سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان مفتون

صفحو :6

ڪافي (52)

لنوَ وئين تون مون سان لايون،

نينهن نه ويڙين توڙ نڀايون.

راضي اسان تي شال تون ٿيندين،

اڱڻ اسان جي دمدم ايندين،

ڏکڙا اندر جا ويندين وڃايون.

اکڙيون اڙائي دلڙي کسين ٿو،

حال اسان جا ڪين ڏسي ٿو،

تون ته  ڪرين ٿو يار وڏايون.

ڄار وجهي اسان جي دلڙي ڦاساييءِ،

واٽ ويندي کڻي اولي اڙاييءِ،

بت اسان جي ۾ ٻاريون ٿي باهيون.

يار ”مفتون“ آهي تنهنجو ٻانهو،

درد تنهنجي ۾ دوس ديوانو،

ڇڏ پرين تون رسڻ جون وايون.

 

ڪافي (53)

اڄ پرين ايندا اسان ڏي شل وري،

جن پرين لئي آءُ گهمان ٿي هت چَري.

اچ پرين تا گڏ گذاريون ڏينهڙا،

نه ته توهان ريءَ محب ويندس مان مري.

دوست جو ديدار درسن مون ڏٺو،

بت بيهاريو، نيڻ مُئيءَ جا پيا ٺري.

من اندر محبت جا مچڙا ٻيا ٻرن،

خلق ۾ ڪا جي ٿئي ظاهر ذري.

درد جا دل جي اندر دونهان دُکن،

ساهه صدقي ٿي ڪريان ٻي هيءَ سرِي.

محب ”مفتون“ جا مڙئي ڦٽڙا ڇٽا،

تون جڏهن آئين اسان جي گهر گهِري.

*

ڪافي (54)

آءُ دلبر منهنجي ديري،

ڪو نه جڙيل تون جدائي.

 

روئي روئي حال وڃايم،

ڏس تون سڄڻ ديد ڦيري،

خوش هوند شال سدائي.

 

عشق تنهنجي جو تير تکيرو،

اچي لڳو منجهه لڳو جيري،

ڪر ڪا اچڻ جي ڀلائي.

 

اکيون اوهان جون خنجر خوني،

هوت وڌيون تو هيري،

مون سان ڪن ٿيون روز لڙائي.

 

”مفتون“ آهي تولئي اداسي،

آءُ سڄڻ تون سويري،

ڪرن نه وَهيل وڏائي.

*

ڪافي (55)

 

عشق اڱڻ مون آيو وو ميان،

مچ اندر ۾ مچايو وو ميان.

پرين پياري يار اسان سان،

ڪو نه ڪو نينهڙو نڀايو وو ميان.

بت اسان جو باغ جو ٿيڙو،

پرين پاڻ پسايو وو ميان.

خاوند خاص ڪرم کؤن پنهنجي،

محب اسان کي ملايو وو ميان.

برهه ڀورل جو بيحد باري،

سيني اسان جي سمايو وو ميان.

باهه برهه جي بيشڪ ڀڙڪي،

جان جُثي کي جلايو وو ميان،

چشم توهان جي چاڪ چڪايم،

چاڪ اسان جا ڇٽايو وو ميان.

سڪندي اسان کي سال لنگهي ويا،

واڳ اسان ڏي ورايو وو ميان.

”مفتون“ آکي هو محب اڻانگو،

محبت تنهنجي مٽايو وو ميان.

*

ڪافي (56)

آهيان جن لئي جوڳياڻي،

اَڻ الاهي تون انهن کي.

رات انڌاري ني وو پنڌ پٽن جا،

ڪين لڀي ان پاڻي-

سور سليان ٿي سڄڻ کي.

آءُ ته پورهيت وي پار پرين جي وو،

آءُ ته آهيان عيبن هاڻي-

ننگ منهنجو ٿي ڌڻين تي.

من مستانو وو منهنجو ٿيڙو ميان،

سونهن سڄڻ جي سڃاڻي-

ڳولي لڌو اٿم پرين کي.

”مفتون“ آکي ني وو يار پيارا،

سڪ تنهنجي ٿم سيباڻي-

شال ڪٽيندين غمن کي.

