سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :12

پوءِ تون مون کي ياد ڪندين

                             

               آءٌ نه هوندس جڏهن او پيارا،

               پوءِ تون مون کي ياد ڪندين

               هي ڪمرو جنهن ۾ اڄ رهون ٿا

               مستقبل جا خواب ڏسون ٿا

               ڪڏهن کلون ٿا، ڪڏهن رئون ٿا

               ڪڏهن وڙهون ٿا ۽ پرچون ٿا

               انهيءَ جي ديوارن ۽ درن مان

               ٽيپ تي وڄندڙ ڪن نغمن مان

               منهنجي جڏهن خوشبو ايندي

               پوءِ تون مون کي ياد ڪندين......

                پر آءٌ نه هوندس تڏهن او پيارا

               مون تو  لئه جيڪي گيت لکيا

               ۽ چاهه ۾ جيڪي غزل چيا

               ڪنهن طرح اُهي ڇپجي نه سگهيا

               افسوس ته ان تي ٿيندءِ پر

                هن مايا موهه جي وستيءَ ۾

               ڪو ميت نه ڪنهنجو آهي مٺا

               ۽ ڪنهن تي ميار به ڇا هي مٺا

               هي ڪم به ته سولو ناهي مٺا

                پر خير اِهي ڇپجي نه سگهيا

               تو لاءِ هئا، تو وٽ ئي رهيا

               هي شعر جي تنهنجي ڪم ۾ اچن

               جي هڪ اڌ ويلو ٽاري سگهن

               ته ڪنهن کان کڻي وڪڻي ڇڏجان

               پر مون کي ياد ضرور ڪجان

               جڏهن اُتر جي هوا هلي

               جڏهن ڪا من ۽ لوڇ اُٿي

               ۽ گيت منهنجو ريڊيو تان ٻڌي

               ڪجهه سوچي، ڪجهه روئي مـُرڪي

               ۽ دل ئي دل ۾ چريو چئي

               پوءِ تون مون کي ياد ڪندين

               آءٌ نه هوندس تڏهن او پيارا

 

           هڪ منشيات جي عادي

           هيروئني بابت

 

               راهه ويندي ٻڌم صدا ڪنهن جي

               بابا محتاج بي اجهو آهيان

               ڏاڍو بيمار آهيان، سالَ ٿيا

               هي ته آواز ڪو سڃاتل هو

               غور سان کيس مون چتائي ڏٺو

               هي ته حمزو هو، منهنجو پنهنجو هو

               جيڪي ڏاڍو شريف ماڻهو هو

               هو ته مزدور پر خفن کان دور

               خوش مزاجي سان سڀ سان ملندو هو

                ٽهڪ ڏئي پيو سدائين کلندو هو

               اڄ ته ڄڻ قبر ڪو مردو هو

                مر ۾ اٽيل سندس سڄو چـِهرو

 

               ڪپڙا ڦاٽل غليظ ۽ ڪارا

               نهن وڌيل اگهاڙي پيرن جا

               زخم ئي زخم ها لڳل جن تي

               ڪي ته ناسور جيئن پئي ٽميا

               هو به ناسور هو حياتيءَ جو

               مون سڃاتو وري به پڪ ڪيم

               ڇا تون حمزو آن پٽ نورؤ جو

               هو ته ڏاڍو شريف ماڻهو هو

               ڪيئن لڄايو تو اُن جي نالي کي

               ڪيئن تو پنهنجا خراب حال ڪيا

               هن مون ڏي کڻي نگاهه ڏٺو

               ۽ پوءِ هن ڪنجهندي چيو مون کي

               ڇا ٻڌايان ادا، ته ڪيئن ڦاٿس

               هن خرابي ۾ هن تباهي ۾

               زال ۽ ٻار سڀ ويا مون کان

               دوست دلدار سڀ ڇٽا مون کان

               هن نشي آهي مون کي کاري ڇڏيو

               مون کي پنهنجن به اڄ ڌڪاري ڇڏيو

               آءٌ زندن ۾ ۽ نه مـُردن ۾

               زهر اُتري ويو آ گــُردن ۾

               ۽ پوءِ سوچي لڄي ٿي پڇائين

               ڇا ان جو به ڪو علاج آهي

               ڇا انهيءَ زهر کان بچي سگهندس

               پنهنجي ٻچڙن سان آءٌ ملي سگهندس

               تندرستي جي سهڻي دنيا ۾

               ڇا وري ڪو قدم رکي سگهندس

               آءٌ حيران ڇا جواب ڏيان

               شام جي اوندهه ڇائنبي پي وئي

               ۽ مون سوچيو

               صبح پري ڪونهي

               راهه اوکي ته آهي ڏاڍي پر

               زندگي موت کان حسين آهي

               چاهه جي روشني ٻري پيئي

               آس کان زندگي پري ڪونهي

شهرِ غم

 

