سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :4

حليم جوش جو تبصرو ڪراچيءَ جي ابتدائي ادبي تاريخ جو هڪ باب آهي.جو ذهن ۾ ڪيترين ئي پراڻي يادگيرين کي تازو ڪريو ڇڏي. ادب جي نئين قاري لاءِ هي هڪ معلوماتي مواد به آهي. انهي سان گڏ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو تبصرو پڻ نهايت محنت ۽ وسعتِ نظر  سان لکيو ويو آهي. آءٌ انهن تبصرن تي وڌيڪ تبصرو نه ڪندس ، جيڪي ڪجهه اهي پڙهندڙن آڏو پيش آهي.

پيار ۾ پنهنجو هي اُصول ٿيو

جيڪي سڄڻن چيو قبول ٿيو

07-02-1992                         علي محمد مجروح

 

ربّ ڪائنات جي حضور

ذري ذري مان نمايان تنهنجي قدرت اي خدا

تنهنجي هر تخليق ۾ آهه تنهنجي عظمت اي خدا

ٻاجهه سان تنهنجي ٻڏل ٻيڙا ڪناري تي رسن

راهبر طوفانِ غم ۾ تنهنجي رحمت  اي خدا

ظلمتن کان سو زماني جي نٿو هر گز ڊڄي

جنهن بشر جي دل ۾ روشن نورِ وحدت اي خدا

آهي تنهنجي بندگيءَ ۾ زندگيءَ جي آبرو

سرخرو ٿيو جنهن به ڄاتي هيءَ حقيقت اي خدا

تنهنجي سڪ ۾ جا لـُڇي، تنهنجي تمنا ۾ جِيئي

ڪيئن رهي تنهن دل ۾ دنيا جي محبت اي خدا

جي ٿئي قربان تنهنجي راهه ۾ ٻيو ڇا کپي

زندگي مجروح جي تنهنجي امانت اي خدا

 

زندگيءَ جي بهار تون آهين

منهنجي دل جو قرار تون آهين

 

سوز تنهنجو ئي منهنجي نغمن ۾

روح جو رازدار تون آهين

 

تو سوا ڪنهنجو آسرو مون کي

منهنجو پروردگار تون آهين.

 

بارگاه رسالت ۾

 

نانءُ تنهنجو جڏهن ٿو وٺان ڪارڻي

سڪ جو ساگر ٿو بڻجي پوان ڪارڻي

 

ٿا جيئن جيئن زماني جا فتنا وڌن

ٻاجهه ٻيئڻي ٿو تـُنهنجي ڏسان ڪارڻي

 

ڳولهي ڳولهي ٿڪس ڪا نه منزل ملي

تنهنجي در کي ڇڏي ڇو رلان ڪارڻي

آءُ به آهيان ٿڪو، رڻ به آهي تتو

ڇانوَ ۾ تنهنجي هلندو هلان ڪارڻي

 

قرب جي هن قريني کي ڪريو قبول

آهي مون وٽ غزل جي زبان ڪارڻي

 

لطف تنهنجي هي دل ڪي ڏنو حوصلو

زهر جا ڍُڪ ٿو مـُرڪي پيان ڪارڻي

 

پنهنجي مجروح تي مهر مـُرسل ڪريو

وقت جا مرحلا بي ڪران ڪارڻي

 

غزلَ

 

جيڪي به حسن يار  تنهنجيون خوبيون هيون

سي سڀ غزل ۾ پنهنجي مون آڻي جمع ڪيون

 

مجروح جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هو ڏاڍو دلبر ماڻهو هو

خاميون به منجهس شايد ڪي هجن پر پوءِ به  بهتر   ماڻهو هو

خوشيون به ڏٺائين دنيا ۾ ۽ ڏک به اڪثر ڀوڳيائين

پر ٻڙڪ نه ٻاهر ڪڍيائين هو اهڙو خود سر ماڻهو هو

ڪراچي. 1990ع

 

پهرين سڄڻ جي سونهن سان سينگار جي سخن

جيڪي وڻن پوءِ جڳ جون ويهي ڳالهيون ڪجن

 

جن جي ڏسڻ سان روح ۾ ٽڙيو پون گلاب

اهڙا ته رنگ چهري تي اُن جي سدا هجن

 

وارن جا وَر کلن ته ٿئي شام شهر ۾

رخ تان هٽن ته صبح جا ڄڻ سانگ پيا لگن

 

