سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان مفتون

صفحو :5

ڪافي (38)

ڏي تون اچي هت يار پيارا،

دل ڦٽيءَ کي ڪا دلداري.

جي لکان ٿي سوز اوهان جو،

قلم سڙي ٿو يار اسان جو،

تون ته ڏي وئين محب مونجهاري.

جي ٻهان ٿي ٻهڻ نه آوي،

جي سمهان ٿي سمهڻ نه آوي،

پوءِ ڪري ڪيئن هيءَ ويچاري.

يار زور آور ڏاڍ ڪري وئين،

هن ڌوٻڻ کي ڌوڙ ڌري وئين،

ڪا نه مڃين ٿو منت زاري.

ڪين جئان ٿي ڪين مران ٿي،

جهوريءَ تنهنجي منجهه جهُران ٿي،

نار نيڻن جا آهن جاري.

بادل وانگي اکڙيون وسن ٿيون،

واٽان تنهنجون ويٺيون ڏسن ٿيون،

شال ته پسنديون هوت هزاري.

”مفتون آکي عشق نه لايو ٿي،

هي ته اسان ڪاڻ مچ مچايو ٿي،

ماڻن تنهنجن آهيان ماري.

*

ڪافي (39)

مجني وانگي مست موالي،

حسن سڄڻ جي ڪيڙون مون کي.

سونهن سڄڻ جي نور نوراني،

منهنجي ليکي يوسف ثاني،

قد سڌو ٻي پاڪ پيشاني،

ملڪ حسن جو مالڪ والي.

حسن تنهنجو مان ڏٺڙو جاڪون،

ٻانهو ان جو ٿيڙس تاڪون،

چؤ پرين تون هاڻي ڇا کون،

ڏور وسين ٿو خود خيالي.

يار وڏو ڪو لاتڪ آهين،

ڪين غريبن ڏي ٿو واجهائين،

ڏاڍ ڪري مسڪين مارائين،

ڪيئن سکين تون يار هي چالي.

 

خواهش خوشيءَ سان هيءَ نماڻي،

در تنهنجي تي دوست وڪاڻي،

ٻانهن تنهنجن جي آهيان ٻانهي،

وار نه تنهنجي ورهه کون خالي.

رک پرين تون اسان ڏي رايو،

نيڻ کڻي مون ڏي واجهايو،

”مفتون“ آهي تنهنجو سڪايو،

سر تنهنجي جو دلبر سوالي.

*

ڪافي (40)

توڙي آهيان بدڪاري وو،

نيٺ پنهل تنهنجي موهي آهيان.

يار پرين جي ٿيندس اوطاقي،

وڃي منائيندس سڄڻ ساڳي،

وچ ڳچي گهت ڳاري وو.

درد دلبر جي دونهون دکائيندس،

راتيان ڏينهان سوز سڻائيندس،

زاري ڪري سؤ واري وو.

جنهن ڏينهن لاڪون اکڙيون اڙايم،

ڪري بسم الله سر تي چايم،

بار برهه جي باري وو.

در تنهنجي ۾ منهجا دلبر،

واهه وهن ٿيون هنجون هر هر،

جيئن وهي ٿي بيگاري وو.

جوش تنهنجي ۾ منهنجا جاني،

”مفتون“ کي آهي ڏاڍي حيراني،

شال ڏيندين دلداري وو.

*

ڪافي (41)

تنهنجي برهه بيرانڙي ڪئي ڪئي.

ڪاهه ڪري ڪٺمال ٿي ڪڙڪا،

ايندي ويندي ڏيون دڙڪا،

گهڻگهڻ گهڻڪن گهنهگرو گبارا،

سِر عشاقن ڪرن ڌارا،

ڇيريون ڇلڪ ڏيون ٿيون ڇلڪا،

منڊيون منڊ پڙهن ٿيون ملڪا،

”مفتون“ آکي محبت آئي،

محب اسان سان ڪر ڀلائي،

بُندڙا ڀڙڪ ڏيون ٿا ڀڙڪا،

پرت پياري ساڻ پئي پئي.