هن شهر جي روشن راهن تي

جيڏانهن به کڻي منهن وڃبو هو

ڪو سونهن سنيهو ايندو هو

ڪو دلبر چهرو ڏسبو هو

ڪو گيت جو مکڙو ٺهندو هو

ڪو شعر غزل جو لکبو هو

هن شهر جي روشن راهن تي

ڪجهه نغمن جي چانڊاڻ هئي

ڪجهه جذبن  جي سرهاڻ هئي

 

هن شهر جي جهرمر راهن تان

ڪا سندر نار مٽيندي هئي

ته سونهن سان گڏجي ڪا سرهاڻ

روح ۾ اُتري ويندي هئي

پوءِ ڏسندي ڏسندي قهر ٿيو

حرص ۽ هوس جي باهه دکي

جت سانت هئي سهڪار هئو

اُت گولين جي وسڪارا ٿيا

گيت جا مکڙا شعر غزل جا

هن باهه ۾ ٻرندي خاڪ ٿيا

چاهت وارا پيارا چهرا

زنده جلندي خاڪ ٿيا

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اڄ ٿا ڏسجن

ناچ نرالا وحشت جا

هر ماڻهو عداوت ۾ انڌو

ويا ديپ اُجهامي اُلفت جا

 

هي شهر جو ڪڏهن پنهنجو هو

اُت بربادين جو راڄ آهي

هر ماڻهوءَ جو من آهي آداس

هر ذهن ڏکن جو کاڄ آهي

 

آس

 

من نگريءَ ۾ آس اڪيلي

ڏيئڙو ٻاري ويٺي آهي

جيئن ڪنهن جـُڳَ جهوني مندر ۾،

 پيار پڄارڻ

من جي ويا ڪلتا ٽارڻ لئه

عود دکائي، اکيون ٻوٽي

شيش جهڪائي وهندي آهي

تيئن من نگريءَ ۾ آس  اڪيلي

ڏيئڙو ٻاري ويٺي آهي

 

جيئن ڪا ڀوري سندر ناري

وار سنواري، روپ رچائي

من ئي من ڪي سپنا سجائي

پنهنجي سڄڻ جي ، پنهنجي پرينءَ جي

ويٺي واٽ تڪيندي آهي

تيئن من نگريءَ ۾ آس اڪيلي

ڏيئڙو ٻاري ويٺي آهي

ڪڏهن ڪڏهن ته ويرانن ۾

ڏاڍا پربت پنڌ ڪري ٿي

ڪڏهن ڪڏهن ته مايوسين جي

اونداهين سان جنگ ڪري ٿي

ڪڏهن کلي ٿي، ڪڏهن نچي ٿي

ڪڏهن سڄڻ جا پار پڇي ٿي

ڪڏهن گلن جي خوشبو بڻجي

من جي گهرائين ۾ لهي ٿي

طرح طرح جا ڏک سهي ٿي، زندهه رهي ٿي

من نگريءَ ۾ آس اڪيلي  ڏيئڙو ٻاري

اونده ٽاري

ويٺي آهي

شايد انهيءَ آس جو نالو

تنهنجي منهنجي حياتي آهي

سوچ

 

شاعر آهيان تنهن ڪري ٿو سو چيان

زندگي کي ڪهڙو نذرانو ڏيان

ڇو نه پنهنجي شاعريءَ کان ڪم وٺان

ڇو نه تنهنجي سونهن کي رتبو ڏيان

تنهنجي اکين مان جهٽي امرت ڦڙا

هن تتل ڌرتيءَ جو سينو ٺاريان

رنگ تنهنجي لعل لبڙن کان وٺي

زندگي جي حسن کي سينگاريان

 

تنهنجي رخسارن جي آڻي روشني

مفلسي جي ظلمتن کي ٽاريان

ياس جي جهوٽن وسائي جي ڇڏيا

مرڪ سان تنهنجي ڏيا سي ٻاريان

 

توکان تنهنجي سونهن جي تحفو وٺي

غمزده چهرن تي رونق آڻيان

تنهنجي الفت ۽ خلوصِ دل کڻي

پنهنجي دنيا جا رٺل پرچائيان

 

شاعر آهيان تنهنڪري ٿو سوچيان

زندگي کي ڪهڙو نذرانو ڏيان

ڇو نه پنهنجي شاعري کان ڪم وٺان

ڇو نه تنهنجي سونهن کي رتبو ڏيان

منهنجي اکين جا ڦڙا

 

 سون جيئن جرڪن پيا

موتين جيان ٻهڪن پيا

جذبن جيان ٽهڪن پيا

هي منهنجي اکين جا ڦڙا

سڀ جن کي ڳوڙا ٿا چون

 

شل روز هيئن وهندا رهن

شل روز هيئن وسندا رهن

جيئن سانوڻيءَ جي مينهن وسن 

جر جر وهن ٽهه ٽهه ٽمن

وهندا رهن وسندا رهن

 