مـُرڪي ملي جي دل جا وڌائن ٿا حوصلا

سي منهنجا دل نواز، نه دنيا ۾ ڏک ڏسن

 

گذري ويا جي خواب جيان لحظا قرب جا

سرهاڻ بڻجي ساهه ۾ سي اڄ به ٿا رهن

 

مون کي ٻڌايو رات سمنڊ موج موج ٿي

ڪنڌيءَ تي ٿي وهڻ سان ته موتي نٿا ملن

 

مجروح ڪيئن درد جي هيءَ رات گذرندي

دل ۾ ته ڪنهنجي ياد جا نشتر پيا چڀن

ڪراچي. 17-10-1988ع

 

اوهان کي ڪهڙي خبر ڪيئن پيا جيون يارو

ٻڌايون حال ته بدنام ٿا ٿيون يارو

 

اگرچه رات جي اوندهه ۾ ٿا رهون يارو

صبح جي ساکَ زماني کي ٿا ڏيون يارو

 

اوهان جي دارو رسن تي سدا بهار هجي

اسان ته پاڻ کي الزام ٿا ڏيون يارو

 

اوهان به لعل و گوهر جا ٿيوَ تمنائي

هي زخم دل جا ڀلا ڪنهن کي آڇيون يارو

 

ڪڏهن قفس، ڪڏهن مقتل، ڪڏهن فرازِدار

اسان جي ڀاڳ ۾ آهن هي بستيون يارو

 

اسان جي خون سان آهي چمن جي رنگيني

اسان جي دم سان بهارن جون شوخيون يارو

 

رُئن اُهي جي هجن  سڌڙيا سـُکن جا سدا

اسان ته پاڻ ٿا سورن کي سانڊيون يارو

 

اوهان جي شهر ۾ آهن ٻيا به ديوانا

اسان ته مفت ۾ بدنام ٿا ٿيون يارو

 

اچي بهار ته مجروح کي به ياد ڪجو

انهيءَ به هجر ۾ راتيون گذاريون يارو

حيدرآباد. 1962ع

 

ها جڏهن سوري سڏيندي دوستو

عاشقن جي عيد ٿيندي دوستو

 

ياس جي ويران راهن تان وري

زندگي مرڪي مٽيندي دوستو

 

رات ڪاري قهر واري ئي سهي

رات آهي نيٺ ويندي دوستو

 

جي وڃو مشڪل ۾ سڀ اکيون مٽي

مون کي حيرت ڪا نه ٿيندي دوستو

 

هاڻي آهون روڪيو، ڳوڙا اُگهو

زندگي الزام ڏيندي دوستو

 

اڄ ته ڏاڍا وڄ پئي واڪا ڪري

ڪنهنجي گهر مهمان ٿيندي دوستو

 

سڀ پيا مجروح کي چريو چون

اهڙي ڪا بيداد ٿيندي دوستو

حيدرآباد. 1963ع

 

هي روز جيئڻ روز مرڻ راند ته ناهي

اي منهنجا سڄڻ پيار ڪرڻ راند ته ناهي

 

دل خون ٿئي ٿي ته وڃي رات کٽي ٿي

هن درد جي ڏونگر جو ڏرڻ راند ته ناهي

 

هر لفظ تنهنجي سونهن منهنجو ساهه گهري ٿو

شعرن ۾ اهو رنگ ڀرڻ راند ته ناهي

 

هي عشق جي عظمت به ته ڪنهن ڪنهن کي ملي ٿي

سوريءَ تي چڙهڻ مـُرڪي مرڻ راند ته ناهي

 

هر  لحظي نئون زخم، نئون درد، نئون داغ

انعام وفائن جو گهرڻ راند ته ناهي

 

مجروح سان ملندي ته هي محسوس ڪندي تون

انسان جو ٿي شمع ٻرڻ راند ته ناهي 

ڪراچي.  06-7-1971ع

 

دل جي حقيقت ڪو به نه ڄاڻي

ڇا هي محبت ڪو به نه ڄاڻي

 

حسن جي فطرت ڪو به نه سمجهي

عشق جي قسمت ڪو به نه ڄاڻي

 

اَئي آهي موٽي ويندي

سـُک جي ساعت ڪو به نه ڄاڻي

 

مـُرڪ تي شيدا دنيا ساري

لـُڙڪ جي قيمت ڪو به نه ڄاڻي

 

اَس جي دنيا روشن روشن

ياس جي ظلمت ڪو به نه ڄاڻي

 

هرڪو اکين جي آس پڄائي

روح جي راحت ڪو به نه ڄاڻي

 

