سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :5

ڪو شعر چوڻ ۽ سچ به لکڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا مٺا

۽ سو به وري سـُر لئي سان پڙهڻ ڪا راند ته ناهي منهنجا مٺا

 

هر ڏک جي آهه لذت به جدا، صورت به جدا، قيمت به جدا

هر ڏک جو پر اڀياس رکڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا مٺا

 

هي جذبو منهنجو پنهنجو سهي پر حوصلو تنهنجي پيار ڏنو

نه ته لحظي لحظي زهر پيئڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا مٺا

 

ڪنهن گل جي رنگ ۽ خوشبو کان، ڪنهن رات جي چنڊ ۽ تارن کان

ڪنهن ماڻهوءَ کي محروم ڪرڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا مٺا

 

محبوب سان دل جون ڳالهيون ڪرڻ دنيا سان نئون انداز سخن

پابند روايت جو به هجڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا مٺا

 

جا پيڙا پربت ڏاريو ڇڏي ۽ ماڻهوءَ جو من ڳاريو ڇڏي

تنهن پيڙا سان پرچاءُ ڪرڻ، ڪا راند ته ناهي منهنجا مٺا

ڪراچي.  31-7-1984ع

 

پيار ۾ پنهنجو هي اصول ٿيو

جيڪي سڄڻن چيو قبول ٿيو

 

وقت جا پيچرا ڪٿي ٿا کٽن

رهبرن سان رلڻ فضول ٿيو

 

حسن جي تنهنجي شل هجي شهرت

مون کي رسوا ٿيڻ قبول ٿيو

 

توکي ٽڙندو ڏسي بهارن سان

مون تي نغمن جو ڄڻ نزول ٿيو

 

عشق ئِي دين عشق ئي دنيا

عشق رَحمت بڻيو رسول ٿيو

 

دور دنيا جا پيا اچن ۽ وڃن

آهي مجروح ڇو ملول ٿيو

ڪراچي. 1973ع

 

ڳالهيون نه ڳڻ نه زخم ئي دل جا شمار ڪر

ڪنهن سان وفا ڪرين ٿو ته ديوانه وار ڪر

 

هرڪو کِلي چئي ته اچي ٿو ستم زده

اُن کي نه اُن جي غم کي ائين آشڪار ڪر

 

ڪنهن طرح زلفِ يار جي سرهاڻ آڻي ڏي

مون تي ڪرم تون ايترو بادِ بهار ڪر

 

ظاهر ڪڏهن نه ٿيندو، تنهنجو غم جهان تي

جي ٿي سگهي ته مون تي رڳو اعتبار ڪر

 

منهنجي اڱڻ به آس جون مکڙيون ٽڙي پون

رستو ڪو اهڙو موج صبا اختيار ڪر

 

شامِ غزل جي سونهن ۽ ساٿين جي قرب سان

ڪي لحظا زندگيءَ جا اچي خوشگوار ڪر

 

آءٌ ته پاڻ ئي پيو کلان پنهنجي حال تي

توکي هي ڪنهن چيو ته اکيون اشڪبار ڪر

 

لڙڪن کي منهنجي جيئن تنهنجو دامن ملي سگهي

تدبير ڪا ته اهڙي منهنجا غم گسار ڪر

 

مجروح هن زماني جون سڀ چاهتون ڇڏي

دل ٿي چئي سدا پيو پرينءَ جي پچار ڪر

ڪراچي. 7-8-1991ع

 

ڏکن تي پنهنجي کلان ٿو الائي ڇا آهي

فريب دل کي ڏيان ٿو الائي ڇا آهي

 

وري به تنهنجي تمنا وري به تنهنجو خيال

هي ڪهڙا خواب ڏسان ٿو الائي ڇا آهي

 

جڏهن زماني ڏني ڪا سزا وفائن جي

مان بي خبر ٿي چوان ٿو الائي ڇا آهي

 

هي رنگ رنگ بهارون هي آب آب اکيون

تضاد ڪيڏو ڏسان ٿو الائي ڇا آهي

 

خلوص ۽ قرب جون ڳالهيون ٻڌي زماني ۾

مان دوستن ڏي ڏسان ٿو الائي ڇا آهي

 

ڪڏهن ڪڏهن ته اي مجروح سوچڻو ٿو پئي

مان ڪنهن جي سڪ ۾ جيان ٿو الائي ڇا آهي

اوهان جا ڀاڳَ اوهان لاءَ جنتون آهن

اسانجي راهه ۾ حائل قيامتون آهن

 

هي ڪهڙي دور مان گذري پيو قافلو پنهنجو

صبح ۽ شام جون ساڳيون ئي صورتون آهن

 

وڃي ته ڪيڏانهن وڃي پيار جو ڪٺل ماڻهو

قدم قدم تي حياتيءَ جون وحشتون آهن

 

سدا بهار هجن ڏک نه زندگيءَ ۾ ڏسن

اُهي ئي جن جي نگاهن ۾ چاهتون آهن

 

لٿل لٿل ٿا ڏسون چهرا غم گسارن جا

اڃا به ڪهڙيون اسان لئه عقوبتون آهن

 

جي ڪنهن کي پيش ڪريون پاڻ شرمسار ٿيون

اسان جي جهولي ۾ مجروح تهمتون آهن

ڪراچي. 1984ع

 

جڏهن جوڳي هتان رمي ويندا

توکي سـُورن جي سڌ ڏئي ويندا

 

ڪانه ڏيندا ميار ماڻهن کي

سورَ صدما ستم سهي ويندا

 

سڪ جي سـُرهاڻ مـُرڪ جا موتي

تنهنجي جهوليءَ ۾ سڀ وجهي ويندا

 

