سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: نينهن جا نارا

باب --

صفحو :15

 

ھڪ ڏھاڙي جيئن ٿي آيو راهھ سان،

اوچتو ڊوڙيو وٺي ھڪ جاءِ تان.

 

ھن چيو اڳ ۾ ھي پاڇو ٿو ڊڪي،

ان پٺيان منھنجو بدن پيو ٿو ھلي.

 

ھڪ سياڻي شخص ھي گفتو ٻڌي،

ان اياڻي کي چيو ھڪ دم کلي.

 

بيخبر سمجھين نٿو ھن ڳالھھ کي،

حيف آھي تنھنجي اھڙي حال تي.

 

جو چوين ٿو سو غلط آھي خيال،

تنھنجي ناداني ڪيو آھي ڪمال.

 

پاڻ پاڇو تنھنجي تابع ٿو رھي،

ھر طرف تي تنھنجي پويان ٿو ھلي.

 

خودبخود پاڇو ڪري ٿو پيروي،

ھي سراسر ڳالھھ آھي عقل جي.

 

جي رھين ٿو تون تھ پاڇو ٿو رھي،

تو بنا پاڇو نھ ٿو ھستي رکي.

 

جي ھلين ٿو تون تھ پاڇو ٿو ھلي،

جي سمھين ٿو تون تھ پاڇو ٿو سمھي.

 

جي ڀڄين ٿو تون تھ ھو پڻ ٿو ڀڄي،

ھر طرح رفتار تنھنجي ٿو رکي.

 

ڪيئن تھ پاڇو ٿو رھي توسان ڪٺو،

تون اڃا ھن ڳالھھ کي سمجھين نٿو.

 

تنھنجي ھستي ناھي سڀ ڪجھھ يار آھ،

تون نھ آھين جا بجا دلدار آھ.

 

ھر طرح آھي خدائي سان خدا،

ھي حقيقت ٻڌ سڄڻ مون کان صفا.

 

شھر غزني ۾ ھيو ھڪ ماستر،

دل جي دنيا جي نھ ھئي جنھن کي خبر.

 

شوق سان ٻارن کي پاڙھيندو ھيو،

الف بي تي جو سبق ڏيندو ھيو.

 

تن ۾ ھڪڙو ڇوڪرو ھو باخبر،

جنھن پڙھيو ٿي ھڪ الف وارو اکر.

 

ھي ڏسي ھو شوڪجي ويو شور سان،

ڇوڪري کي ڌڪ ھنيائين زور سان.

 

پوءِ چيائين تون پڙھين ٿو ھڪ اکر،
ڇونٿو بي تي پڙھين اي بيخبر!

 

ھن چيس: استاد ھي ڇاٿو چوين،

ريءَ الف بي تي ۾ اٽڪي ٿو پين.

 

مان پڙھان ٿو ھڪ الف وارو اکر،

ڪين آھي مون کي بي تي جي خبر.

 

مان الف جو ورد جاري ٿو رکان،

تون ڪٿي ۽ مان ڪٿي ڏس غور سان.

 

جلد ڪر بي تي جو بت برباد ڪر،

ڀت سڪندر جي ڀڃي دل شاد ڪر.

 

حق ڇڏي بيسود بي تي ۾ نھ ڪڙھ،

وڃ وڃي عطار جي نامي کي پڙھ.

 

کول ”منطق طير“ کي پڙھ ۽ پراءِ،

عشق واري بحر ۾ ھستي وڃاءِ.

 

جلد ”وصلت نامھ“ جو پڙھ ھڪ پنو،

جيئن پوي توکي پتو اسرار جو.

 

يا تھ ”رھبر نامھ“ کي پڙھ بار بار،

يا وڃي ڪنھن ڪنڊ ۾ ويھي گداز.

 

عاشقن وٽ ويھھ ڪر صحبت سچي،

عارفن جي ڳالھھ ٻڌ تن کان پڪي.

 

حال حاصل ڪر گھڻو، آباد ٿي،

ڇڏ خوديءَ کي غير کان آزاد ٿي.

 

وڃ وڃي احوال ٻڌ عشاق جو،

درد پنھنجي ۾ اضافو ڪر سگھو.

 

غم حڪايت سان ھميشھ ٿو وڌي،

فيض ڪيئن ڪنھن کي شڪايت مان ملي.

 

عشق جي ڳالھين ۾ رحمت ٿي رھي،

خاص الفت جي عنايت ٿي رھي.

 

يار پنھنجي جي حڪايت خوب ڄاڻ،

ھر طرح ان ۾ ھدايت خوب ڄاڻ.

 

عشق ۾ آھي ھدايت ۽ ڪمال،

عشق بخشي ٿو ولايت ۽ ڪمال.

 

عشق ٻن کي ھڪ بڻائي ٿو ڇڏي،

پاڙ دوئي جي پٽائي ٿو ڇڏي.

 

عشق بخشي ٿو بلندي جو مقام،

مھربانيون عشق جون آھن مدام.

