سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان مفتون

صفحو :4

ڪافي (16)

مون کي ناز مٺل جي مُٺو مُٺو،

جڏي نيڻين نهاريو جودؤن جاني.

درسن تنهنجي دود دکايو،

صبر قرار آرام وڃايو،

مون کي باهه برهه جي ڪٺو ڪٺو.

اکڙيون عجيبن جيءَ سان جڙيون،

قلب اسان جي قابو ڪڙيون،

اسان سوز سڄڻ جو سٺو سٺو.

حسن تنهنجي جو تاب  تکيرو،

دوست دلين ۾ ڪيڙو ديرو،

اهو ڦٽ ڦتين جو ڦٿو ڦٿو.

زلف زنجير سڄڻ جا ڏٺاسي،

ور واسينگن جي جو چڙهياسي،

هاڻي قيد ته ٿيڙو ڪٺو ڪٺو.

ناز منجهؤن جڏي نيڻ جو چاتي،

”مفتون“ ڏي دلبر ديد جو پاتي،

مون تي مينهن و اُٺو.

*

ڪافي (17)

سڪ تنهنجي ۾ سردار،

واٽ نهاري مان ويهي ويهي.

محبت تنهنجي کوڙيون ميخان،

يوسف جئن منجهه زليخان،

تانگهه تنهنجيءَ جي تنوار،

جيءَ جُبشي ۾ پيئي پيئي.

راز تنهنجي جون روح ۾ ريلان،

مجنون کي جئن مست ڪيو ليلان،

عشق سندي الغار،

دل اسان جي ريهي ريهي.

لنوَ سيفل کي بديعل لائي،

تخت ڇڏي تان ٿيڙو توائي،

ڦيڙو ترت تيار،

ڪار وڃي ٿيس ڪيهي ڪيهي.

”مفتون“ هينئڙو تو بن ماندو،

الهه اسان وٽ توکي آندو،

لٿڙا غم غبار،

شاديون آيون پيهي پيهي.

*

ڪافي (18)

لاتي عشق اوهان جي لوري،

لُٽي دوست نيوَ دل زوري.

 

سونهن سڄڻ جي نوُر نوراني،

ڀروان ڀَنڀون پاڪ پيشاني،

ڏند صاف سڄڻ جا بلوري.

 

زلفان تنهنجون آهن عنبر،

چشمان تنهنجون ساڳي خنجر،

ڪي چاڪ وهن ٿيون ڪلوري.

 

آءُ ته گڏجي ڏينهن گذاريون،

ڳالهيون ڳرهي دلڙيون ٺاريون،

اها رات وڇوڙي جي گهوري.

 

سڪ اوهان جي ڪين لهي ٿي،

سهڻل سائين روز هي رهي ٿي،

جيءَ جان جُثي منجهه جهوري.

 

”مفتون“آکي ڪر احساني،

آءُ ته اصل کون دلبر جاني،

آهيان ٻَڌڙي اوهان جي ڏوري.

*

ڪافي (19)

ڪڍي ڪاتيون ڪرشمن ون،

ڪيو ٿي يار قرباني.

 

ساهه سڪي تو لئي سائين،

مهر مون تي تون ڪجائين،

دوست آئين منهنجي ويڙهي،

روح نيو ئي يار ريڙهي،

دل سڄڻ توکي ساري،

محب وڌءِ مون کي ماري،

”مفتون“ آهي مدامي،

تنهنجي مڃي اٿس غلامي،

واڳ اسان ڏي ورائين،

آءُ ته آهيان ٻڌي ٻانهي.

 جيءُ کسيوئي ريءَ جهيڙي،

بُت منهنجو ڪيو بيراني،

ڪو نه گهڙي دم وساري،

هنِيون ڪييءِ حيراني.

در تنهنجي جو سلامي،

محب مٺا منهنجا جاني.

*

ڪافي (20)

تن ۾ آهي تار،مارن ملڻ جي.