*

 

ڪافي (57)

جيءَ ۾ جار وجهي ويو جت ڙي جيڏيون!

آءَ ڪينءَڪيان هت کيج خوشيون.

يار ٻاروچل ٻاجهه ڪندو مون،

برهه ڀڳو ٿم بت ڙي جيڏيون!

ڪينءَڇڏينديس سور سڄڻ جو،

مول نه ڏيو مون کي مت ڙي جيڏيون!

ڏينهن لنگهن مون ڏک ڏوريندي،

راتيون روئندي رت ڙي جيڏيون!

”مفتون“ آکي عشق عجيبن،

شال مون نيندس هت ڙي جيڏيون!

*

ڪافي (58)

 

لنوَ ته لڏڻ يار لاتي،

ساهه سڄڻ کي سنڀاري.

محبت تنهنجي محب موچارا، ڳل ڳچيءَ جي مون پاتي،

سون جان ساري سنواري.

دوست در آ يار يگانو،  هنيون لهي ٿو حياتي،

سونهن جڏهن ٿو سينگاري.

اصل لاڪون منهنجي اندر ۾، عشق آهي اثباتي،

هنيون هنجون ٿو هاري.

منهنجي اڱڻ ۾ ساجهر آئي- تو جو پاتي يار جهاتي،

صبر وٺي وئين تون ساري.

”مفتون“ محب تنهنجي ملڻ لئي، سنجهه صبح پرڀاتي،

ڪانگ ويٺو ٿو اُڏاري.

*

ڪافي (59)

روئي گذاريم رات مٺن مارن ريءَ،

سکين سانگين ريءِ!

پاڪ پلڪ ۾ منهنجي اندر ۾،

اچي پون اوقات-...........

دل ڪري ٿي دمدم دانهون،

نيڻ ڪرن برسات-...........

ننڊ منجهائون پل پل جاڳي،

آهون ڪريان اڌ رات-...........

ڏيهه اباڻو ويٺي ساريان،

وائي نه ٻي ٿم وات-...........

ويس وڳا سڀ تنهنجا ڀايان،

سورن جي سوغات-...........

طول وهاڻا ڪين وڻن ٿا،

رڳئي باهه بسنات-...........

پنهجي پکن تؤ گهوري گهمايان،

ماڙيون مڙئي محلات-...........

”مفتون“ جي سچ ڪري ڄاڻين،

ٻول نه ٻي ڪا لات-...........

*

ڪافي (60)

ڪيچين مُئيءَ جو ڪانڌڙي، ڀلو ميان نيڙوروز زبر سان.

آءُ ٻاروچل ٻاجهه مؤن لا،

اوچتي منهنجو اڙيو وڃي لا،

ووڙ وندريءَ ناهي مون لا،

اديون اُجهيم ڪينڪي لا،

”مفتون“ کي آهي محب ريءَ لا،

موک باندياڻي جي باند ڙي،

ساڻ پنهل جي پاندڙي.

وار کنهڻ جي واندڙي.

ريءَ رانول جي راندڙي.

سورن جي به سهاندڙي.

*

ڪافي (61)

عشق سبق ڏنو صحيحون صحيحون،

وايون سڀ وسري ويڙيون،

اڻتڻ تنهنجي ٻيون سڀ ڳالهيون،

اسان جي اندر کون کنيون کنيون.

فوجان باري برهه جون چڙهيون،

ڏورئون ڏسان رويون رويون.

چشمن تنهجن ڪهڻ ڪٽاريون،

هينئڙي اسان جي هنيون هنيون،

آءُ ته ويٺو هان يار جي ٻاجهؤن،

سور اندر ۾ سهيون سهيون.

”مفتون “ جا منجهه سڪ سڄڻن جي،

نيڻ وهن جئن نيون نيون.

*

ڪافي (62)

رُوهن جو رُح رلاپ، آهه رجيل اصلئون لوح ليکيائون.

قادر ڪر مون ڪندو ني ميان لا،

محبن ساڻ ملاپ.

شال سٻاجهو سڻندو ني ميان لا،

هن اڙيل جو آلاپ.

