سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪلام بشير

باب --

صفحو :3

باب ٻيو

ادبي پس منظر

”بشير“ مرحوم جي دور ۾ مشاعرن جو رواج عام ٿي ويو ھو، ھر سال ڪل سنڌ بنياد تي ادبي ڪانفرنس بھ منعقد ٿيندي ھئي. انھيءَ ڪري عروضي شاعري وڏي ترقي ڪئي، ۽ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تمام گھڻا شاعر ٿيا جن مان محمد عاقل عاقلي، آغا غلام نبي صوفي، مراد علي ڪاظم، حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، علي اصغر شاھھ علي، مير صفي الدين فدا علوي، حاجي محمود خادم، غلام سرور فقير، علي محمد قادري، عبدالفتاح عبد، غلام احمد نظامي، نواز علي نياز، محمد بخش واصف، ۽ ھدايت علي نجفي تارڪ جا نالا قابل ذڪر آھن.

مشاعرن جي ابتدا: مشاعرن جون محفلون اڳ ۾ بھ منعقد ٿينديون ھيون. خاص طرح سان مير عبدالحسين سانگي پاڻ وٽ مشاعرن جون محفلون مچائيندو ھو. انھن ۾ جيڪي شاعر شريڪ ٿي شعر پڙھندا ھئا. انھن مان ميون وڏل حيدري، حاجي فضل محمد ماتم حيدرآبادي،  مرتضائي ٺٽوي، مجتبائي، ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جا نالا قابل ذڪر آھن. ان کان پوءِ سيد فاضل شاھھ (وفات ١٩١٩ع) جي ڪوشش سان حيدرآباد ۾ بزم مشاعره قائم ٿي. انھن مشاعرن ۾ طنز و مزاح ذريعي شاعرن جي ھڪ ٻئي سان ڏي وٺ بھ ٿيندي ھئي. اھي مشاعرا ان وقت حيدرآباد جي مختيارڪار ۽ علامھ آءِ.آءِ.قاضي جي والد قاضي امام عليءَ مرحوم جي رھائش گاھھ تي بھ منعقد ٿيندا ھئا.

مشھور عالم ۽ شاعر سيد اسدلله شاھھ ”فدا“ سنھ ١٩٠٤ع ۾ ٽکڙ مان ”بھار اخلاق“ نالي رسالو ڪڍيو، جنھن ۾ مصرع طرح ڏني ويندي ھئي. ان طرح تي سنڌ جا شعر لکي موڪليندا ھئا، جيڪو رسالي ۾ شايع ٿيندو ھو. ان طرح بھ مصرع طرح تي لکڻ واري رواج کي ترقي ملي.

جيتوڻيڪ مشاعرن جي ابتدا حيدرآباد کان ٿي، پر مشاعرن کي باقاعده رواج لاڙڪاڻي جي شاعرن ڏنو. انھيءَ ڪري ويھين صديءَ جي پھرين چوٿائيءَ ۾ لاڙڪاڻي کي علمي ادبي نقطھء نگاھھ کان وڏي اھميت حاصل ٿي. سنھ ١٩١٥ع ۾ لاڙڪاڻي جي قادري خاندان جي شاعرن غلام سرور فقير ۽ علي محمد قادري لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعره جو بنياد وڌو. ان بزم کي ڪامياب بنائڻ ۾ حاجي محمود خادم مرحوم وڏي ڪوشش ورتي. ان بزم جي طرفان مھيني ۾ ٻھ مشاعرا ٿيندا ھئا ۽ انھن مشاعرن جون ڪارروايون ھفت روزه ”الحقيقت“ لاڙڪاڻي ۾ شايع ٿينديون ھيون، جن ۾ شاعرن جي شعر جو انتخاب بھ ڏنو ويندو ھو. انھن مشاعرن ۾ لاڙڪاڻي جي پسگردائي جا شاعر شريڪ ٿيندا ھئا. نھ فقط ايترو، پر ڪيترا شاعر شعر لکي موڪليندا ھئا، جيڪو مشاعرن ۾ پڙھيو ويندو ھو. ”بشير“ مرحوم بھ ھن بزم جي مشاعرن لاءِ ڪيترائي ڀيرا شعر لکيو. ھن بزم  ھوريان ھوريان ترقي ڪئي، ۽ ماڻھن ۾ شاعريءَ جو ذوق وڌيو. ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ جي علمي حلقن ۾ ھن بزم جي ايڏي اھميت محسوس ڪئي ويئي جو سنھ ١٩١٩ع جي ڊسمبر ٢٧، ٢٨ ۽ ٢٩ تاريخن تي جڏھن خيرپور ميرس ۾ مسلمانن جي تعليم جي ترقي لاءِ ”محمد ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ منعقد ٿي، تڏھن ھن بزم جي شموليت ضروري سمجھي. ان کي مدعو ڪيو ويو. ھن بزم طرفان ان ڪافرنس ۾ ميان علي محمد قادري، ميان غلام سرور فقير ۽ حاجي محمود خادم شعر پڙھيو.

بزم مشاعرا: ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ بزم مشاعرا قائم ٿي ويا. انھن مان ڪن جو مختصر تعارف ھيٺ ڏجي ٿو:

١. سنڌي بزم ادب ڪراچي: ھي بزم ١٩٢٣ع ۾ قائم ٿيو. ان جو سيڪريٽري ۽ روح روان غلام احمد نظامي ھو. ”بشير“ مرحوم ھن بزم جي مشاعرن لاءِ شعر لکي موڪليندو ھو.

٢. محفل ادب ڪراچي: ھي بزم ١٩٣٩ع ۾ قائم ٿيو. ان بزم جي مشاعرن ۾ پرسرام ضيا، محمد جمن ھالو، محمد حسين آتش ۽ عبدالله وڳڻ سرگرميءَ سان حصو ورتو.

٣. قليچ لٽرري سوسائٽي: ھي انجمن ١٩٣٤ع ۾ قائم ٿي. مارچ ١٩٣٤ع ۾ ھن سوسائٽي جي طرفان مخلص مرحوم جي يادگيري ۾ ھڪ  مشاعرو منعقد ٿيو، جنھن جي صدارت حاجي محمود خادم مرحوم ڪئي.

٤. بزم روح ادب ڪراچي: ھي بزم ١٩٣٠ع ۾ عبدالله عبد مرحوم جي ڪوشش سان اسلاميھ اسڪول نوآباد ۾ قائم ٿيو. جنھن جي طرفان مشاعرن جون محفلون منعقد ٿينديون ھيون. انھن ۾ شاعر شعر بھ پڙھندا ھئا، تھ انھن تي تنقيدون بھ ڪيون وينديون ھيون. انھن مشاعرن ۾ جيڪي ڪراچيءَ جا شاعر شعر پڙھندا ھئا، انھن مان شيخ عبدالله عبد، محمد ھارون امير، علي محمد مسڪين، محمد خان فقير ۽ نور محمد ”نماڻو“ جا نالا قابل ذڪر آھن. ھڪ ڀيري ”بشير“ مرحوم ڪراچي آيل ھو. انھيءَ دوران مشاعرو ٿيڻو ھو. ”بشير“ مرحوم کي ان جي خبر پئي، تھ مشاعري لاءِ مصرع طرح ڏياري موڪليائين ۽ مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بھ لکي موڪليائين. اھو مشاعرو سندس صدارت ھيٺ ٿيو. ان مشاعري ۾ ڪراچي جي شاعر محمد ھارون امير مرحوم جيڪو غزل پڙھيو، ان جو ھڪ شعر ھن ريت آھي:

فخر توتي آھي ساري سنڌ کي، اي تھ قادربخش تنھنجو نام آه.“

غزل پسند ڪيو ويو، ۽ امير مرحوم ”بشير“ مرحوم جي شاگردن ۾ شامل ٿي ويو.