پاڻ ڪرن ٿا پنڌڙا پسارا،

وائي تنن جي وَئي وَئي.

باهيون ڀرڪ ڏيونٿيون ڀرڪا،

قيد ڪيا تن ڪئي ڪئي.

يار اوهان ري ءَ وائي وڃائي،

لنَو لڏڻ تنهنجي لئي لئي.

*

ڪافي (42)

نانءِ ڌڻيءَ جي اچ دلدار،

هن مُٺيءَ جي مڃ ڪا زاري.

 

ڦٽ فراقن وڌڙم ڦوڙي،

ڏکڙن جي ڏهڪار،

زارون زار روئي ٿي ويچاري.

 

چشمن تنهنجن چاڪ چڪايم،

چوري تند تنوار،

برهه ڏئي وئين دلبر باري.

 

سڪ تنهنجيءَ ۾ هن سڪيل کي،

ڪين سجهي ڪم ڪار،

روئي روئي مان رات گذاري.

 

کائن پيئڻ ڪين وڻي ٿو،

ساهه سندا سينگار،

درد ونديءَ کي ڏي دلداري.

 

قادر ڪندو توسان ميلو،

شال چڱي ڪنهن وار،

صاحب ڪندو پاڻ ستاري.

 

”مفتون“ آکي آءُ تون جاني،

قدم قدم  تون ڌار،

گهوري وڃان مان لک واري.

*

ڪافي (43)

آهي يار سڄڻ جي سِڪ ميان،

تنهنجي واٽ ڏسان ٿي ويٺي اَلا.

 

يار سندا ويٺي سير سنڀاريان،

راتيون انڌاريون ويٺي گذاريان،

نِت پرين ڏي پيو پڪاريان،

مهنجو يار اهو ئي هڪ ميان،

جنهن جي محبت من ۾ پيٺي اَلا.

 

عشق ڪيو مون آري آري،

رت اکين کون هاري هاري،

محبت ٿم وڌو ماري ماري،

کڻي نيڻن وهايم نَڪ ميان،

لڱ لعل ٿيا جئن ريٽي اَلا.

 

تون ته اسان جو جانب جاني،

رمز سندي ڪييءَ ريل رواني،

دل کسي وئين دوست دراني،

جيئن مينهن سنديري جهڪ ميان،

سر عشاقن ليٽي الاَ.

 

”مفتون“ آهي مست اوهان جو،

ٻانهو ٻيلي در توهان جو،

 

دوست اوهان ڪيو ڪونهي پنهنجو،

ڇو روح ڪيو ٿي رُڪ ميان،

 

اچي چاڪ چشمن جا ڄيٺي الاَ.

*

ڪافي (44)

ويٺي نهاريان واٽ وو،

مسڪين سانگين ڏي.

ڪڪر ڪارا پارون اُترجي، ساڻ حڪومت پاڪ پرور جي،

آياڪري ڪڙڪاٽ.

وڏڦڙي ڪيا ڏاڍا وسڪا، ڦڙيءَ ڦڙيءَ تي ڦهڪون ڦهڪا،

ڇوهون ڇٽي پئي ڇاٽ.

ميئ ميڪائيل جو امر جو ٿيڙو، جهن جهُڙن کي ڪٺو جو ڪيڙو،

لسي لئي ڪِري لاٽ.

کنڀيون خوب کليون ٿي پٽن تي، نڪتيون سبزيون صاف ڀٽن تي،

گاهن ڪيڙا گهاٽ.

مهريون تنهنجون موت ٿي ڄاڻان، ميڍا تنهنجا مول نه مليندس،

ڀلا ڀايان ٻاٽ.

پت پٽيهر ڪين پهريندس، تيل ڦليل لڱين نه مليندس،

وڃي مليندس ماٽ.

دلڙي منهنجي ويٺي ساري، مٺڙا مارو روز پڪاري،

ڀريون ڳوڙهن ڳاٽ.

