سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :4

 

وزيرن ۽ اميرن جو سيفل جي حق ۾ صلاح ڏيڻ لاءِ عاصم شاهه وٽ وڃڻ

سيفل دي ڪول، آيا لوڪ سارا،

بَدِيعُل دي بِنان، پاوي انڌيرا،

آوِن سهسين ، سُگهڙ سالڪ سياڻي،

ڪِوين نصيحت گهِنن ، عاشق اياڻي ،

آوِن مِل مِل مُدَمّغ ، مَرد غازي،

طرح طرحين ڪَرَن، نِت نِت نيازِي،

آوِن دايان تي مايان، ڪر بَکيڙي،

ٻيٺا سؤ لوڪ، سيفل نال جهيڙي،

ڏٺيان ني سِڪ سچي، سيفل سَدائِي،

رَوازِي لوڪ ڳَئي، گهر ڏي سڌائِي،

رَهئي باقي، صلح والي سچاري،

عُشاقان دي ڏيکو، ڪَم نِت نِرالي،

صَلَح صَلاّح، سالڪ ٻَہَ ڪريندي،

عريضا لِک اڳُون، عاصم ڌريندي،

ڪَرون تصوير دِي، تدبير ڪائِي،

ڦِرون هر مُلڪ تي، ڪَر ڪَر گدائي،

اڻيسُون گهِن، سا مورت ماه والي،

جَنهين دي ڪاڻ ٿيا، شہ مَن موالِي،

ٿِيوِن هر ديس تي، تَيڏيان ٽپالان،

ويسُون گهُمسون، اسان مغرب شِمالان ،

پسند ڪِيتِي، عاصم ايہ ڳالهه ساري،

ڪَريجي ڳالهه، اِس دِي تُرت تياري،

آوِنِ سَيفل ڪُون، ڦِر اُهن نال ٻولِن،

صُلِح صَلاّح دِي، سڀ ڳالهه کولِن،

سَيفل مُلُّوڪ نُون، نا ڳالهِه ڀاوي ،

جگر ۽ جانِ دا پيا، خُونُ کاوي،

سَرِيجِن دانهان، ٿيا رنگ زرد پِيلا،

کَڙا ڪَر ڪَر هَزاران، لوڪ حِيلا.

 

عاصم شاهه جو اميرن ۽ وزيرن کي ولايتن ڏي موڪلڻ

سڏا بادشاهه عاصم، ڪُل وزِيرين،

اَمِيرين تي فَقِيرين، سال گِيرين ،

ڪَرو هَر مُلڪ تي، جاسُوسِي ڪائِي،

سَڀو سالِڪ رکو، صِدقا سَچائِي،

پُڇائو ، اِرَم ڪُون، دِليُون بجانَون،

جِٿان هووي، بَدِيعَل شاهه بانُون،

عَرب، عَجَم، يَمَن، يُونان سارا،

پُڇو پُورَب پَڇَم ، بَلخ و بُخارا،

حَلّب، هيرات حَد، ايہِ ڪُلّ گولو،

اَدا وَڃ اَصفهان وِچ راز کولو،

تَبرستانُ گِبرستانُ اِيرانُ،

ٿِيوو وِچ ماڙَ دي، ڪنهن ڏِينهن مهمان،

پُڇِياوي فِرنگ پِشنگ وِڇ آئون رَو، رُومِي،

ٿِيوو ڪابِل قَنڌارِي دي نُجُومِي،

جِدي وِچ جوانَ وڃ ٿِيوو سَلامِي،

پڇِيا هي ڪاشِغَر وَڃ، ڏي غُلامِي،

پُڇو پِشّور تي، سَرانديپ بندر،

طروس و طُوس طفحس بَشّر،

چَلو وَڃ چِينِ، ۽ ماچِينِ وَوڙو،

صَنَمُ سَيفل سَندا، مطلوب جوڙو،

ڪَڇِي قَلاّت ۽، گُجراتِ ڪابِل،

ڪَرو سامان سَفَر دا، هاڻي ڪو هُل،

شڪل شِيراز دي، شاهِي سَڏيندي،

بنگالي دي عجب، آدَم وِکيندي،

گهُمون مَڪرانُ، تي مُلتانُ ڏيکو،

متان هِندُ سِنڌُ دي وِچ، هو صَنَم ڪو،

وَوڙو سُمناٿُ، تي عِراقُ ڏُونهين،

ٿِيوو پَرڏيہ دي وَڃ يار، سُونهين،

خانَڻ، خَتن فَتَن، تي خُوب خوش رنگ،

ڪيهي مُلِڪّ لِکيسِين، رنگ بي رنگ،

مَيڏي خاوند بَنائِي، هَر وِلايَت،

ڪريندا هر وِلايت، تي هِدايت،

جِٿان هووي پَري، تنهن دا گُذارا،

ڪَرو وَڃ تنهن وِلايَت وِچ، اُتارا ،

صحيح ڪَر ڪي، لِکائو ڳالهه سارِي،

آڻو جي گهِن ٻَرِي، تان ڳَل مُچاري ،

آڻو مطلوب لَهه، اللهُ ڪريسي،

اِهي عاصم سوين، توري سريسي .

 

وزيرن ۽ اميرن جو پريءَ جي ڳولا ۾ وڃڻ

اُٿئي جاسوس، ٿي ڳَئِي مرد ڳاڻي ،

خزاني چا چلن، اوهُ نِيل ناڻي ،

اُٿئي اُسهي ، توڪّل ٻنڌ چوتا،

جو سيفل شاهه ڪُون، ڳئي ڇوڙ روتا،

امُر مَن ٿَئي مرد، هر مُلڪ ووڙي ،

لِکِئي قلم رَبي ڪُون، ڪونُ موڙي،

لِکِئي مضمون دي شہ، حال ڪُلّي،

سيفل خاطر ڳئي، جاسوس ڄُلّي .