٥. سنڌي سڌار سوسائٽي: حاجي محمود خادم مرحوم ڪراچيءَ بدلي ٿي ويو تھ حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جي جاءِ تي مشاعرن جون محفلون منعقد ٿيڻ لڳيون، آخر سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ١٩٣٣ع ۾ ”سنڌي سوسائٽيءَ“ جو بنياد وڌو ويو.

سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري گولي رام رکياڻي ۽ مشاعره سيڪريٽري عبدالله عبد مرحوم چونڊيا ويا. سوسائٽي طرفان جيڪي مشاعرا ٿيندا ھئا، انھن لاءِ طرح بدران شعر لاءِ موضوع يا عنوان ڏنو ويندو ھو. ھن سوسائٽيءَ طرفان جيڪو پھريون مشاعرو ٿيو، ان جو موضوع ”قادر جي قدرت“ رکيو ويو. اھو مشاعرو سيٺ غلام علي چاڳلا جي صدارت ھيٺ اڪيڊمي ھال ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ”بشير“ مرحوم بھ ان عنوان تي شعر لکيو، جيڪو ھن مجموعي ۾ موجود آھي.

٢ مارچ ١٩٣٤ع تي ”بھار“ جي عنوان تي مشاعرو ٿيو، ۽ مصرع طرح بدران رديف ”بھار“ مقرر ڪئي وئي. ھن سوسائٽي جي طرفان جيڪي مشاعرا منعقد ٿيا، انھن مان ھڪ ڊي.جي نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ٣ مارچ ١٩٣٥ع تي منعقد ٿيو. ان جي صدارت مير ايوب خان ڪئي. مشاعري لاءِ ”بشير“ مرحوم بھ شعر لکيو. ان کانسواءِ ٿياسافيڪل ھال ۽ خالقڏني ھال ۾ بھ مشاعرا ٿيا. ٿياسافيڪل ھال ۾ جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي صدارت علامھ ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي. ڪراچي ۾ نمائش لڳي، تھ ان جي شاندار پنڊال ۾ بھ مشاعرو ٿيو، جنھن جي صدارت علامھ آءِ.آءِ.قاضي ڪئي. ”بشير“ مرحوم انھن مڙني شاعرن لاءِ شعر لکيا.

٦. بزم مشاعرا ميھڙ: ھي بزم شمس الدين بلبل مرحوم قائم ڪئي. سندس وفات (١٩١٩ع) کان پوءِ بھ ھن بزم جي طرفان مشاعرا ٿيندا رھيا. ”بشير“ مرحوم بھ ھن بزم جي مشاعرن لاءِ شعر لکيا. ھن بزم لاءِ سندس پھريون شعر سال ١٩٢٧ع جي مشاعري لاءِ لکيل ملي ٿو.

٧. بزم مشاعرا نار: ”نار“ ڳوٺ بالي شاھھ اسٽيشن لڳ، تعلقي ميھڙ ۾ آھي. ھتي جمع خان غريب ۽ سيد محمد تقي شاه حنفي گڏجي ١٩٢٥ع ۾ بزم مشاعره جو بنياد وڌو.

”بشير“ مرحوم ھن بزم جي مشاعرن لاءِ ڪيترائي شعر لکيا. پھريون ڀيرو ١٦ ڊسمبر ١٩٢٥ع جي مشاعري لاءِ شعر لکيائين.

٨. بزم مشاعره ميرپور ٺل: ”بشير“ مرحوم پنھنجي ڳوٺ ميرپور تعلقي ٺل ۾ عبدالڪريم گدائي مرحوم جي تعاون سان ١٩٣٢ع ۾ ”بزم مشاعره“ قائم ڪئي؛ جنھن جي طرفان پندره روزه مشاعرا ٿيڻ لڳا. ان ۾ ”بشير“ مرحوم ۽ عبدالڪريم گدائي مرحوم کان سواءِ تر جا ٻيا شاعر بھ حصو وٺڻ لڳا. انھن مان سيد مٺل شاھھ (ميرپور) منگھنداس منگھن (ٺل) ۽ قادر بخش قيس جا نالا قابل ذڪر آھن. انھيءَ بزم جون ڪارروايون سنھ ١٩٣٥ع کان پوءِ ٿڌيون ٿي ويون. ھڪ ڀيري ”بشير“ مرحوم پنھنجي شاگرد ڪراچي جي شاعر محمد ھارون امير ڏانھن پنھنجي بزم طرفان منعقد ٿيندڙ مشاعري جي مصرع طرح لکي موڪلي، جيڪا ھن طرح ھئي:

”بلبل جا ٿيا مخالف صياد و باغبان ٻئي“

امير مرحوم ان طرح تي جيڪو غزل لکيو، ان جا ٻھ شعر ھن ريت آھن:

در  منھنجي دلربا جو چائنٺ منھنجي پرين جي،
ھل سر جھڪاءِ تن تي، ٿيا پاڪ آستان ٻئي.

رخصت اي آشيانا، مشڪل ٿيو ھت گذارڻ،
بلبل جي ٿيا مخالف صياد و باغبان ٻئي.

 

ان شعر تي ”بشير“ مرحوم ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ لکيائين تھ مون وڏي فخر سان امير جا شعر شاعري جي محفل ۾ پيش ڪيا. انھن مشاعرن ۾ ”بشير“ مرحوم جيڪي شعر پڙھيا، انھن مان ڪجھھ ھن مجموعي ۾ شامل ڪيا ويا آھن.

٩. بزم احسن دادو: ھي بزم ١٩٣١ع ڌاري ڳوٺ ملڪاڻي ضلعي دادو ۾ قائم ڪيو ويو. ان جو شروع کان صدر حافظ احسن چنھ ھوندو ھو. ھن بزم جي مشاعرن لاءِ ”بشير“ مرحوم شعر لکي موڪليندو ھو.

١٠. آفتاب ادب دادو: ھن جو روح روان رئيس ضياءُ الدين مرحوم ھو.

١١. سنڌي ادبي سوسائٽي حيدرآباد: حيدرآباد ۾ مشاعرن جو رواج قديم زماني کان ھلندو ٿي آيو. فاضل ۽ قاسم کان پوءِ فقير محمد عاجز ۽ محمد بخش واصف مرحوم محفلون مچايون. اھي محفلون ميرچنداڻي گھٽي، سانول شاھ جي پڙ، نھائين جي پڙ ۽ دادن جي پڙ ۾ ٿينديون ھيون. سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ قائم ڪئي وئي، تھ ان طرفان بھ مشاعرا ٿيا. سوسائٽيءَ طرفان ٦ مئي ١٩٣٤ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان لاءِ ”بشير“ مرحوم بھ شعر لکي موڪليو.

١٢. سنڌي ساھت سميلن شڪارپور: آغا غلام نبي صوفيءَ جي ڪوشش سان شڪارپور ۾ مشاعرا ٿيندا ھئا. مئي ١٩٣٣ع ۾ شڪارپور جي مسلمانن ۽ ھندو اديبن جي گڏيل ڪوشش سان شڪارپور ۾ ”سنڌي ساھت سميلن“ منعقد ٿي. ان موقعي تي مصرع طرح تي مشاعرو بھ ٿيو. ان کان پوءِ ھر سال شڪارپور ۾ سميلن ٿيندي رھندي ھئي، جنھن ۾ طرحي مشاعرو بھ ٿيندو ھو. سنھ ١٩٣٤ع ۾ ھيٺين طرح تي مشاعرو ٿيو:

”خدا پيدا ڪئي خدائي يار جي خاطر“

”بشير“ مرحوم بھ ھن طرح تي شعر لکيو. ان کان پوءِ ھن اداري طرفان جيڪي مشاعرا ٿيا، انھن لاءِ ”بشير“ مرحوم شعر لکندو رھيو.

