سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :8

جي گهري سر سڄڻ ڏئي ڇڏجي

باب تاريخ ۾ لکي ڇڏجي

 

جي وٺي ٿو ته ان جو قرض آهي

وقٽ کي ساهه سر ڏئي ڇڏجي

 

رات کان من منجهيل منجهيل آهي

ڪو غزل ئي سهي چئي ڇڏجي

 

محب ملندو نه آس ئي پڄندي

آهي بهتر ته بيخودي ڇڏجي

 

هرڻ حيران ٿي ڏسن اُن کي

اُن جي اکين تي ڪجهه چئي ڇڏجي

 

ڪهڙو نانگن جو ڪم گلابن سان

زلف آواره کي ٻـَڌي ڇڏجي

 

دل ڏئي پر نه سر ڏئي ڄاڻي

اهڙي عاشق کي بس ڪهي ڇڏجي

 

اُٿ اي مجروح دير ٿي ويندي

ميلو آهي متل کـِلي ڇڏجي

 

ڪراچي. 29-9-88ع

منهنجو انداز پراڻو ڪونهي

جو نه سمجهي سو سياڻو ڪونهي

 

سامهون طوفان آهي مشڪل جو

پنهنجي دنگيءَ ۾ ته داڻو ڪونهي

 

وقت جي ڪاڪ جا ڏسي فتنا

جيڪو موٽي اُهو راڻو ڪونهي

 

ماڻهو مجبور ٿيو ته ڏک آهن

نيهن ڪنهنجو به نماڻو ڪونهي

 

پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي وستيءَ ۾

ڇا چوان پنهنجو ٽڪاڻو ڪونهي

 

رات اوندهه سان خوش رهي پنهنجي

صبح جو نور اُجهاڻو ڪونهي

 

تنهنجو ايمان وڪيو سون مثل

ڪفر منهنجو سو وڪاڻو ڪونهي

 

ڪيسين مجروح پيڙهبو ماڻهو

زندگي ظلم جو گهاڻو ڪونهي

 

ڪراچي 5-2-87

اجايو ايڏو نه مايوس دوستو سمجهو

اڃا ته آهي حياتيءَ جي حسن ۾ حصو

 

اڃا به رنگ وڻن ٿا اکين کي مکڙين جا

اڃا به آهي بهارن سان روح جو رشتو

 

هينئر ته خير نٿا منهنجو ڪو خيال ڪريو

مري وڃان ته اجائي نه هاءِ هاءِ ڪجو

 

گذاريان ڪيئن پيو حياتي متان ڪو حال ڪريان

انهي ڪري ته هو مـُرڪي ڪڏهن ملي ئي نٿو

 

مان پنهنجي شهر، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي وستيءَ ۾

اڪيلو رهجي ويو آهيان منهنجو حال ڏسو

 

سخن جي ڏات مان ڪنهن کي ٿو ڪهڙو فيض ملي

ڏسڻ ٿا چاهيو ته مجروح جو مثال وٺو  

ڪراچي. 28-3-84ع

 

گلن جا رنگ ته ساڳيا ئي خوشنما آهن

رڳو نگاهه جا انداز بدلبا آهن

 

اڃا به ياد رهن ٿا سخن شناسن کي

ٻه شعرَ چاهه ۾ جي، تنهنجي مون چيا آهن

 

ڏسي بهار ۾ تنهنجي لبن جي لاليءَ کي

سوين گلاب منهنجي روح ۾ تڙيا آهن

 

وري وڃڻ جون ٿو ڳالهيون ڪرين سڄڻ منهنجا

اڃا ته مس وڃي هي لڙڪَ ڪجهه سـُڪا آهن

 

متان زماني کي تن ۾ ڪڏهن ڪرين شامل

ستم تو جيڪي به مون لاءِ سوچيا آهن

 

اڃا سي پيار جون ڇانڊوڪيون نٿيون وسرن

مڃان ٿو تو سان ملئي سال ٿي ويا آهن

 

ڪڏهن جي پيئندا ها مجروح ساڻ گڏ ويهي

سي شهر پنهنجي ۾ اڄ برک پارسا آهن

 