”مفتون“ جن لئي ڦاران وجهايم، پير ڀري هت پاڻهي آيم،

سرها ٿيڙم ساٺ.

*

ڪافي (45)

تنهنجي صورت گل گلاب چوان،

يا ملڪ سندو مهتاب چوان.

تنهنجي منهن مٺي کي ماهه چوان،

يا حسن سندو بادشاهه چوان،

يا مظهر نور الاهه چوان،

يا مسجد جو محراب چوان.

تنهنجي لعل لبن کي لال چوان،

يا عقيق يمن جي مثال چوان،

يا کنڊ چوان يا منڊ چوان،

يا سرخ سونهارا عناب چوان.

تنهنجي قد سڌي کي ڪا نه چوان،

يا بيشڪ الف ايران چوان،

يا سرو سهي جو نشان چوان،

يا طوطي وَن جي حساب چوان.

دل ”مفتون“جي مست چوان،

يا مست سو روز الست چوان،

يا باز برهه جي دوست چوان،

ياشوق تنهنجي ۾ ڪتاب چوان.

*

 

ڪافي (46)

ساعت ساعت ۾ ساهه سڪيل کي،

پور پرين جا پيش پون ٿا!

تير تکيرا ناز سنديرا،

دوست ڪرن ٿا دل ۾ ديرا،

چاڪ چشمن جا روز چڪن ٿا.

ڪو نه ملڻ ڪيو محب تو مون سان،

تنهنجي اچڻ لئي باسيم باسان،

درد سندا ڪي دود دکن ٿا.

عشق اچي ڪيون مون سان اوران،

يار ڍولڻ لئي ڏوريم ڏوران،

راز رانول جا روح ريهن ٿا.

مرڪ مٺيءَ سان ماري وڌو ٿي،

ڪڙي ڪڙن سان مُلِهه ڳڌو ٿي،

ماڻا محبن جا مست ڪرن ٿا.

عشق سنديرا النبا اولا،

ڪاهي اچن ٿا ٽولا ٽولا،

داغ دلين تي دوست ڌرين ٿا.

”مفتون“آکي برهه جا ڀڙڪيا،

ڪن ڪڪرن جان ڪڙڪيو ڪڙڪا،

منهنجي مٿاهون يار ڦرن ٿا.

*

 

ڪافي (47)

ڏير ڏئي مُئيءَ کي ڏهاڳ،

ڄام ويا چانگي تي چاڙهي.

 

وڻ چڙهي واڪا ڪري،

وس نه ويچاريءَ جو،

پنهنجي ونهل کي ڪامڻي،

اها ڳالهه هي رب کي وڻَي،

سر پنهنجو توڙي ڦاڙي.

 

هيئن نه ڄاتم هيتري،

پر هيا دل جا دورنگا،

مان کون جدائي جَت ڪندا،

منهن مٺا اندر کُنڊا،


 

ويا لڪن ڏي ڄام لاڙي.


 

موڙ تون واڳان وطن  تي،

لهه اچي ڪا، ڪل منهنجي،

ولهيءَ جا ولَها وري،

نا ته ويندس آءُ مري،


 

هي وڌي سورن جا ساڙي،


 

ڏيهه جا ڏونگر ٻجهن ٿا،

رِڇ رليا ڀولا وِڇون،

بر بلايون بيشمار،

واسينگ ڪيهر قربدار،

ٻيا وجهن چيتا چيٿاڙي.

 

هوت آهيان هيڪلي،

 پير پاهڻ ڦوڪڻاڪيا،

ٻيو ڪو نه ساٿي نامبر،

پيا سڙن ٿا منجهه ڪَلر،

هيءَ هلي پيرين اگهاڙي.

ڪوهه سرڪو ڪا نه ڪيان ٿي،

آءُ پنهل تون ڄام اوري،

ڀان پوندن شال ڪني ڪَنين،

مان پيس تنهنجي پني پنين،

هي وڌي پنڌن اجاڙي.