١٣. بزم مشاعرا سيتلداس چيلارام ڪاليج شڪارپور: ھن ڪاليج ۾ بھ بزم مشاعره ھوندو ھو. جنھن طرفان ھر سال ڪاليج ۾ مشاعرو ٿيندو ھو. ”بشير“ مرحوم بھ ھنن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو ھو.

١٤. بزم مشاعره جيڪب آباد: ھي بزم ١٩٣٤ع ۾ قائم ٿيو، جنھن جو صدر غلام سرور مغل ۽ سيڪريٽري حافظ خير محمد اوحدي ھئا. ھن بزم جي طرفان ڪيترائي مشاعرا ٿيا، جن مان ڪيترن ۾ قادربخش ”بشير“ مرحوم بھ شريڪ ٿيو. مشاعرن ۾ غلام سرور ، غلام قادر قيس، حافظ خيرمحمد اوحدي (ان وقت ايڊيٽر ھفتيوار اخبار (الحنيف) ۽ عبدالله سرگرم حصو وٺندا ھئا.

١٥. بزم ادب جيڪب آباد: اوستو غلام حسين، ماستر ڪالو خان اياز ۽ محمد بخش قريشي جي ڪوشش سان ٢٠ اپريل ١٩٥٢ع تي بزم ادب جيڪب آباد جو قيام عمل ۾ آيو. ھن بزم جي طرفان ڪيترائي مشاعرا ٿيا، ۽ ١٣ ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنس ١٩٥٢ع ۾ جيڪب آباد ۾ منعقد ٿي. ھن بزم طرفان جيڪب آباد ۾ جيڪي مشاعرا ٿيندا ھئا، انھن ۾ بلوچستان جا شاعر بھ حصو وٺندا ھئا.

١٦. بزم مشاعره نواب شاھھ: ھي بزم پرسرام ضيا جي ڪوشش سان قائم ٿيو. ھن بزم طرفان جيڪي مشاعرا ٿيندا ھئا، ”بشير“ مرحوم انھن لاءِ بھ شعر لکندو ھو.

١٧. بزم مشاعرا ٺٽو: ھن بزم جي ٢٦ جون ١٩٤٨ع واري مشاعري لاءِ ”بشير“ مرحوم شعر لکيو.

١٨. بزم مشاعرا ڪنڌڪوٽ: ھي بزم ”بشير“ مرحوم جي ڪوشش سان قائم ٿيو. ھن بزم جي مشاعرن لاءِ بھ ھن ڪيترائي شعر لکيا.

ٻين ادارن طرفان مشاعرا: انھن کان سواءِ ان زماني ۾ ٻين علمي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ادارن طرفان جيڪي جلسا ٿيندا ھئا، ان موقعي تي بھ مشاعرا منعقد ڪيا ويندا ھئا. اھڙن مشاعرن لاءِ بھ ”بشير“ مرحوم شعر لکيا، جھڙوڪ:

١- ملا جلسو ڪنڌ ڪوٽ ٢٨ جولاءِ ١٩٢٤ع.

٢- ملا جلسو ڏوڪري ٢٨ جولاءِ ١٩٢٥ع.

٣- فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي ياد ۾ مشاعرو، ميھڙ ٨ مارچ ١٩٢٧ع.

٤- ملا ڪانفرنس لاڙڪاڻو ٢٠ فيبروري ١٩٢٩ع صدر سر شاھھ نواز ڀٽو.

٥- ٻارن جي يارھين ڪانفرنس، ٦ مئي ١٩٣٤ع.

٦- آل انڊيا ايگزبيشن جي طرفان مشاعرو ڪراچي ٥ مئي ١٩٣٩ع. صدر علامھ آءِ.آءِ.قاضي.

٧- مدرسو گوزو پھوڙ لڳ خانپور تعلقو شڪارپور ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس اپريل ١٩٣٦ع.

٨- مشاعرو ڳڙھي ياسين ٢٦ ڊسمبر ١٩٤٦ع.

٩- جيڪب آباد جلسو ٢٧ جنوري ١٩٥٠ع.

١٠- شاھھ لطيف جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس، ١٤، ١٥ ۽ ١٦ صفر ١٣٧١ھھ (١٩٥٢ع).

١١- بلڙيءَ ۾ بسمل جي ياد ۾ مشاعرو ١٣ آڪٽوبر ١٩٥٣ع.

گلدستھ سنڌ  لاڙڪاڻھ: بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي طرفان عروضي شاعريءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ماھوار گلدستھ سنڌ لاڙڪاڻو جاري ڪيو ويو. ھي رسالو صرف شاعري لاءِ مخصوص ھو. ھن ۾ شاعريءَ بابت ھڪ مضمون ھوندو ھو ۽ شاعرن جا شعر شايع ٿيندا ھئا. رسالو ڊسمبر ١٩٢٥ع کان شروع ٿيو ۽ جون ١٩٢٦ع تائين ھليو. ھن ۾ ”بشير“ مرحوم جو شعر جنوري ١٩٢٦ع جي پرچي کان ڇپجڻ شروع ٿيو.

سنڌ سڌار سوسائٽي سنڌ: عروضي شاعريءَ ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي لاءِ لاڙڪاڻي ۾ حاجي محمود خادم ۽ ميان علي محمد قادري جي ڪوشش سان ”سنڌي سڌار سوسائٽي سنڌ“ نالي ھڪ ادارو قائم ڪيو ويو. ھن اداري طرفان مشاعرا ٿيندا ھئا، جن لاءِ ”بشير“ مرحوم بھ شعر لکندو ھو.

اديب سنڌ: ھن سوسائٽي طرفان سال ١٩٤١ع ۾ ”اديب سنڌ“ نالي رسالو جالي ڪيو ويو، جنھن سنڌي شاعريءَ جي ترقيءَ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو. خاص طرح سان عروضي شاعريءَ جي ترقي ۽ ترويج ۾ ھن رسالي جو وڏو ھٿ آھي. رسالي جو اصل ھلائيندڙ ۽ مرتب ڪندڙ حاجي محمود خادم مرحوم ھوندو ھو. البتھ مختلف وقتن تي رسالي جا مختلف ايڊيٽر ھئا، جھڙوڪ جمع خان غريب، عبدالفتاح عبد، غلام احمد نظامي، رئيس ضياءُ الدين-ايس-بلبل.

رسالي ۾ شروع کان ”بزم مشاعره“ نالي مستقل ڪالم ھوندو ھو، جنھن ۾ ڏنل طرح تي شعر شايع ٿيندا ھئا. رسالي جو پھريون پرچو اپريل ١٩٤١ع ۾ شايع ٿيو. سال ١٩٢١ع لاڙڪاڻي ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي صدارت ۾ منقعد ٿيل پھرين ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي جيڪو مشاعرو ٿيو ھو، رسالي جي پھرين پرچي ۾ ان جي ڪارروائي ۽ شاعرن جي شعر جو انتخاب ڏنو ويو. ان جي مصرع ھن طرح ھئي:

”ستارو منھنجي قسمت جو اوھان جي مھرباني آ.“

ان کان پوءِ رسالي جي پرچن ۾ طرحي مشاعرن لاءِ سنڌ جي شاعرن طرفان آيل شعر شايع ڪيا ويندا ھئا. مشاعرن لاءِ طرحون مقرر ڪرڻ وقت حاجي محمود خادم صاحب مرحوم ”ديوان“ وانگر الف- ب رديف جو خيال بھ رکندو ھو، تھ جيئن سنڌ جي شاعرن جو ھڪ گڏيل ديوان بھ تيار ٿي سگھي. ديوان تھ تيار ٿي نھ سگھيو، پر ان جو پھريون حصو جنوري ١٩٤٨ع واري پرچي سان گڏ ”تحفھء سنڌ“ جي نالي سان ڇپيو. ان کان پوءِ وري تحفھء سنڌ“ جو ٻيو حصو اپريل ١٩٤٩ع جي پرچي سان گڏ ڇپيو جنھن ۾ رديف ’ڄ‘ ۽ ’جھھ‘ جا اشعار آھن.