 

جاسوسن جو مصر ۾ موٽي اچڻ

وَلِئي آخر وطن تي، سٿَ مسافر،

ڪُلِي قاصد زوراوَر، مرد زابِر،

ڪِتوني ماه ٻارهن، سفر سارا،

نه ڪو ڏيوي اِرم دِي خبر چارا،

نه ڪو ڏَسّي، اِرم شهر گُلستان،

وَلِئي دانہ وطن تي، دل شِڪستان،

خبر ايرم دِي، هرگز هٿ نه آئي،

اَندياني، چار تصويران، لِکائِي،

مُلڪ مالڪ سندا، هي بُلند باري،

بصر آئين، کُليندي خبر سارِي،

ڪِتوني حالُ، عاصم نال ڪُلّي،

سيفل دي جانِ، ٻِيهر باهه ٻَلّي ،

پِدَر، پِسّر نُون چليا، سڏ وَزيران،

آندياني چارَئِي سي، چا تصويران،

ڏِکاون شہ سيفل ڪُون، ڳل ڇپائِي،

ڪِيوين ڇپّي، شمع دِي روشنائي،

ستارا، ماهُه ٿِيوي، ڪونه ڪوئِي ،

ڪري سيفل، صنم دِي جُستجوئِي،

آکيا سيفل اُداسي، ايہِ زبانون،

اهي گوليان نه سونهن، پيش بانون ،

پِدر ٻولي: نه رولين، وقت پِيرِي،

زهيري وِچ ڏِوين نا، دانُ گِيرِي،

ڳڌا مين يار تَينُون، پِنّ پِيرين،

دُعا دم دم منگِيُم، در در فقيرين،

بِنان تَيڏي، مَيڏا جيوڻ اجايا،

هميشہ ڪول هو، هردم سجايا،

هِڪو مَيڏا پِسر تون هئين پيارا،

هزاران هي، هزاران هي، هزارا،

تَيڏي ٻاجهون، خدا دا سُنهُن ختم پيڙهي ،

ٻَڌي سيفل بِره دِي، کنڊ جِيرِي.

 

سيفل جو پيءُ ۽ اميرن وزيرن کي جواب ڏيڻ

ڏِتا جواب سيفل، کول سِينا،

ميڪُون دعائين ڪرو، مِلسِي نگينا،

مين وَيسان، لوچ لهسان، يار ساڳيا،

تون خوش هووين هميشہ، ڪاڻ لاڳا ،

نه رهسان هڪ گهڙي، تون شاهه ڄاڻي،

نه سَهندي سِر عُشاقان، دي وِهاڻي،

ٿِيسان جوڳي، بيرامَڻ ي براڳِي ،

مِليسي الَہ سانُون، يار ساڳِي.

 

سيف الملوڪ جو پيءُ کي صاف جواب ڏيڻ

وَلا وَل وَل ٻُليندا، شہ دِوانا،

پِدَر، پِسّر اڳون ، روڪي الانا ،

سيفل ڪون شاهه آکي، زار زارِي،

ٻولي سيفل، مين ويسان وار واري ،

سيفل ڪُون شاهه آکي، مَنّ مَيڏِي،

ٻولي سيفل، نهين ڪجهه ڪاڻ تيڏِي،

سيفل ڪُون شاهه آکي، مُلڪ تَيڏا،

ٻولي سيفل، نهين ڪجهه طمع ميڏا،

سيفل ڪُون شاهه آَکي، ٿِي نه دوري،

ٻولي سيفل، مَيڪُون وڃڻ ضَروري،

سيفل ڪُون شاهه آکي، پَيون مُنجهاري،

ٻولي سيفل، صنم بن، موت ماري،

سيفل ڪُون شاهه آکي، ڪَرّ شاهِي،

ٻولي سيفل، ڪريسان مين گدائي،

سيفل ڪُون شاهه آکي، تخت ماڻي،

ٻولي سيفل، شَلا ماهِي سُڃاڻي،

خانڻ، جيڪي صنم دي، خاص ڳولي ،

تِنهان نُون نا ٿِيوي، محبوب اولي .

 

سيفل جو ٻيڙين جي رستي روانو ٿيڻ

نه مَنِيان مُول سَيفل، شَہ صَلاحان ،

پِدر دِيان مُنجهِه ڳَيان، هر طرف راهان،

عُشاقان دي ڏيکو، ڪَم هِن نِرالي،

ٿِڪي جهَل جهَل، ماڻهو سڀ شهر والي،

پِدَر مادَر، قَبِيلا سَتُر سارا،

نصيحت نا جهَليا، مانجهِي مَتارا،

پِدَر ڄاتا، پِسَر ويسِي، نَه رَهسِي،

سَفَر دَرياهَ ٻاجهَون، ڪِين ٻَهسِي ،

سڏايا شہ ملاحين، مُنجِ سپاهي،

آوِنِ گهِنِ نال ٻِيڙي، بُلند شاهِي،

بُلند بارِي هزاران، ڪر تيارِي،

کَڙايِنِ ڪشتيان، مِصري قراري،

آڻنِ ڊُونڊِيان، جهازين گهن هزاران،

گهتن هر جِنس ڀر، صندُوقَ باران،

گهتن موتِي جواهِر، لعل لاکون،

تنهِين دي ڳڻِ، ڪيهي بيان آکُون،

سُنهِري، سبزُ سُرخِي، ويسُ رَنگِي،

طرح طرحين سندي، چيري چورنگِي،

کڙا خود شہ، خزاني ڪُون لُٽاوي،

ٻيڙيان تي ڪشتيان نُون، شہ ڀراوي،

لکان رنگ شربتان، شراب خاني،

مِصِر دي شاهَ چا، جوڙِئي ميخاني،

ڏِتِيائي نال سيفل، يار خاصي،

ڪرِن ڪُجهه نال، سيفل دي دِلاسي،

سوين جيڏي سِينگي ، سُهڻي سپاهي،

رَکن منگتي مِراثي، رُوپُ شاهِي،

هزاران ڀَٽَ ڪلاوَنت نال نِيوي،

تَنان سر مورُ اوهُ ، مُختارُ ٿِيوي،

آکي عاصم، سُڻياوي سنگت سارِي،

رَکو هر چيز دِي، هردم هوشِيارِي،

هووو سيفل صنم، دي حالُ ڀائِي،

جوين آکي، منياوي ڳالهه سائِي ،

جوين سُونهين، هميشہ چاند تاري،

رکو تِيوين سيفل ڪُون، يارُ بِياري.

 

سعد ۽ سيفل جو موڪلائي، ٻيڙين تي سوار ٿيڻ

ڄُلِيا مُڪلا پِدَر سي، شاهُ نُورِي،

جوين لِکِيا، توين ٿيسي، ضرورِي،

ٻَڌا سِر تي دوُشالا، شاهه شاهي،

ڏيکو ٿيندا سيفل، پرڏيهه راهِي،

نِهوڙيا نينهن، سيفل ڪُون اڻانگي،

ٿيا سُڪ سُڪ سڄڻ، دي ڪاڻ مانگي ،

روندا رَت ڇوڙ ، چليا ماءُ پِدر ڪُون،

لڳي ڪا سيف ، سيفل دي اندر ڪُون،

لڳس شہ عشق، جنهن سڀ شرم ٻوڙيا ،

سيفل روندي پِٽيندي، شهر ڇوڙيا،

صالح دا، سعد ڀِي ڪِيتا وِسارا،

سيفل تي سعد ها، عاشق وِچارا.