ملڪ مارن جي ماڳ ملهاريا،

ڦوڳ ڦلاريا،سنڱر سنواريا،

گاهن ڪيا گلزار.

ڀٽان ڀلاريون بيحد بهاريون،

اَٿن اجڙ کي اجڙو اُلڪيريون،

ڏنؤرن سندا ڏار.

سانگي سچارا سهڻا سيباڻا،

جن جا سونهن ٿا ڀٽن تي ڀاڻا،

لڳڙي اٿم لار،

محبت سانگين جي سدائين ساريان،

هڪڙي گهڙي ريءَ مان نه گهاريان،

سهڻي اٿم سار.

”مفتون“ محب کي دمدم ٿو ساري،

ويچارو نماڻو گهري ڪئن گذاري،

دلبر بنان ڌار.

*     

ڪافي (21)

غمزن تنهنجن گهمسان ڪيو،

ماري ملڪ دلين جو ويران ڪيو.

ماري ڪان ڪمان کينون ته وتن،

وڃي بر ۾ تير تکا ته هڻن،

چانگا هرڻ جو شڪار ڪيو ته اچن،

مون کي قتل ته ابرو ڪمان ڪيو.

منهجي يار جي حسن جي فوج چڙهي،

منهنجي منهن ۾ آيو تنهن ساڻ لڙي،

ڪاري ڪٻري پئي آهي سڀ ڦڙهي،

انهيءَ فوج وڏو نقصان ڪيو.

ڪُن عشق سندس هن تار ميان،

پهريان مرڻ ڪجهه اختيار ميان،

پوءِ پير وجهو انهيءَ پار ميان،

متان پوءِ اتي ارمان ڪيو.

اڄ يار سڄڻ سينگار ڪيا،

ڇوڙي دام زلف جا تيار ڪيا،

ميندي مشڪ مساڳ نگار ڪيا،

اچي جان جُثو قربان ڪيو.

سڪندي سال ٿيا هن يار مون کي،

تولئي ڏک ڪٽيندي دلدار مون کي،

تنهنجو عشق آهي اظهار مون کي،

اچي ”مفتون“ مٿي احسان ڪيو.

 

ڪافي (22)

تنهنجي پسڻ لئي آءٌ پيِر پڇايان،

ڏينهن گهڻيرا مان لڇندي لنگهايا.

تو بن ٿيڙس ڪين آرامي،

رات اسان جي ويَڙي وهامي،

نار نيڻن جا مان نِت وهايا.

در ڌڻيءَ جي گهريون مان دعائون،

شال ته ايندم واڳ ورايون،

سوال اسان جا ٿيندا سجايا،

جنهن ڏينهن لاڪون ڪيڙو پاسو،

ڪين مُڪو ٿي دَڙ دلاسو،

تو ته اسان لاءِ مچ مچايا.

شالُ اسان کون ڏور نه ٿيندين،

اڱڻ اسان جي پلپل ايندين،

لطف ڪندين ڪي سرس سوايا،

اَصلئون آهيان تنهنجو ٻانهو،

حسن تنهنجي تي محب مستانو،

رمزن تنهنجي ڪي رنگ رسايا.

”مفتون“ آکي محب جو ايندو،

اڱڻ اسان جو باغ جو ٿيندو،

پير جڏهن هت يار گهمايا.

*

ڪافي (23)

ڪي ناز ڪيون لنوَ لائين ٿو،

لنوَ لايون پاڻ ڪڍائين ٿو.

کڻي خوني ڪُهڻ ڪٽاريون،

يار وڃي ٿو ناحق ماريون،

رت عاشقن جي يار هاريون،

هٿ مينديءَ ساڻ رڱائين ٿو.

ڪي ته عاشق ٿو يار ترائين،

ڪي ٿو جئارين ڪي ٿو مارائين،

ڪي ته سڏائين ڪي ته ڦرائين،

ڪي سوريءَ سر ته چڙهائين ٿو.