اديبِ سنڌ جي ھڪ خوبي اھا بھ ھئي تھ ان ۾ فني تنقيدون شايع ٿينديون ھيون، جن ۾ شاعرن جي شعر جي قواعد ۽ ضوابط جي ڪمين ۽ ڪوتاھين جي نشاندھي ڪئي ويندي ھئي. ان لاءِ ھڪ خاص عنوان ”بغير رو رعايت“ رکيل ھوندو  ھو. ھن  عنوان ھيٺ جن شعرن جون اوڻايون ظاھر ڪيون وينديون ھيون، انھن جي شاعرن جا نالا نھ ڏنا ويندا ھئا، پر انھن جو رجسٽر نمبر ڄاڻايل ھوندو ھو. ان لاءِ تھ جيئن شاعر کان سواءِ ٻي کي خبر نھ پوي، ۽ شاعر جي دل شڪني بھ نھ ٿئي. اھڙي طرح شاعرن جي اصلاح ٿيندي ھئي ۽ ھو آئينده فني غلطين کان پاسو ڪندا ھئا. ھي تنقيدون حاجي محمود خادم مرحوم پاڻ ڪندو ھو، پر نالو نھ لکندو ھو. اھڙي قسم جي تنقيد کان سواءِ ٻيا تنقيدي مضمون بھ شايع ٿيندا ھئا.

ھن رسالي ۾ قادربخش ”بشير“ مرحوم جو شعر بھ شايع ٿيو، تھ سندس شعر تي فني تنقيدون بھ ڇپيون. ”بشير“ مرحوم انھن تنقيدن جا منظوم جواب بھ لکيا، جيڪي اديب سنڌ ۾ ڇپيا، ھي رسالو ڊسمبر ١٩٥٢ع تائين جاري رھيو ۽ پوءِ بند ٿي ويو.

جميعت الشعراء سنڌ: ڪل سنڌ بنيادن تي حاجي محمود خادم جي ڪوشش سان سن ١٩٤٦ع ۾ ”جميعت الشعراء سنڌ“ جو بنياد پيو، سنڌ جي سڀني بزم مشاعرن ان سان الحاق ڪيو. ھن اداري طرفان سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ھر سال سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ادبي ڪانفرنسون منقعد ٿينديون رھيون.

لاڙڪاڻي جي شاعرن جون خدمتون: اھڙيءَ طرح لاڙڪاڻي جي شاعرن عروضي شاعري جي ترقي ۽ ترويج ۾ نھايت اھم ڪردار ادا ڪيو، سندن ڪوششن سان مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جو رواج پيو. ادبي رسالن: ”گلدستھ“ ۽ ”اديب سنڌ“ جي جاري ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي شاعرن جو شعر ڇپجڻ لڳو. ان سان گڏ شاعرن جي رھنمائي ۽ فني اصلاح بھ ٿيڻ لڳي. اھوئي سبب آھي، جو عروضي شاعريءَ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي کي ھڪ اسڪول جي حيثيت حاصل ٿي، جنھن سان نھ فقط لاڙڪاڻي جا، پر سنڌ جا گھڻي قدر شاعر وابستھ رھيا. حاجي محمود خادم جي ڪوشش سان ھن اسڪول گلدستھ ۽ اديب سنڌ ذريعي شاعرن جي اصلاح و تربيت ڪئي. اھوئي سبب آھي، جو ڪيترائي شاعر ميدان تي آيا ۽ سٺو شعر چوڻ لڳا. ”بشير“ مرحوم بھ ھن اسڪول سان وابستھ رھيو.

مشاعرا ۽ ”بشير جي“ طبع آزمائي: ”بشير“ مرحوم کي مشاعرن لاءِ ڏنل مصرع طرح تي شعر چوڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. سنڌ ۾ جتي بھ مشاعرو ٿيندو ھو، بشير مرحوم ان مشاعري لاءِ ڏنل مصرع طرح تي شعر ضرور جوڙيندو ھو. وس پڄندو ھوس تھ ان مشاعريءَ ۾ شريڪ ٿي شعر پڙھندو ھو يا شعر موڪلي ڏيندو ھو. ھن سنڌ جي مختلف مشاعرن لاءِ جيڪي شعر جوڙيا انھن جي ڪجھھ قدر وچور ھيٺ ڏجي ٿي:

بزم مشاعره ميرپور ٻرڙو:

(١) ١٩٢٥ع ۾ منعقد ٿيل ھڪ مشاعري جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”نخل مراد منھنجو نھ ٿي، برباد ڪنھن طرح“

ان طرح تي ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ڳوڙھن جي آب سان مون پاليو گھڻو تھ شل،
نخل مراد منھنجو نھ ٿي، برباد ڪنھن طرح.

 

(٢) ٢١- جولاءِ ١٩٢٦ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھئي:

”خبر ناھي اوھان جو سائين اسان تي آ عتاب ڪھڙو.“

”بشير“ جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

نياز نوڙت سان نياز نامو لکيم، اھو ڀي نھ پاس آيو،
خبر ناھي اوھان جو سائين اسان تي آ عتاب ڪھڙو.

 

(٣) ١٥ مئي ١٩٢٦ع واري مشاعري جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”محفل اغيار جي ڪيئن توکي الفت ٿي وئي.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو ڏجي ٿو:

گھڻو ئي دل کي جھلجي ٿو مگر اظھر ٿئي آخر،
محبت محب جي من ۾ عزيزو جا رکيل آھي.

 

(٤) ٩ آڪٽوبر ١٩٣٢ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”طبيبن منھنجي بيماري کي سمجھيو ڪين ڪي ھرگز.“

”بشير“ جي شعر مان نمونو ڏجي ٿو:

سڄڻ جي انتظاري ۽ لبن تي جان آئي پر،
نھ دم نڪتو نھ غم نڪتو، نھ ھو نڪتو نھ ھو نڪتو.

 

(٥) ١٢ نومبر ١٩٣٢ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”خواب غفلت مان اٿي اڄ مسلمان بيدار ٿيو.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو ڏجي ٿو:

ڪاھلي سستي جھالت تنھنجي عادت ٿي وئي،
اڄ اٿو ڪو شرم ڪيو بيڪار کان بيگار ٿيو.

 

(٦) ١١ سيپٽمبر ١٩٣٢ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”اڄ سڀان اچڻي اسان وٽ آ سمن سرڪار جي.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو ڏجي ٿو:

ميرپور مشھور آ ٿي راڳ ۾ سڀ کان ڪسر،
ٿي وئي ويتر ”حقيرا“ بزم ڀي اشعار جي.

 

(٨) ١٨ فيبروري ١٩٣٢ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”سدا سرسبز ھي رھندو عزيزو بوستان منھنجو.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو ڏجي ٿو:

ڪيا ھا جي ڪارناما مسلمانن جي مٺ ھڪڙي،
گواھي ليءِ حاضر مٿان ھي آسمان منھنجو.

 

(٩) ١٤ سيپٽمبر ١٩٣٥ع تي نعتيھ مشاعرو ٿيو؛ ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”تاج لولاڪي ملي ويو احمد مختيار کي.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو ڏجي ٿو:

سونھن ۾ جھڙس ڪو ثاني سرس ھن کان ڪونھ ٿيو،
مشرق ۾ مغرب ڏٺم جاچي سڄي جنسار کي.

 

(١٠) ٢٨ آگسٽ ١٩٣٢ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”تمنا آ تھ ٿي مدفن اسان جو ڪوءِ جانان ۾.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

”بشير“ ڇا ڪري سگھندين ثنا سردار جي سڀ تون،
سڄي ٿي سربسر ساري سموري خبر فرقان ۾.