 

الله جو آسرو ڪري پڳهه کڻڻ

الہ دي آسري، پهرئي مسافر،

ڪوڙئين ڪامل ڪِتي، شہ عشق ڪافر ،

رکيوني گام ، دَر ٻيڙي، گُذارن،

وِسارن مصر ڪُون، آخر وِسارن،

ڇُڙيوني ماءُ پِدر ڪُون، بر ڪناري ،

آخر چلدي اڳُون تي، چلڻ هاري،

ٻيڙي نُون چا ڪِتوني، راهه رَوّان ،

ڪِتوني رُخ ، صنم دي طرف سنوّان،

مارِن موجان وڏيان، فوجان بحر دِيان،

رکين شل رَبَ، لڳن لهريان قهر دِيان.

 

سيفل جو چين ملڪ ۾ پهچي، وُمففور سان ملاقات ڪرڻ

آخر پهتي مسافر، چين تائين،

سُڻي خبّر تِنهان دي، تخت سائين،

آيو سو شاهه خاصا، چِين والا،

جيڪو پُڇّا وڃي، تنهن نيڪ نالا،

لهي مطلُوب آخر، زوُدُ جلدي،

ڪري خانڻ خبر، سيفل دي ڳل دِي،

تنهين دا اِسم ها، فغفور فائق،

ڏيکو ڪردا، سيفل تي لُطف لائق،

پٺيا هڪ آدمي، لهه خبر آئو،

پُڇو جلدي ۽ شہ دا، نام پائو،

ڳيا وَڪّيلُ چل، فغفور پارون ،

لڌُس وَڃ خبر، شہ دي دَرّ بارون،

ٻولي سردار سيفل، دَر زبانُون،

ويکن اِٿ سير آئي، رنگ بانو ،

وَليا وَڪّيل شہ، پارون شُعُورون،

خبر فغفور ڪُون، ڏِتّس حُضُورَون.

 

سيفل جي ملاقات لاءِ فغفور جو اچي استقبال ڪرڻ

چڙهيا فغفور، وڃ ٿيوي مُلاقي،

سڪايل ڪُون پلاوي، سُڪر ساقي،

اڳون گلم غليچي، تي وِڇاڻي،

ٻيٺي شہ چڙهه پلنگ، رب پاڪ ڄاڻي،

سِپاهِي ڪُون سِپاهِي، گهِنِ پلاوِن،

سيفل ڪُون سَڀ سِپاهِي، پئي سِباوِن ،

عَجب مَجلس صَنَم دي، رَنگُ لايا،

مُدَمّغ مَرد ٻيٺي، دِماغ پايا،

خبر هِڪ ٻئي پُڇَن، مَخفي مَتاري،

ڪَري سَيفل خَبَر، ڪهڙي اِشاري،

آکي فَغفُور ڪُون، سيفل وِسوڙا ،

ميڪون لَهه ڏيئو جو هو، مَرِد پوڙها،

هُوي پِيران مَرَد، اَڳلي زماني،

خبر پُڇوائون تَنهِن دِي، دَر زماني،

جوان شہ، جَلدُ اَز جَلدِي اُٺالي ،

آڻو گهِن مرد ڪُهڻا ، ڪر ڪشالي،

جنهن ڪون اَڳوان ، زمانا ياد هووي،

جيڪو آ، دِل دُکِي دا، هِجرِ ڌووي.

 

جاسوسن جو پير مرد جي ڳولا لاءِ وڃڻ

وَٺُو دَوڙِئي وِچاري، ڦِر زَماني،

گهِنِ آئي ٽراءِ ٻُڍڙي ، مرد سياڻي،

آئي ٻُڍّي، برابر وِچ زهِيرِي،

رُکي هِڪ نُڪتا بي نظيرِي،

پهلا پِيران مرد ها ڪُهنا ڪسابِي ،

ڏِوي ڏَس داؤدَ دي ، ڄڻ ڪِتابِي،

ڏوُجها ڀِي بي بيان، ڏوُران ڏَساوي،

سيفل ٽُر پيش، تنهن دي پير پاوي،

پُڇي خبران اِرم دِيان، شہ دوبارِي،

لڳا عجب تنهان، سُڻ خبر سارِي،

ٿَئي حيران مُونجهي، مرد غازِي،

آکِن نا ڪُجهه سُڻيوسي، اي فياضي،

لڳا ڌَڪُ دِلِ سيفل، دي ٿِيا آوارا ،

دَرَد، دَردِي لڳا، تنهان دُوبارا .

 

سيفل کي سنگتين جو نئون شهر ٻڌائڻ

گهَڙِي پل رَکِ، ڪِتوئي ڳالهه ڪائي،

آندِي هِڪ صافُ، هُڻ سيني صَفائِي،

شَهَر هُڻ هِڪ، اَسان نُون يادِ آيا،

تَنهِين دا قَتنطُ، شہ نان رَکايا،

لَڳي بَندَر اُٿان، بُستانَ شاهِي،

ماڻهو مُلڪِي، مُلڪِ آوِن سَدائِي،

سُداگر، مالُ آڻِن، ڪرن سودا،

ويچن گهوڙي، نِپاوِن جم جوڌا،

يَمَن خَتمَن، مُلِڪُ مَخلُوق ڪيئِي،

جيڪِي پڇين، اَٿان لَڀسِن سڀوئِي،

اِٿُون پنڌ هي، مهينا سرس پاوي ،

اُٿِي ڪر جوان تون جلدِي، اُٿيا وي.

