سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان مفتون

صفحو :3

ڪافي (1)

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،

زندان هزارين، مان نه رڳو،

تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي،

مهمان هزارين، مان نه رڳو،

ڪيئي گهايل تنهنجي گَهور سندا،

مخمور غفور سُرور سندا،

تنهنجي نور ظهور حضور سندا،

نگران هزارين، مان نه رڳو.

ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،

ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،

ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،

قربان هزارين مان رڳو.

تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گِري،

ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،

ڇا جن ملائڪ حُور و پري،

حيران هزارين، مان نه رڳو.

ڪيئي نوڪر چاڪر جمع اڪبر،

ڪيئي خادم آهن خاقان نوڪر،

سوين در تنهجي تي دارا سڪندر،

دربان هزارين، مان نه رڳو.

 

ماهه لقا محبوب مٺا،

تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،

ٿيا دامنگير امير گدا،

سلطان هزارين مان نه رڳو.

دلبر پيارا ڪر نُور نظر،

تون ته سرور عالم جن و بشر،

تو تان قربان تارا شمس وقمر،

”مفتون“ هزارين، مان نه رڳو.

*

ڪافي (2)

ڪــيــن اچـــي آرام-

اَلو ميان ڪارڻ مارن جي آهيان  ماندي،

سانگيئڙا مون کي گڏ گڏيندا،

هيڪل هن کي ڪيئن ڇڏيندا،

شال ٻڌي پيغام-

اَلو ميان هن مئيءَ جا ٿيندا ڪانڌي،

ڇڏ بنديءَ کي ڇوڙي دستئون،

سانگيئڙن کي روز اَلستؤن،

ساهه ڪري ٿو سلام-

اَلوميان ٻانهي تن جي آهيان هيڪاندي.

 

جهانگيئڙن سان وڃي جاليندس،

سور تنن کي سڀئي سليندس،

ڇڏ عمر تون ڄام-

اَلوميان ڇو باند ڪئي ٿي ناحق باندي.

مرڪ مارن جو آهن لويون،

هار سگَر جا وتن پويون،

ڪرڙ ڳنڍا ٿن طعام-

اَلوميان آءٌ ته انهن جي ٿيندس پانڌي،

ڀٽان اسان جون گل گلزاريون،

ٿڌڙيون هيران ٿڌڙيون واريون،

اَڳي ڏنن انعام-

اَلو ميان زور ظلم کڻي هتڙي آندي.

مارون تڪين ٿا منهنجون راهان،

درد منجهون ٿا ڪن دانهان،

رک تنين جي مام-

اَلو ميان ڪر نه ههڙي شير شهاندي.

”مفتون“ آهي محب سدائي،

تنهنجي ملڻ لئي ماندو جائي،

دلڙي اسان جي مدام-

اَلو ميان وار نه هڪڙو وِرهه کان واندي.

 

*

ڪافي (3)

دوست آيو ٿي منهنجي ديري،

ڳڻ تنهن جا مان ڪهڙا ڳايان.

ڏينهن پرين پري تو لايا، نيڻ نماڻا واهه وهايا،

سور سڄڻ ٿي توکي سڻايان.

سخن ڪيان ٿي ساري سچوئي، تو بن ڪريان يار نه ڪوئي،

لنَو لُڏڻ ٿي توسان لايان.

سونهن سڄڻ جي نوراني، ملڪ مستانا حوران حيراني،

مَٽ تنهين جو ڪو نه ڀايان.

برهه ڪيا هن پنڌ پسارا، نيڻ ٽِمڻ ٿا جئن نارا،

يار ٻگهڻ چئي ڇا ته ٻڌايان.

”مفتون“ چوي سائين من مستانو، ربهه بيراڳي درد ديوانو

لعل لبن تان گهوري گهمايان.

*

ڪافي (4)

قسم توکي ٿي رب سچي جو،

کولي گهنُڊڙو پاڻ پساءِ،

نينهن وڌ ٿم اڳ ئي نهوڙي،

ويتر ويٺين ڪاوڙ جوڙي،

هي ته مناسب توکي ناهه،

کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ،

سِڪندي ٿيڙا سال اسان کي،

ڪا نه مهِر پئي محُب اوهان کي،

واڳ اسان ڏي يار وراءِ،

کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ.

نوڪر آهيان نانَو تنهنجي جو،

خيال نه مون کي حسن ڪنهن جي جو،

نينهن اسان سان توڙ نڀاءِ،

کولي گُهنڊڙو پاڻ پساءِ.

