سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪلام بشير

باب --

صفحو :6

ڀاڱو پھريون

 

ديوان

 

(الف)

اي مولا

اسان کي سنئين راھھ ڏيکار مولا،
 

جو تنھنجي مدد آھھ درڪار مولا.
 

ھي ٻيڙي اسانجي لڏي ۽ لمي ٿي،
 

ڪناري ڏي آڻي تون ڪر پار مولا.

اسان غير وٽ ھٿ ٽنگيندا نھ آھيون،
 

اسان لاءِ تنھنجي ئي دربار مولا.
 

ھدايت اي ھادي سندءِ ھٿ ۾،
 

اسان کي چڱي ڪم تي بيھار مولا.
 

جيارين جڳت ۾ تھ ڪر مرد مسلم،

جي مارين تھ مومن ڪري مار مولا.
 

محبت ڪنھين غير جي وجھھ نھ دل ۾،
 

سبق پنھنجي الفت جو سيکار مولا.
 

مخالف اڳيان تون بنائج اسان کي،
 

تھ فولاد شيھي جي ديوار مولا.
 

نڪا ڪوٽ ڪالر جي آھي ضرورت.
 

تون علم ۽ ادب سان سينگار مولا.
 


 

 

پرور جي ثنا

سر سخن جي سونھن آھي پاڪ پرور جي ثنا،
 

مالڪ ارض و سما ۽ روز محشر جي ثنا.

 

آھھ اول واجبي قدرت جي قادر جي ثنا،
 

خالق جن و بشر الله اڪبر جي ثنا.

 

بعد زان* ان صاحب لولاڪ سرور جي ثنا،
 

ھاشمي عربي رسول الله رھبر جي ثنا.

 

پر ابوبڪر و عمر عثمان حيدر جي ثنا،
 

فاطمه جي ۽ سندس شبير شبر جي ثنا.
 

حمزه عباس جي امام اصغر جي ثنا،
 

ڇا پڄي مون کان سگھي خاتون جي گھرجي ثنا.

 

منھنجو مقصد زندگيءَ جو دوست دلبر جي ثنا،
 

سر سخن جي سونھن آھي، پاڪ پرور جي ثنا.
 


 

 

ياد پيا

ڪالھھ ھت جيڪر اچي اھڙا اباڻا ياد پيا،
 

محل ۾ ماندو ٿيس پکڙا پراڻا ياد پيا.
 

سي سڄڻ سارڻ لڳس جن ريءَ نھ ساعت پئي سري،
 

ملڪ پنھنجي ۾ ڪبا ھئا جن سان ماڻا ياد پيا.
 

ڏٿ ڏھاڙي سومرا آڻڻ چاڙھڻ جو خيال،
 

گھر سندو سامان سيڌو مرچ ڌاڻا ياد پيا.
 

حسن بند روڊ جو گاڏا مڃيارين جا ڏسي،
 

برش ۽ صابڻ سڳيون سودا رناڻا ياد پيا.
 

محل ۽ ماڙيون منارا سنگ مرمر جا ڏسي،
 

گاھھ ڪانن جا جڙيل پنھنجا ٽڪاڻا ياد پيا.
 

جام ڦل بادام ۽ زيتون زردن کي چکي،
 

ديس پنھنجي جا ونگا گدرا ھنداڻا ياد پيا.
 

ڪشمشون انگور ۽ ڏاڙھن جي ڪڻ ڪڻ کي ڏسي،
 

مون کي جوئر ٻاجھري پيرن جا داڻا ياد پيا.
 

شھر ۾ گڙ گڙ مشينن ڪارخانن جي ٻڌي،
 

نار جو ڍينگو سرنھن ڄانڀي جا گھاڻا ياد پيا.
 

روح ۾ راحت نھ آندي ٿي رڪارڊن ريڊين،
 

راڳ يڪتاري تي رندي عاشقاڻا ياد پيا.
 