رهندس ڪينڪي وو ڪندس ني ميان لا،

رڻن جو ته رهاپ.

مولا شال ميٽيندو ني ميان لا،

ويچاريءَ جو وِلاپ.

”مفتون“ ڪيڙو ني وو محبن لئي ميان لا،

سُهمن جو ته سهاپ.

*

ڪافي (63)

 

تون بنا روئيندي گذاريم راتڙي، پورن ۾ پرڀاتڙي.

جسم تنهنجي چاڪ چوريم چاڪ تي،

ريءَ طلب تنهنجي نه مون کي تانڙي.

عشقن جي اَلنبن جلايم جان کي،

ناز نيڻن جو ڪٺو ٿم ڪاتڙي.

بت اسان جو ٿيڙو باغ ني،

تو پرين پاتي اسان ڏي جهاتڙي.

برهه جي پيڙن ڇڏيو ٿم ڪينڪي،

ڪا لڏڻ توريءَ نه ناتڙي.

ڪانه ٿي ”مفتون“ کي سهڻل سدا،

تو بنان وائي وچولي واتري.

*

ڪافي (64)

ڏيرن ڏسي واجهه، مٺل مئي کون موڙي نيائون.

ساري سنڀاري سڄڻن کي ميان لا،

هن مُٺي جو مزاج.

هن ڪميڻي کي گهرجي ميان لا،

ٻاروچل جي ٻاجهه.

سرور سيد ڪندو ني ميان لا،

هن اڙيل جو علاجُ.

پنڌ پرين ڏي وو آهي ني ميان لا،

”مفتون“ کي معراج.

*

ڪافي (65)

مون کان ڪانڌ  ڪهي ويو ڪالهه ڙي،

آئون ته ڪوٽ ڇڏيندس ڪاڪ جا.

ڇا ڪندا ريءَ مينڌري لا ميان،

هن مٽيءَجا مال ڙي.

ڏُک ڏئي ويو ڏاج ۾ ميان،

جان جگر ۾ جال ڙي.

هن سڪيل کي سڪ ۾ ميان،

سال لنگهيا هن سال ڙي.

مهر منجهائون مينڌرو ميان،

پاڻ ڀلائيندم ڀال ڙي.

”مفتون“ تو ريءَ يار پيارل ميان،

مست گهمي ٿو متوال ڙي.

*

ڪافي (66)

 

روهه رَلا وو ڏهاڳ،

ڏمر ڏنائون ڏيپ ڏکيءَ کي.

رلڻ روهه تي رنجيل کي ميان لا،

لوح لکيو هوس لاڳِ.

هار ڏنائونس وو هنجن جو ميان لا،

مُٺي مشڪ مساڳ.

ٻگهڻ ٻاروچلويڙو ميان لا،

دل ۾ لايون آڳ.

”مفتون“ موهيل چوي ني ميان لا،

والي ورائيندم واڳ.

*

ڪافي (67)

ڀرت پرت پيالا پيارج پيارا،

تنهنجي برهه ڪيا هن گهڻيرا پسارا.

اصل کون ته توهان جو ته گولو،

بيراڳي فراقي آهيان دوست ڌاران.

تنهنجي حُسن جي ناهي نرمل نهايت،

ڪرن سجدا ٿا چنڊ سورج ستارا.

جنهن ڏينهن لاڪون سڄڻ ڏور ٿيڙي،

توهان جي اچڻ لاءِ وجهايان ٿي ڦاران.

ڏنيئي عشق پنهنجي جو آزار مون کي،

تنهنجا سور سيني سهايم سارا.

آهي محب ”مفتون“ تو لئي بيراڳي،

اچي مهر ڪر مون تي محب موچارا.

*

ڪافي (68)

آهه پرين جي آس، منهنجو اندر اُداس- ڪڏهن محب تون ملندين.

سال گهڻيرا سِڪ تولئي،

ويــــهــــڻ ويــلــيــاس-

ڪڏهن محب تون ملندين.

 

تنهنجي عشق اتاريو،

منهنجي لڱن جو لباس-

ڪڏهن محب تون ملندين.