 

(١١) ١٤ آگسٽ ١٩٣٢ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو تھ ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”خدا ڄاڻي ٿو قسمت ۾ اسان جي ڇا لکيل آھي.“

(١٢) ٢٦ مارچ ١٩٣٤ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”دل اندر دلدار جي ڪر جستجو.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو:

جا بجا جانب سندو جنسار ڏس،
آھھ گلشن ۾ سندس ئي رنگ و بو.
دل تھ گھر الله اڪبر جو چون،
دل اندر دلدار جي ڪر جستجو.

 

(١٣) ٩ آڪٽوبر ١٩٣٣ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”قيامت جي ميدان ۾ محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم ھوندو.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو:

ڪندا انبيا نفسي ۽ پيءُ پٽ کان جدا ھوندو،
خلق ھوندي خدا ھوندو حبيبِ ڪبريا ھوندو.
قيامت تڪ نھ ويندو جان ۾ جاري لڳو جيڪو،
نسنگ نروار ٿي نيڻن منجھان نڪتو سو ڇا رھندو.

 

(١٤) ٢٦ مارچ ١٩٣٤ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”زماني ۾ رھجي تھ مشھور رھجي.“

”بشير“ مرحوم جي شعر مان نمونو:

شرابن جا سڌڙا ڪن ڇو پچارون،
رکي دار تي سر ٿي منصور رھجي.

 

(٢٥) ٢٦ مارچ ١٩٣٤ع تي عيد قربان جي موقعي تي مشاعرو ٿيو، جنھن جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

ان طرح تي ”بشير“ جي لکيل شعر مان نمونو ڏجي ٿو:

غريبن سان بيحد نھ ميلاپ رکجو،
وڏيرپ جي آھر تھ مغرور رھجي.

 

بزم ادب جيڪب آباد:  ھن بزم جي طرفان بھ ڪيترائي مشاعرا ٿيا جن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي شاعرن حصو ورتو. ”بشير“ مرحوم بھ ھن بزم جي مشاعرن لاءِ شعر جوڙيا. ھن بزم جي طرفان جميعت الشعراء سنڌ جي سھاري ھيٺ ١٩٥٢ع ۾ ڪل سنڌ ١٣- سنڌي ادبي ڪانفرنس جيڪب آباد ۾ منعقد ٿي. ھن ڪانفرنس ۾ ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو اھو سماجي حالتن جي طنزيھ انداز ۾ عڪاسي ڪندڙ ۽ بي انتھا متاثر ڪندڙ ھو. تمام گھڻو پسند ڪيو ويو، ۽ ان کي مشاعري جو مک- نظم قرار ڏنو ويو. ان مشھور نظم مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

چيو دوزخ جي داروغي جھنم ۾ جڳھھ ناھي،
رواجي گنھگارن کي فرشتا ٿا اچن ڪاھي.
ھتي تڙ ڀيڙ آ ڏاڍي نھ خالي جاءِ ڪا آھي،
نھ ڄاڻان ھن زماني ۾ فرشتن کي ٿيو ڇاھي.
ڪري نا منصفي ناحق نڪي بدنام مان ٿيندس،
مان حقدارن کي دوزخ منجھھ تھ واري جڳھھ ڏيندس.
جو مريدن کي ڪري گمراھھ، اھڙي پير کي آڻيو،
جو ھاري کان وٺي بيگر تھ اھڙي مير کي آڻيو.
وٺي رشوت رسائي ڍونگ سان تنھن وير کي آڻيو،
وڃي روپوش ٿي توڙي سندس تصوير کي آڻيو.
تھ اھڙن سيھ ڪارن کي جڳھھ ھر حال ۾ ڏيندس،
انھن جي خاص خدمت ۾ سڄا ئي سال مان ڏيندس.

 

جيڪب آباد جا ٻيا مشاعرا: ان کان اڳ ۾ جيڪب آباد ۾ مشاعرا ٿيندا رھندا ھئا. بشير مرحوم انھن ۾ حصو وٺندو رھندو ھو. ٢٥- نومبر ١٩٣٤ع تي ھيٺين مصرع طرح ڏني ھئي:

”الا يا ايھا المومن اٿي زينت جھان ٿي وڃ.“

اھا طرح دراصل علامھ اقبال جي ھيٺين مصرع جو ترجمو ھئي:

”تورڍ مرغ حرم اڙني سي پھلي پر نشان ھوجا.“

ان مصرع طرح تي مشھور شاعر، نقاد ۽ عالم حافظ خيرمحمد اوحدي، جيڪو انھن ڏينھن ۾ جيڪب آباد ۾ رھندو ھو، جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ڪلھي ڪانڌي تھ ھونئن ڀي ٿي جنازي ساڻ ھلندين پر،
خدارا ھڪ دفعو منھنجي مرڻ کان اڳ ھتان ٿي وڃ.

 

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ھوا ۽ باھھ پاڻي تي قمر تي بھ تون قابض ٿي،
خدا جي ڪاملھءِ، قدرت مان ٿورو رازدان ٿي وڃ.

 

سنڌ جي مختلف شھرن جا مشاعرا: سنڌ جي مختلف شھرن ۾ جيڪي مشاعرا ٿيا ۽ انھن لاءِ ”بشير“ مرحوم جيڪي شعر جوڙيا انھن جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو. جيتوڻيڪ ڪوشش ڪري تفصيل کي تڪميل تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، تڏھن بھ ان کي مڪمل چئي نھ ٿو سگھجي:

(١) ٢٧ فيبروري ١٩٢٧ع تي سنڌي سڌار سوسائٽي لاڙڪاڻي طرفان ھيٺين طرح تي مشاعرو ٿيو:

”خون انجم ٿي ويو، نور سحر آيو تھ ڇا؟“

قادر بخش ”بشير“ ان طرح تي جيڪو شعر لکيو، ان مان ھڪ شعر نموني طور ڏجي ٿو:

زندگي دنيا سندي ساري سفر آھي مگر،
جي مجاھد مرد غازي کي سفر آيو تھ ڇا؟

 

(٢) ”بزم مشاعره روح ادب“ ڪراچي طرفان ٢١ آڪٽوبر ١٩٣٣ع تي ھيٺين مصرع طرح تي مشاعرو ٿيو:

”مزو انگور جو مئخوار کان پڇ.“

”بشير“ مرحوم ان طرح تي ھڪ قومي نظم لکيو. ان مان نموني طور شعر ھيٺ ڏجي ٿو:

اسان جي اوج جو شاھد فلڪ آھھ،
فرات و دجلھ و ڪھسار کان پڇ.
سبق سڀ کي ڏنوسين ڀائپيءَ جو،
حبش ۽ چين ۽ تاتار کان پڇ.

 

(٣) سنڌي بزم روح ادب ڪراچي جو ھڪ مشاعرو تاريخ ١٧ مارچ ١٩٣٤ع تي منعقد ٿيو. ان جي مصرع طرح ھئي:

”يا رب ڏسان مان جيئري ديدار دلربا جو.“

ان مشاعري ۾ ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو، ان مان ھڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:

ڇا اورجي انھن سان ھرھر ھي حال دل جو،
جن وٽ قدر نھ آھي ڪو عرض التجا جو.

 

(٤) بزم روح ادب ڪراچيءَ جو ھڪ مشاعرو ٨ نومبر ١٩٣٣ع تي منعقد ٿيو. ان جي مصرع طرح ھن طرح ھئي:

”ھي زندگي اسان جي مثل حباب آھي.“

ان ۾ ”بشير“ مرحوم جيڪو نظم پڙھيو، ان مان ھڪ شعر ھيٺ ڏجي ٿو:

آب و ھوا جي خاطر آياسون ھت ڪراچي،
پر ھت اڃا زياده حالت خراب آھي.