باغ ۾ بينچن ۽ ڪوچن تي ويھڻ وسري ويو،
 

پٽ پڌر تي شام جي ويھڻ جا ٿاڻا ياد پيا.
 

ھوٽلون بسڪوٽ ڪيڪن ڊبل روٽي جون ڏسي،
 

ٻاجھري ماني مٿان مکڻ جا چاڻا ياد پيا.
 

ھڪڙي ھفتي جي ھوا گھميل ڪيو ھيڻو”بشير“،
 

اتر سنڌ جا ميرپور، ٺل، لاڙڪاڻو ياد پيا.

 

*

 

(ب)

ميھار سان مطلب

اڄوڪن حسن وارن جو درم دينار سان مطلب،
 

محبت مان نھ ڄاڻن ٿا رکن ڪلدار سان مطلب.
 

چنيسر شل نھ چت لاھي لڏي شل نھ ڪو ليلان جيئن،
 

وڃائي ور وڃي ويٺي رکي ھڪ ھار سان مطلب.
 

ڪميني قرب مان سمجھيو نھ پر سينگار تي سنبري،
 

نھ سمجھيائين تھ ڇا ھو ھار جو سينگار سان مطلب.
 

نھ ماڙيون محل ڀاڻا ساھ سيباڻا عمر وارا،
 

ھيو بس مارئي جي دل جو ھڪ ٻڪرار سان مطلب.
 

ڏئي چارڻ کي سر پنھنجو ڏسو ڏاتار بنجي ويو،
 

ھيو اول ۽ آخير ھنجو مڱڻھار سان مطلب.
 

نھ سھڻي تار کان ترسي نھ سرتين جي ئي طنعي کان،
 

مري مھراڻ ۾ ويئي رکي ميھار سان مطلب.
 

نھ ھو ڀنڀور سان ناتو نھ ڏاگھن سان نھ ڏيرن سان،
 

ٿيو سسئي سندي سر جو پنھونءَ جي پار سان مطلب.
 

نھ سمجھايو سياڻي آھيان سرتيون ۽ ساھيڙيون،
 

نماڻي ھير جو ڦاٿل تھ رانجھن يار سان مطلب.
 

ڀلي مھڻا ڏين ماڻھو ڪڏھن ڪن ڪين آڻيندس،
 

نھ ڪنھن ماسي نھ ناني سان نھ ڪنھن مڪار سان مطلب.
 

سکن کي ڪين ساريندا ڏکن کان ڪينڪي ڏرندس،
 

مگر منھنجي تھ دل جو آھھ بس ديدار سان مطلب.

تڙپندو جي کڻي سھڻو مگر در تي پيو ھوندس،
 

نڪا اقرار جي خواھش نڪو انڪار سان مطلب.
 

”بشيرا“ ڪين چئو ڪنھن کي برو آھين ڀلو آھين،
 

نھ سمجھين ٿو تھ سڀ جو آھھ ھڪ ستار سان مطلب.

 

*


 

(ٻ)

مارن جي رٻ

کاڄ تنھن جا کھھ عمر مون کي وڻي مارن جي رٻ،
گلم غاليچن تي ليٽڻ کان وڻي واريءَ جي ڊٻ.
 

ياد يڪدم ٿا پون ميھا متيرا ملڪ جا،
جي ٻڌان مان ماڙ تي وسندي رڳو ھڪڙي ڪا اٻ
*.
 

پٽ پڌر واري جي پٿرن تي ھريل ھن قيد ۾،
ڪيئن سھي سگھندي سندءِ بُھرن ۽ محلاتن جي ھٻ.
 

ست رڇي ھوندي بھ مان محلات ۾ آھيان بکي،
ڇڏ تھ پيرن ۽ پڪن سان مان وڃي ماريان ڪا ڇٻ.
 