 

دوست دلاسو نه مڪو،

سوين خط لکياس-

ڪڏهن محب تون ملندين.

 

”مفتون“ کي آهي من ۾،

تنهنجي تڪڻ جي تاس-

ڪڏهن محب ملندين.

*

ڪافي (69)

عمر اباڻين ملاءِ هن سڪيل کي،

باند ڪئي ٿئي ناحق باندي.

ويڙهه وڃڻ جو ڏي تون اشارو،

ٿورڙو مون سو لاءِ....

ڊڄ تون ڌڻيءَ کان عمر سياڻا،

اهڙا ڪرم نه ڪماءِ....

پنهنجي پکن ڪاڻ پير ٿي سويان،

ڪاڻ نه ڪوٺن آءِ...

ملڪ مارن جي مينهن اُٺا ٿي،

گاهن گل ڪياءِ...

هن ته نڌر سان سرندي وارا،

سينو ڪينڪي ساءِ...

”مفتون“ آکي محب موچارا،

واڳ اسان ڏي وَراءِ...

*

ڪافي (70)

لڳي ٿم تو سندي لوري،

ڪيو ٿم محب مستانو.

ديد دلبر جي ني وو دود دکايو ميان،

لڳو ٿم برهه ڀرپوري.

راتيان ڏينهان ني وو دلبر منهنجا وو ميان،

تنهنجي ته جهڄڻ جهوري.

عشق اوهان جو ني وو آتش اولي وو ميان،

مچائي ٿيس کڻ کوري.

”مفتون“ آکي ني وو يار پيارا وو ميان،

کسيءَ دلڙي منهنجي زور ري.

*

ڪافي (71)

منڊن ماري منڊ، مان کي سڄڻ موهيو.

سُندر لائي سينڌ چٽائي،

سرخي لائي چپن جي،

ڪنگڻ پائي ٻانهن لڏائي،

پرين اسان کي پاڻ پسايو،

ڏسي هار سينگار سڄڻ جو،

اسان تو شل گڏ هونداسي،

يار ”مفتون“ کؤن منجهه اندرجي،

قابو ڪيئي جنِد.

شڪي ڪيائين کنڊ.

ڪيري وڌائين چنڊ.

منهنؤن لاهي گهنڊ.

ويئي وسري ننڊ.

ورهه وچان ڪري ننڊ،

مور نه رک تون کُنڊ.

 

*

ڪافي (72)

نينهن وڌو ٿم نهوڙي،

دوست ڪيو ٿم ديوانو.

مُحبَت تنهنجي ني وو من منهنجي کي ميان،

ونگ وڌا هن وڪوڙي.

دلڙي منهنجي ۾ وو دلبر ڏنڙا ني ميان،

عشق سندا کنا کوڙي.

برهه جي ٻاجهون ني وو خيال مڙئي وو ميان،

آءُ ڇڏيان ڇني ڇوڙي.

قادر ڪرمؤن ني وو شال ڪندو ميان،

واڳ مٺل سندي موڙي.

”مفتون“ آکي ني وو تنهنجي ملڻ جو وو ميان،

رب سبب کڻي جوڙي.

*

ڪافي (73)

موٽ مٺا لهه تون سڪاين سنڀار،

ڏي تون دلاسا اَلو هينئڙي کي يار.

محب ملڻ لئي مشتاق مون،

واتِ اٿم پرين پسڻ جي پچار.

نيڻ منهنجا ننڊ ڪرن ڪينڪي،

لنوَ لڏڻ جي لڳڙي ٿم لغار،

ياد ڪيان يار جون ڳالهيون سدا،

وائي ونهيل جي ڪيان ٿي يار.

ناز نيڻن جا آهن نت نت نوان،

پياسي ويچارا ته وڃن ڪهڙي پار.

دلڙي اڳي درد وڌي ٿم دِڳي،

تير تکيرا نه اسان تي  اُلار.

”مفتون“ ڏي ڏس محب تون مرڪي،

ڏک منهنجا ڏور ٿين بت بهار.

*

ڪافي (74)

مان کي ڪو نه گمان ڙي

هتڙؤ هوت هڻي ويا.