شل هجن روشن آهي

زندگي جي نور سان

يا جذبئه برپور سان

وهندا رهن وسندا رهن

جيئن سانوڻيءَ جا مينهن وسن

 

ها اهي لڙڪن ڦرا

منهنجي متاع بي بها

مون کي ٻيو گهرجي به ڇا

تون ٻيو ڏيندين به ڇا

به اهي روشن هجن

بس اهي وهندا رهن

وسندا رهن

 

جيئن سانوڻيءَ جا مينهن وسن

جر جر وهن ٽهه ٽهه ٽمن

هي منهنجي اکين جا ڦڙا

سڀ جن کي ڳوڙا ٿا چون

 

بهار

 

توکي انهي بهار جي ته آرزو هئي

جنهن ۾ گلن جي رنگ سان ڳاڙهو هجي چمن

جنهن ۾ صبا جي ساز تي شعلن جو رقص ٿئي

جنهن ۾ جگر جي خون سان پيمانا پـُر ٿين

 

شايد انهي بهار جو ئي اهتمام هو

دارو رسن تي حسن جا جلوا لهي پيا

ڪاري قفس ۾ نور جا مشعل ٻري پيا

زنجير مان حيات جا نغما ڦٽي پيا

قلندر

 

ماڻهن ميڙ يا مالَ قلندر

پنهنجا هينئڻو حالَ قلندر

 

محرومين جا صدما سهندي

گذرن ماهه و سالَ قلندر

 

قهري دنيا قرب جي دشمن

ڪنهن سان اوريان حالَ قلندر

 

دانا سڏجن پيا ديوانا

جڳ جي اُلٽي چال قلندر

 

قلب ته آهن ساڳيا ليڪن

قرب جو آهي ڪال قلندر

 

دور ته پنهنجو ايندو ليڪن

ڳجهه ۾ آهي ڳالهه قلندر

دُوري

 

مون سان مـُرڪي نظر ملائين ٿو

داغ دل جا وري دکائين ٿو

ڇو ستايل کي هيئن ستائين ٿو

مان پري ئي چڱو پري ئي رهان

غم کان بيزار ٿي خوشي ڳولهيم

تنهنجي قدمن ۾ زندگي ڳولهيم

پاڻ ئي پنهنجي بيڪسي ڳولهيم

مان پري ئي چڱو پري ئي رهان

مون کي دنيا جا غم گهڻا آهن

سور ڪافي ستم گهڻا آهن

يعني تنهنجا ڪرم گهڻا آهن

مان پري ئي چڱو پري ئي رهان

زندگي مون کان ڇو خفا آهي

تون ئي چئو منهنجي ڇا خطا آهي

ڪهڙي ڏوهن جي هيءَ سزا آهي

مان پري ئي چڱو پري ئي رهان

          شام

 

               شام آهسته آهسته

               چنڊ تارن ڏانهن وک وڌائي ٿي

               تنهنجي وارن جي دلربا سرهاڻ

               تنهنجي گيتن جي خوشنما چانڊاڻ

               منهنجي احسان کي جياري ٿي

               ۽ منهنجي روح جي اُداسيءَ ۾

               پيار جي جوت جڳمڳائي ٿي

               شام يادن جا گيت ڳائي ٿي

               ڪيئي سپنا جي مون وساري ڇڏيا

               دل جي ڌرتيءَ تان ڄڻ ٻوهاري ڇڏيا

               اڄ وري ياد ٿا اچن مون کي

               تنهنجي وارن جي دلربا سُرهاڻ

               تنهنجي گيتن جي خوشنما چانڊاڻ

               منهنجي احساس کي جياري ٿي

               شام يادن جا گيت ڳائي ٿي

 

هيءَ ڌرتي

جا ڌرتي منهنجي پنهنجي آ، اُن ڌرتيءَ جا ٿو گيت لکان

جنهن مٽيءَ مون کي مان ڏنو، اُن مٽيءَ کي محبوب چوان

 

هن موج ڀرئي مهراڻ ۾ منهنجو من مستانو ڇلڪي ٿو

هن پريت نگر جي پيار سان منهنجو سارو جيون جرڪي ٿو

اڄ شڪ جي سمورن جذبن سان ٿو نيهن نئون نروار ڪريان

جا ڌرتي منهنجي ڌرتي آ............

 

جت ذرن جا چمڪار ڏسي ٿا مکڙا مرڪن تارن جا

جت جهانگين جا جنسار ڏسي ٿا سپنا سونهن پيارن جا

ان سندرتا جي ساگر تي مان بادل بڻجي خوب وسان

       جا ڌرتي منهنجي ڌرتي آ...............

 

هي مٺڙي سهڻي سک نگري شل ڏيهه ۾ ڏک کان ڏور هجي

هر سانگيئڙو خوشحال هجي، هر ماروئڙو مسرور هجي

هـُو سڪ جا سهڻا ٻول چون، مان ٻولن تان ٻلهار وڃان

جا ڌرتي منهنجي ڌرتي آ.............

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org