 

سيفل جو قتنط ڏي وڃڻ لاءِ سوار ٿيڻ

تڏان ڪيتا، عزم شاهِي شهانا،

چڙهيا ٻيڙي اُتي، ٿيا رِندُ روانا،

ٿِيا اَمُّرُ، ملاحين تي شِتابِي،

شِتابِي ڪر، شِتابِي ڪر، شِتابِي،

ڄُليا مُڪلا، ڪنون فغفور مانجهي،

وڃي ڪهندا، اِرَم ڏَنهُن صبح سانجهي،

چڙهئي ٻيڙي اُتي، رِند ٿِيا رَوانا،

ڪريندا سير دريا، مرد دانا،

ڄُلن ٻيڙي تي ڊوُنڊي، تيزُ تِکّي،

تنهان دا ناءُ ، شل ڪنهن جا نه ڇِڪّي،

ڪنون هِڪ ڏُوجهي، آهن جوان واڌي ،

آهن سهڻي سڀي، سرسي زِيادي،

رکاون رنگ شرابي، دُنگ دارُون،

پِيوَن هِڪ ٻئي هٿون، پياري پِيارَون،

قُرص ڪَبّاب ، قِشمش، کاڄ کاوِن،

سَڀو سينگِي سڄڻ، هڪ ٻِئي سِباوِن،

چَلَن ٻيڙي بَحَر وِچ، ڪَر شِتابِي،

ٿِيوي شل ڪونه سُهڻا، وِچ غرابِي ،

لَڳي ڇولِي قَهَر دِي، قَهر چَڙهدِي،

رَکي شَل رَبُ، جِٿان تقدير لڙدِي،

ڪِتا غُبّار گردون ، اُلٽ بازِي،

ڪِوين ٿيندي، اُٿان گُمُ گارُ غازي،

لَٿا طُوفانُ، ٿِيان ڪَشتيان توائِي،

اِسِي ڀِڪَ ڀِيڙ نُون، رَکين اِلاهِي،

لَٿوئِي واءُ، ٿَئي بَرساتِ بارِي،

مَلاحين تي تڏان، ڀُل ڳئي هوشيارِي ،

ٿِيا ڪَڙڪاٽُ، آفت منجهه آيا،

ٻيڙيان تي ڪَشتيان، طَرفين سِڌايا ،

ٿِيان راهِي، آيان وِچ گهُمر گهيري ،

لَکين کاوِن کَڙيان، هِڪ جاءِ ڦيري،

ڏيوي ڇولِي، اُڇَل گهتّي اُلارِي،

مَلائِڪ موتُ، ٿِيوي سِر سوارِي،

تِنهان دا زير ٻيڙا، آب آوي،

خانڻ، مردان ڪُون شل، خاوند بچاوي،

ٿِيوَن هِڪ ٻئي ڪَنُون، حيرانُ سرسي،

ڏيکو هِڪڙيان اَزَل، سِر منجهه برسي،

ٿَئِي تَدِبير تي، تَقدِير نيڙي،

ڇِناني ڇوهَ چُون، وَڃ عزم ٻيڙي،

ٿِيا تختا، ڪَنُون تختي توائي،

پياني اوچتي، خاوَند رَضائِي،

کاوِن غوطي، غوطاوِن وِچ بحر دي،

سيفل تي سعد، بَر تختي، تَرُدّي.

 

سعد ۽ سيفل جو هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ

سيفل ۽ سعد ڪُون ڀِي ٿيا وِڇوڙا،

سيفل ڪون، جانِ پِياهي دَردُ ڏوڙا ،

سوين غازِي ٿئي گُم، ڪيا سُڻاوان،

سيفل ۽ سعد دِي، وَت ڳَل بڻاوان،

اَمُر حق دي، ڏونهين تختي لُڙهيندي،

سيفل تي سعد، ڪيوين تختي چڙهيندي،

آها هِڪ تي سيفل، پنج ست سپاهِي،

ٻئي تختي ٿِيا وَل سعد راهِي،

سارا لشڪر، دَٻاڪي، شاهُ چليا،

نه ڪجهه تقدير ڪُون، تَدِبيرَ جهليا،

اَصُل تدبير ڪُون، تَقدِير ماري،

بِره دا بارُ ، سِر سيفل وِچاري.

 

سيفل ۽ سعد جي تختن جو هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ

جُدا سيفل ٿِيا، ڳيا سعد ڪيڏي؟

سوين سنگتي، ڳَيانِس يار جيڏي،

رووي رَت، نيڻ هاري، خُون ڏاڍا،

اِرَم دي پسار اَڪثر، رُوح رايا،

تَڙَپ تَڙَپ ڪري، سيفل اوساري،

وَسون نا سعد ڪُون، سيفل وِساري،

لِکيا آ ها قلم، اينوين رَباني،

ڪريندا سُوال، سُڻ اي يار جانِي،

سيفل دي رُخ چڙهي، زَورق اُٿانهين ،

ڪريندا سُوال، رَبَ! مَيڪُون مِلائين،

ڏِوي ميڪون ڪوئِي، دِلدار دا ڏَسُ،

نهين طاقت ڪِسِي ڪُون، رَبُّ دي وَس،

آهي زَورَق، اُنهِين وِچ، قوم زَنگِي ،

اَهي خُونِي مُنافِق، خَرّ جَنگِي،

قادر ميڏي دي ڪَم نِت نِت نِرالي،

آخِر تختي ڪُون زَورَق، ڀَر اُتالي ،

سيفل آکي، اَلَّہ جيڪر مِلاوي،

اِرَم دي ملڪ دِي، ڪو ڳل سُڻاوي،

آخِر زَنگِي مُنافِق، جنگِ لاوِن،

سيفل ڪُون لاهِ چا، زوَرَق ٻلَهاوِن،

ڪتاني دَست مارَڻ، دِي دَرازِي،

گهِتئي ڏوُن مارِ، سيفل مرد غازِي،

ستان ڪون مارِ، سيفل پڪڙ نيندي،

آڻيندي ڪولِ شہ دي گهِنِ پليدي،

سَڏَن ذُبُ زنگي، سردار جنهن ڪُون،

سيفل دِي آڻ ڏيوِن، ٻانهن تنهن ڪون.

 