 

عشق آڻي ٿو ملامت ۾ ڪٿي،

ھر گھڙي جنھن ۾ ھدايت ٿي رسي.

 

مرد ھڪ واپار جو سانگو رکي،

ٿوم بصرن جو وکر ويٺو ڪڍي.

 

ميڙ ماڻھن جو اچي ھن وٽ متو،

جھٽ وڪامي ويو سندس سودو سچو.

 

ھو وري زربفت جو ڪپڙو وٺي،

پاڻ وڪري لاءِ ويٺو ھٽ ڪڍي.

 

ڪن اچي ورتو تھ ڪي موٽيا ڏسي،

عام کي طاقت وٺڻ جي ڪين ٿي.

 

پنھنجي گھر موٽيا انھن مان ڪيترا،

دل شڪستھ ٿيا خريدي کان سوا.

 

ميڙ مان ٿورن اھو سودو ڪيو،

حيثيت ۽ حوصلو جن کي ھيو.

 

بند ڪپڙي کي ڪري ھيرا وٺي،

پاڻ سوداگر اچي ويٺو وري.

 

ھن چيو سودو ھي آھي بھا

ڪير وٺندو بادشاھن کان سوا.

 

نيٺ ھي سودو وٺي ويا بادشاھ،

عام توڙي خاص ورتي پنھنجي راھ.

 

ھڪ وظيفا ٻيو ڪرامت جو ڪمال،

مون ڏنو توکي ٻنھي سودن جو حال.

 

عشق وارو اخري سودو صفا،

ڪنھن نھ ورتو بادشاھن کان سوا.

 

عشق آھي زھر ھيري جي مثال،

جنھن اڳيان بيدرد جي ناھي مجال.

 

حج زڪواتن ۽ وظيفن جو ثواب،

ھٿ ڪري سڀڪو سگھي ٿو بي حساب.

 

عشق جي ويجھو نھ ويندو عام ڪو،

واسطو جڳ سان نھ آھي عشق جو.

 

ڪيئن ڀلا ڪو عشق جي آڏو اچي،

شينھن جي سامھون نٿي ٻڪري بچي.

 

صاف ”شرح غوثيھ“ جو ھي بيان،

ترجمو قرآن جو آھي عيان.

 

جي نٿا پنھنجو وجودي سير ڪن،

پوءِ کڻي ڪيڏا بھ ھو سجدا ڏين.

 

سير ظاھر جي ۾ آھن مبتلا،

اصل ۾ الله کان آھن جدا.

 

آھي قدسي ڳالھھ جو مطلب اھو،

ٻڌ ٻڌايان ٿو سخن توکي سچو.

 

جيڪڏھن ڪو آدمي اھڙو ھجي،

محو ذڪر ۽ فڪر ۾ ويٺو ھجي.

 

پر نٿو شامل رکي دل جو حضور،

ڄاڻ ان کي ظاھر ۽ باطن ۾ دور.

 

ڪين آھي ان کي ”معڪم“ جي خبر،

فڪر ان جو ٿو رھي زير و زبر.

 

وٺ پتو مون کان حقيقي سونھن جو،

جنھن جو ھر دل ۾ سدا ديرو لڳو.

 

جو نٿو ديدار دلبر جو ڪري،

سو رھي ٿو پنھنجي مقصد کان پري.

 

جي نھ دل ۾ سمجھندين دلدار کي،

نور جو شعلو نظر ايندئي ڪٿي.

 

ھي سمورو ظاھري آھي سفر،

مرد موليٰ جا انھيءَ تي غور ڪر.

 

مان پري آھيان سندس تعميل کان،

دين کان، تسبيح کان، تحليل کان.

 

مون ڇڏي روزن نمازن جي پچر،

زھد و تقوي ٰ کي وساريم سربسر.

 

واسطو آھي انھيءَ جو جسم سان،

بندگي غالب رھي ٿي جنھن مٿان.

 

جي انھيءَ کڏ جي تري ۾ ٿا ڪرن،

سي نٿا الله پنھنجي سان ملن.

 

عام نيڪن جون چڱايون ۽ ثواب،

خاص پھتل مرد سمجھن ٿا خراب.

 

جيئن جو ھڪ ھسوار پاڻيءَ ۾ ڪريو،

پنھنجي پيرن کي رڪابن مان ڪڍيو.

 

بس گھڙيءَ ۾ ان جي گھوڙو ويو ٻڏي،

پاڻ آيو خير و خوبي سان بچي.

 

خود چيائين: شڪر موليٰ جو ڪيان،

مھرباني ڪئي خدا منھنجي مٿان.

 

مون کي بخشيائين حياتي آب ۾،

منھنجو گھوڙو غرق ٿيو گرداب ۾،

 

ھو ٻڏي ويو مان بچي نڪتس ھتي،

ھو ڪٿي آھي تھ مان آھيان ڪٿي.

 

ٻڌ سمورو راز رھ ويساھ ۾،

بيخودي سان اچ خدا جي راھ ۾.