ڪراچي. 16-6-89ع

اهڙا حسين ماڻهو هن ديس ۾ رهن ٿا

نغمن جا گل ٽڙن ٿا مـُرڪي جڏهن ملن ٿا

 

ڪي ماڻهو زندهه هوندي به در گور ٿي وڃن ٿا

ڪي ماڻهو موت کان پوءِ به زنده سدا رهن ٿا

 

آهي مرڻ جيئڻ جو معيار ئي ٻيو ڪو

هي سودو سولو ناهي، سر نذر ٿي وڃن ٿا

 

ماڻهو ته ٿيا مسافر آيا مليا لڏي ويا

دنيا جا درد ليڪن دنيا ۾ ئي رهن ٿا

 

ڏسندين وري نه پيارا، راهن تي زندگيءَ جي

مجروح جهڙا ماڻهو صدين ۾ ئي اچن ٿا

 

ڪراچي. 1977ع

 

زندگي تنهنجو مون چيو نه ڪيو

دل جي ڳالهين ۾ سڀ وڃائي ڇڏيو

 

 

گسن تي گاهه ٿيا، گل ڦٽا ته ڇا ٿي پيو

اسان کان پوءِ جي مينهڙا وٺا ته ڇا ٿي پيو

 

اسان کي پار پرين جي ته نيٺ وڃڻو آهه

ڪنارو ڏور مخالف هوا ته ڇا ٿي پيو

 

اسان سچائي کي سينگاري آندو شعرن ۾

انهيءَ تي دوست ڪي آهن خفا ته ڇا ٿي پيو

 

نه ڪنهن تي ٻاجهه،نه ڪنهن تي ڪرم، نه ڪنهن تي عطا

هـُو پنهنجي زُعم ۾ بڻيو خدا ته ڇا ٿي پيو

 

هـُو مهربان آ سمجهي ٿو دل جي جذبن کي

ڪڏهن ڪري به ڇڏي سون خطا ته ڇا ٿي پيو

 

اها ته حسن جي فطرت آ، ان جو غم ڪهڙو

نه ٿي سگهي ڪڏهن اُن کان وفا ته ڇا ٿي پيو

 

غزل چوڻ جي ته مجروح کي ڪا ڏات آهي

زمانو داد نه ڏيندو ڀلا ته ڇا ٿي پيو

ڪراچي. 2-7-1984ع

هر ستم هر جفا روا آهي

زندگي آهي يا سزا آهي

 

بستي بستيءَ ۾ پيار تي پهرو

ماڻهو ماڻهوءَ کان ڄڻ خفا آهي

 

وئي بدلجي هوا زماني جي

دردمندن جو بس خدا آهي

 

نغمئهِ شوق کان فغان تائين

منهنجي جذبن جي ارتقا آهي

 

جيئن ڪا صحرا ۾ ڪونج ڪرلائي

اهڙي مجروح جي صدا آهي

 

زهر جو ڍُڪ ئي ڏيو ها يارو

منهنجا همدرد ٿيو ها يارو

 

پوءِ نه اوندهه به اچي ها ويجهو

پنهنجي جذبن سان جيو ها يارو

 

شهر م شور هو قيامت جو

ڪجهه ته بيدار ٿيو ها يارو

 

اُن جي محفل ۾ باريابيءَ لئه

مون کي الزام ڏيو ها يارو

 

مون کي سڏيو ها رول راتين جو

سـُرخرو ڪجهه ته ٿيو ها يارو 

ڪراچي.  1990ع 

چهري تي ڪجهه محبتون ڪجهه وحشتون سجائي

هڪ شخص آهه جو جانبِ صحرا پيو اچي

 

جهوليون ڀريو گلن سان ۽ ٿي با ادب بيهو

هن شهر ۾ هو حسن سراپا پيو اچي

 

آيو مليو ٻين سان ۽ موٽِي هليو ويو

آءٌ دل ۾ خوش ته منهنجو مسيحا پيو اچي

ڪراچي. 1985ع

 

مجبورين ۾ لڙڪ وهائي نٿو سگهان

اي زندگي مان توکي لڄائي نٿو سگهان

 

آهي انهن ۾ نور تنهنجي چشمِ ناز جو

تارن سان دل جا داغ مـَٽائي نٿو سگهان

 