مال مارن جا چرن ٿا ڇيڪ ڇيلا منجھھ ڇٻر،
ڪين ھت وانگر چرن ٿا ڪتِر يا ڪانا ڪڙٻ.
 

ماڙ ۾ آھيان منگي ھت ور ٻيو مان ڇا ڪندس،
شان عورت جو نھ آھي جو ڪري ڪا مڙس ٻھ ٻھ.
 

داٻ دڙڪا مون سٺا ڪوٽن اندر ھت ڪيترا،
ملڪ پنھنجي ۾ مگر مون ڪا سٺي ناھي ڇڙٻ.
 

سومريون سھڻيون زيادھ حسن ۾ آھن ھزار،
ھوندي حورن ڇو کڻي چوري اچي واڙي ٿي چٻ.
 

پاڻ ڄاڻي موڪلي ڏي ماڙ ڏي اڄ ھي ”بشير“،
ڇا سھي سانگي سگھن اي سومرا تنھن جي ھو دٻ.

 

 

جنسار ٻھ

آسمان ۾ چنڊ سج فانوس تجليدار ٻھ،
 

ھيٺ ڌرتيءَ تي سڪي پاڻي سندا جنسار ٻھ.
 

قادر قدرت ڪيو دنيا ۾ جوڙي جو رواج،
 

مرد زن نر ماد ۽ شب روز ٿيا نرواز ٻھ.
 

جسم پنھنجي ۾ بھ عضون جا ٻھ جوڙا ٿا ڏسون،
 

پير ٻھ ٽنگون بھ ٻھ ۽ دوست ڀي درڪار ٻھ.
 

سامھون سھڻو اچي ھڪدم ڏسي ھن جا وٺان،
 

لعل لب رخسار ٻھ ۽ چشم چمڪيدار ٻھ.
 

ھر جڳھھ تي ٿو ڏسان اڪثر مخالف ٿا رھن،
 

باغ ھڪڙي شاخ ھڪڙي ۾ بھ گل ۽ خار ٻھ.
 

جنگ ۽ جھيڙو لڳل ٿو ھر جڳھھ ٻن جو ٻڌان،
 

بس اھي ئي ٿا وڙھن زوردار ۽ نادار ٻھ.
 

ڦٽ وڏو دل ۽ جگر تي ڪن ٿيون ھي ٻھ شيون،
 

ٿا چون ڏاھا تھ آھن ھڪ زبان تلوار ٻھ.
 

فرق پيري ۽ جواني جو ٻڌائن ٿا سچو،
 

سي سچا قاصد اھي ڪارا اڇا ٿي وار ٻھ.

ھر زبان ۾ ٻولي ٻولن ٿا ٻئي پاسا ”بشير“،
 

ٿا پڙھن ھڪڙو نثر ۽ نظم جذبيدار ٻھ.
 

جي پڙھي ڄاڻي سگھن ٿا خاص نازڪ شعر کي،
 

واه جو وٺندا مزو منھنجا پڙھي اشعار ٻھ.
 

دائما دارين[1] جي، جي بھتري چاھين ”بشير“،
 

پاس ڪر تون ھڪ بقا ھڪ بيوفا سنسار ٻھ.
 

 

**

(ڀ)

بيمار سڀ

ٿا ڏسي ڏاڙھون ٿين بيمار سڀ،
 

ڪيئن ڀلا کائن ھڪ انار سڀ.

شل ڪٿي ڏسجي نھ ڪنھن جو مال مفت،

واجھھ ٿا اڳ ۾ وجھن زردار سڀ.

خلق جي خدمت نھ توڙي ٿي پڄين،
 

تھ بھ سڏائين رئيس ۽ سردار سڀ.

مرد جو اقرار پاڙڻ شان آھھ،
 

پر وساري ٿا ڇڏن اقرار سڀ.

ٿا زمين زر زال ۽ زيور مٿي،

ھن زماني ۾ ٿين تڪرار سڀ.