 

عرض ڪيان ٿي توکي روُئي،

توريءَ ناهي منهنجو ڪوئي،

تون ته اسان کان منهن نه مٽاءِ،

کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ.

در تنهنجي جي آهيان دائي،

پورهيت تنهنجي جانب جائي،

ٻاجهه ٻانهيءَ تون مور نه لاهه،

کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ.

”مفتون“ آکي ڏينهن ڪو ٿيندو،

اڱڻ اسان جي دلبر ايندو.

پرور منهنجي آس پڄاءِ،

کولي گهنڊُڙو پاڻ پساءِ.

ڪافي (5)

عشق عجيبن او اندر ۾،

درد دلبر جو ڌاريون ڌاريان.

قيد قسمت جي آڻي اڙايو،

ڪو نه مون کي هو روح ۾ رايو،

هاڻ توهان ريءَ گهڙي نه گهاريان.

جنهن ڏينهن لاڪون نينهن جو ناتو

يار لڏڻ مون توسان لاتو،

تنهنجي پسڻ لئي پيو پڪاريان.

ڪر نه پرين تو پريت پراڻي،

آءٌ ته آهيان سائين در وڪاڻي،

ساعت ساعت ۾ توکي سنڀاريان.

خوش گهڻيرو خوب ٿيان مان،

شاديون شهرين ڪاڄ ڪيان مان،

نيڻ کڻي جڏهن تو ڏي نهاريان .

 

درد اندر ۾ جال جکي ٿو،

سونهن سڄڻ لئي ساهه سڪي ٿو،

ڪانگ ويٺي آءٌ هت اڏاريان.

محب ”مفتون“ ڏي ڇو نه ڏسين ٿو،

دل ۾ دمدم دوست وسين ٿو،

ڪين وهيل ٿي توکي وساريان.

*

ڪافي (6)

آءٌ اصل کؤن آهيان پرين،

پيرن اوهان جي جي پَڻي.


 

تو لنوَ مون کي لائي لُڏڻ،

ماندو آهيان خاطر ملڻ،

جڏهن ناز مان مون ڏي ڏٺيءَ،

قلب اسان جي کي ڪُٺيءَ،

سورن جو سهمايو آهيان،

آءٌ در سندو دايو آهيان،

تون اچ اسان جي گهر گهري،

قدمن توهان جي تي ڪِري،

”مفتون“ چوي ساجن سچا،

سيني اسان جي ۾ سدا،

آءٌ سام تنهنجي هان سڄڻ،

جيڪا وري توکي وڻي،

منَڙ،ي اسان جي کي مُٺيءِ،

ڪي کامجي کنا کڻي،

تو لئه سڄڻ آيو آهيان،

تون دلبرا منهنجو ڌڻي.

آڻي پوان لاهي مري،

اها ڳلاهه آهي مون ڳڻي.

تون محب آن منهنجو مَدا،

محبت تنهنجي آهي گهڻي.

 

*

ڪافي (7)

اٿم سڪ سرير-

آءٌ وڃي کلِندس شال کرن ۾.

محبت مست مارن جي  مَن ۾،

اُڻتڻ سانگيئڙن جي تن ۾،

وڌڙم اور اڪير.

ڪڪر ڪڪوريان بجليون ڀڙڪيون،

بوندان بهاري آيون ڪڙڪيون،

اُٺڙا مينهن ملهير.

جهوڙان جهڙن ٻڌيون جنساريون،

رڻن پٽن تي ٿيون گلزاريون،

سبزن لاتي سفير.

گاجون گوڙ  ڏين گجڪارا،

کوڻيون کيج ڪرن چمڪارا،

اڀرن سهسين سير.

جهنگ جهرن ۾ پاڻي پيلان،

ڇَران ڏين ٿيون روز جون ريلان،

کوَ ڀري ٿم کير.

ڪرڙ ڪنڊيرا سڱر سنواريا،

بَرپٽن تي ڦوڳ ڦلاريان،

نڪتا گاهه ڳنڍير.

محب موچارا سيد سچارا،

”مفتون“ جو تون مهر منجهارا،

ساٿ لنگهائج سير.

*

ڪافي (8)

جند جا جياپا! جهاتي جو پاتيءِ،

چشمن سان اڪ وڌءِ چپ چپُاتي.

محب ملڻ لئي آهيان مستانو،

دلبر ڏسڻ لئي آهيان ديوانو،

لنوَ لنوَ ۾ لالڻ لنو جو ڪا لاتي.