زنگيءَ جي ڌيءَ جي سونهن جي بيان ۾

ڏِٺا زَنگِي، سيفل سُهڻا مُلوڪي ،

ڏيوي دُختر دلون، جنهن رَنگ خَوڪي ،

سُڻاوان ڪِيا شَبِي شَڪل ڪُتِي دِي،

نه هئي مَٽُ جوڙُ سيفل دي جُتِي دِي،

چٻيندِي وات وِچ، مُسّاڳُ ڪِرّڙُ ،

مُٺي دا واتُ ها، واڳُون دا ٻِرَّڙُ ،

پائِي نَٿ ناسَ وِچ،گِرِنهِن گهانگها ،

ڪَجَل پاوي اَکِئين وِچ،ڀَن ڀانگا ،

ڪالي اَنڱارَ ڪُٽِ، ڪَجَّل بَناوي،

مُٺِي ڪاڻِي، ٻيٺِي آپ ڪُون وَڏاوي،

ڏَندان دِي ڪَنهِن مثل ڪِيجي ڪهاڻِي،

هَٿَيا ڪرڪي، آڻنِ ٽپّڙ تاڻِي،

ٻَهَن لک مَکّيان، مُنهن تي مُٺِي ڪُون،

نه ڪوئي گهر سڏاوي، رَن رُٺِي ڪُون،

رُسِي مُسي، مُٺِي وَل گهر نه آوي،

تَنهِين دا يير نا، ڪو لوڪُ چاوي،

ڏيکي ڪَنهِن نُون، ڪَمينِي پاءِ جهاتِي،

وَڃي هيڪر تِنهَان دِي، ڪَنِبّ ڇاتِي،

شالُون سِر تي بَناوي، ٻَنڌِ ٻُوڙا،

پاوي ٽَپَّڙ کٿي دا، هيٺِ جوڙا،

پاوي ڪَنگَڻ ڪڙيان، لوهُ ليڪي،

مالها ڪر ماءِ ڏِتُس، سُڻ ڏاج پيڪي،

جِنهان دِي ما سُونهين، يا ڀيڻ ڀائِي،

مُٺِي بُڇڙِي، هوسِي دائم منجهائِي.

 

زنگيءَ جي ڌيءُ جو سيفل تي عاشق ٿيڻ

ٿَئِي عاشقِ سيفل تي، رَن ڪَمِيڻِي،

نه هئي سيفل دِي ڪا، تنهن دي وَهِيڻِي ،

شارِڪ شَيطان رَنِ، اَڻِوائي شرابِي،

سيفل دي ڪاڻِ، آئي ڪُتّي شتابِي،

ٿَئِي مَنَ مَستُ هي، بَر شاه سُلطان،

اَڙائِي ديد هي، مانَند شيطان،

سيفل سُهڻا وَلاوي رُخ رُلِي ڪُون،

آوي ڪوجهِي ڪِنِي ڪُون، وات دِي بُون،

سيفل ڪُون چا ڏِوي، وَل اَيٽُ بارِي،

منجهاري شينهُن ٿِيسِي، ڪر اختيارِي،

ڏِوي سيفل صنم ڪُون، جَنڊُ پيهين،

ڪيوين پڪڙي گِداڙِي، پير شِينهين،

ڄاتا رَن، ايہِ مرد، نا ميلُ ڪرسِي،

ميڏِي ڪِيوين، سيفل ٻاجهون سَرسِي،

رَکاوي رَبُّ جي تان، ڪَونُ ماري ،

عُشاقان دي هميشہ ڪَمّ نِياري .

 

زنگياڻيءَ جو ڪارو منهن ڪري سيفل جو هليو وڃڻ

آکِيا سيفل سِپاهِي ڪُون چَليا هي،

چلاهي چَل، صنم سُهڻا ڏِکاهي،

ڪَمِينِي رَنَ ڪنون، مرڻا ڀَليرا،

اُٺائون يار دا، پنڌُ مُلڪ پيرا ،

ٿِيا عاشق، طرف اُنهِين رَوانا،

ڪري پنڌڙي ڪشالي سو دِوانا،

بِنان خاوَند نَهِين هي، ڪو ڀروسا،

اِهو دِل ڪون ڏِوي، دَم دَم دِلاسا،

مدد تيڏِي ڪريسِي مِيرُ محمّد،

بِلا ميم بڻايُس، نُور اَحمد،

مدد مَين نالِ آهين، چار ياري،

نَهِين ڪو اَلَہُ ڄاڻي، ڀوءُ وِچاري،

هَميشہ هي مَيڪون، پنجتن دا سايا،

حَسَن، حُسّينَ دا هي، سِر تي سايا،

مدد مَيڏِي، شَہِ جيلان سائين،

تَنهِين دي در سوالِي، سنجهه صباحين ،

زَنگيان دا مُلڪ ڇوڙيا، شاه جَلدِي،

رَڙي رَنَ پَئِي ڏکان وِچ روزُ ڳلدِي،

چَڙهئي سيفل اَتي، زَورق سپاهِي،

ميوي تَن وِچ رَکايُن، شير شاهِي،

ڏيکو قدرت والي، قيدون ڇُڙايا،

مَهِيني ڏوُن اَندر، درياءُ آيا،

کاوِن ميوات ۽ غَلّہ ڏِهاڙي،

ڏِتِياني آ اَڳُون، درياءَ چاڙهِي،

نِڪِل ٻاهر ٿَئي، گُلزار اَهي،

ڏوُنگهي دي وَڻ عجب، اَنّار آهِي،

اُٿان بِسَتر، اُٿان آرامُ ڪردي،

ڏِٺوني نانگُ ڪالا، ڏوُرِ ڏَردي،

آکيا سيفل، زَورق تي چڙه سمهيووي،

متان ڏَنگُ مارِ، ساڏا ساهُ پِيوي،

ڏِٺا سيفل، وِسيهَر نانگُ ڪالا،

سِپاهيئن ڪُون، سُخُن آکِيسُ نِرالا.

 

سيفل جو وڻ تان لهي، درياء ۾ روانو ٿيڻ

صبح دي وَقِت وَل، لهه ٿَئي رَواني،

رَواني ٿِئي، رَواني ٿِئي، رَواني،

مَهيني چارِ شہ وِچ بحر گهارِئي،

جَزِيرا ڏيک، ڳئي تنهن دي ڪناري،

وَڏي وَڻ هِن عَجِيبان، ڪرنِ ميوي،

سيفل سنگِتِئين نون، ميوي کوهُ ڏيوي،

کَوي خُوبان عَجُوبان، ٽوڙِ کارَڪ،

ڪڏان قِشمِش، دِي لاهي خوب شارڪ،

ٿِيا گهرگهاٽ ڪر، بَر تخت جهُولن ،

ميوين آڀين چِه ورکين هيٺ ڦولن،

آيا آسمان تُون، هڪ گوڙ ڪَڪرين،

پَکِي تي آدمِي، ڪل مُونجهه مَرّين،

سيفل ڪُون گهِن چَنبين، آسمانُ چايُس،

نِماڻي ڪُون، ناحق ڪَر اُڏايُس،

ٿِيا حِيران حَيرت وِچ نِماڻا،

ڪِري جيڪو، ٿِوي هوند سَرهَ داڻا ،

لِکِي تقدير حق سيفل دي آهِي،

اَلہ ڄاڻي، ڪَريسِي ڪِيا اِلاهِي،

ڏاڍي ڏُک ڏي، سيفل ڪُون روهُ آئي،

نانگان، سَپّان وِچوَن، خاوَند بچائي.

