سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

صفحو :1

ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

ٻه اکر

سنڌي ادبي بورڊ، لاڙڪاڻي ضلعي جي ٽن مشهور شاعرن: سرائي حسين ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ ۽ حاجي خانڻ چِنجڻِي جي ڪلام گڏ ڪرڻ لاءِ چيو، جن مان پهرين ٻن شاعرن جو ڪلام شايع ٿي چڪو آهي، باقي ٽئين شاعر – حاجي خانڻ چنجڻي – جو ڪلام پيش ڪجي ٿو.

جيئن ته حاجي خانڻ، ڳوٺ ميان داد چنجڻي (تعلقو واره، ضلعو لاڙڪاڻو) جو ويٺل هو، تنهنڪري پياري دوست عبدالڪريم سوهَو (ويٺل لعلو رانڪ، تعلقو واره) سان، تعلقي جو چَپو چَپو ڏٺم. ڪي قلمي نسخا مليا؛ ڪي سگهڙن وٽان سينه به سينه روايتون مليون ۽ ڪي وري ڪافيون به مليون.

ان مواد کي، اڳ پنهنجي ميڙيل مواد سان ڀيٽي ڏٺم ته پڙهڻين توڙي ڪيترن بندن ۽ مصرعن ۾ نمايان فرق نظر آيو، تنهنڪري وڌيڪ جستجو جاري رهي. نيٺ ووڙ ڏيندي، پياري شاگرد علي حيدر شاهه وٽان 1896ع جو قلمي نسخو مليو، جنهن ۾ حاجي خانڻ جو ڪلام به نظر آيو. درحقيقت، اهو نسخو هڪ قابل استاد حمزه علي ابڙي جي پوين وٽان کيس مليو، جنهن ۾ استاد صاحب وڏي محنت ڪري، ڪلام کي صحيح صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته حاجي خانڻ سان، ماستر صاحب جون ڪي ڪچهريون به ٿيون هجن.

جيتوڻيڪ ڪافي ڪلام گڏ ٿي چڪو، پر تڏهن به سڄاڻ سگهڙن سان 1976ع تائين ان سلسلي ۾، ڪچهريون قائم رهيون.

ان گڏ ڪيل قلمي مواد ۽ ڇاپي مواد کي سامهون رکي، ”ڪليات حاجي خانڻ“ جو متن تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ به ڀريا 2 سال لڳي ويا.

هن مواد کي سهيڙڻ ۾ محترم عبدالڪريم سوهو وڏي مدد ڪئي، جنهن لاءِ شڪرگذار آهيان. اهڙيءَ طرح پروفيسر الهه بخش تنئي جو به وَڙ نه وساربو، جنهن نه رڳو ڪافيون هٿ ڪري ڏنيون، پر هڪ قلمي نسخو به عطا ڪيو، جنهن مان حاجي خانڻ جون ڪجهه ڪافيون مليون. نورچشم غلام نبي سنديلي ۽ پياري مهتاب احمد تنئي کي به نه وساربو، جو هُو صاحب، هر ڪچهريءَ ۾ ساڻ رهيا.

سنديلو

اسلم منزل،

نزد پاور هائوس لاڙڪاڻو.

28 فيبروري 1979ع

 

مقدمو

لاڙڪاڻي ضلعي جي مردم خيز خطي، جيڪي شاعر پيدا ڪيا آهن، تن لاءِ، سندن شهپارا، داد لاءِ، حاضر آهن.

حاجي خان محمد عرف حاجي خانڻ ذات چِنجڻِي، ڳوٺ ميان داد چنجڻي، متصل نصيرآباد، تعلقي واره، ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. سندس والد بزرگ ميان دوست محمد خان پنهنجيءَ سَهنجيءَ وارو هو. ڪافي ٻَنِي ٻارو هوس، پر تڏهن به ڪنهن کي ڪين آزاريائين. ڳوٺ جو چڱو مڙس هو، جنهنڪري راڄ جا فيصلا اهڙا ڪندو هو، جهڙو منڊيءَ تي ٽِڪ! ٻئي ڌريون راضي! هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڳوٺاڻي کي سندس فيصلو نه وڻيو، جنهنڪري سرڪار وٽ دانهين ٿيو. نتيجو اهو نڪتو، جو اُتان به هارايائين. پوءِ اچي رئيس دوست محمد خان کان معافي ورتائين.

رئيس دوست محّمد خان صوم صلوات جو پابند هو. پيش امام کي به کاڌ خوراڪ ۽ لَٽو ڪپڙو ڏيندو هو. هر جمعي تي وعظ ڪرائيندو هو، جنهن ڪري چَؤپَهري ديڳ چڙهندي هئي. جيڪي ٻاهران مولودي ۽ وعظ ڪرڻ ايندا هئا، تن کي به خوش ڪندو هو.