شب روز تنهنجون ڏسان ٿي مان راهان،

دلبر ڪيان ٿي درد مان دانهان،

جنهن ڏينهن مون سونهن تنهنجي سڃاتي.

نالي الهه جي اچ تون اسان ڏي،

ڪن گوش منهنجو گهڻيرو توهان ڏي،

عشق اندر ۾ اٿم اثباتي.

دوست دلبر لئه ڊوڙان ڊُڪان ٿي،

پرين پسڻ لئي صاحب سِڪان ٿي،

ٻي ڪل ڪمن کون دلڙي جو چاتي.

دمدم توهان لئه گهران ٿي دعايون،

ڪرڪي ڪوهيارل ورڻ جون وايون،

تو بن گذاريان ڪئن مان حياتي.

مون کي نهوڙيو آهه ناز نيڻن جي،

مون کي آ موهيو سوز سڄڻ جي،

رڳ رڳ ۾ رانول هنئي ٿم رواتي.

 

”مفتون“ چوي ٿو دلڙي اسان جي،

ويندي ويچاري ني واٽ ڪنهن جي،

ڦندن تنهنجن ۾ آڻي جو ڦاٿي.

*

ڪافي (9)

ٻڌي بيٺيون ڪڍي خنجر،

سڄڻ آڻي ٿيو ساڻي.

ڪرشمن جو ڪُهن ڪاتيون،

ويون وسري ٻوين لاتيون،

جڪيو ڪزگن وڏو مارو،

لُڏي ويو بلخ بخارو،

چکي چشمن سنديون چوڪان،

هنجون هارين جئن ماڪان،

کنڀائن بن سندو ڀالو،

ڌڏي ويو روم بنگالو،

چوي ”مفتون“ اٿو سائين،

مهر جو دست ڌرجائين،

آيو چوگان ۾ چاتيون،

ڪندو هينئڙي کي حيراني.

ڪنبي ويو تخت هزارو،

ڏکيو ايران توراني.

ڪرن دلڙيون سوين ڪوڪان،

ڏڪن ڦرڪن جهرن جاني.

هلي ويو قيل مقالو،

پڇم پورب پريشاني.

بندي تي بخش ڪجائين،

دليون جانيون آهيان ٻانهي.

 

*

ڪافي (10)

نيڻ کڻي ڏس اسان ڏي لا،  عرض ڪري ٿي نماڻي.

ويٺي ويٺي ورهه لنگهي ويا،

پير ڀري آءُ مان ڏي لا،

محب ڪري مهرباني.

ٻانهڙي آهيان دلبر تنهنجي،

جاڏي ڪيو يار تاڏي لا،

هيءَ ته تنهنجي در وڪاڻي.

ريءَ توهان جي سهڻل سائين،

هيءَ ته وڃي يار ڪاڏي لا،

ميري مندي عيبن هاڻي.

”مفتون“ آکي ڳالهه اهائي،

آءٌ ته ڏسان يار جاڏي لا،

تنهنجي پسان ٿي پيشاني.

*

ڪافي (11)

ماڻن تهنجي موهيس سڄڻ،

پيڙس پرين تنهنجي پکي.

مٺڙيون ڪري ڪي ڳالهڙيون،

دل کي وڌءِ ته دوالڙيون،

ڪنهن کؤن سکين اهي چالڙيون،

ڇڏ تون مٺا! وايون رُسڻ،

اچي پرچ تون مون سان تکي.

هار ڪيئي، سينگار ڪيئي،

ڇوڙي زلف اظهار ڪيئي،

ڪي ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار ڪيئي،

تنهنجي ڪندس جهوري جهِڄڻ،

دونهون اندر ۾ ٿو دکي.

راتيون لنگهن مون و ِرهه جون،

ويٺين وساري دوست مون،

لهه سار منهنجي يار تون،

ماندي آهيان خاطرملڻ،

پيهي اچج منهنجي پکي.

فاني فراقن مون ڪيو،

ڪو ترس توکي نا پيو،

ڪر تون منهنجو هڪڙو چيو،

دل کي دلاسو ڏي سڄڻ،

ٻانهيءَ مٿي ٿورو رکي.

ماڻهو ڏٺا مون سڀ ڪٿي،

توکي ڪيم اکڙين مٿي،

هتڙي هجان توڙي هتي،

اڻتڻ سدا تنهنجي پَسڻ،

جند جان ۾ جاني جکي.