رڻ جا راهي ڪٿي ٿا رات رهن

لڪَ لنگهي لوڪ کان لڪي ويندا

 

پوءِ ايندا نه جـُوءِ ۾ جاني

آس جا سڀ ڏيا اجهي ويندا

 

آهي دنيا سمونڊ سورن جو

ڪي ٻڏي ويندا، ڪي تري ويندا

 

دردَ تنهنجا هجن يا دنيا جا

ڏک ڏکن سان رِلي ملي ويندا

 

آهين مجروح ايڏو ڇو مايوس

رُت بدلبي ته ڏک لهي ويندا

 

ڪراچي. 24-6-1984ع

بس انهي سوچ ۾ سدا آهيان

ڪجهه نه آهيان ته نيٺ ڇا آهيان

 

تون بهارن جو دلربا نغمو

آءٌ صحرا جي ڄڻ صدا آهيان

 

ڪيئن ڏسان لڙڪ اُن جي اکين ۾

جنهن جي هر مـُرڪ تي فدا آهيان

 

مون کي ڳولهيندين ڪهڙي راهن تي

آءٌ رڻ جي ٿڌي هوا آهيان

 

آءٌ پنهنجي وجود ۾ رهندي

پنهنجي ئي روح کان جدا آهيان

 

غم جو مجروح هي اثر آهي

اڄ زماني ۾ بي بها آهيان

 

ڪراچي. 6-3-1988ع

 

نيهن اڙائي ويٺو آهيان

درد پرائي ويٺو آهيان

 

دل جي پراڻي ديوارن تي

زخم سجائي ويٺو آهيان

 

اُن جي زلفن جي خوشبوءَ سان

من مهڪائي ويٺو آهيان

 

واچوڙن جي واٽ سهي پر

جوت جلائي ويٺو آهيان

 

پاڇن پويان ڊڪندي ڊڪندي

پاڻ وڃائي ويٺو آهيان

 

اس جي هڪ هڪ مکڙِي ميڙي

باغ بڻائي ويٺو آهيان

 

کير پياريندي نانگن کي

ڏنگَ پرائي ويٺو آهيان

 

بيخود راز گراميءَ جهڙا

دوست وڃائي ويٺو آهيان

 

ڇا ٿو گهري مجروح زمانو

گهر ته لـُٽائي ويٺو آهيان

ڪراچي. 21-10-1988ع

 

تنهنجي ويجهو جڏهن به آياسين

سورَ ويتر، وڏا  پرايا  سين

 

توکي ڇڏيوسين خوش بهارن سان

حادثا پنهنجي سِرَ وساياسين

 

وقت آيو ته شاهڪار ٿيا

جيڪي  لفظن جا چٽ بڻاياسين

 

پوءِ به مقروض آهيون يارن جا

هونئن ته ليکا سوين چڪاياسين

 

دل ۾ هيري ڪڻين جيان ٿا لهن

لڙڪ اکين ۾ جي لڪاياسين

 

ڪو نه ويٺاسون ڇانوَ ۾ تن جي

جي شجر شوق مان لڳاياسين

 

دل جي جذبن جي ترجماني لئه

شعر مجروح جا ٻڌاياسين

ڪراچي 4-2-1987ع

 

اکين کي انتظار به هاڻي ڪٿي رهيو

هو يار غمگسار به هاڻي ڪٿي رهيو

 

بس تنهنجو قرب آهي ته دنيا کي ڇا ڪبو

دل کي هي اعتبار به هاڻي ڪٿي رهيو

 

جنهن جي زيان ۾ به هئو دل جو فائدو

سو غم جو ڪاروبار به هاڻي ڪٿي رهيو

 

هر شام اُجهندو ٻرندو هئس جنهن جي آس ۾

اُن بت جو انتظار به هاڻي ڪٿي رهيو

 

زلفن کي تنهنجي پيار جي وڻڪار ٿي چيم

مون کي سو اختيار به هاڻي ڪٿي رهيو

 

راتين جو رول سڏبو هو جو تنهنجي شهر ۾

سو تنهنجو بيقرار به هاڻي ڪٿي رهيو

 

هو محفلن جو مور ۽ يارن جو سدا يار

مجروح دلفگار به هاڻي ڪٿي رهيو

ڪراچي 13-4-1989ع

 

هيءَ تمنا ته جيسين جڳ ۾ جيان

چنڊ تارن جي محفلن ۾ رهان

 

آهي پياسي هي درد جي ڌرتي

ساهه سانوڻ هجي ته خوب وسان

 

رنگ ۽ خوشبو جا قافلا آڻي

تنهنجي راهن تي گل وڇائي ڇڏيان

 

منهنجي شعرن سان منهنجي پرک ٿئي

شل اکين سان اِهو مقام ڏسان

 

آس بڻجان اُداس اکين جي

ڪنهن کي مايوسين ۾ شل نه ڏسان

 

تون ئي دل ۾ وسين تون اکين ۾

تون ئي چئو توکي ڪهڙو نانءُ ڏيان

 

دل ۾ اڪثر خيال ايندو آهه

ڪير آهيان مان، ڪنهن کي پنهنجو چوان

 

چاهي سوَ ڏکَ هجن يا ڏوراپا

توسان جڏهن ملان ته مرڪي ملان

 

غم جي مجروح اُداس راتين ۾

ڪنهن جي قربت جي ٿڌڙي هير گهران

ڪراچي. 1984ع


*  مرحوم ڊاڪٽر اسدالله شاهه ٽکڙائي.

*  راز بـلڙائي.

*  مولانا غلام محمد گرامي مرحوم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org