ساڻ حڪم جي ساهه کسيو ٿي،

وعدو ملڻ جو ڪو نه ڏسيو ٿي،

حال اسان جو ڪين پسيو ٿي،

سر عاشقن حڪم هلائين ٿو.

دلبر آهين دل جو جاني،

ڪونهي تنهنجو جڳ ۾ ثاني،

دلڙي ڪئي ٿي يار ديواني،

منجهه روحن يار رلائين ٿو.

”مفتون“ آهي در جو دايو،

تنهنجي خاطر يار سڪايو،

تو ته اسان سان نيهڙو لايو،

ڪي بار برهه جا بچائين ٿو.

*

ڪافي (24)

شال ڏيندين دلداري،

محب اسان کي ملڻ جي.

هير حجت ناهه وو دلبر توسان وو،

نانءُ ڌڻي جو ٿي باري،

ڳالهه چئجانءِ ڪا اچڻ جي.

ننڊ نيڻن کي وو بلڪل ناهي وو،

ڪيئن ڪري هيءَ ويچاري،

جاءِ نه آهي پڄڻ جي.

توڏي تڪيندي وو رات وهامي وو،

پلڪ ڏکي مان گذاري،

وائي ڪڍج ڪا ورڻ جي.

لالڻ توکي وو لائق ناهي وو،

اهڙي ڪر نه هيڪاري،

ڳالهه نه انهن چوڻ جي.

ڏي ڪو دلاسو ني وو محب مفتون کي وو،

آهي گهڻو بيقراري،

سڪ اٿس تو سڄڻ جي.

 

ڪافي (25)

جڏهن نيڻ کڻي ته نهارين ٿو،

هي ماڻهون ناحق مارين ٿو 

ڏينهن لنگهي ويا ڪينڪي آئين،

ڳالهه اچڻ جي ڪا نه ٻڌائين،

دل کي دلاسو ڪو نه ڏيارئين،

ڪا ته ڪاوڙ دل ۾ ير ڌارين ٿو.

عاشق تنهنجا وتن ويڳاڻا،

ڪي ته گهمن محب مستانا،

ڪي ته ڦرن ٿا دوست ديوانا،

جڏي صورت سهڻي سينگارين ٿو.

سڪ اوهان جي دل ۾آهي،

روز اوهان ڏي بيٺي ساهي،

ڪاڻ ته هرگز توکي ناهي،

ڀلا ڇا لئي غريب وسارين ٿو.

ساڻ کلڻ جي خون ڪرين ٿو،

ظُلم ڪرڻ کون ڪين ڏرين ٿو،

سر اسان جي يار چڙهين ٿو،

ڪي ڪانَ کنيو ته اُلارين ٿو.

”مفتون“ آکي سهجون ساري،

ودست لڳي هان تنهنجي لاري،

آءُ سڄڻ تون منهنجي اُتاري،

ڇو عرض منهنجا الا ٽارين ٿو.

*

ڪافي (26)

پرين مهننجي جا پار وو يار،

ڀروان ڀنڀون نيڻ خماري.

اچي وڃي ٽهڪندو ميان لا،

باغون باغ بهار،

ڪل گهٽيون ٿيون گلزاري.

صدقي صدقي ڪيان ٿي ميان لا،

قدم قدم تون ڌار.

جان جُثو  هيءَ جند ساري.

مَٽ پرينءَ جي ڪونهي ميان لا،

حوران پائن هار،

توڙي پريون ڪن دلداري.

مرڪڻ مٺڙي محبن جي ميان لا،

لاتي تند تنوار،

پاڻي اکين جو ٿيو جال جاري.

”مفتون“ ڏي ني وو مهر منجهارون ميان لا،

نيڻ کڻي ته نهار،

زور نٿي، اٿي منهنجي زاري.

 

*

ڪافي (27)

ذڪر ذاتي سڀو فائق،

سندو فرقان ۾ آيو.