 

غرق ٿيندين جسم سان پڪ ڄاڻ تون،

پنھنجي ھستي کي پري ڪر پاڻ تون.

 

جسم تنھنجو آھي گھوڙي جي مثال،

دور ڪر ھي ھوڏ ھستي جو وبال.

 

بس وچان ھن جسم خاڪي جو حجاب،

جي ھٽائيندين تھ ٿيندين ڪامياب.

 

جي اھو ھوندو تھ ٿيندين تون خراب،

يار جي رستي ۾ آڻيندو حجاب.

 

جسم جي جنجال کان آزاد رھ،

دوست جي درگاھ ۾ آباد رھ.

 

جسم جو بوتو صفا برباد ڪر،

پاڻ کي الله سان آباد ڪر.

 

ھي سموري ڄاڻ اونداھي جي راھ،

آھي نازڪ حق جي آگاھي جي راھ.

 

ان جي رمزن کي سڃاڻيندين جڏھن،

دم اناالحق جو ھڻي سگھندين تڏھن.

 

حيف ھي رمزون نٿو سمجھي سگھين،

دام دوئي جي ۾ قابو ٿو رھين.

 

اچ ذرا ٽوڙي تھ ڏس ھن دام کي،

ڇا خبر ھن مام جي ڪنھن عام کي.

 

دام اھڙي کي جي ٽوڙيندين صفا،

سرخرو دارين ۾ ٿيندين صفا.

 

جيئن جو ڪجھھ دونھون ھوا ۾ ٿي ھليو،

ھڪ گدا ويجھو وڃي ان کان پڇيو.

 

”اي سيه پوشاڪ وارا ڳالھھ ڪر،

تون ھتان ڪاڏي وڃين ٿو ڪر خبر؟

 

ڏس تھ ڪھڙي جاءِ تان آئين ھتي؟

ھن جڳھھ تان تون وري ويندين ڪٿي؟“

 

ھن چيو، ”اي گودڙي وارا گدا،

غور سان ٻڌ، منھنجي غم جي ماجرا،

 

ڪا اچڻ توڙي وڃڻ جي سڌ نھ آھ،

پنھنجي ھستيءَ جي ھجڻ جي سڌ نھ آھ.

 

ھاءِ ڪاڏي ٿو وڃان ناھي پتو!

علم ڪجھھ ناھي سفر جي جاءِ جو.

 

ھي خبر ناھي تھ مان آيس ڪٿان!

مان نھ آيس ھن ھوا يا خاڪ مان.

 

بن وجود آھيان ڪٿي آھي وجود،

ڪين آھي منھنجي ھستي کي وجود.

 

بود ۽ نابود جو ناھي پتو،

مون کي حيراني ۾ ھن حيرت وڌو.

 

ڪير آھيان پاڻ ڇا آھيان سڄڻ،

سچ پڇين مون کان نھ ڪجھھ ناھيان سڄڻ.

 

ڇا مجال آھي جو ڪجھھ دونھون ڪري،

ڪجھھ نھ ھوندي ڪيئن ھجڻ جو دم ڀري.

 

تون نھ آھين آھي سڀ ڪجھھ ھڪ خدا،

تنھنجي ھستي آھي ان سان اي گدا.

 

بنسري کان ھيئن پڇيو ھڪ ھوشمند،

ڪنھن سبب کان تون رھين ٿي بند بند.

 

ڪيئن ڪرين ٿي ھي جدائي جي پڪار،

شوق منھنجو ٿو وڌي بي اختيار.

 

بنسري ان کي وراڻي ھي ڏني،

مون کي ناھي ڪا خبر آواز جي.

 

ڪير آھي جنھن جو ھي آواز آھ؟

پڇ انھيءَ کان جنھن جي ھٿ ۾ ساز آھ.

 

ھن پڇيو ٻيھر تھ ھي ڇا ٿي ڪرين؟

ڦوڪ سان سڀني کي ساڙي ٿي ڇڏين.

 

ھن چيو، ”اي ھوش وارا غور ڪر،

ناھي مون کي ڦوڪ واري جي خبر.

 

ڪير آھي جو ھي غوغا ٿو ڪري؟

پوش مان آواز پيدا ٿو ڪري؟

 

غور سان ڏس مون کي وچ ۾ تون نھ آڻ،

جو بھ آھي سو سمورو آھي پاڻ.

 

بيخبر ٿي پنھنجي ھستيءَ کان شتاب،

پاڻ کان پاسي رھي ٿي ڪامياب.

 

پاڻ ٿو ٻولي ٻڌي توڙي ڏسي،

تون نھ آھين پاڻ سڀ ڪجھھ ٿو ڪري.

 

”مان اسان“ واري خودي کي ڪر فنا،

پنھنجي ھستي کي وساري ڇڏي صفا.

 

تون نٿو ٻولين اھو ٻولي ٿو پاڻ،

تون نٿو ڳولين اھو ڳولي ٿو پاڻ.

 

”القوال“ اندر وڏو تجّار ھو،

جنھن جو ھڪ پٽ سونھن ۾ سردار ھو.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org