڏُکان دي ڏور.

(5)              نين دي گهوڙي دوڙاڪي، سريتيمان کاندي هو.

(6)             درد ڌمالون ڪيون دل اندر، نازڪ سان لڳو ناتو مون.

(7)                             ”بيڪس“ قسمت منجهه قلم جي، سُر سورن جو ڳاتو مون.

(8)                             ڏور ڏکن جي من منهنجي کي، سورن سان تون ساهين ٿو.

”بيڪس“ پنهنجي والد بزرگوار کي اُستاد ۽ مرشد ڪري ورتو هو، ۽ جڏهن جڏهن کيس تڪليف ٿِي ٿي، تڏهن تڏهن کيس مدد لاءِ سڏيائين ٿي. جيئن ته فرمائي ٿو:

(1)     ”بيڪس“ ’بيدل‘ کؤن لڌي، محبت واري مام.

(2)    منهنجا پير مرسد شهنشاهه ’بيدل‘،

هي ”بيڪس“ بيوس پرتو ٿي بالڪل،

عمر ٻاجهون تنهنجي مون گوندر گذاري.

(3)    لهه سنڀارون سيگهه ۾، ’بيدل‘ منهنجا ڀتار،

’بيدل‘ نانءِ الله جي، ”بيڪس“ جي لهه سار.

پر، ساڳئي وقت، حضرت شهباز قلندر کي به ساڻي ٿيڻ لاءِ سڏي ٿو، جيئن هيٺين ڪافين مان معلوم ٿيندو:

(1)                               قلندر ماڙ ڪر منهنجي، سگهو ٿي راهه ۾ رهبر.

(2)             سڀني جو سردار، صاحب سيوهاڻي تون.

ازان سواءِ ٻه مناجاتون به چيون اٿس. پر ڇاڪاڻ ته نينهن کي ضروري ٿو سمجهي، تنهنڪري انهن مان هڪ ۾ ان لاءِ به دعا گهري ٿو. فرمائي ٿو:

(1)_ ڪر ڀلائي برهه جي يا سيدا، ڪر نوازش نينهن جي يا سيدا،

   ڪر عنايت عشق جي يا سيدا، ڪر مهر ڪا درد جي يا سيدا.

(2)_ قال ڪڍ ۽ حال ڏي يا سيدا، عشق وحدت ڪر عطا تون لڳ خدا.

آهين تون هر جا وسيلو خاوندا، واههَ منهنجي ڪر سگهو تون سيدا.

ٻئي هنڌ وري چوي ٿو:

يا شاهه ’بيدل‘ برهه جون بهيران، سڀن سالڪن جو تون آن پير پيران.

هن ڪافيءَ ۾ به ’بيدل‘ فقير کي فقط برهه لاءِ نه، پر برهه جي بهيرن بخشڻ لاءِ استدعا ٿو ڪري. ”فرهنگ آصفيه“ وارو ”بهير“ لفظ جي معنيٰ هن ريت ڪري ٿو:

”فوج ڪي پيچهي پيچهي جو سائيس، گراسڪٽ اور مرد مان شاگرد پيشه ڪي قطار جاتي هي، اسي ’بهير‘ ڪهتي هين، اس مين فوجي آدميون ڪي بيويان اور هر قسم ڪي دوڪاندار وغيره بهي داخل هين.“

مطلب ته اسان جي فقير ”بيڪس“ کي برهه پنهنجي عملي اٽالي ۽ ساز سامان سان گهرجي، جيئن ڪا ڪمي ۽ ڪوتاهي نه رهي. شاهه صاحب به ’بهير‘ لفظ لڳ ڀڳ اهڙيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. فرمائي ٿو:

 

(1)_ تون ويسرو وِير، ساٿين سنبت پنڌ جي،

جوڙي جُنگ جهاز کي، ڪوڏَ هَڻائج ڪِير،

وهِي وڻجارن جي، بندر ڏانهن بهير،

گهَر تَنين جي کير، جن لاڳيدار لنگهائيا.