تنهنجي طلب نه تنهنجي تمنا نه تنهنجي ياد

هي ڪهڙو دور آهي ٻڌائي نٿو سگهان

 

تون ئي ٻڌاءِ اي غم دنيا مان ڇا ڪريان

توکان ته پنهنجو پانڌ ڇڏائي نٿو سگهان

 

گذري ويا جي قربت علوي ۾ ڏينهڙا

اي گردشِ زمانا ورائي نٿو  سگهان

 

مجروح اهلِ درد جون مجبوريون ته ڏس

توکي به پنهنجو حال ٻڌائي نٿو سگهان

 

حيدرآباد 1962ع

بس رڳو حوصلو هجي دل جو

رخ  بدلجي سگهي ٿو مشڪل جو

 

هر ڪو بيگانو، هر ڪو ديوانو

هي ڏٺم رنگ تنهنجي محفل جو

 

ڪير ٿو ماري مرڪي مقتل ۾

هي به احسان منهنجي قاتل جو

 

شور طوفان جو اچي پهتو

مون نظارو ڪيو پئي ساحل جو

 

ڪراچي. 1989ع

تنهنجو غم آهي ڄڻ خوشي صدقي

تو تان صدقي اي زندگي صدقي

 

ڪنهن کي منزل ته ياد ئي ڪونهي

تنهنجو انداز ِ رهبري صدقي

 

آءٌ تنها به آهيان هڪ محفل

اي طبيعت جي روشني صدقي

 

بي رخي ، سا به دلفگارن سان

واهه تنهنجي هي بي رخي صدقي

 

ڪراچي. 1949ع

جيڪي دل تي وهي سو نه دهرائجي

دوستن کي اجايو ڇو شرمائجي

 

سونهن جون ان جي هر ڪنهن سان ڳالهيون ڪري

حسن اُن جو نه  دنيا کان نظرائجي

 

ڪنهن سان ليکو نه پنهنجي وفا جو ڪجي

ريت اهل محبت جي ورجائجي

 

متان دل جو ڪو گهاءُ اُڀري پوي

نه اکين کي اکين سان ٽڪرائجي

 

ڪراچي. 1980ع

 

فخر آهي گردشن تي آسمان کي دوستو

آزمايون ڇو نه شوقِ بيڪران کي دوستو

 

هيئن نه آزاريو هجومِ عاشقان کي دوستو

دل سان دهرايو حديثِ دلبران کي دوستو

 

وقت جي اونداهي ڪـُنَ مان ڪا صدا ايندي ضرور

ظلم بخشي ٿو زبان هر بي زبان کي دوستو

 

سر جو سودو هو، ڪري پهتس وڃي پريان جي پار

مشڪلن آسان ڪيو، هر امتحان کي دوستو

 

ڪنهن به لحظي جي خبر ڌرتيءَ کي ڌوڏي ٿو سگهي

ڪجهه ته سمجهو وقت جي آتش فشان کي دوستو

 

جيئن اچي هر شعر مان سـُرهاڻ ان جي زلف جي

دلڪشي اهڙي ڏجي طرزِ بيان کي دوستو

 

اڄ غزلخوان آهي مجروحِ محبت بزم ۾

ڪا خبر پهچايو يارِ قدردان کي دوستو

 

ڪراچي. 6-11-1986ع

اهو غم ئي آهي متاع دل جي چئين ته توتان فدا ڪريان

هونئن ٻيو ته ڪجهه نه ڪري سگهيس ائين تنهنجو هق ئي ا دا ڪريان

 

تو جو حال منهنجي تي مرڪيو، ٿيو ساهه ۾ منهنجي سوجهرو

هاڻي آهي دل جو هي فيصلو، ته پيو عرض حال سدا ڪريان

 

هُو جو واٽ ويندي ملي وڃي، ڪو نئون گلاب ٽڙي پئي

ڪو نئون خيال اچي وڃي، جو غزل ۾ پنهنجي ادا ڪريان

 

هو ته منهنجي دل جي زبان آهه، منهنجو روح آهه منهنجي جان آهه،

۽ عشق جو منهنجو مان آ، پوءِ ان جي ڪئين آءٌ گلا ڪريان


*  مير شفيع احمد علوي اوج شڪارپوري مرحوم منهنجو مهربان ۽ مخلص دوست

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org