سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :13

 

 

رھبر نامو

 

غور سان ٻڌ ھي حقيقت حال جي،

ڇڏ وساري ڳالھھ ٻي ھر تال جي.

 

ڪير آھي جو ھي گفتا ٿو ڪري،

ڪير ظاھر ٿو ڪري اسرار کي.

 

مان نٿو ٻوليان اھو ٻولي ٿو پاڻ،

مان نٿو ڳوليان اھو ڳولي ٿو پاڻ.

 

ڪير آھيان ڪير آھيان ڪير مان،

پاڻ ڇا آھيان نٿو سمجھي سگھان.

 

غرق آھيان بحر حيرت ۾ ڪڏھن،

محو آھيان عين عبرت ۾ ڪڏھن.

 

ھي اٿم عبرت تھ ڇا آھيان ھتي،

ڪم جي شيءِ يا ڪابھ شيءِ ناھيان ھتي.

 

ظاھري زھد ۽ عبادت دور ڪر،

ڪوٽ ھستيءَ جي کي چڪنا چور ڪر.

 

درد سان ڀرپور آھي ھي ڪتاب،

صدق دل جي سان پڙھي ٿي ڪامياب.

 

آھي نامو رھبري جو ھيء ڪتاب،

جو ھٽائي ٿو ڇڏي سارا حجاب.

 

تون نھ آھين جا بجا آھي اھو،

ڏس اکيون کولي کٻي ساڄي اھو.

 

ھي سخن ھرگز نھ آھي مون وٽان،

پان ٻولي ٿو اھو ٻڌ اي جوان.

 

مان خيال آھيان پچايان ٿو خيال،

مان ڪڏھن وڇڙيل ڪڏھن واصل بحال.

 

وصل آھي پاڻ کان پاسي رھڻ،

ھجر آھي پنھنجي ھستي ۾ ھجڻ.

 

دور ڪر ھستي تھ ھو بڻجي پوين،

ڇو ٿو ھستي سان ٻيائي ۾ رھين.

 

پاڻ پاسي ڪر خودي کي باھ ڏي،

تو اڳيان ھر ڳالھھ روشن ٿي پوي.

 

پاڻ کان جي پاڻ کي غافل ڪندين،

پاڻ کان ويندين خدا حاصل ڪندين.

 

جيڪڏھن ڪو چوڏھين جي چنڊ کي،

چنڊ گرھڻ ۾ ڏسي قيدي سڏي.

 

سو حقيقت ۾ غلط آھي صفا،

چنڊ ناھي قيد ۾ ڄاڻي خدا.

 

آسمان جي برج اندر ٿو اچي،

ڪي گھڙيون پردي ۾ پنھان ٿو رھي.

 

برج کان ٻاھر اچي ٿو ھو جڏھن،

روشني پنھنجي پسائي ٿو تڏھن.

 

پنھنجي حالت جي مٿان افسوس ڪر،

ناھي پنھنجي شان جي توکي خبر.

 

تون بھ آھين چنڊ جيئن روشن مگر،

توتي ڇانئيل اھي ھستيءَ جو ڪڪر.

 

برج وانگر تنھنجي ھستي ٿي رھي،

تنھنجي جوھر کي ڇپائي ٿي ڇڏي.

 

دور ھستيءَ کي ڪندين جي پاڻ کان،

تنھنجي ذاتي روشني ٿيندي عيان.

 

مان ٻڌايان ٿو وري ھڪ ٻيو مثال،

جنھن جو دل ۾ اوچتو آيو خيال.

 

برج تنھنجي جسم جو آھي مثال،

جسم سان تون ڪيئن ڪري سگھندين ڪمال.

 

ٻن گھڙين جي واسطي ھي پاڪ نور،

خاڪ جي پڃري ۾ آيو بي قصور.

 

خاڪ جي پڃري منجھان آزاد ٿي،

نور ساڳيو نور رھندو شاد ٿي.

 

درد ريءَ حاصل نھ ٿيندو مرتبو،

درد ريءَ بڻجي نھ سگھندو مرد ڪو.

 

درد جو طالب سچو رھ پاڻ تون،

پاڻ کي مردن جي صف ۾ آڻ تون.

 

معرفت جو در کلي ٿو درد سان،

مرتبو اعليٰ ٿئي ٿو درد سان.

 

درد ڌاران ڪين ملندي حق جي راھ،

درد سان ٿئي ٿو گداگر بادشاھ.

 

ڪفر ۽ اسلام جو واٽون وسار،

درد حاصل ڪر ھميشھ خوش گذر.

 

درد رھبر ٿي ڏسي ٿو حق جي راھ،

بينوائن کي ڪري ٿو بادشاھ.