(سر سريراڳ)

(2)_ آتڻ ۾ ويهي، سڀ دعا ڪريجا جيڏيون،

ڪانهي بس بهير کي، هل چل پئي پيئي،

راهه مسافر سڀڪو، ڪونه ڏٺوسون هت ڏيهي،

ساريندا صلوات کي، منجهه قبر سڀ پيهي،

ڪوٺائو ڪريم جو، ڳالهه پڇندو ڪيهي،

نوازيندو نُور سين، ناقصن کي اُت نيئي،

الله هڪ محمّد برحق، شال چوان مان ايهي.

”بيدل“ فقير وانگر، ”بيڪس“ به ”همه اوست“ جو قائل آهي، جيئن هيٺين ڪافين مان معلوم ٿيندو:

(1)                        آهيان پاڻ الله، عشقون ٿو عبد سڏايان.

(2)                       ساجن سائين سير ڪرڻ لئه، ٿي آيو انسان، ميان.

(3)                       بنائي ساز صورت جو، ڪهڙا واري لڪ لڪائين ٿو.

(4)                       يار سڄڻ جو ڪم اهوئي، ڪاٿي ناز نياز.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

حرف هِڪو همہ اوست جو، ٻيا سڀ خام خيال، خام خيال.

انهن سڀني ڳالهين مان ظاهر آهي ته ”بيڪس“ هر طرح پنهنجي والد جي اقتدا ڪئي، جنهن لاءِ کيس ڪمال عقيدتمندي هئي، ۽ کيس هادي، رهبر، مرشد، بلڪ ان کان مٿي سمجهندو هو ۽ انهيءَ جوئي رنگ سندس شعر تي غالب آهي. سندس ڪلام جو مٿس ايترو اثر آهي جو بعضي سندس خيالن جوترجمو ڪيو اٿس. مثلاً:

(1)              يار سڄڻ دي ڳالهين، سانون ياد جو پئيان. (بيدل)

يار سڄڻ تنهنجون ڳالهيون ڳالهيون، وري ياد پيون پيون. (بيڪس)

(2)             مَين ته بيراڳن ٿَيان ٿَيان، ٿَيان ٿَيان. (بيدل)

مين ته بيراڳڻ ٿَيان، رانجهن ڪيتي ڙي سنيان. (بيڪس)

(3)             رانجهو والي رمز اسان ڏي ساهه سيباڻي، سنيان وي!

صورت بيک بنا ڪي آيا، حيرت دي وچ پَئيان...

ويک جمال انهين جوڳي دا، برهين بيوس ٿَئيان...

گهور گنوايا هوش اساڏا، موج نينان دي نَئيان...

     آءٌ اچانڪ لڳيان اسان نون، ’بيدل‘ برهه ديان بَهيان... (بيدل)

رانجهن والي راز، ميڏا من موهيا.

تخت هزاري داشاهه سيلاني، جهنگ سيالين آيا جاني،

صورت وچ مجاز، سانون حاصل هويا.

غمزان رمزان مارڪي سانون، بيغرض هي يار اسان نون،

بيخودي دا باز، سر اساڏي صاحب سويا.

صورت ساڏا سڀ ڀلايا، عشقدي ڪيتي فرش تي آيا،

”بيڪس“ سوز گداز، دل دا جاما ڌويا. (بيڪس)

(4)                             آج پيئا هوري کيلن آيا، سهسين رنگ بيرنگي سمايا. (بيدل)

”بيڪس“ هوري يار کيليندا، هر ڪوچه بازار. (بيڪس)

(5)              بشربت دا ڪر بهانا، آپ ٿيا اظهار. (بيدل)

بازي عجب بنائي، آدم نام ڌرا ڪي. (بيڪس)

ساجن سائين سير ڪرڻ لئه، ٿي آيو انسان. (بيڪس)

بنائي ساز صورت جو، ڪهڙا تون لڪ لڪائين ٿو. (بيڪس)

(6)             آهيان اسرار عجائب، ٿي آيس سرّ سبحان...