ڪين قيمت تي وڪامي ميمبري،
 

جيڪڏھن ووٽر ٿين بيدار سڀ.

وقت مشڪل ۾ نھ ڪنھن جو ڪو ”بشير“،

 

ٿا وڃن ڀائر بھ ٿي بيزار سڀ.

 

 

(ت)

الفت ۽ عداوت

نھ ڪنھن ساڻ الفت نھ ڪنھن سان عداوت،
 

نھ ڪنھن جي ثنا ڪر نھ ڪنھن جي شڪايت.
 

حياتي گذارڻ جو عمدو طريقو،
 

ٻڌي ڇڏ اھا منھن جي ھڪڙي حڪايت.
 

رکج دل جي برتن کي ٿرماس جان،
 

تون،رھي جنھن جي سالم برودت حرارت.
 

اھا ڌار دل پنھنجي پھلو ۾ جنھن کي،
 

ڏکن جو نھ ڊپ ڪو سکن جي نھ حاجت.
 

ڪتابن سان رک دوستي دل سان دلبر،
 

پيو پڙھھ ملي جيڪا توکي فراغت.
 

تمنا تونگر ٿيڻ جي نھ ڪر تون،
 

گڏي پاڻ وٽ رک قناعت جي دولت.
 

ٽجوڙي قناعت سان ڀري رک،
 

پوي ڪين ڪنھن شيءِ جي توکي ضرورت.
 

غلامي کان آجي رکج دل جي بستي،
 

ڏکن ۽ سکن جي نھ جنھن تي حڪومت.
 

خدا کي اھا التجا ڪر ھميشھ،
 

نھ وجھھ غير جي دل ۾ ھرگز محبت.
 

نھ کڻ ڪنھن جو احساس سائل نھ ٿي تون،
 

اھائي زماني ۾ تنھن جي سخاوت.
 

”بشيرا!“ بشارت اھا ڏي بشر کي،
 

لڪل آھھ تولاءِ محنت ۾ راحت.

 

 

***


 

تجارت

ڪري ٿي جھان تي حڪومت تجارت،
 

وڌائي ٿي ماڻھو جي حشمت تجارت.
 

نھ چاندي رپو سون سڏجي ٿي دولت،
 

مگر آه سچ پچ تھ دولت تجارت.
 

اھي ئي ڏسون ٿا تھ دولت سان پر اڄ،
 

دماغن ۾ جن جي فراست[2] تجارت.
 

وڏي بخت وارو ھي پيشو ڪري ٿو،
 

جي سچ پچ تھ آھي سعادت تجارت.
 

سڃن مان سوين اڄ تونگر ڏسون ٿا،
 

ڏسو آھھ ڪيڏي تھ برڪت تجارت.
 

وڏي ھوش وارو ٿو انسان بڻجي،

سيکاري ٿي سير و سياحت تجارت.
 

ڏيھان ڏور ماڻھن سان الفت وڌي ٿي،
 

سيکاري محبت مروت تجارت.
 

ٿئي ٿو زياده تھ اخلاص الفت،
 

سيکاري ادب ۽ فضيلت تجارت.
 

پيغمبر اسان جي جو ڌنڌو اھو ھو،
 

اسان لاءِ آھي تھ سنت تجارت.
                                       
(15- جون ١٩٣٨ع)


 

(ٿ)

اٿ

پوک پنھنجي جي مٿان تون جلد چوڪيدار اٿ،

 

تنھنجي ٻڪرين ۾ بگھڙ ڪاھي پيو ٻڪرار اٿ.

 

غير جي رحم و ڪرم تي يار رھندين ڪيترو،

 

ڌار غيرت کي ۽ ڪر ڪا سمجھھ اي مردار اٿ.

 

تو گھڻو عرصو وتو آھي ملفسيءَ جو مزو،

 

جي ٿيڻ چاھين تونگر جلد تون نادار اٿ.