ياد جا نشتر تير ڏکن جا

دل جي حالت ڪو به نه ڄاڻي

حيدرآباد.  1960ع

ڪشالا راهه جا وسرن ته وهه وا

اڃا ڪي همسفر  گڏجن ته وهه وا

 

ڀرم پوندو کلي خود راهبر جو

وري ڪي قافلا ڀٽڪن ته وهه وا

 

عجب اوندهه ٿي ڏسجي زندگي ۾

ڪي شعلا حسن جي ڀڙڪن ته وهه وا

 

اکيون جن جون نشيليون نيهن واريون

ڪڏهن ڪنهن موڙ تي گڏجن ته وهه وا

 

بچي ها دل فريب دوستي کان

هجن هي دوست جي دشمن ته وهه وا

 

اسان جو ساهه ئي سوريءَ ۾ آهي

قفس جا ڏينهڙا ڪٽجن ته وهه وا

 

اهوئي زندگيءَ جو نور آهي

جگر جا داغ پيا جرڪن ته وهه وا

 

انهيءَ سان حوصلو دل جو وڌي ٿو

اڃا ڪي حادثا گذرن ته وهه وا

 

سـُکن جون ساعتون، ماضيءَ جون مستيون

رُسي مون کان وري پرچن ته وهه وا

 

اهي مجروح جا افسانا يارو

وسارڻ سان به جي وِسرن ته وهه وا

 

حيدرآباد. 23-1-1962ع

آءٌ تنها مٿي تي ڏکن جي ڀري

آهي ڪيڏي پري منزلِ زندگي

 

منهجي احساس ۾ درد جي تازگي

منهنجي اشعار ۾ پيار جي چاشني

 

بي رخيءَ سان سهي پر اُها هڪ نظر

نيٺ بڻجي وئي حاصلِ زندگي

 

مون سان گڏجي هلو ناهي منزل پري

ڇا ڪبي رهبري ڇا ڪندي رهزني

 

تنهنجي هڪڙي ادا، تنهنجي هڪڙي نظر

زندگي زندگي، روشني روشني

 

تون ته مجروح جو ڄڻ غزل پيو لڳين

سادگي دلڪشي، نغمگي، نازڪي

حيدرآباد. 1962ع

 

هي لـُڙڪ جي اکين مان بڻي آب وهن ٿا

هڪ آک لڳائن ٿا جڏهن دل ۾رهن ٿا

 

سي گردشِ تقدير کان بيگانا رهن ٿا

جي تنهنجي جفائن جا ستم روز سهن ٿا

 

جي تنهنجي محبت ۾ مرن ٿا نه جيئن ٿا

هن شهر م اهڙا به ڪي ديوانا رهن ٿا

 

پيغام جڏهن تنهنجي نگاهن جا اچن ٿا

ديوانا وڌي دار جو سينگار ٿين ٿا

 

طوفان بلاخيز جو نظارو نه ڏس تون

موجن جي اُڇل ۾ ته ڪنارا به ٻڏن ٿا

 

مجروح جي بربادي جا افسانا ڇڏي ڏي

تون زنده رهين اهڙا ستم روز ٿين ٿا

حيدرآباد. 1961ع

 

قدم قدم تي نئون روز حادثو آهي

جِيئي ۽ خوش به رهي ڪنهنجو حوصلو آهي

 

ڪڏهن ڪڏهن جو نهاري ٿو ناز مان مـُرڪي

اِهو ئي پنهنجي جياپي جو آسرو آهي

 

غزل ۾ تنهنجي جوانيءَ جو شوخ رنگ سهي

مگر هي دل جي حقيقت جو تذڪرو آهي

 

اِجهو ٿا پهچون  اِجهو، حوصلو رکو يارو

ديارِ دوست ۾ ٿورو ئي فاصلو آهي

 

اسان کي ظلمتِ شام قفس جو خوف ڪٿي

اڃآ ته اَنجمنِ دل ۾ سوجهرو آهي

 

ستاءِ جيڏو ستائي سگهين ٿو پير فلڪ

اهو به ياد رهي مون سان واسطو آهي

 

نه مـُرڪ آهي چپن تي نه لڙڪ اکين ۾

الائي منهنجي طبيعت کي ڇا ٿيو آهي

 

شراب ناهي ته مجروح دل جو خون سهي

اسان کي گردشِ ساغر سان واسطو آهي

حيدرآباد. 1960ع

 