نوح نبيءَ جي ويس ۾، تار ڪيم طوفان...

آيس ابراهيم ٿي، باهه ڪيم بستان...

بيک بنائي عيسائي، اُڏاڻس آسمان...

”بيدل“ نالي ٿي ڪيم، سجدو سيوستان... (بيدل)

آهيان پاڻ الله، عشقون ٿو عبد سڏايان.

هتڙي ٻانهون ٻانهن جو، هُت هوس شاهنشاهه...

هتڙي ماٺو ماٺ وهان ٿو، هُت دهشت جودرياهه...

هتڙي ماٺو ماٺ وهان ٿو، هُت دهشت جو درياهه...

”الانسان سرّي وآناسـّـره“، عشاقن آگاهه...

”بيڪس“ رک تون دل ۾ بلڪل، وحدت جو ويساهه.... (بيڪس)

(7)                       بخش ميڏي تقصير، رانجهن سائين!

در تيڏي تي آهي وڪاڻي، هيءَ نڪارڙي هير...

اِٿان اُٿان تيڏڙي آهيان، دلبر دامنگير...

جيئندي مرندي وسر نه ويسي، خوب تيڏي تصوير...

تيڏي ٻاجهون ڪونه ڪريسي، دردمندان دي دل ـــ ڌير...

حسن حيرت وچ ’بيدل‘ وسندا، سالڪ ڇوڙ سرير... (بيدل)

ڪيهي پيئي تقصير، مَين ڪنون جانب سائين!

روز ازل ڪنون در تيڏي دي، مَين ڪنيزڪ هير...

اِٿانهون اَٿانهون ياد اسان ڪون، سهڻا تيڏي تصوير...

جان جگر ساڏي وچ اينوين، تير لکيا تقدير...

”بيڪس“ بيشڪ عشق واليان ڪنون، ڀل ڳئي تدبير.... (بيڪس)

مٿين ٿورن مثالن مان ڏسبو ته ٻنهي صاحبن جو نه فقط خيال ساڳيو آهي، پر ان جي اظهار جو طريقو به لڳ ڀڳ هڪجهڙو آهي.

”ديوان بيدل“ جي ڇپجڻ کان پوءِ ڪنهن چيو ته هڪڙي ڪافي فقير ننڍي جي ڇپجي ويئي آهي، سو ٻئي ڇاپي وقت اها ڪڍڻ گهرجي. ”ديوان بيڪس“ مرتب ڪرڻ وقت کانئس اها ڪافي پڇي ويئي. اها ڪافي پهرئين ڇاپي جي ضميمي نمبر 2، صفحي 359 تي آيل آهي، جا هن هيٺ ڏجي ٿي.

(ڪافي روپ راڻو)

پاڻ ڏاڍن سان نينهن نه لايو، جنجل نينهن نڀايو مون،

آءٌ اياڻي عشق نه ڄاڻان، عشق عجب سر آيو مون...

ستي پئي هَس سيج پلنگ تي، جَتن ڪين جاڳايو مون...

چڙهي جبل چوٽ تي، تيرن تَن تپايو مون...

”بيدل“ کي اچي مل پيارا، تنهنجي طلب تپايو مون...

”بيڪس“ جي جنهن ڪافيءَ سان کيس منشبهه ڪيو ويو آهي، سا هيٺ ڏجي ٿي:

(ڪافي روپ سورٺ)

پاڻَ ڏاڍن سان لنون نه لائجي، جنجل جيءُ ڦاسايو مون.

سڌ نه هيڙي ڪا سورن جي، عشق عجيب اُٺايو مون...

آءٌ اياڻي نينهن نه ڄاڻان، سورن ساٿ سمايو مون...

”بيڪس“ سان مل مٺڙا اڄ تون، ڏاڍو طلب تپايو مون...