 

(٥) بزم مشاعره ناري شريف (دادو ضلعي ۾ باليشاھ اسٽيشن کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي ”ناري“ نالي ڳوٺ آھي) جو ھڪ مشاعرو ڊسمبر ١٩٢٤ع ۾ منعقد ٿيو: مصرع طرح ھئي:

”علم ريءَ خانن ۾ اڄڪلھھ خانداني ڪانھ آھي.“

ان مشاعري لاءِ ”بشير“ مرحوم جيڪي نظم لکيا، ان جو ھڪ ھڪ شعر ھن طرح آھي:

گھر دعا حق کان غريبا مومنن جي دل ٿي شاد،
شڪر حق اڄ نااميدي جي نشاني ڪانھ آھي.
ھر برادر ۾ ويو آ جِن جھيڙي جو لڳي،
قرب الفت ۽ مروت مھرباني ڪانھ آھي.

 

(٦) سنڌي سڌار سوسائٽي ڪراچي ١٩٣٢ع ۾ قائم ٿي. ھيءُ پھرين سوسائٽي يا شعر و شاعري جي بزم ھئي، جنھن ۾ مصرع طرح جي بدران مشاعرن لاءِ عنوان ڏيڻ شروع ڪيا ويا. ١٩- ڊسمبر ١٩٣٣ تي جيڪو مشاعرو اڪيڊمي (ھاءِ اسڪول) ھال ۾ غلام علي جاڳلا جي صدارت ھيٺ منعقد ٿيو، ان جو عنوان ھو: ”قادر جي قدرت“ ”بشير“ مرحوم بھ ان مشاعري ۾ نظم پڙھيو، ان مان ھڪ بند ھيٺ ڏجي ٿو:

صحرا ۽ برپٽن ۾ جبلن ۽ ماٿرين ۾،
سبقي ۽ ساوڪن ۾ ھر ذري ڪک پن ۾.
گلزار جي گلن ۾ سوسن ۽ سنترن ۾،
سھڻن ۽ گل رخن ۾ دلبر سندي دھن ۾.
خوشبوءِ تنھن سڄڻ جي تنھن ۾ اٿو سمايل،
ميٺاج تنھن مٺي جو ان ۾ اٿو ملايل.

 

(٧) ڪراچي جي ھڪ بزم جي طرفان مارچ ١٩٤٥ع ۾ ھڪ نعتيھ مشاعرو منعقد ٿيو، جنھن جي مصرع طرح ھن طرح ھئي:

”محمد مصطفيٰ صلي عليٰ جي ڇا ثنا ڪريان.“

”بشير“ مرحوم ان طرح تي جيڪا نعت پڙھي، ان جو ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو:

زمين ۽ آسمان ڪاغذ ڪري وڻ ٽڻ قلم ڪريان،
محمد جي ثنا جي ڪانھ تھ بھ مان انتھا ڪريان.

 

(٨) ١٩٢٠ع ۾ آغا غلام نبي صوفي جي ڪوشش سان ”سنڌي ساھت سميلن“ (بزم مشاعره) جو بنياد وڌو. ان سميلن جي سھاري ھيٺ ١٩٣٢ع ۾ ٽين سنڌي ادبي ڪانفرنس شڪارپور ۾ منعقد ٿي، جنھن جي صدارت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ڪئي. ان کان سواءِ ھن ساھت سميلن جي طرفان آغا صوفي جي ڪوشش سان ڪيترائي مشاعرا ٿيا. ھڪ مشاعرو ٢٨- جولاءِ ١٩٣٣ع تي منقعد ٿيو، ان ۾ ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو ان جو ھڪ شعر ھيٺ ڏجي ٿو:

حب الوطن چون ٿا ايمان جي نشاني،
دل جي ”بشير“ رک تون گفتار ھن سخن جي.

 

(٩) ١٠- مارچ ١٩٢٧ع تي ميھڙ ۾ فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي ياد ۾ ھڪ مشاعرو منعقد ٿيو. ان ۾ شعر بھ پڙھيا ويا. ”بشير“ مرحوم جيڪو نظم پڙھيو، ان مان ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو:

انھيءَ کان وڌ سندس الفت جي ٿيندي ثابتي ڪھڙي،
زبان منھنجي رھي ان واسطي ٿي نغمھ خوان اڄ ڀي.

 

(١٠) سنڌ مسلم ادبي ڪانفرنس سوسائٽي حيدرآباد وڏو علمي ۽ ادبي ادارو ھو، جنھن جي طرفان ڪيترائي علمي، ادبي ۽ ديني ڪتاب شايع ٿيا، ھي ادارو ١٩٣١ع ۾ وجود ۾ آيو. اشاعتي ۽ تعليمي ڪم سان گڏ ھن سوسائٽيءَ طرفان ھر مھيني جي آخر آچر تي مشاعرو بھ ٿيندو ھو. ان کانسواءِ ھر سالياني جلسي جي موقعي تي وڏي پيماني تي مشاعرو منعقد ڪيو ويندو ھو. ھڪ ڀيري ٽين سالياني جلسي جي موقعي تي ٦- مئي ١٩٣٤ع تي جيڪو مشاعرو منعقد ڪيو ويو، ان جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم ڪئي. مشاعري لاءِ محمد صديق ”مسافر“ جي ھيءَ طرح مقرر ڪيل ھئي:

”علم مردن کي ملي زالن ڪيو ڪھڙو گناھھ.“

ان مصرع طرح تي ”بشير“ مرحوم جيڪو نظم لکيو ان مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

ڪي معزز ٿا ڏسون تعليم نسوان جي خلاف،
آزمائش ۽ تجربي بند ڪئي اڄ تن جي لاف.
اڄ ضرورت کي ڏسي سيني ڪيو آ اعتراف،
پر ڏسو فرقان ۾ اعلان آھي صاف صاف.

 

خانھ داري جو سليقو ويو ھليو خانا تباھ،
علم مردن کي ملي زالن ڪيو ڪھڙو گناھھ.

 

(١١) بزم مشاعره ناري شريف ۾ ١٩٢٥ع ۾ ھڪ مشاعرو ٿيو جنھن جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”ڇو ڪري انسان وڏائي دھر عبرتناڪ ۾.“

”بشير“ مرحوم بھ ان مشاعري لاءِ نظم لکيو. ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ھر ڪمال را زوال ھر بھاري را خزان،
چؤ ڀلا ڪھڙو آ يڪسان ھن زمين افلاڪ ۾.

 

(١٢) سنڌي بزم ادب ڪراچي طرفان ١٧- مارچ ١٩٤٣ع تي ھڪ مشاعرو ٿيو جنھن جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”يارب ڏسان مان جيئري ديدار دلربا جو.“

ان موقعي تي ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ھردم حقير طالب روضھءِ رسول جو آ،
يارب ڏسان مان جيئري ديدار دلربا جو.

 

(١٣) ٢٨- جولاءِ ١٩٢٥ع تي ڏوڪري ۾ ملا اسڪول جي طرفان جلسو ٿيو. ان موقعي تي مشاعرو بھ ٿيو. ”بشير“ مرحوم ان موقعي تي جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

خدايا لطف پنھنجي جي اسان تي اڄ عنايت ڪر،
ضعيفن بي وسيلن جي مددگاري حمايت ڪر.

 

(١٤) بزم مشاعره ميھڙ جي طرفان ٢٠- آگسٽ ١٩٢٦ع تي مشاعرو منعقد ٿيو، جنھن جي مصرع طرح ھئي:

”خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنھنجي رخسار تي.“

”بشير“ مرحوم ان طرح تي جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

مست ٿيا اھل چمن ۽ رقص ۾ پئجي ويا،
دوستو دلدار جي شيرين سخن گفتار تي.