 

باده نوشي[3] جو سمو ساغر صراحي جو ويو،

 

جيڪڏھن دنيا جي محفل ۾ رھين ھوشيار اٿ.

 

ھي در و ديوار سڀ توڏي تڪيندا ٿا رھن،

 

ٻڌ ڪمر ھمت سندي، ڪا ڪار ڪر، بيڪار اٿ.

 

ڪوئلن ڪپڙن جي قلت آھھ پنھنجي ملڪ ۾،

 

ڪارخانا کول پنھنجا جلد وتن خوددار اٿ.

 

غير سنڌي ٿا تجارت جو وٺن ميدان سڀ،

 

ننڊ جو ناھي سمو تون جلد ٿي شاھوڪار اٿ.

 

علم جي زيور سوا آ زندگي ضايع ”بشير“،

 

علم جو چشڪو چکي اي جھل جا بيمار اٿ.

 


 

(ٽ)

تو وٽ

وفا جي بدران ڏسان سھڻا ٿي بيوفائي روا بھ تو وٽ،
رسڻ بھ تو وٽ ستم بھ تو وٽ رھن ٿا جورو جفا تو وٽ.

 

مريض الفت ھي ويندو ڪاڏي نھ رستو جنھن کي ڇٽڻ جو آھي،
ڪيو تو بيمار آھھ مون کي ۽ آه منھنجي دوا بھ تو وٽ.

 

گھڻائي ڳوليم حڪيم حاذق ھي درد الفت ڪنھن نھ سمجھيو،
سرير ھنجي اي سھڻا سائين رڳو ڏسان ٿو شفا بھ تو وٽ.

 

نھ عيب منھنجي ڏي ڏس اي سھڻا جو مان تھ عيبن سان پرٿيل ھان،
جي آھھ جرم و خطا کڻي ڪا مگر ٻڌان ٿو عطا بھ تو وٽ.

 

رھان ٿو سائل سدا سڪايل اوھان جي الفت ۾ شاه خوبان،
نھ غير جو مان غلام ٿيندس سدائين منھنجي صدا بھ تو وٽ.

 

رھي محرف[4] جو خوف مون کي نھ آھھ جنت جي آرزو ڪا،
اسان جو آقا تون ئي تھ آھين سزا بھ تو وٽ جزا بھ تو وٽ.

 

نھ قيصر و ڪسريٰ جي ڪا تمنا نھ تخت شاھي جي ڪا ضرورت،
ڏسان ٿو ظاھر ظھور جڏھين تھ شاه تو وٽ گدا بھ تو وٽ.

 

نھ ھٿ کي حاتم اڳيان ٽنگيندس نھ پير ٻي در ڪنھين ڌريندس،
”بشير“ڪترو پيو تھ در تي عطا بھ تو وٽ سخا بھ تو وٽ.

 


 

(ٺ)

نيٺ

دل نھ ٿي مايوس ۽ غمگين ايندو يار نيٺ،

 

منھنجي سر ۽ ساه جو ڀي بار کڻندو يار نيٺ.

 

ھجر جون راتيون ڏھاڙا ڪينڪي ھوندا سدا،

 

دل نھ لاھج ڇو تھ ايندو وصل جو ڀي وار نيٺ.

 

ٿو رھي انڪار جو خطرو سدائين دل اندر،

 

وصل جو ڀي شل ڪندو دلدار ڪو اقرار نيٺ.

 

فڪر ناھي جي زمانو منھنجي مقصد تي نھ آھھ،

 

منھنجي طلبن جو بھ ٿيندو دوست وٽ ويچار نيٺ.

 

روز شب جو روڄ راڙو دل سنديون دانھون ھيون،

 

ڪجھھ تھ منھنجو ڀي ڪندا ڪڏھين اثر اشعار نيٺ.

 

رات جو روئڻ ۽ ڏينھن جا ڏوجھا ويندا ”بشير“،

 

ٿي موثر من وڃي تنھنجو بھ استغفار نيٺ.