کڻي زلفن سنديون ڦاهيون،

آيون ميدان ۾ ڪاهيون،

ويون وسري ٻيون وايون،

جڏهن امڪان ۾ آيو.

ڇٽيون برهن سنديون بحريون،

ڏين لمڪا ڪرن لهريون،

گڏيون هن گوشت ۾ گهَريون،

جو دؤن جولان ۾ آيو.

لڳو ٿم نينهن نيشانو،

گهمان ٿو مرد مستانو،

ڳڌو تم مست ميخانو،

عجب جهان ۾ آيو.

پرين ”مفتون“ سان پرچي،

رهي وڃ رات ڪا سرچي،

سندءِ ويراڳ ۾ ورچي،

گولو گهمسان ۾ آيو.

*

ڪافي (28)

ماهي يار مٺل دل- جاني!

جنهن نينهڙو لايو زور سان.

نازن تنهنجن واه جو ڪيڙي،

دل اسان جي ديواني،

ريهي ريهي ڏاڍڙي اَور سان.

دوست جو درسن اڄ ڏٺوسين،

سير ٿيو سلطاني،

جڏهن ٿياسين مقابل مور سان.

بوندان برهه جون آڻي مالڪ،

ابر جئين آسماني،

تئين سو لٿيون گهنگهور سان.

”مفتون“ آکي مولا ميلي،

يار سچو سبحاني،

ڏسي نيڻ ڀريا نت نور سان.

*

ڪافي (29)

نـــازن وڌم نِــهــوڙي،

عشق جي ڪيٻر ڪٽيان.

ديدن تنهنجن ڌاڙو ڪيڙو ميان،

هوش اسان جو لُٽ ۾ ويڙو ميان،

ڦٽ وڌءِ يار ڦوڙي،

محبت تنهنجي ڪيئن مٽيان.

اصل اول ۾ ڏئي دلاسو وو،

هاڻ ڪرين ٿو يار تون پاسو وو،

جاڙ ڪيئي يار جوڙي،

ڳالهيون ٿي ڳايان ڳچ ميان.

”مفتون“ چئي نيهن نڀائج لا،

کلي اسان سان يار ڳالهائج لا،

تنهنجي عشق وڌڙم جهوري،

سور مٿي تي مان سنيان.

*

ڪافي (30)

غمزن ماري گليلان،

بال بدن جا ڀڳائون،

برهه بڇيون هن باهيون باهيون.

نازن نخرن دل اسان جي تي،

پلپل ڪيڙون اُليلان،

مَن اسان جو مُلهه ڳڌائون.

بوندن برهن وو روح ريڌل تي،

پاڻ ڪيون هن پهيلان،

ونگ ورائي وڌائون.

نيڻ نماڻا ني وو پرين پياسي،

تاڙان ڏئي ڪي طفيلان،

يار کي ڳولي لڌائون.

ڏورئون ڏسڻ لئي ئي وو مار نه مون کي وو،

ڪر نه وهيل تون اويلان،

آءُ تون سڄڻ سنجهه صباحون.

”مفتون“ آکي ني وو مزگن تنهنجن وو،

ميخان کڻي ڪي جو سيلان،

هينئڙي اسان جي هنيائون.

*

ڪافي(31)

رُخ رنگي روشن رعنا،

شمس قمر آهي سونهن سڄڻ جي،

ڳل سرخ سمن سلطانا،

حوران ٿيون حيرانا.

 

نيڻ سڄڻ جا نازڪ نرگس،

هٿ ڪيائون ميخانا،

پيتيون وتن ٿا پر پيالا،

مست گهمن ٿا مستانا.

مزگان سڄڻ  جون شوخ شڪاري،

نت ڀڃن نيشانا،

خوني خنجر ڪهن ڪٽاريون،

بڙڇون هڻن ٿيون بانا.

ڏند آهن دلبند سڄڻ جا،

صاف چٽا دردانا،

هيرا لعل جواهر موتي،

درد سندا هن ٻانها.