ستم جيڪي دل تي ٿيا دوستو

اسان کان ته وسري ويا دوستو

 

هي واعظ هي ناصح هي شيخِ حرم

سڀيئي پرکجي پيا دوستو

 

اگر بـُت ڪنهن آذرَ جو پـُرزا ٿيو

اشارا سان ڏي ٿيا دوستو

 

سڏيو ڀل حوادث جي طوفان کي

اڃا ڪي ٻرن ٿا ڏيا دوستو

 

هئا دشتِ غربت ۾ جي هم سفر

خدا ڄاڻي ڪيڏانهن ويا دوستو

 

اسان جي نگاهن سان تڪرائجي

ڪي پيمانا ڇلڪي پيا دوستو

 

سرِ دار پهچي نه پويان ڏسو

وسيلا وڇڙجي ويا دوستو

 

زماني سان اکيون ملائي هلو

زمانا بدلجن پيا دوستو

حيدرآباد. 1961ع

 

اسان قرب جا قول پاري ڇڏيا

اسان زلف تنهنجا سنواري ڇڏيا

 

اوهان دردمندن کان بيزار ٿي

ڪرم جا قـَرينا وساري ڇڏيا

 

اسان غم جي طوفان جي باوجود

ڏيا آرزوئن جا ٻاري ڇڏيا

 

اوهان هڪ نظر سان سرِ انجمن

ڪي ماري ڇڏيا، ڪي جياري ڇڏيا

 

ڪجي ڪهڙو ارمان مجروح جو

زماني ڪئين مير ماري ڇڏيا

حيدرآباد. 1960ع

 

تنهنجي لب و رُخسار کي عنوان بنائي

ويٺو ڪو زماني جا ستم روز ٻڌائي

 

هر دم تنهنجي مخمور نگاهن جو تصور

مون کي ته زماني کان ٿو بيگانو بنائي

 

روڪي ٿو صبا کي نه اچي ڪنجِ قفس ڏي

ڪيڏو نه اسيرن کي ٿو صياد ستائي

 

هي دور ته دنيا جا اچن ٿا ۽ وڃن ٿا

ساقيءَ کي چئو دور ته ساغر جو هلائي

 

آخر به ڪندا لڙڪ وهي راز هي پڌرو

ڪو تنهنجي تمنا کي ڀلا ڪيڏو لڪائي

 

اکين تي اِهي عشق ۾ ناڪاميون ليڪن

هو منهنجي نگاهن سان نگاهون ته ملائي

 

ڇو بزمِ سخن ۾ هي اداسي پئي ڏسجي

مجروح کي آڻيو ته ڪو محفل کي مچائي

حيدرآباد. 1962ع

هن منهنجي شهر حسن ۾ ٽڙندا رهن گلاب

دنيا جي ڪوسي واهه کان آجا هجن گلاب

 

مـُکڙن تي دلبرن جي هجن رنگ سونهن جا

مـُرڪن ته ڄڻ بهار ۾ ٽڙيا هجن گلاب

 

مايوسين جو مـُور نه موسم ڪڏهن اچي

هر ڪنهن اڱڻ تي آس جا کِڙندا رهن گلاب

 

الله نه آڻي وقت، جو ڌرتيءَ جي آڳ ۾

بي وس ٿي شاخ تي ڪوماڻجن گلاب

 

مجروح جي ته دل جي دعا آهي اي خدا

ڳاڙها سدائين ڳاڙها ئي ڳاڙها هجن گلاب

ڪراچي 1991ع

 

سوچي سوچي ٿڪندو آهيان

 پاڻ تان پاڻ ئي کلندو آهيان

 

پهڻ ته ناهيان هن ڌرتيءَ تي

لحظي لحظي لڇندو آهيان

 

ڏاڍو گهرو سوچ جو ساگر

اڪثر ٻڏندو ترندو آهيان

 

ڪهڙا هوندا رنگَ گلن جا

موسم موسم سڪندو آهيان

 

سچ ته آهيان ڪو ديوانو

تو کي پنهنجو چوندو آهيان

 

ڏوراپا پڻ توکي ڏيان ٿو

آس به تنهنجي رکندو آهيان

 

وقت جي رڻ ۾ رُلندي رُلندي

شعر غزل جا لکندو آهيان

 

جتي گڏيا سون تن راهن تي

جوڳي بڻجي رُلندو آهيان

 

ياد ڪري مجروح جون ڳالهيون

من ئي من ۾ کلندو آهيان

ڪراچي. 1984ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org