 

درد ان جي جو ذرو حاصل ڪري،

ڀڃ انھيءَ ھستيءَ جي ڪاري ڪوٽ کي.

 

درد ريءَ ھرگز نھ ٿيندي حاصلات،

درد آھي عاشقن سان ڏينھن رات.

 

درد سان پئي ٿو پتو اسرار جو،

جان ۽ دل کي ملي ٿو ڇا مزو.

 

موج ۽ مستي اچي ٿي درد سان،

جنھن جي ساري ڳالھھ توسان ٿو ڪيان.

 

وجد واري راھ ۾ آڻي ٿو درد،

عبد کي درگاھ ۾ آڻي ٿو درد.

 

ڪي گھڙيون بڻجون ٿا غم سان بي زبان،

ڪي گھڙيون غم سان رھون ٿا خوش بيان.

 

آھي سڀ کان درد جو درجو مٿي،

ڇو جو حق جي ذات ان ۾ ٿي رھي.

 

ھن ريا واري عبادت کي ڇڏي،

مڪر جي پيري مريدي ڪر پري.

 

پنھنجي ھستي جي حقيقت ڄاڻ تون،

چيز يا ناچيز آھين پاڻ تون.

 

اڳ ۾ پنھنجو پاڻ اي طالب سڃاڻ،

سؤ لباسن جا پرين پھرين ٿو پاڻ.

 

آھي سڀ ڪجھھ يار تون آھين ڪٿي،

ڪجھھ بھ ناھين ڪين آھين تون ھتي.

 

تون ھجين يا ھو ھجي آھي خيال،

ڪين آھي ھت جدائي يا وصال.

 

ڪجھھ نٿو ٿئي ذات حق جي کان سوا،

مون کي سمجھايو ھي منھنجي پيشوا.

 

ڏس اکيون کولي تھ تون آھين ڪٿي،

جابجا ھر رنگ ۾ ھو ٿو وسي.

 

ٽوڙ دنيا جا سمورا واسطا،

دور ڪر دل جي پريشاني اھا.

 

خاڪ جي پڃري کي اڳ ۾ تون وسار،

دم اناالحق جو انھيءَ کان پوءِ مار.

 

ھي مڪان تنھنجو نھ آھي ھوش ڪر،

لامڪان جا مرغ لھھ پنھنجي خبر.

 

دام ٽوڙي خاڪ جي پڃري کي ڀڃ،

عرش اعليٰ تي اڏامي جلد وڃ.

 

وھم جي صورت ۾ گم آھين صفا،

ڇڏ اھا مورت مٽيءَ جي بيوفا.

 

اصل ۾ ھي تنھنجي ھستي آھي ڪين،

ذات ان جي آھي سڀ ڪجھھ ڪر يقين.

 

تنھنجي ھستي نيستي وھم ۽ خيال،

ان جي ھستي ھر طرح آھي بحال.

 

تنھنجي ھستي ناھي ھستي ان جي آھ،

تنھنجي مستي ناھي مستي ان جي آھ.

 

پاڻ عاشق آھي ۽ معشوق پاڻ،

جان و دل ڇا نيڪ و بد سڀ ان کي ڄاڻ.

 

ھر گھڙي ھن جو نرالو شان آھ،

پاڻ پنھنجي حسن تي حيران آھ.

 

پاڻ کي پنھنجو پسائي ٿو جمال،

حال ۾ ڇا قال ۾ آھي بحال.

 

ھو ڪڏھن ٽوٻو ٿو بڻجي بحر ۾.

ھو ڪڏھن گفتا ڪري ٿو شھر ۾.

 

ھو ڪڏھن چئي ٿو تھ مان آھيان ڪٿي؟

ڪير آھيان مان، ڪڏھن ھو ٿو پڇي.

 

”رب ارني“ خود پڪاري ٿو ڪڏھن،

”لن تراني“ خود پچاري ٿو ڪڏھن.

 

جو چوان ٿو سو انھيءَ جو شان آھ،

حاضري ۾ جسم، دل، ڇا جان آھ.

 

ڪين ڄاڻج غير جسم ۽ جان کي،

ڇا حوا ڇا آدم ۽ شيطان کي.

 

آدم ۽ جبرائيل ابليس ۽ حوا،

ھي سمورا روپ آھن يار جا.

 

صرف ھڪ نالي منجھان نالا ٿيا،

دور ڪر تون پاڻ کان سڀ وسوسا.

 

ھن بنا ڪنھن کي بھ ڪونھي اختيار،

ھو ڪڏھن ڏک ئي ڪڏھن بخشي قرار.

 

گفتگو ساري سندس آواز ڄاڻ،

ھي سمورا راز ان جا راز ڄاڻ.