زلف مٺل جا نانگ نسورا،

درس وتن ديوانا،

ڏنگ هنن ٿا ونگَ ورائي،

موت مارين مردانا.

لب لڏڻ جا آهن لالا،

ياڪ ياقوت يگانا،

بت بهاريون وتي سينگاريون،

سرو سهي سبحانا.

”مفتون“آکي خاطر تنهنجي،

دوست مٺا دل جانا،

سر مٿون مان ساجن سٺيا،

لوڪ سنڀن جا طعنا.

*      

ڪافي (32)

جلوو ڪري جولان،

جهالر تنهجي جهرمر لائي،

لوڏ لالڻ جي رنگ لايو.

جهومڪ تنهنجي جنگ مچائي،

ٻانهين هڻي ٿي ٻاڻ.

 

بولو بار رکي ٿو باري،

نٿ ڪري ٿي ناز ڏهاڙي،

سڳيون نيڻ نه ساڻ.

 

تن تعويذن قيد ڪرايو،

لُڪڙي اسان جو عقل لٽايو،

ڪنڍي هڻي ٿي ڪان.

 

منڊيون ڪن ٿيون مرڪي مارا،

ويڙه ڪري ٿونانگ جان وارا،

هسي ڪيو حيران.

 

ڇلا ڇوهه ڪرن ٿا قهري،

چوڙا چال چلين ٿا چهري،

منگلن ڪيو مستان.

 

ٻانهن رکين ڪيو مانتي مارو،

ڪنگڻ ڪيڙو ڪينڪي ٽارو،

بندڙن ڪيو بيران.

 

چوٽي ڦل سائين فڪر ڦٽايو،

رکڙين ڪو نه رکيو ڪجهه رايو،

دستين ڪيو ديوان.

 

چوٽي ڦُل سائين فڪر ڦٽايو،

رکڙين ڪو نه رکيو ڪجهه رايو،

دستين ڪيو ديوان.

 

ڪڙين سندا قوس ڪشائين،

گز گليلان کولي هنيائين،

”مفتون“ ٿيو نيشان.

*

 

ڪافي (33)

پرو پون ٿا پلپل يار،          دوست اچي ڏيو ڪا دلداري.

آهه اندر ۾ اور اوهان جي،

ڪر نه پري تون پورهيت پنهنجي،

ٿي نه ڌوٻڻ کون ڌار،

ڪول ڪجانءِ هيءَ ته ويچاري.

نينهن نِڌر سان جنهن ڏينهن لاتئي،

پيچ پِرت جو پيارل پاتئي،

ڪين اچي ٿو قرار،

برهه ڏئي وئي برسر باري.

ڇڏ سڄڻ تون جال جدائي،

ڪر ونهيل ڪا ورڻ جي وائي،

مل اچي منٺار،

ڪر نه محب تون مون ي مياري.

صورت تنهنجي ساهه سيباڻي،

صحبت سڄڻن دل کي ڀاڻي،

ڏيئي دلاسو دلدار،

مَن منهنجي جي لاهه مونجهاري.

دلڙي ويچاري ڪري ٿي دانهون،

در ڌڻيءَ جي دمدم آهون،

شال چڱي ڪنهن وار،

ملندو مون سان هوت هزاري.

”مفتون“ آکي وو محب موچارا،

محبت تنهنجي ڪيڙا پسارا،

لهه اچي ڪا سنڀار،

يار زور آور مڃ ڪا زاري.

*

ڪافي (34)

حسن تنهنجي ۾ هيڪاريون،

ساهه سوين هن سڌاِڻا.

تنهنجي اچڻ لئه ني وو ڏک جو ڏور ريم وو ميان،

راتيون ويهي مون گذاريون،

آءُ سڄڻ تون سياڻا.

يار جدائي ني وو جنهن ڏينهن ڪيڙءِ وو ميان،

مون کي وئين يار ماريون،

هاڻي نه ڪر محب ماڻا.