دل توکي دلبر سنڀاري،

ڪا نه اٿس ٻي هير حجت،

هن ”مفتون“ جي مدام،

آءُ غلامن جو غلام،

وڃ پرين، تون قول پاڙي.

ڪافي (48)

محب ڪري مهرباني،

آءُ اڱڻ تون پيارا.

ڏينهن گهڻيرا تو بن گهاريم وو،

پلپل توکي يار سنڀاريم وو،

ساڳي آهيان تنهنجي ٻانهي.

سور اوهان جي ساهه سِڌايو وو،

جوش جدائي جيءُ جلايو وو،

ڪيڙو فراقن فاني.

مولا اسان کي محب ملائيندو وو،

چارؤن اڪري واهه وِڃائندو وو،

شال وڇوڙي جي باني.

پنڌ پٽن جا راتيون انڌاريون وو،

بر بلايون ڏين ڏيکاريوم وو،

اور تنهنجي ٿم سيباڻي.

کاڌم پيتم ڪين ڳالهايم وو،

پاسو پلگي تي مول نه لايم وو،

جهوري تنهنجي هم جاني.

”مفتون“ آکي درد وندي جي وو،

ڪل اچي لهه هن بندي جي وو،

پرت نه ڪر تون پراڻي.

ڪافي (49)

اهي زلف جڏهن ته ڳنڌائين ٿو،

سوين ڇٽل يار ٻڌائين ٿو.

نيڻ کڻي ٿو يار نهارين،

مردا ساڻ نظر جي اُٿارين،

عاشق اتي اوکا اڙايئي،

قيد زلف ۾ آڻي وجهايئي ،

حال توهان کي يار ڏسيندس،

در توهان جو ڪين ڇڏيندس،

ڪُٺڙا عاشق ڪيئي جيارين،

اهي ٿورا يار رون لائين ٿو.

ڦند ڦڪر سان ڦيري ڦاسايئي،

ڪي پور ڪڍڻ جا پائين ٿو.

سور سڀوئي توکي سليندس،

هن ”مفتون“ کي ڇا ڀانئين ٿو.

ڪافي  (50)

پنهجي جانب جا جنسار وو،

مان روز پسان ٿي.

دڙڪا سڄڻ جا آهن دلاسا،

منهنجي جي گهنڊي گلزار وو،

مان ته واس وٺان ٿي.

ٻانهن لوڏڻ سان موهيو ٿي من کي،

هار ڪري سينگار وو،

مان ته ڏسي هسان ٿي.

ڳالهه ٿوريءَ تي يار رسين ٿو،

توڙي رکين بار وو،

مان ڪين نه رُسان ٿي.

”مفتون“ آکي در تنهنجي تي،

خادم خدمتگار وو،

مان ته نت وسان ٿي.

ڪافي (51)

در تنهنجي کان دلبر يار،

قيامت تائين منُهن نه مٽائيندس.

ٿورا تنهنجا سر اسان جي آهن سؤ ته هزار،

ڳُڻ تنهجا مان ڙي ڪهڙا ڳائيندس.

ڪين ڇڏيندس عشق اوهان جو برهه تنهنجي جا بار،

سر اکين تي مان چميون چائيندس.

ريءَ اوهان جي سهڻل سائين ساڙيان هار سينگار،

ميندي هٿن تي مول نه لائيندس.

تنهنجي ملڻ ريءَ هن سڪيل کي اچي ڪين قرار،

ڦاران تولئي يار وجهائيندس.

عشق تنهنجي مون کي ڪيڙو اهنجو محب مٺا منٺار،

روئي توکي آءٌ پاڻ ريجهائيندس.

ڏينهان راتيان سوز تنهنجي ۾ روئي زارون زار،

واها وَڪڙا يار وهائيندس.

”مفتون“ آکي نيڻن منهنجي ڪيڙا مينگهه ملهار،

وِرهه تنهنجي ۾ آءُ دوست وسائيندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org