 

(١٥) بزم روح ادب ڪراچي طرفان ١٦- ڊسمبر ١٩٣٣ع تي ھڪ مشاعرو ٿيو، جنھن جي مصرع طرح ھن طرح ھئي:

”ياالاھي شل ھميشھ يار محفل ۾ رھي.“

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

اڄ عجيبن جي ڪري محفل اندر سينگار ھو،
ياالاھي شل ھميشھ يار محفل ۾ رھي.

 

(١٦) بزم مشاعره لاڙڪاڻو طرفان ٢- فيبروري ١٩٢٥ع تي ھڪ مشاعرو منعقد ٿيو، جنھن جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”قدم کان يار جي روشن غريب خانو ٿيو.“

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

شڪر الحمد ڪر ھردم ”بشير“ جو اڄ آھھ،
قدم کا يار جي روشن غريب خانو ٿيو.

 

(١٧) بزم مشاعره ميھڙ جي طرفان ١٥- جون ١٩٢٦ع تي ھڪ مشاعرو ٿيو، جنھن جي مصرع طرح ھئي:

”خدا ڄاڻي حلاوت ڪھڙي آ ان تيغ قاتل ۾.“

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ويا ڪي مارجي ۽ قيد ٿي ويا ڪيترا عاشق،
سڄڻ جي تيغ ابرو سان ۽ زلفن جي سلاسل ۾.

 

(١٨) سيتلداس چيلارام ڪاليج (گورنمينٽ سي ائنڊ ايس ڪاليج) شڪارپور قائم ٿيو، تھ آغا صوفي مرحوم جي ڪوشش سان ڪاليج ۾ بھ مشاعرا منعقد ٿيڻ لڳا. ھڪ مشاعري جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”بتن جو شان ڀي يارو تھ شان ڪبريائي آ.“

”بشير“ مرحوم ان موقعي تي جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

شب فرقت سندا سيڪنڊ سالن جي برابر ٿيا،
نسوري نار دوزخ جي تھ جانان جي جدائي آ.

 

(١٩) سنڌي زبان جي باڪمال شاعر عبدالله بسمل مرحوم جي ياد ۾ ١٣- آڪٽوبر ١٩٥٣ع تي بلڙي ۾ مشاعرو ٿيو، طرح ھن ريت ھئي:

”محبت ۾ وفا ڇا ۽ جفا ڇا؟“

”بشير“ مرحوم بھ ان تي شعر لکيو. ان مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو.

سھل ناھي محبت کي نباھڻ،
محبت ۾ وفا ڇا ۽ جفا ڇا؟

 

(٢٠) سنڌي بزم ادب ڪراچي طرفان ٣٠- اپريل تي مشاعرو ٿيو. ان جي مصرع طرح ھئي:

”مستي ۾ آ ساقي گردش ۾ جام آھي.“

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

قومي ۽ اقتصادي مضمون منھنجا اڪثر،
محفوظ ٿيندو سڀڪو تن کان مدام آھي.
سالن جون دانھون ڪوڪون ٿيون ڪينڪي مؤثر،
افسوس ٿيو نھ منھنجو مقصد تمام آھي.

 

(٢١) تاريخ ٢٦- ڊسمبر ١٩٤٦ع تي ڳڙھي ياسين (ضلع شڪارپور) ۾ ھڪ مشاعرو منعقد ٿيو. ان مشاعري ۾ ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

حوالي ڪيو ويو بيمار آ، ساڳين طبيبن جي،
جنن بيمار کي آڻي وڌو آ سخت مشڪل ۾.

 

(٢٢) بزم مشاعره حيدرآباد طرفان ١٨- اپريل ١٩٥٠ع تي ھڪ مشاعرو ٿيو. ان لاءِ ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو:

مجاھد مرد غازي کي سچي آزادگي گھرجي،
نھ گھرجي مرد مسلم کي فقط تصوير آزادي.

 

(٢٣) ڊي.جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ ١٩٢٥ع ۾ بزم مشاعره قائم ٿي ۽ ان جي طرفان مشاعرا منعقد ٿيندا رھيا. ٣- مارچ ١٩٣٥ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”صلح جو ھي وقت آ، يا موقعو تڪرار جو.“

ان مشاعري لاءِ ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

واجبي آھي، تھ ڀائر ٿي رھون اتفاق ۾،
صلح جو ھي وقت آ، يا موقعو تڪرار جو.
ڇا غلامي جي زنجيرن ۾ ٺھي ٿو ھي نفاق،
اڄ ٿي وعدو ڪريو مون سان انھيءَ تڪرار جو.

 

(٢٤) شروع ۾ محترم جي.ايم.سيد پاڪستان تحريڪ جو سرگرم رھنما ھو. محترم جي.ايم.سيد جي تقاضا تي ١٩- آڪٽوبر ١٩٤٣ع تي ”بشير“ مرحوم ھڪ قومي نظم لکيو، ان مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

ڪٿي ڪعبو ڪٿي ڪاشي ٿين ڪيئن پاڻ ۾ مائل،
ڪٿي ھڪڙو خدا پوڄين ڪٿي سود ديوتا شامل.

 

(٢٤) ٢٠- ڊسمبر ١٩٢٩ع تي لاڙڪاڻي ۾ ملا ڪانفرنس منعقد ٿي، جنھن جي صدارت سر شاھنواز ڀٽو مرحوم ڪئي. ان موقعي تي مشاعرو ٿيو؛ جنھن ۾ ”بشير“ مرحوم بھ شعر پڙھيو. ان مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

ابوالحسن جي سنڌي، سڌري ٿي صاف سنڌي،
جيڪا ھو ڪن ٿا خدمت، ديدم نھ ديد بودم.

 

(٢٥) ھڪ ڀيري بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”ٻڌان ٿو قيامت ۾ ديدار ٿيندو.“

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو؛ جنھن مان معلوم ٿيندو، تھ پرائمري تعليم جو نظام، جيڪو ان زماني ۾ لوڪل بورڊ جي حوالي ڪيو ويو ھو، ان مان استاد خوش نھ ھئا:

معلم اوھان ڪين سمجھو ھيو ڇا،
تھ لوڪل جو چرخو آزاد ٿيندو.
اسان اڳ ئي پيشنگوئي ڪئي ھئي،
نتيجو اھو نيٺ اھو نروار ٿيندو.

 

(٢٦) بزم مشاعره ميھڙ طرفان ٢٥- مئي ١٩٢٦ع تي مشاعرو ٿيو، جنھن جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”اسان جي آھھ ۾ خالق سگھو پيدا اثر ڪر تون.“

(٢٧) بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان ٢١- جولاءِ ١٩٢٥ع تي مشاعرو ٿيو، جنھن جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”بت بھ سجدي ۾ ڪرن ھڪ نعرهء تڪبير سان.“

ان مشاعري لاءِ ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ڪم ڪريون ڏاڍا برا، تن جو نتيجو ٿيو بُرو،
پو چئون ھي ڇا ٿيو آ، سڀ ٿيو تقدير سان.

 

(٢٨) ٢٠- ٢١ نومبر ١٩٥٣ع تي گھوٽڪي ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي، ان موقعي تي جيڪو مشاعرو ٿيو، ان جي مصرع طرح ھئي:

”ھم نشينو وقت جي رفتار جون ڳالھيون ڪريون.“

”بشير“ مرحوم ان مشاعري ۾ جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ڇڏ غريبن ۽ اگھاڙن ۽ بکين جي فڪر کي،
اڄ تھ شاھوڪار جون زردار جون ڳالھيون ڪريون.

 

(٢٩) بزم مشاعره ناري طرفان ١٩٢٥ع ۾ ھڪ مشاعرو ٿيو. جنھن جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”مخالف چمن جي ھو ٿي رھي آھي.“

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

سا ڪھڙي طرح قوم بيدار ٿيندي،
جو سستي سندس پيشوا ٿي رھي آھھ.