 

 

*


 

(ث)

ياري عبث

رکڻ خوبروئن سان ياري عبث،

 

مٿي تي کڻڻ ھي خواري عبث.

 

نھ نبيھھ سنگت آھھ سھڻن سندي،

 

وڃايو حياتي نھ پياري عبث.

 

محبت ۾ مولا جي رک پاڻ کي،

 

ٻين جي نھ ڪر پوئواري عبث.

 

مجازي محبت کان پاسو ڪجي،

 

نھ کڻ سر تي شيشن جي کاري عبث.

 

چمن جو ھي چرچو رڳا چار ڏينھن،

 

جي سمجھين ”بشير“ تھ آھي بھاري عبث.

 

***

 


 

(پ)

چپِ

 

گفتگو شيرين عجب پر مرد جو سينگار چپ،

 

ان سبب اڪثر ڪندا آھن تھ نيڪوڪار چپ.

 

ڀل لبن مان ڪنھن جي موتي يا جواھر پيا ڪرن،

 

پر چگي ڏاھا چون آھي اڃا صدبار[5] چپ.

 

جي خموشيءَ جا مزا چاھين وٺڻ دنيا ۾ تون،

 

اٿ اڪيلو ٿي وڃي پاسي تھ ڪر ھڪوار چپ.

 

ھي عجب آھي گھڻا ماڻھو اڃا بڪ بڪ ڪرن،

 

آ انھن جي واسطي ڏاڍي ڏکي دشوار چپ.

 

دردمندن جي دوا عمدي ڏسن ٿا ھي حڪيم،

 

جي شفايابي گھرن ٿا جلد ڪن بيمار چپ.

 

صبر جا ڀاڙا وٺڻ چاھين جيڪي تن کي چئو،

 

غمزدن جي واسطي آھي عجب غمخوار چپ.

 

موت جي آيو کڻي آيو تنھن جي مٿان اي بوالھوس،

 

پوءِ تھ آخر تون ڪندين مجبور ۽ لاچار چپ.

 

ھي نصيحت نيڪ وٺ بيجان کان ڀي تون”بشير“،

 

ڏس تھ تنھنجا ھم نشين آھن در و ديوار چپ.

 


 

(ج)

پنج

ھا شروع اسلام ۾ ڪي مرد مومن چار پنج،

 

مومنن کي ڪينڪي ھرگز لڳو دشوار پنج.

 

ڪلمھء توحيد روزا ۽ نماز ۽ حج زڪواة،

 

پيل پاوا ٿنڀ ھي اسلام جا آڌار پنج.

 

ظھر مغرب ۽ عشا چوٿين صبح پنجون عصر،

 

پنج وقتي ٿا پڙھن مومن مڙي ھروار پنج.

 

فاطمھ بنت محمد ۽ علي حسن و حسين،

 

پنجتن چادر اندر ھا خاص پرده پنج.

 

الف ٻھ ۽ لام ٻھ ھڪڙي ٿي ڪل حرف پنج،

 

نام الله ۾ سمايل حرف ۽ اسرار پنج.

 

پنج دشمن حرص، شھوت ۽ طمع، ڪلفت، غرور،

 

مرد غازي زير ڪن دشمن اھي اغيار پنج.

 

اک ۽ ڪن نڪ زبان چمڙي اھي ڪل پنج ڄاڻ،

 

ھر بشر کي ھي حفاظت واسطي اوزار پنج.

 

چيچ ڏسڻي، ٻاچ، آڱوٺو وچين آڱر ڏسو،

 

پير ھٿ ھرھڪ جون آھن آڱريون ھٿيار  پنج.

 

پنج گڏ موسم بھاري ۾ ڏسان ھڪ جاءِ تي،

 

باغبان بلبل ۽ گل خار ۽ گلزار پنج.