 

ڪورن جو سيفل کي کڻي آسمان ڏانهن اُڏامڻ

ڪِتا پروازُ ڪورن شاه چايا،

مُسافِر ڪُون سُخُن ايہِ، ياد آيا،

آکي هَي هَي اِرم ويسان، مَين ويسان،

هوسِي جي ساهُ، جِندُ جانِي ڳُليسان،

آيا جَبَّل ڪِناري، ڏي اُلارِي ،

تَهِين دي در ڪَمِين آشيان بارِي،

هيٺوُن درياءُ، مَوجان مَستُ ماري،

تَهِين دي سِر اُتي، ڪورن اُتاري،

اُنهِين آشيانُ وِچّ، ٻَچّي ڪِتاني ،

سيفل ڪُون آڻِ، جو قابُو ڪِتاني،

ٻَچان دِي ماءُ آهي، آڳ بُکايل،

مُٺِي خوش ٿَئِي، اوهُ ڀِي آپ گهايَل،

جِوين ڀاوين خُدا ڪُون، سو ڪريسِي،

ڪِوين عاشق، وِچاري نُون مَريسِي،

پَيا ها ڪو اُتي ، هِڪ شيرُ ماريا،

سيفل ڪُون، سَٽِ لَٿِي، رَنَ ڏي اُلاَرا.

 

سيفل جو ڪورن کان ڇٽي اِرم ڏي وڃڻ

کاوي پَٽِ شير ڪُون، اوهُ رَنَ وِراڌي ،

سُرُڪ وَڻَ تون، اُٿان گهَتِ وِکّ واڌي ،

اَمُر حَق پاڪُ دا ٿِيُس، نِزدِ نيڙين،

ڪوين سيفل، سُتل دِي نِنڊَ اُکوڙين ،

لَٿا وَڻ تُون، ڳِڌُس دريا ڪِنارا،

ويندا ڪَهندا ، سڄڻ دا گهِنّ چارا ،

آيا پَنڌُ پيشِ، سيفل ڪُون اَويلا ،

اَويلي ڪُون، ڪَري شالا سَويلا ،

چايا سيفل، بِرِه دا، سَرسُ بارا،

ٻيٺا عَمناڪُ ٿِي، عاشق وِچارا.

 

سيف الملوڪ جو بيابان ۾ پهچڻ

سيفل وِچ روه دي ڳِيا کا ٽُلاڪي ،

رَڙي رووي، ڪَري راتين اُجاڳي،

بيران وِچ پَوڳَيانِسِ، سِهِس ڇالي ،

ٽُڪيندا رات ڏِينهان، ٽڪر ڪالي،

ڪِتانِسِ پير پُرزي، خَسّ خاران ،

بَدِيعل ڪاڻ ، ٿيندا تيزُ تاران ،

ڪاري ٽُڪّر اَندر، ڪالِي بَلائِين،

سيفل ڳَچ ڏِينهن پِيا، جالي اُٿانهِين،

مَمان ماري وَتن، وَه واتُ ڦاڙِي،

روجهان رُڃ روهُ تي، ڏيکي ڏِهاڙِي،

بگهڙ باندر بلائِين، شير چيتي،

کاوَڻ دي ڪاڻ، رِڙه آوِن اڳِيتي ،

هِريل هويَل هَڪارَن، پَئي هزاران،

گهُمَن هاٿِي، اَٿان ڏي لَلّڪاران ،

سوين اَرني تي هَرني، وِچ بَيابان،

سيفل ڄاڻي سفر، دَرنيم خوابان،

تخت ڪُون شاهُ، هي ڄُلدا جهنگل ڏي ،

کَوي ٽُر ٽُر ٽُلاڪي، سُوء جبل ڏي.

 

سيفل جو ماڪوڙين جي بيابان ۾ داخل ٿيڻ

وِرک صَنَدل ڏِٺا، خُوشِبُوءِ والا،

عطر عَنبرَ زِياده، گُلّ لالا،

اُٿان وَڃ وِرک ويجهي، مَلڪ نُوري،

مَڪوڙي تنهن اَندَر، قاتل ڪَلُورِي ،

قَداوَر مَغز ڏوڙي، ڪنڌُ ڏوڙي،

شڪل دي شينهن آکان، يا مَڪوڙي،

ڏيکي آدَم، اُلٽ ڪر، مارِ کاوِن،

ظُلم واري، زوراوَر پيرُ چاوِن،

سيفل آيا اُٿُون، دِل تنگ کَڙووي،

عُشاقان دِي مدد، رَبُ آپُ ٿِوي،

جو ڪُجهه سُڻِيمُ، سيفل دي پيش آيا،

ڪِسِي دي پيشِ، نا ڏيوي خُدايا ،

اَصُل پَوندي ڪشالي، پيشِ شاهين،

اَڙي نا پاندُ شل، ڪو بي پَرواهين،

اِهي ڀِي سَوَ، سيفل پِيا سُورَ سَهّي،

بَدِيعل واتِ، ٻِي نا واتِ ڪَهّي،

ڏِٺُس ڏُوران، محل سو خُوبُ جائِين،

جَلِد پُر گامُ ڳِيا، گوهَرُ اُٿانهِين.

 