 

ھي سموري چال ان جي چال آھ،

شاعري منھنجي انھيءَ جو قال آھ.

 

حق بنا ڪا شيءِ نظر ايندي ڪٿي،

حق اناالحق ٿي چوي ھر شيءِ ھتي.

 

عبد جا آواز ٻولي ٿو ڪڏھن،

خود خدا ٿي راز کولي ٿو ڪڏھن.

 

ھر گھڙي ان جو نرالو شان آھ،

جان سان آھي ڪڏھن بي جان آھ.

 

ان جي رمزن ۾ سمورا راز ڄاڻ،

ھر صفت ۾ ذات ان جي کي سڃاڻ.

 

ھر عمل ۾ يار شامل ٿو رھي،

پاڻ ٻولي ٿو، ٻڌي ٿو، پاڻ کي.

 

رنگ ڇا بيرنگ ۾ آھي اھو،

ھو ڪڏھن مومن ڪڏھن ڪافر ڪٽو.

 

جان پنھنجي تي جڻيو پائي ڪڏھن،

ھر گھڙي تسبيح کڙڪائي ڪڏھن.

 

منھنجو موسيٰ پير عبدالحق ٿيو،

جنھن ڪيس انڪار ھو احمق ٿيو.

 

مون کي ڏيکاري انھيءَ ھي حق جي راھ،

آھي بيشڪ عارفن جو بادشاھ.

 

ڪوڙ توڙي ھٺ وڏائي کان ھٽي،

ان جي مئي جي پاڪ سرڪي مون چکي.

 

مون کي سمجھايون سڄڻ رمزون تمام،

ھو خريدار آھي مان آھيان غلام.

 

ھڪ ذرو آھيان انھيءَ خورشيد جو،

پاڻ جنھن بدڪار کي بھتر ڪيو.

 

مون کي  سمجھاڻي ڏني مرشد جڏھن،

جوش ۾ ايڏو تھ آيس مان تڏھن.

 

خاڪ جو بوتو وساريم خير سان،

جسم جو جامو لٿو منھنجي مٿان.

 

پاڻ کان ھر حال ۾ تون دور ٿي،

غير ڇڏ خود ذاڪر ۽ مذڪور ٿي.

 

پاڻ کي ڇڏ جان کان آزاد رھ،

عين حق حاصل ڪري آباد رھ.

 

تون نڪي مالڪ نڪي آھين غلام،

ڪجھھ بھ ناھين تون اھو آھين مدام.

 

اوچتو قطرو سمايو بحر ۾،

بحر وارو دم ھڻي ٿو لھر ۾.

 

بحر آھيان مون کي تون قطرو نھ ڄاڻ،

منھنجي خاطر خوف ۽ خطرو نھ ڄاڻ.

 

شور واري بحر اندر گم ھيس،

اوچتو موجن منجھان ظاھر ٿيس.

 

بحر سارو مون ۾ غائب ٿي ويو،

منھنجي نظرن جي مٿان پردو پيو.

 

عام توڙي خاص داڻو ٿو سڏي،

ڪير ڪوٺيندو ذرو خورشيد کي.

 

بحر آھي ڌار قطرو ڌار آھ،

رمز کان ھر ڪو نھ واقفڪار آھ.

 

ھر طرح سان منھنجي ھستي دور ٿي،

مون کي ڀٽڪڻ کان ملي آزادگي.

 

آھي سڀ ان بحر جي ھستي ھتي،

مان ڪٿي آھيان؟ ڪٿي آھيان ڪٿي؟

 

حال ريءَ ھن قال جو احوال ناھ،

ھي سمورو حال آھي قال ناھ.

 

قال توڙي حال ساڳي ڳالھھ ڄاڻ،

حق ٻنھي ۾ آھي تون ويساھ آڻ.

 

موج جيئن مھراڻ ۾ کاڌي اٿل،

جھنگ جي پاسي ڪائين منھن اڇل.

 

ٻوڏ اندر جھنگ سارو آب ٿيو،

بعد ۾ سرسبز ۽ شاداب ٿيو.

 

جي نھ کائي ھا اٿل درياھ پاڻ،

ڪيئن ڪري ھا جھنگ ڏي سو ڪاھ پاڻ.

 

اڳ ۾ ڏس منصور ڪيئن پنجاھ سال،

ھر ڳلي ۾ پاڻ ڪئي ٿي قيل قال.

 

ھن سليو ٿي راز سڀ توحيد جو،

جيئن پوي مخلوق کي ان جو پتو.

 

نيٺ ان تي حال جو غلبو ٿيو،

تنھن ڪري ھن دم اناالحق جو ھنيو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org