 

(٣٠) بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان ١٤- آڪٽوبر ١٩٤٦ع تي ھڪ  مشاعرو ٿيو، جنھن ۾ مصرع طرح ھئي:

”جا اھا صدما سھي، سا دل ڪٿي.“

ان مشاعري لاءِ ”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو ان مان نمونو ڏجي ٿو: جنھن مان ان وقت جي سياسي حالتن ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جو پتو پوندو:

عارضي سرڪار قائم ٿي وئي،
پر حڪومت ٿو ڇڏي ويول ڪٿي.
جنگ باريءَ جون جنھين فتحون ڪيون،
اڄ ڏسون ٿا آھھ سو چرچل ڪٿي.
سڀ اچو ڪپڙو وڏيرا ٿا وٺن،
اڄ غريبن واسطي وائل ڪٿي.
بافتي لاءِ ٿا ڀٽڪون سدا،
بوسڪي آھي ڪٿي مخمل ڪٿي.

 

(٣١) ٢٠- ٢١ جولاءِ ١٩٤٩ع تي حيدرآباد ۾ آل سنڌ ڪنوينشن ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ”بشير“ مرحوم شعر پڙھيو، جنھن ۾ ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو ذڪر ڪيائين. ان مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

سنڌ جو سرسبز صوبو ڇو ٿيو آھي تباھھ،
ان جا ڳولھي ڪي وسيلا، آل سنڌ ڪنوينشن،
سنڌ ئي سڀ کان اڳي طلبيو ھو پاڪستان کي،
ٿي رکي عمدا ارادا آل سنڌ ڪنوينشن.

 

(٣٢) سنڌي سڌار سوسائٽي ڪراچي طرفان ٢٦- جنوري ١٩٣٢ع تي ڊي.جي سائنس ڪاليج ڪراچي جي ليڪچر ھال ۾ مشاعرو ٿيو، جنھن جي صدارت ميرايوب خان ڪئي. مشاعري جو عنوان ھو: ”حبِ وطن“، ۽ مصرع طرح ھئي:

”قلب مان ڪينو ڪڍي ھڪ ٿي ھلو ھر حال ۾.“

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

آ سڌو رستو سنئون واپار جو وھنوار جو،
راضپي جي آھھ ڏي وٺ ڪھڙو ڪم تڪرار جو.
ڇو نھ پو ناتو رکو ان ۾ مٺي گفتار جو،
آ چڱو رستو رکڻ وھنوار ۾ ڀي پيار جو.
آھھ فتنون زن زمين ۾ ۽ زر ۾ مال ۾،
قلب مان ڪينو ڪڍي ھڪ ٿي ھلو ھر حال ۾.

 

(٣٣) اپريل ١٩٣٦ع ۾ مدرسو گوزو پھوڙ لڳ خانپور (ضلعو شڪارپور) ۾ ديني ڪانفرنس منعقد ٿي. ان موقعي تي ڪن شاعرن شعر بھ پڙھيا. ”بشير“ مرحوم ان موقعي تي جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

گنڊل شاھھ تي ھجي ھر روز رازق جي وڏي رحمت،
ڪئي محسوس جنھن آھي تھ اڄ ڪلھھ قوم جي حالت.
ڏئي تعليم عربيءَ جي ڪري ٿو قوم جي خدمت،
تھ من بيدار ٿي مسلم ڇڏي سستي اھا غفلت.
وٺي، اڄ فيض اي يارو وٺڻ جيڪو جو چاھي ٿو،
ھدايت علم ۽ تبليغ جا واعظ سڻائي ٿو.

 

(٢٤) سيتلداس چيلارام ڪاليج (گورنمينٽ سي ائنڊ ايس ڪاليج) شڪارپور طرفان ٢٧- آگسٽ ١٩٣٣ع تي ھڪ مشاعرو ٿيو. ان جي مصرع طرح ھن طرح ھئي:

”محمود ڪجھھ ڏٺو ھو شيدي اياز ۾.“

”بشير“ مرحوم جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

چمڙي اڇي تي ھرگز اي يار حسن ناھي،
خصلت جنھين جي سھڻي سوئي حسين آھي.
سھڻو جي ٽوھھ وانگر پٽ تي پيو تھ ڇاھي،
مرغوب حسن سو آ، دل جنھين ڏي ڪاھي.
نھ تھ ڇا ٺھي ٿي الفت ڪانو ۽ ڪاز ۾،
محمود ڪجھھ ڏٺو ھو شيدي اياز ۾.“

 

(٣٥) سنڌي بزم ادب ڪراچي طرفان ١٧- مارچ ١٩٣٤ع تي مشاعرو منعقد ٿيو جنھن جي مصرع طرح ھن ريت ھئي:

”يارب ڏسان مان جيئري ديدار دلربا جو.“

ان مشاعري ۾ ”بشير“ مرحوم طنز و مزاح جي رنگ ۾ نظم پڙھيو، جنھن مان نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:

بھادري

سورھيھ سڏين ٿا مون کي آھيان بھ جوان جبرو،
کڙڪي کان ڪجھھ ڊڄان پر ڪو ڀؤ نھ ٿي بلا جو.
ڏٻرو بھ ڏاڍو آھيان مٽ ڪين ڪنھن کي ڀانيان،
انسان آ مڙيوئي بس ڦوڪڻو ھوا جو.
حاذق حڪيم آھيان سمجھو نھ عام ماڻھو،
مون کان سواءِ نھ ٻي وٽ نسخو آ ڪيميا جو.

 

(٣٦) بزم ادب ڪراچي طرفان ٤ مئي ١٩٤٥ع تي ھيٺين مصرع طرح تي مشاعرو ٿيو:

”دل جي دنيا ۾ محبت جو چمن آباد ڪر.“

”بشير“ مرحوم ان مشاعري ۾ جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نموني طور شعر ھيٺ ڏجي ٿو:

سر ھجين محبوب جا تنھنجي مٿان صدقا سوين،
يار جي آيل ڏکن کان ڪين تون فرياد ڪر.

 

(٣٧) ٦- مئي ١٩٣٤ع تي شڪارپور ۾ ٻارن جي يارھين ڪانفرنس منعقد ٿي. ان موقعي تي ھيٺين مصرع طرح تي مشاعرو بھ ٿيو.

”ڍڪي ڪفني فقيرن جان ھليس غمخوار جي خاطر.“

”بشير“ مرحوم ان مشاعري ۾ جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

خدا پيدا ڪئي ساري خدائي يار جي خاطر،
رھي ٿي منتظر اک روز و شب ديدار جي خاطر.

 

(٣٨) بزم مشاعره ٺٽھ جي طرفان ٢٦- جون ١٩٤٨ع تي ھڪ مشاعرو منعقد ٿيو. ان ۾ ”بشير“ جيڪو شعر پڙھيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

پير جي يا ڪنھن مير جي پرواھھ ڇو رکجي ”بشير“،
مان موحد منھنجو مولا ڏيھھ جو ڏاتار ھڪ.

 

(٣٩) بزم مشاعره لاڙڪاڻھ جي طرفان ھڪ ڀيري ھيٺين مصرع طرح تي مشاعرو ٿيو:

”ٻڌان ٿو قيامت ۾ ديدار ٿيندو.“

”بشير“ مرحوم ان مشاعري لاءِ جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ڀلي خوش رھي سو جھان ۾ سدائين،
زماني ۾ جيڪو رساڪار ٿيندو.

 

(٤٠) بزم مشاعره لاڙڪاڻھ طرفان ١٤- آڪٽوبر ١٩٤٦ع تي ھيٺين مصرع طرح تي مشاعرو ٿيو:

”جا اھا صدما سھي، سا دل ڪٿي.“

”بشير“ مرحوم ان لاءِ جيڪو شعر لکيو، ان مان نمونو ڏجي ٿو:

ڪين ھرھڪ پير جي پيرن تي پؤ،
سمجھھ ڪر سڀڪو ٿئي ڪامل ڪٿي.

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org