سرائي دوست محمد خان دستور موجب فارسي پڙهيل هو، تنهنڪري پنهنجي پُٽ خانڻ کي به ڳوٺاڻي مدرسي ۾ ويهاريائين. فارسيءَ جي تحصيل بعد، کيس عربي تعليم لاءِ، ضلعي جي ٻئي ڪنهن مدرسي ڏانهن وڃڻو هو، پر والد جي وفات بعد اهو ارادو ترڪ ڪرڻو پيس. هينئر سمورو بار، حاجي خانڻ تي اچي پيو. اوطاق ۾ آئي وئي جي سنڀال ڪرڻ، توڙي راڄوڻا فيصلا نبيرڻ به، هن جي ذمي ٿيا. ٿوري ئي وقت ۾ ڪڪ ٿي پيو، ۽ گهَرُو ڪم ڪار ڇڏي، سير و سفر تي نڪتو.

رئيس فتح محمد خان ڳنواس جي لائق ڀاڻيجي ميان عزيز الله ڳنواس، پنهنجي مامي جي زباني هن طرح بيان ڪئي.

”حاجي خانڻ، پيءُ جي هوندي ئي حج ڪري آيو هو. سندس اوطاق تي روزانو ميڙا مَتل هوندا هئا. سگهڙن ۽ راڳيندڙن جون ڪچهريون به ٿينديون هيون. ڪنهن ڳجهارت ڏني، ڪنهن ’هنر‘ ٻڌايو، ڪنهن ڪافي چئي، مطلب ته پره ڦٽيءَ تائين ڪچهري گرم رهندي هئي. اهوئي سبب هو، جو حاجي خانڻ کي ڳائڻ وڄائڻ گهڻو وڻندو هو. شعر چوڻ جو ٿڏو ته، ڪچهرين ڪندي ڪندي، سندس اندر ۾ لڳي چڪو هو، باقي کيس ڪَنَ تي هٿ رکڻو هو، سو به رکيائين. جڏهن اهو ٿڏو، سندس شوق ڪري وڌي وڻ ٿيو، ته پوءِ هاڻي حاجي خانڻ کي ڪير جهلي“!

مٿي ڏيکاريل آهي ته حاجي خانڻ ٻَنِي ٻاري وارو هو. کيس اَن پاڻيءَ جي ڪا ڳڻتي ڪانه هئي؛ جنهنڪري اوطاق مائٽن جي حوالي ڪري، پاڻ فارغ الباليءَ جي زندگي گذارڻ لڳو. ڪڏهن ڪٿ، ته ڪڏهن ڪٿ. نه جَهليس نارو، نه ڍورو؛ نه گهاڙُ ، نه لاڙُ. پُٺيءَ پاڏو يڪتارو؛ گهوڙي تي سوار! گهوڙي کي به کنيو ايندو هو. هڪ جوانيءَ جو انڌ ٻيو ڀَلو گهوڙو هيٺان، ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڪيترن دوستن صلاح ڏنس ته گهوڙي کي دام ۾ هلاءِ، ليڪن هن جا ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگهه. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته نصيرآباد واري سڌي رستي تان گهوڙي کي کنيو ٿي آيو ته اڳيان اوچتو، کامي مان مينهن نڪتي ۽ گهوڙي سان اچي لڳي. خبر تڏهن پئي، جو گهوڙو هڪ پاسي ته حاجي خانڻ ٻئي پاسي وڃي کامي ۾ ڪريو. هڪدم پاڻ سنڀالي، کامي مان نڪري، يڪتارو هٿ ۾ ڪري، هيءَ ڪافي چيائين:

ٿل- ڪَلَ نه پَئيِ تَقديرَ جي، تَدبيرَ ڪري ڄَمان،

اَنگُ ته اصل اِيئن لِکيو، ڏوهه نه ڏيان اما.

مُوڙهي مَتِ مذاق ڀانيان،

رِڙهي ڪَاڏي رَمان،

تو سيّد ٻاجهُون واهه نه ڪائي،

چوان نه مان، نَمان.

اڄ ڪَلهه کَؤن نه عشق تُنهنجو،

سال لَنگهيم سَمان،

بي خبر کي خبر نه هئي،

غافل ڪيس غمان.

طلب رکيم يار تُنهنجي،

ٻِئي سان نه اٿم طمعان،

آهي اميد، ايندين، نَيندين،

دلبر، دمان دمان.

حاجي خانڻ واهه جو ڏٺم،

تون سائين، چايَمِ شمعان،

ويٺي سُتي تُوهِين ياد،

اُڀا گهُميس لمان.