سيفل جو ڀولڙن جي شهر ۾ وڃي گفتگو ڪرڻ

آهن اُس شَهر دي، باندَر بَلائين،

ڳَيا ٽُرِ ، شهر تِناندي ڪِيا سُڻائين،

نه ڪُجهه پُڇَّن ڪُڇَن، نا ڪجهه پُڇاوِن ،

جو آدَم زادُ ڪُون، جَهٽِ مارِ کاوِن،

ڏِٺوني شَہ، ڳِيوني نال، نيوِن،

جو آپڻي شاهَ ڪُون، نَئِي دَستِ ڏيوِن،

سيفل، رو رو ڪري، فرياد آهِ،

اُلٽ اَڳيان، آئِي شَہَ دي رَضاءِ،

ڏِٺا بادشاه، سيفل مَلَڪ نُورِي،

ڪِتانِس ڪُلّ باندر، آڻ جَمهُورِي،

ڏِٺس صُورت عَجَب، خُورشيد والِي،

ويکڻ وِچ مَست ٿِيا، اوه مَي مَوالِي،

سيفل ڪون ڏيک، ٿِيا خوش آپُ آرامُ،

حَياتِي نالِ نا ڪِس تي چَلي دامُ،

سيفل آئي، ڳِچِي ڳَلِ نالِ لائي،

شهنشہ، پِيا ٻهون ، تَنهِن ڪُون سِبائي،

پُڇي سيفل ڪَنُون، ڏَسِ حالُ سارا،

ڏَسِيا سيفل، جو ڪجهه، دَر دِل غُبارا ،

اوڀِي گُل لعل ها، گُل رنگ لالا،

اکِيُس مَين ڀِي، مِصِر دا هُون مُحالا،

تُسان دي باغُ دا، مَين گُل سَڏاوان،

ٻيٺا نِت نِت، تُسان ڪُون مَين وَڏاوان ،

مَين هان فَرزَندُ سوداگر سُڻِيوي،

مِٺا مَحبُوبُ مَحرَم، حالُ ٿِيوي،

آيُس ايہِ مالُ چا، اَسبابُ شاهِي،

مارِئي جَهّاز، آخِر ٿَئي تَوائِي،

آيس گهُمندا پڇيندا، مُلڪ ڪوئي،

شَهَر باندَر دي آ، هِڪ دِنُ به هوئِي،

پاتِي سَردار باندَر دي مماتِي،

ڏيون سِر پاڳَ ميڏي، ڪَڍ ڪِتابِي،

ٿِيُس مالِڪ مُدامي، مَين شَهَر دا،

هَمہ باندَر، هَميشہ پيشَ ڏَردَا ،

دُنيا دوَلت، هَمہ ايہِ چِيز حاضر،

ايہِ ڀِي آيُس مُلِڪ دا، هِڪُ بَهادُر،

پِلاوي، شاه ڪُون، شَرّاب خاصي،

ڏِوي دَم دم ٻِيٺا شَہ ڪُون دِلاسي،

ٻوليا سَيفل، گُلِستان شَهرِ ويسان،

ڏيوو موڪل، اِرم اڳتي پُڇيسان ،

ڏِتي شَہ نال شَہَ، باندَر بِسيارِي ،

وَڃو شَہ نال، ڪَر جَلدِي تيارِي،

ماسومون مُلڪ دي، سَرحَد لنگهاوِنِ،

باندَر ڪُلّي، وَلئي وَت مُلڪِ آوِنِ،

قادِر ڪَرّيم دي ڪَم، نِت نِرالي،

بَحَر بَيبانُ ٿَئي، سَيفَل حَوالي.

. سهسين = هزارين، بيشمار.

. گهنن = وٺن، حاصل ڪن.

. اياڻو = بي عقل..

. مدمغ = دماغ وارو؛ متڪبر.

. روازي = خوشامندي.

. عريضا = خط.

. مغرب = اولهه.

. شمال =  اتر.

. ڀاوي = وڻي، پسند پوي.

. سريجن = ٻُڌجن.

. کڙاڪر = بيهر ڪري، اُڀو بيهي.

. سال گيرين = وڏيءَ عمر وارا.

. پڇائو = پُڇا ڪريو.

. پورب = اوڀر، اُڀرندي جو ملڪ.

. پڇم = اولهه، اُلهندو ملڪ.

.  پڇياوي = پڇجو.

. سرانديپ = سلون، سري لنڪا.

. اتارا = اوتارو، منزل، جاءِ.

. ڳل مچاري = موچاري ڳلن واري حَسين.

.  ٿوري = ٿورا، احسان.

. سريسي = ساريندو، ياد ڪندو، ڳُڻَ ڳائيندو. ٿوري سريسي = احسان ياد ڪندو.

. ڳاڻي = ڳاڻُو، ڳڻ وارا، عقل وارا، داناءَ.

. نيل ناڻي = نِيلَ جيترو ناڻو، يعني بيحد، بيشمار.

.. اُٿئي = اُٿيا.

. اُسهئي = اُسهيا، سنبريا، تيار ٿيا.

. من = مڃي، قبول ڪري.

. ووڙي = ڳولي.

. ڄلي = هَلِي.

.. ٻَلي = ٻَرِي.

. چا = کڻي.

. ستارا .... ڪوئي = ڪوبه ستارو، چنڊ ٿي نٿو سگهي.

. بانو = عورت. اهي ..... بانون = ان بانو جي اڳيان، اهي ٻانهيون ڇا سونهن.

.. زهير4 = پيرسني، ٻڍاپو.

. ڳڌا = ورتو.

. سنهن = قسم.

. پيڙهي = پشت، بنياد.

.  لاڳا = لاڳاپو، ناتو.

. سهندي = سونهن ٿا، ٺهن ٿا.

. براڳي = ويراڳي، دنيا کي ترڪ ڪندڙ.

. پسر اڳون = پٽ اڳيان.

. روڪي = روئي ڪري.

. الانا = الايائين، ڳالهائين.

. وار واري = هر گهڙي، ڀيري ڀيري.

. ڳولي = ڳولائو، ڳوليندڙ.

. اولي = پاسي، پري.

. مول = هرگز.

. شهه صلاحان = شاهه جون صلاحون.

.  ٻهسي = وهندو،  ترسندو.

.  چيري = چيرو، ڪپڙو.

.  سينگي = هڪ جيڏا، هم جنس.

.  ڪلاونت = ڳائڻا.

.  سَر مور = اڳواڻ.

.. اوه = اُهو.

. منياوي = مڃجو، قبول ڪجو.

.  سائي = اهائي ساڳي.. منياوي سائي = اهائي قبول ڪجو.

.  ڄليا مڪلا = موڪلائي هليو.

.  مانگي = ماندو، پريشان.

. ڇوڙ = ڇڏي.

. سيف = ترار.

. شرم ٻوڙيا = حيا وڃايو.

.  پهرئي = پهريا، سنبريا، تيار ٿيا.

. ڪوڙئين = ڪروڙين.

.  ڪيتي شَہ عشق ڪافر = عشق. ڪافر ڪيا.

. گام = وک، قدم.

.  بر ڪناري = ڪناري تي.

.  روان = روانو.

. رخ = مُنهن، طرف.

. زود = تڪڙو.

. پٺيا = موڪليو.

. پارون = طرفان.

. بانو = عورت.

. سُڪر = نشو.

. اڳون = اڳيان.

. سباون = وڻن.

. وسوڙا = وسوڙل، موڳو.

. اڳلي = اڳيون، قديم.

. اٺالي = کڻي اچو.

. ڪهڻا = ڪهنو، جهونو.

. اڳوان = اڳيوان، اڳوڻو، گذريل.

. هجر = فراق، وڇوڙو. هجر.... ڌووي = وڇوڙو دور ڪري.