”مفتون“ چئي ٻانهون آهيان،

تنهجي در ديوانو آهيان،

مجنون مستانو آهيان،

ڪر ڪي پرين وايون ورڻ،

راتيون لنگهن تارا تڪي.

*

ڪافي (12)

ڪر محب نه مون سان ماڻا،

ڏس پاڻ ڏي يار سياڻا.

 

صورت تنهنجي سج چنڊ ساڳي،

وار ته تنهنجا دل جي واڳي،

اهي ڏند موتيءَ جا داڻا.

 

دلبر آهيان تنهجي دائي،

هير حجت منهنجي نه ڪائي،

ڪيئي در تنهجي تي وڪاڻا.

 

جا ڪي جان ويٺي وساريان،

ساعت هڪڙي ڪين وساريان،

اهي عشق تنهنجي جا اُراڻا.

 

سهڻا سهڻا سر تي چاتم،

ميڙي سيڙي پيارل پاتم،

ڳل ڳچيءَ منجهه ڳهڻا.

 

”مفتون“ چوي آهيان ٻانهي،

منهنجي اندر ۾ منهنجا جاني،

تنهنجي درد ڪيا هن ٿاڻا.

*

ڪافي (13)

آءٌ پريت تنهنجيءَ ۾ پرين،

پلپل آهيان فاني فدا.

سڄڻا تنهنجو سائل آهيان،

عاجز گهڻو ڪاهل آهيان،

محبوب ٻياڀي ملڪ ۾،

تون آن جيئن چنڊ فلڪ ۾،

نيڻن سندا ناوڪ ڪيئي،

سوين خون تان پلئه پيئي،

دلڙيون تنهنجي درگاهه تي،

سڀ قيد ڪيون ٿي راهه تي،

تون آن سڄڻ سردار مون ،

هت ڪينءَ وهان هڪ ڌار مون،

”مفتون“ محب آهي مدام،

ڏس تون پرين مون ڏي تمام،

تنهنجي مٿئون مائل آهيان،

تون مهر ڪر مون تي سدا.

آهن گهڻيرا خلق ۾،

مڙني سندو آهين مدا.

هينئڙي اسان جي ۾ هنيئي،

ماري ڪيئي سڀ کي فنا.

دانهان ڪرن ٿيون دانهن تي،

اَٿي ونگ وارن جا وڌا.

دلبر مٺو منٺار مون،

جاني جڙيل تو کؤن جدا.

تنهنجي غلامن جو غلام،

خنده خوشي بهر-خدا.

*

ڪافي (14)

مون کي محب ڪيو مستان، وو-

انهي مرڪي ڏسڻ سان.

هوش کسيو ٿي منهنجي هٿن کون،

حال ڪيو ٿي حيران،وو-

انهي ٽهڪي ٽِلڻ سان.

درد انددر جو توکي ٻڌايان،

دوست ڪيو ٿي ديوان، وو-

انهي مرڪي ملڻ سان.

درد وندن کي دلبر منهنجا،

ڪَشي هنيا ٿي ڪان، وو-

انهي ڏؤران ڏسڻ سان.

ڏاڍ ڪرين ٿو، ڪين ڏرين ٿو،

بڙڇيون هڻين ٿو بان، وو-

انهي هوري هلڻ سان.

”مفتون“ آکي يار ڪيو ٿي،

نينهن پنهنجو جو نشان،وو-

انهيءَ چال چلڻ سان.

*

ڪافي (15)

جان ويس پئي واٽ سان، دلبر اچي سامهون ٿيو

هوش کان بيهوش ٿيس، لالڻ جڏهن پاتو ليو.

قد هئس سهڻو سڌو،

هڪ جلوي سان جڳ کي ڳڌو،

زلف منهن تي هئس کليا،

سي ڇير وانگي پئي ڇُليا،

عين آهوءَ جيهڙا،

ڪيان وصف تن جا ڪيهڙا،

منهن هو سڄڻ جو حور جان،

گهمڻي مٺل جي مور جان،

عشق مجنون کي. جيئن،

جاني منهنجا تون شل جيئن،

جنهن تير جان ماري وڌو،

هئس منهن جيئن روشن ڏيئو.

ها مشڪ عنبر سان مَليا،

ڪنهن ناز سان ٽِلندو ويو.

تن جا سلامي ڏيهڙا،

جن روح کي ريهي نِيو.

صافي بدن بلور جان،

تنهن ڀي چريو مون کي ڪيو.

”مفتون“ کي آهي تئين،

پاهت منهنجو توسان پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org