ڏسو، ٺَهه پَهه ڪافي ٺاهي، پنهنجي دل جي ڪيفيت بيان ڪيائين!

مهربان برادر ولي محمد خان سنديلي (متوفي 1956ع) ٻڌايو ته:

        ”هڪ ڀيري اسان وٽ اچي اوطاقي ٿيو. ڪلاڪ ڏيڍ جي محفل کان پوءِ، ماني ٽِڪيِ کائي، مڇرن جي خوف کان مال جي وهِڪُن تي وڃي سمهيو. مڇرن جي ڪري، چوڌاري دُونهان دُکي رهيا هئا، ته به مڇرن حاجي خانڻ کي نه ڇڏيو. اتفاق وري اهڙو بڻيو، جو اُن رات ٻُٽ به اهڙي هئي، جو وڻ جو پَنُ به، نه پَئي چُريو. هڪ مڇرن جو مارو، ٻيو مالَ جي پُڇَ جو ٺڪاءُ ۽ ڪُتن جي ڪوڪاٽ؛ حاجي خانڻ ويچاري الله الله ڪري، اَسُر ڪيو. هونءِ به ’ميل ملڪ‘ جا مڇر، توبہ نعوذ بالله!

جڏهن صبح سويل اوطاق تي آيو ته ادي سائينءَ پڇيس ته ”سرائي ڇو، سويل اُٿي آيو آهين؟ يڪتارو هٿ ۾ ڪري، ڪافي چيائين:

ٿل – مُنافق مڇر، مَرُ مَرِي ٿين خراب،

ڪيڏو مالَ، ماڻهن سان ڪن ٿا عذاب.

لوٺيا لُڙ مچائن، سُوئر وانگيان کائن،

چڱَن کي چتائن، جوڙي ڏيِن جلاب.

دُکَن توڙي دُونهان، آهن اَڳُ جا سُونهان،

ڪَڍَنِ سخت لُوهان، لَڙن بي حجاب.

3.      هُجي هٿ ۾ پَکو، آهي انهن جو ڏَکو،

وَڄن پيا اِيئن ڪو، جيئن وڄي پيو رباب.

4.      چئي خانڻ جائي، مولى وجهينِ ڦاهي،

تون ئي يا اِلاهِي، آهِين رَب وَهاب.

ٻَئي ڪافيون، في البديہ ڪلام جو قوي دليل آهن، جنهن مان بخوبي معلوم ٿيندو ته حاجي خانڻ طبعاً ذهين هو.

سگهڙن ۽ شاعرن جو ڪٺ: ميان عزيز الله ڳنواس، پنهنجي مامي رئيس فتح محمد خان ڳنواس جي روايت، هن طرح بيان ڪئي،

”1888ع ڌاري، نصير آباد ۾، شاعرن جو ڪَٺُ ٿيو، جتي ويجهي ڇِڪَ جي شاعرن خوب بهرو ورتو. شاهه محمد ديدڙ ۽ حاجي خانڻ چنجڻي ڪچهريءَ جو نَڪُ هئا. جڏهن ٻيا سڀ ڏَئِي وَٺِي بيٺا، تڏهن ٻنهي مورن جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو. سڄي رات، اهي اَموٽ مڙس، مُنهن ڏيو بيٺا هئا. خبر تڏهن پئي جو ڀر واري مسجد مان بانگ ٻڌڻ ۾ آئي. آخر يڪراءِ فيصلو ٿيو ته: دادُ، ديدڙ کي ملي.“

چئن چڱن جي فيصلي موجب ديدڙ، واقعي ديدڙ هو، پر ڪن ڇيڻا ڀور، حاجي خانڻ جا ڪَنَ ڀريا ته؛ ”سَارِي تُنهنجي هئي. انصاف وارا ملڪ مان اُٿي ويا. خوشامد تي فيصلو ٿيو آهي.“

انهن لفظن، حاجي خانڻ کي هڻي وڌو، آخر ته انسان هو. ديدڙ تي هَجويه ڪلام لکڻ لڳو. ٽوڪون مقالون ڪرڻ لڳو:

حاجي خانڻ: آکو شاهَن سِياڻي ڪُون،

ڪِيون اَلِيندئين نياڻِي ڪُون1.

2. ديدڙ:               آکو خانڻ ڀاڙي ڪُون،

ڪِيُون ڏَڪيندئين ڏاڙهي ڪُون2.

3. حاجي خانڻ:        ڪاري ڪُڪِڙِ مَر، ٽرڪندِي وتي،

بَدڪ ڪُڪِڙِ مَرُ، ٽرڪنديِ وَتي.