.  وٺو دوڙئي = وٺي ڊوڙيا، ڊڪيا، ڀڳا.

. ٽراءِ ٻڍڙي = ٽي پوڙها.

.  نڪتو =باريڪ سخن، دانائيءَ جو خيال.

. ڪهنا ڪسابي = ڪُهني ڪسابن جو، تمام گهڻي وقت جو.

. دائودي = حضرت دائود جو.

. آوارا = پريشان.

. دردي = درد وارو، عشق وارو.

. دوبارا = ٻيهر، ٻيو ڀيرو.

. پاوي = لڳي، لڳندو. مهينا سرس پاوي = مهيني کان وڌيڪ لڳندو.

. نانءُ = ٻيڙو.

. ڪنون ..... واڌي = جوانَ، هِڪَ ٻِئي کان وڌيڪ (جوڌا) هئا.

. سرسي = سرس، وڌيڪ.

. قرص ڪباب = ڪباب جي چاپ.

 . سينگي = هڪجيڏا، سرتا، سنگتي.

. غرابي = غروب، غرق.

. غبار = جهُڙ.

. گردون = آسمان- ڪِتا غبار گردون = آسمان ۾ جهڙ ٿيو.

. ڀڪ ڀيڙ = تڪليف. اسي..... الاهي = اي الله، تون (ٻيڙين کي) تڪليف کان بچائج.

.  لٿو .... هوشياري = جڏهن واءُ لڳو ۽ برسات وسي، تڏهن ته ملاحن کان هوشياري به هلي ويئي.

. طرفين سڌايا = سڀني طرفن کان ويون، ٻيڙيون، طوفان سبب، هيڏانهن هوڏانهن ٽِڙي پکڙي ويون.

. گهمر گهيري = گهيري جي گهمري ۾ يعني سمنڊ ۾ اچي ويون ۽ پيئون چڪر کائين.

.  ڇنائي = انهن ڇوڙيا.

.  ڏوڙا = ٻيڻو.

. وت = وري.

. ڳل =ڳالهه.

. بره دا بار = عشق جي تڪليف.

. زورق  = ننڍي ٻيڙي، سيفل.... اٿاهين. اُتي سيفل کي ٻيڙي نظر آئي.

. زنگي = شيدي، حبشي.

. زورق ڀر اتالي = ٻيڙيءَ تي آڻي.

. ملوڪي = ملوڪ جهرو، شهزادو.

. خوڪي = سوئر جهڙو.

. شبي = شبيهه، شڪل، صورت.

. مٽ = برابر.

. جوڙ = ثاني، برابر.

. ڪرڙ = ڪرڙ جهڙو ڪڙو يا ڪوڙو.

. ٻرڙ = ڏرڙ. واڳون دا ٻرڙ = واڳون جي وات  جيڏو، وات هوس.

. گهانگها = گهانگهو. مٽ، چاڏِي يا ڪُني جو ڀَڳل مُنهن يا ڪنارو.

. ڀن ڀانگا = ڀانگا ڀڃي، ڪاٺيون ڀڃي، ڪجل .... ڀانگا = اکين ۾ ڏوئن سان سرمو پيل هوس.

. وهيڻي = لائق، مٽ، برابر.

.  شارڪ = شرڪ ڪندڙ.

. رکاوي ماري = جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير ماري سگهي.

. نياري = نيارا، علحدا.

. اُٺائو.... پيرا = محبوب جي ملڪ ڏانهن پنڌ ڪجي.

.  بلاميم = احمد بِلامِيم ”ميم“ کانسواءِ احمد يعني احد.

. سنجهه صباحين = سانجهي صبح، صبح سانجهي يعني ڏهاڙي.

. غلہ = اناج.

. انار = ڏاڙهون.

. زورق = ٻيڙي.

. جزيرا = ٻيٽ.

. کوهه = پَٽي ڇِني.

. کوي = کائي.

. ٽوڙ = ٽوڙي، ڇِني.

. برتخت جهولن = تخت تي موج پيا ڪن.

. آڀين = آڀون، کيرا سنگ.

. ورک = وڻ.

. سرهه داڻا = سرنهن جا داڻا، ذرا ذرا ڪري.... داڻا، جيڪو (آسمان تان) ڪِري، سو جيڪر سرنهن جي داڻن وانگر ذرا ذرا ٿي وڃي.

. روه = جبل؛ تڪليف.

. الارِي = اولارو، لامارو.

. ڪَمِين = چُرََ، ڳُجهٽ.

. ڪتاني = ڪيائون.

. پيا ها ڪو اُتي = اُتي ڪو پيو هو.

. وراڌي = غضب ناڪ، قهر واري.

. سرڪ = سُرِي.

. واڌي = واڌو، وڌيڪ.

. اکوڙي = ڦٽائي.

. ڳڌس = ورتائين.

. ڪهندا = هلندو.

. چارا = چارو، رستو، گَسُ.

. اويلا = اويلو، بي وقتو، ڪُمهلو.

. سويلا = سولو، آسان.

. روه= جبل.

. ٽلاڪي = ٽلاڪا، رلاڪا، ٿاٻا، ڌڪا.

. ڇالي =  ڇالا، لِڦون، ڦوڦينڊا.

. خس خاران = ڪکن ڪنڊن.

. ڪاڻ = لاءِ.

. تاران = تارون.

. جالي = گذاري.

. رڙهه آون = رِڙهي اچن.

. اڳيتي = اڳتي.

. للڪاران = للڪارون.

. ارني = هرنا، هاٿين جا ٻچا.

. هي ڄلدا جهنگل ڏي = جهنگل ڏانهن هلي ٿو.

. کوي ‏= کائي.

. ٽر ٽر = هَلي هَلي.

. ورک صندل =چَندَن جو وڻ.

. ڪلوري = ڪلور ڪرڻ وارا، ظلم ڪرڻ وارا.

. ڪسي... خدايا = خدا ڪنهن کي اهڙي مصيبت ۾ نه وجهي.

. پرگام = تڪڙي وک.

. ڳيا ٽر = هَلِي ويو.

. پُڇاون = پڇائڻ.

. آدم زاد = بني نوع انسان.

. ٻهون = گهڻو.

. در دل غبار = دل جو بار.

. او ڀي = هُو به.

. وڏاوان = واکاڻ، تعريف ڪرڻ.

. محرم حال = حال محرم، حال ڀائي.

. ڏردا = ڊڄندو.

. پڇيسان  = پُڇائيندس.

. بسياري = بيشمار، گهڻا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org