ور ووڙيندس پانهنجو،

ڏک ڏوريندي ڏونگري،

ڏيرن ڏاڍائي ڪري،

ڪرهل ڪيچ ڪڙي ويا،

”مفتون“ محب مٺل جو،

مولا ملائيندم مان ڙي.

پسندس شال پريان ڙي .

ڪيڙا اُٺ پلاڻ ڙي.

جاڳي جت جوان ڙي.

ووڙي لهج وٿاڻ ڙي.

 

*

ڪافي (75)

ادا قاصد وڃج وُوڙي،

نياپا پرينئي ڏجان جوڙي.

هن نڌر کي وڌڙئي دلبر،

لٽي اسان جي دلڙي زوري،

وجهي عاشق خام خلل ۾،

ڪاڻ ڦاسائڻ دل عُشاقن،

”مفتون“ آکي هوش ويچارن،

نينهن پنهنجي سان نهِوڙي.

منهن هاڻي ڇو ٿو موڙي.

پاڻ ويٺو عيش اوڙي.

زلف ڇڏيا يار ڇوڙي.

تو ته وڌو يار ٻوڙي.


 

*

 

 

 

 

ڪافي (76)

آهيان پرينءِ لئه پياسي،

تنهنجي اچڻ لئي اداسي.

دام وڌا ٿي ني وو زلفن وارا وو،

آءُ ته پيس يار ڦاسي.

لعل لبن تي ني وو گهوري گهمايان،

جيءُ جثُو، جان خاصي.

خواهش خوشي سان ني وو آءُ اسان وٽ ميان،

آهيان تو لئه سنياسي.

قرب ”مفتون“ سان ني وو ڪر تون ڪوهيارل،

ڳالهه چوان ٿي خلاصي.

*

ڪافي (77)

آهي منجهه سرير اڪير اباڻن،

آهيان انهن جي مان سڃاڻين.

هنجون هاريان ويٺي ساريان،

پنهنجو ملڪ ملهير.

ڪاڻ مارن جي منهنجي من ۾،

چاڪ چڪن ٿا چير.

ڪاڻ ڪنهن جي ڪين رکن ٿا،

منهنجا مارون مير.

ڏيهه جا ڏورا ڏاڙهون ڀايان،

طعام ته تنهنجا تير.

مَٽ متيرن ڪين ڪيان ٿي،

تنهنجا انب انجير.

منهجا سانگي خوش وسن ٿا،

کاڄ کنڀيون ٿن کير.

سُک سانگين جا روز سنڀاريان،

نيڻن وهايا نير.

”مفتون“ آهي محب لئه ماندو،

آس پڄائج پير.

*

ڪافي (78)

والن سان به ورونهن،

منهنجي روز ازل کؤن.


 

لائق لَڪ لنگهي ويا،

دکن ٿا ته قلوب ۾،

پاهڻ پير پِٿون ڪيا،

ورندس ڪينڪي واٽ تؤن،

ڏسندس شال اکين سان،

”مفتون“ کي سدا محب ڪي،

ساٿ کڻي ۾ صبوح.

درد سنديرا دونهن.

سور وڃايم سونهن.

رڻ ڏسي ڪي روهه.

ڪيچ سنديرا ڪوهه.

ريجهه آهي منجهه روح.


 

*

ڪافي (79)

فوجان حسن جون چڙهيون چڙهيون،

سرِ عشاقن آڻي امالڪ.

جيڪي هيڙون دليون ويچاريون،

سڀ پيون هن ڦڙهيون ڦڙهيون.

سِڪ سمنڊ جان يار سدائي،

درس هڻي ٿي ڌڙيون ڌڙهيون.

در ڌڻيءَ کان سرنديءَ وارا،

مار نه مون کي ڇڙهيون ڇڙهيون.

ڪين سهان ٿي بار وڇوڙو،

ويهه مون سان ڪي گهڙيون گهڙيون.

يار ”مفتون“ سان مرڪي  اَلايو،

اَسان تو ۾ اٿم گهڻيون گهڻيون.