 

چرس گانجو ڀنگ آفيم و شرابن جا سٿا،

 

ڀڄ ”بشيرا“ تون انھن کان ڪن اھي بيڪار پنج.

 


 

(ڄ)

اڄ

ڇا ڪندو قابو مون کي زنجير اڄ،

 

ياڪ ڊيڄاري سگھي شمشير اڄ.

 

ڇڏ تھ دنيا کي ڪريان زير و زبر،

 

جاھدو جي مون پڙھي تفسير اڄ.

 

غير جي نقشي تي ھرکان ڪونھ ٿو،

 

مون ڏٺي پنھنجي بھ تصوير اڄ.

 

ھي جھان منھنجي ئي دم سان ٿو ھلي،

 

ڇا ڪندا ھي مير يا ڪي پير اڄ.

 

غير جي ٽيڪن تي بيھندس ڪيترو،

 

مون سڌي بيھڻ جي ڪئي تدبير اڄ.

 

ڪالھھ ڏس ڪھڙو ھيس دنيا ۾ شاد،

 

پر وئي يڪدم ڦري تقدير اڄ.

 

جيڪڏھن ھاڻي بھ جاڳڻ جي ڪيم،

 

غير جي بيھندي ڪٿي تزوير[6] اڄ.

 

ليڊران قوم ڪجھھ منھنجي ٻڌو،

 

ڇا ڪندي خالي رڳي تقدير اڄ.

 

مون اوھان جي لاءِ اڄ آھيان ”بشير“،

 

ھي گران قيمت ڪيم تحرير اڄ.

 


 

ڪج رفتار اڄ

ڇا ٻڌايان حال دنيا جو اوھان کي يار اڄ،

 

مھر ماڻھن مان وئي ۽ يار ٿيا اغيار اڄ.

 

دوستي ياري رڳو نالي جي آھي واسطي،

 

موڪلائي سا وئي گھڻ گھڻ اجائي يار اڄ.

 

وقت عشرت جي گھڻا دم ٿا ھڻن ياري سندو،

 

پر مصيبت ۾ وڃن ٿا دور ٿي دلدار اڄ.

 

اڄ تھ الفت وئي ھلي غمخوار ڪنھن جو ڪونھ آ،

 


 

*  بعدزان = ان کان پوءِ.

*  اٻ = مينھن جي ڦڙي. ھٻ = مونجھھ. ڇٻ = ڇٻو. ڇٻي.

   ماڙ = وطن، ساڻيھھ. بُھرن = (واحد = بَھرو) خال = تِــر.

[1]  دارين = ٻئي جھان، دنيا ۽ آخرت.  سنسار = جھان.

[2]  فراست = دانائي، عقلمندي.

[3]  * باده نوشي = شراب نوشي، شراب پيئڻ جي عادت.

   * ساغر = شراب جو پيالو.     * صراحي = شراب جي گھگھي.  * سمو = زمانو، وقت.

[4]  * محرف = رستي کان ھٽائڻ وارو، ڏنگي راھھ ڏيکارڻ وارو.

   * قيصر و ڪسريٰ = ايران ۽ روم جون بادشاھتون.

[5]  * صدبار = سؤ ڀيرا  * غمزده = ڏکويل، مصيبت جا ماريل (واحد = غمزده)

   * بوالھوس = لالچي، ھوس پرست، حريص.

   * ھم نشين = ساٿي، رفيق، ھم صحبت، گڏ اٿڻ ويھڻ وارا.

[6]  * تزوير = مڪر، فريب، حيلو.

   * جاھدوا = اِن الذين آمنوا وھاجرو وجاھدو بِا موالھم و انفھسم في سبِيل الله (٤٧٢) (سوره الانفال ٨) = بيشڪ جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو الله جي رستي ۾ پنھنجي مالن ۽ جانين سان جنگ ڪئي.

 (وڌيڪ پڙهندا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org