مٿي ڏنل مثالن، خاص طرح مثال نمبر 7 پڙهڻ کان پوءِ ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته ساڳئي مضمون جي ڪافي ٻنهي صاحبن جي جدا جدا آهي.

عجيب جون اکيون

معشوق جي هر چيز ۽ هر ادا معشوق آهي. ڇا منهن ڇا اکيون، ڇا وار، ڇا قد ۽ ڇا وري سندس نهارڻ، مرڪڻ ۽ مشڪڻ، ڳالهائڻ ۽ گهمڻ: مطلب ته هرڪا حرڪت پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي وڻندڙ ۽ موهيندڙ آهي. هرڪنهن شاعر، پنهنجي درڪ ۽ درجي، خيال ۽ تصور آهر، انهن مان هرهڪ جي جدا جدا تعريف ڪئي آهي. خصوصاً اکيون، جي پنهنجو ڪاري وار ڪري، عشق جي الف ـــ ب جو آغاز ڪرائي، بيقراريءَ ۽ انتظاريءَ جو باب پڙهائڻ شروع ٿيون ڪن، تن جي قهري ڪارنامن سان ته بياض ڀريا پيا آهن. ڇاڪاڻ ته عشق جي ابتدا اکين مان ٿئي ٿي ۽ چاهه چشمن مان چُري ٿو، تنهنڪري هرهڪ شاعرَ، پوءِ توڙي اهو حال وارو هجي يا قال وارو، پنهنجي وس آهر، ان جا مختلف اثر ۽ مختلف ڪيفيتون بيان ڪيون آهن. محبت جي ماريلن لاءِ ته عجيب جي اک بنگال جو جادو آهي. جنهن وقت اکيون اکين ۾ کُپن ٿيون، ته بقول سچل سائين:

”عينان عينن ساڻ اَڙيون، هاڻي مٿو ڪير موڙي!“

انتهائي مجبوري ۽ لاچاري اچيو وڃي. باروت اهڙو بڇين ٿيون، جو ماڻهو سيرَ وِڌل ڪڪڙ وانگر پيو ڦٿڪندو ۽ ڇَڙيون هڻندو. اهي ڪاريون ڪجليون، اکڇنڀ ۾ قيامت مچائي ٿيون ڇڏين. پر عجب ته هيءُ آهي ته اُنهيءَ دم چيرين، چچرين، ڪُهن ۽ ڳترا ڳترا ڪن، ته اُنهيءَ دم دلاسي جو داءُ هڻي، ورسائن ۽ کلائين! گويا رنج ۽ راحت، آزار ۽ آرام، زهر ۽ زهر مهرو، يا کڻي ائين چئجي ته موت ۽ حيات، ٻيئي انهن جي اختيار آهن.

محبوب جي اکين کي شاعرن مختلف شين سان تشبيهه ڏني آهي، جهڙوڪ عقابيل، الماس، تير، ڀالا، بڙڇيون، وغيره. بيخودي پيدا ڪرڻ ڪري، انهن کي خماري، شرابي، نيم خوابي، ڪيفي وغيره سڏيائون. پر گهڻو ڪري فقط هڪ پهلو بيان ڪيائون ۽ ٻيو ـــ ـــ جياريندڙ، آٿت ڏيندڙ، دل بهار بهار ڪندڙ وغيره ـــ ـــ نظرانداز ڪيائون. هن وقت تائين ڪوبه انهن کي صحيح انداز ۾ سمجهائي ڪونه سگهيو آهي. مطلب ته ”شاهه“ جي قول موجب، ”ٻاري مچ مجاز جو، اوتيائون اڱار“... چشمن جو چَريو ٿيل، نه جيئي نه مري!