*

ڪافي (80)

برهه ڪري ڪي ڪسي باتيون،

منڙو اسان جو موهي ڳڌو.

چشم توهان جي هن چريءَ کي،

چڻنگان ڏنيون ڪي چواتيون.

شوق منجهارون خاطر تنهنجي،

ويهي گذاريم راتيون.

تابش تنهنجي آءُ ته ويٺو هان،

مُحب مٺل يار چاتيون.

دلڙي اڙايم يار اوهان سان،

عشق پُڇي نٿو ذاتيون.

برهه جي بازار ۾ عاشق گهمن ٿا،

سِر تريءَ تي چاتيون.

مچ محبت جي ۾ مرد اچن ٿا،

سِر مٿؤن سانگ لاٿون.

”مفتون“ ويچاري کي مست ڪري وئين،

لنوَ لُڏڻ يار لاتيون.

*

ڪافي (81)

ڏونگر ويندس ڏوري ڙي جيڏيون،

پسندس شال پنهل کي.

ڏسندس شال ني وو جتن کي ميان لا،

واٽ وندر جي ووڙي.

راتيون انڌاريون ني پنهل لئي ميان لا،

پير وجهان ٿي ڦوڙي.

کائڻ پيئڻ ني وو ڪين سجهي ميان لا،

لنَو وڌو ٿم لوڙهي.

”مفتون“ محب اڳيون دمدم ني ميان لا،

هٿ کنيون ٿو لوڙي.

*

 

ڪافي (82)

ڏاڍي ڪئي آهه ڏيرن ڙي ڀينر،

هيڻي هوت هڻي ويَا.

پرين پاڻيهي نه هو وڃڻو ميان لا،

جاڙ ڪئي آهه جتن.

آءُ نه سياڻي وو سيرن ميان لا،

پاهڻ پير ڦسن.

ڪر هيل ڪاهي ڪيچ ڏي ميان لا،

ٻيڙيا ٻاروچن.

اٺن جهوڪان وو ڪيچ ميان لا،

ٻڌي جهور جتن.

”مفتون“ موهيل محبن جو ميان لا،

مٺڙا مانَ ملن.

*

ڪافي (83)

طلب تنهنجي سندي تار تار،

تن منهنجي ۾ تنواري.

سر اسان جي ني وو آڻي جهليان وو،

برهه سندا بار بار.

ميخان محبت جون وو جيءَ ۾ جڙيون وو،

ناهي وٿي وار وار.

روز توهان لئي ني وو واهه وهن ٿا وو،

نيڻن سندا نار نار.

خنجر خوني وو چشمن ڪيڙو وو،

ڌڙ سسي ڌار ڌار.

”مفتون“ آکي ني وو آهه اصل کون ني وو،

پرين سندي مون پچار.

 

ڪافي (84)

ديد پنهنجيءَکي ڏيکاري،

محب ڪيو مستانو.

رمزان لائي ني وو روز اسان نو وو،

دل منهنجي اسان نو وو،

دمدم توکي ني وو يار پيارل وو،

ساهه منهنجو ٿو سنڀاري.

ساهه صدقي ني وو سر تنهنجي تئون،

يار ڪيان لک واري.

شمس قمر ٻئي ني وو شڪي ٿيڙا وو،

سونهن جڏهن سينگاري.

نازن تنهنجن وو ڪيڙو مستانو وو،

ٻانهان کڻي ٿو اُلاري.

”مفتون“ آکي ني وو محبت تنهنجي،

منهنجي اندر ٿي تنواري.

*

ڪافي (85)

دلڙي لٽي ريءَ ڌاڙي،

محب اسان غريبن جي.

وعدو ملڻ جو يار جو ڪيڙو،

قول پنهنجا شل پاڙي...

دلڙي اسان جي کي دوست جو ڏنڙو،

چشم سندي چوڪ چاڙهي....

اڱڻ اسان جي يار سڄڻ کي،

آڻي الاهه شل ڙي...

ريءَ توهان جي جانب جاني،

سينڌ سرمان وجهان سڀ ساڙي...

”مفتون“ آکي آءُ او ڪوهيارل،

ڏک ڏمر وڃ اُجاڙي...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org