دمدم ڏجانءِ ني وو دل منهنجيءَ کي وو ميان،

دوست اچي دلداريون،

هي ته تنهنجي در وڪاڻا،

نازن نيڻن ني وو دوست دلبر جي وو ميان،

آڻي ڪيا هن چوڌاريون،

تَن منهنجي ۾ ٽڪاڻا.

آهه مدامي ني وو ”مفتون“ وٽ ني وو ميان،

سونهن سهڻي کي سينگاريون،

شاديون ڪريان شڪرانا.

 

ڪافي (35)

اڄ اباڻي پار، منهنجا نيڻ نهارن رويون.


 

عيب اباڻن پٽ پوشاڪان،

پٽ سندا پنهنوار،

منجهه ساڻيهه وسن ٿيون سرتيون،

شال ڏئي آڌار،

جهالر جهومڪ ڪينڪي پايان،

سرتين جا سينگار،

کائن تنهنا لائن لوري،

سانگئيڙا سردار،

چاشني تنهنجي ڪين چکا ٿي،

ٻاجهه ڀريا ٻڪرار،

”مفتون“ آهي سهڻل سائين،

مهر ڪري منٺار،

ڪينءَ عمر تون آنديون اسان کان،

لوڏين لاڏ منجهائون ٿا لويون.

هن نڌر کي وينديون ورتيون،

نينديون دور سنگت جا سويون.

ٻانهين تنهنجي باهه ٿي ڀايان،

پائن هار سڱر جا پويون.

ميوا تنهجا جيءَ جي جهوري،

کائن کم لسي سان لويون.

کنڊ ۽ کير نه وار رکان ٿي،

اچن کيٽ کنڀي جا کوهيون.

سِڪ تنهنجيءَ ۾ يار سدائين،

وڃ داغ دلين جا ڌويون.

*

ڪافي (36)

مـــحـــبــــن ســـاڻ مــــلائـــي،

مولا مون کي ملڪ ڪيچن جي.

 

وڇڙي ڏينهن ني وو ٿيڙا ميان لا، پنهل ڏي پهچائي،

سچا سگهڙو ساٿ سڄڻ جي.

ماندي آهيان محبن لئي ميان لا، روحن ۾ نه رلائي،

پوان وڃي در ڌڻين جي.

گهوري گهوري وو وڃان ني ميان لا،  جندڙي جان سڀائي،

مٿئون ذات جتن جي،

آيا سور ني وو سامهان ميان لا، مون کي لَڪ لنگهائي،

رکندين ڏنهن ڏکن جي.

موڳو ڪيڙو ني وو وڇوڙي ميان لا، ڇوريءَ کي م ڇٽائي،

سيد سهڻا پنڌ پٽن جي.

”مفتون“ چوي ني وو مهر مون ميان لا، راحم رب رسائي،

مون کي پار پرين جي.

*

ڪافي (37)

جڏهن يار نيڻن سان ڏٺو،

منڙو منهنجو موهي ڳڌائين،

مون کي ڪٺائين ناز سان،

سرندو وڄائي ساز سان،

پاڻهي پرين پياري اچي،

دل کي دلاسا ڪيترا،

مون کي هتي پرچائيو،

دلبر ڏنا آواز سان،


 

نيڻن نماڻن سنهيڙو،

ڪنهن قيد قسمت جي وٺي،

لاتو اچي توسان سڄڻ،

بلبل اڙايا باز سان.

ڀروان سڄڻ جون سوهڻيون،

محراب مسجد جا ڪڍيون،

عاشق ٿيندا تنهن ۾ آهن،

مشغول پنهنجي نماز سان.

اڌ رات جو آڻي سڄڻ،

ريهيو اچي ريبيو مون کي،

مون کي ننڊئون جاڳائيون،

راول مٺي ڪنهن راز سان.

”مفتون“ چوي محبت گهڻي،

عاشق ٿيندو منتهي،

محبن سندي آهي اندر،

پورو پنهنجي آغاز سان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org