ڪن بزرگن جو خيال آهي ته جيڪي هت آهي، سو پَرتوو يا عڪس آهي اَن جو، جيڪو هُت آهي: ”همه اسماء مظاهرِ ذات اند، همه اشياء مظاهر اسماء،“ حق تعاليٰ، جو بيمثل ۽ بيمثال آهي، تنهن جو ظهور اسماي صفات ۾ ٿيو، ۽ اسماء صفات جا آثار ڪائنات ۾ موجود آهن، ۽ جو ڪجهه هُتي آهي، تنهن جو ظهور هت آهي. انسان حق تعاليٰ جو اُتم مظهر آهي، ۽ انسان ۾ ڪابه اهڙي شيءِ ڪانهي، جا حق تعاليٰ جي ذات ۽ صفات جو مظهر نه هجي. اکيون، نَڪ، چَپ، ڏند، خط ۽ خال، انساني حُسن کي مڪمل ڪن ٿا، ۽ انهن کان سواءِ انساني صورت ۽ شڪل ۾ ئي نقص نظر اچي ٿو. تنهن ڪري، لازمي طور انهن جو اصل حق تعاليٰ جي صفات ۾ هئڻ گهرجي، جن جو نقل هي آهن، ۽ انهن جي اظهار کان سواءِ ڪمالِ الاهي جو اظهار مشاهدي ۾ اچي نٿو سگهي. جهڙيءَ طرح مجاز جو ماريل، معشوق جي اکين، ڏندن، چپن، وارن وغيره کي وساري نٿو سگهي، اهڙيءَ طرح جمالِ الاهي جو متوالو به انهن باڪمال صفات کي نظرانداز ڪري نٿو سگهي، ڇو ته انهن جي ئي وسيلي جمال اِلاهي جو اظهار ڪري سگهي ٿو:

”هر چند هو مشاهده حق کي گفتگو،

بنتي نهين هي ساگر و مِينا ڪهي بغير.“

تنهنڪري صوفيائي ڪرام به پنهنجيءَ حق پرستانه شاعريءَ ۾، مجازي شاعرن وانگر، اهي ساڳيائي لفظ ـــــ زلف، چشم، خال، خط، قد ۽ قامت وغيره ــــ ڪم آندا، پر مخصوص معنائن ۾، ۽ نه انهن معنائن ۾، جيڪي رواجي ماڻهو ڪن ٿا، ڇو ته ذات باري تعاليٰ انهن کان پاڪ ۽ مبـّـرا آهي. تصوف جي شاعريءَ ۾ ”چشم“ لفظ، بعضي ’بصارتِ ازليه‘ ڏانهن اشارو ٿو ڪري، ته بعضي سالڪ جي لياقت ۽ استعداد آهر ’شهودِ حق‘ ڏانهن، ته بعضي وري ’نظرِ حق تعاليٰ‘ ۽ ان جي اثرات ڏانهن.

دلبر جي اک جو هڪ اثر هيءُ به آهي ته بي اعتنائيءَ ۽ خوديءَ جي ڪري، عاشق ڳاراڻي ۾ پيو ڳرندو: ”عاشقن اندوهه، سدا معشوقن جو.“ ڪڏهن سندس خمار هن کي مخمور ڪندو ۽ هوش کان بيهوش ڪندو، ۽ ڪڏهن ته پاڻ ڏانهن رغبت جو احساس پيدا ڪري، منجهس خوشي ۽ مستي پيدا ڪندو. عجيب جي اک ۾ جيڪڏهن استغنا، بي التفاتي ۽ بيرخي آهي، جنهنڪري جنهن ڏانهن نهاري ته هستيءَ مان نيستيءَ ۾ نئيس، ته وري ساڳئي وقت منجهس شوخي ۽ دلربائي به آهي، جنهنڪري سوز جا سڙيل مشاهدو ماڻين ٿا، ۽ سندن جسم ۽جان ۾ گويا نئون روح پئجيو وڃي. گويا، محبوب جي اک ۾ ٻه متضاد خاصيتون آهن: هڪ استغنا ۽ بي التفاتي، ته ٻي شوخي ۽ دلربائي. جنهن جو نتيجو اِهو ٿو نڪري ته عالم هڪ نظر سان نيست ٿو ٿئي، ته ٻيءَ نظر سان هستيءَ ۾ اچي ٿو: هڪ سان فنا، ته ٻيءَ سان فيضانِ وجود سان سرفراز، هڪ سان سُسي ۽ مُسي ٿو، ته ٻيءَ سان ٽِڙي ۽ ڦونڊجي ٿو؛ هڪ سان سُڪي ۽ سَڙي، ته ٻيءَ سان سرسبز ۽ سائو ٿئي؛ هڪ سان مري ٿو، ته ٻيءَ سان جيئي ٿو. اسان جي پاڪ بين ۽ پاڪ خيال فقير ”بيڪس“ جن اکين جي طفيل عشق جي الف ـــ ب پڙهي، تن جي تعريف جنهن بيساخته نموني ۽ سادن لفظن ۾ هن پاڻ ڪئي آهي، تنهن جو مثال مشڪل ملندو. فرمائي ٿو:

”وه وه سڄڻ تنهنجون اکيون، جاتي لڳيون تاتي ٻَکيون!“

محبوب جي بيپناهه جاذبيت ۽ دلڪشيءَ وارين اکين جي بي انتها تعريف، جنهن جي بيان ڪرڻ کان زبان ۽ قلم قاصر آهن، سواءِ ”وه وه سڄڻ تنهنجون اکيون“ جي، ٻين لفظن ۾ ٿي نٿي سگهي. ازانسواءِ هي اُهي اکيون نه آهن، جن جو جادو ناپائدار هجي، يا جي صرف فتنو پيدا ڪن، جنهن جو اثر ڪنهن تي ٿئي ته ڪنهن تي نه ٿئي: مگر هي اُهي آهن، جي خواسته ناخواسته، جتي پهچن، تِتي هرهڪ کي بلاامتياز پنهنجي قبضي ۾ آڻين، ۽ نه وري سندن اثر لاءِ ڪنهن اهليت جي ضرورت آهي:

آنک والا تيري جوڀن ڪا تماشا ديکي،

جس ڪو آنکين هي نهين، تجهه ڪو ڀلا ڪيا ديکي!

نه نه، هِت جيڪو آيو، سو اچي ويو ۽ وري نه وريو: ”وه وه سڄڻ تنهنجون اکيون“! سخن بيساخته، نه تصنع نه بناوٽ، لفظ مختصر پر پُر معنيٰ. سندس شاعريءَ جو درجو ڪهڙو به هجي، پر ٻوليءَ جي سلاست، لفظن جي سادگيءَ ۽ جذبات نگاريءَ جي خيال کان اِها هڪڙي سٽ، جا محبوب جي اکين جي انتهائي ۽ بيپناهه دلربائيءَ، دلستانيءَ ۽ دلڪشيءَ جي قدرت ڏيکاري ٿي، جا بلا امتياز هر ڪنهن تي حاوي آهي ۽ جا کين قدرتي مليل آهي ۽ نه ڪنهن ڪَجل، سُرمي يا ٻئي سازسينگار جي محتاج آهي، سا قابل داد ضرور آهي.

ماخذ

”سنڌي ادب جي تاريخ“، جلد 2، از خانبهادر محمد صديق ميمڻ

”تذڪره لطفي“، ڀاڱو 3،       از لطف الله بدوي

”سنڌ ۽ هند جا سنت ۽ درويش“، از رنجيت پريمچند واسواڻي

Desert Voices, by T. L. Vaswani.

Divine Dwellers in the Desert, by Gurdial Mallik, Nalanda Publications Coy, Baroda, 1949.

Sind and its Sufies, by Jethmal Parsram Gulrajani.

The Soul of Sindhi Literature, by T. L. Vaswani.

The Vision of a Village Singer, by T. L. Vaswani.

”آب ڪوثر“، (اُردو)،            از شيخ محمد اڪرام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org