4. شاهه محمد:        حاجي خانڻ وڏيرو، ته حاجي خانڻ وڏيرو،

وارن منجهان ويڙهي ٿيندس، ڏاڙهي منجهان ڍيرو.

ڌيءَ پُڇي ٿي ماءُ کان، ته منهنجو پيءُ ڪهڙو؟

چي: بيٺو هوندو بازار ۾، ڄَڻ کنڀن کُٿو ڳيرو.

سو حاجي خانڻ وڏيرو.....

ان مقابلي کان پوءِ، حاجي خانڻ جي، ديدڙ سان اصل ڪانه پوندي هئي: ديدڙ فقير جي هَڏ ڪاٺ، پهرَ پوشاڪَ تي پيو ٽوڪ ڪندو هو. رنگ روپ ۽ شڪل شباهت جو به البته ڪوجهڙو هوندو هو. ويتر جو مٿي جا وار صاف ئي صاف ۽ لباس به سادو، تنهنڪري اهڙو ٺاهوڪو ڪونه لڳندو هو. پر قدرت جا رنگ نيارا! هن ڪوجهي جسم ۾، اهڙو ڪو افلاطوني دماغ لڪل هو، جنهن حاجي خانڻ کي دندان شڪن جواب ڏيئي، هميشہ لاءِ ماٺ ڪرائي ڇڏي. حاجي خانڻ به پنهنجي ڪَئي تي پشيمان ٿيو ۽ شاهه محمد ديدڙ کان، دل سان معافي ورتائين، جنهنڪري باقي عرصو ڀائرن وانگر هلڻ لڳا.

حاجي خانڻ لاءِ مشهور آهي ته واٽ ويندي، ڪنهن مرد ته درڪنار، پر جيڪڏهن کيس ڪو ٻار چوندو هو ته ”ڏاڏا سائين، ڪافي ته ٻڌاءِ.“ اُتي جو اُتي يڪتاري تي بيهي ويندو هو. پڇندا هيس ته حاجي خانڻ، ٻار جي چوڻ تي به يڪتارو کڻي ٿو هٿ ۾ ڪرين؟ اکين ۾ آب آڻي، چوندو هو ته ”معصوم ٻارن جي دل خوش ڪيان ته مَن مالڪ سائين، مون کي به ٻيٽو ڏئي.“ ٻيٽي ڪاڻ ڪافي رڙيو آهي.

 

روضو ڏسي، رويو ڪِرن، عاشق پون احوال ۾،

جايون ڏسي، تنهنجون جيان، جيئري نه ڪر جنجال ۾،

وڇڙيل ويڳاڻي آهيان، ڪجو دير نا وصال ۾،

فرزند وٺي هٿ سان اچان، هادي! ڏيو هن سال ۾،

ڏي ڏاڻُ، تان ڏيکاريان، جيڪر وٺي، هن جهانَ ۾،

تو اُچو ڪُل کون ڪثر، شافع ٿيو آن شانَ ۾.

وري ٻاڏائي چوي ٿو:

توهُون گهُران، تنهن جي همت، مون تانگهه آهي توڙَ کون،

ضامن ضعيفن جو ٿئين مرسل! آڳي جڳ جوڙَ کون،

تيرهين صدي تَم ٿي وئي، اوکي بچايو اوڙَ کون،

ناهه طاقت آ سهڻ جي، رک، سختي سوڙَ کون.

’مهدي‘ ڏسي شل پوءِ مران، مرسل! رکو مانَ ۾،

تون اُچو ڪُل کون ڪثر، شافع ٿيو آ شانَ ۾.

تيرهين صدي (1883ع) به پوري ٿي؛ اِهو انهيءَ ڪري چوي ٿو، جو سندس زندگيءَ جو سج، جوانيءَ جي عَمود کان ڪجهه هٽي چڪو هو، يعني چاليهن کان چڙهي چُڪو هو. اُميد رکي ٿو ته مَن پيريءَ ۾ پُٺِ پڌري ٿئي، پوءِ ڀل مران!

وري دانهن ڪري چوي ٿو:

دربان ٿي دانهون ڪري، دامن لڳيءَ جو داد ڪر،

شاه! تو ريءَ واهه ناهي، تون شفيع! دل شاد ڪري،

هيءَ وئي گناهن ۾ گچي، ڪنهن اِذن سان آزاد ڪر،

ويران اڱڻ ورهين جو، تنهن کي اچي آباد ڪر.

جياري ٻَچو ڳيريءَ سندو، اَڻي ڏنوَ آشيانَ ۾،

تون اُچو ڪُل کون ڪثر، شافع ٿيو آن شان ۾.

پڇاڙيءَ تائين ٻيٽي ڪاڻ، ٻاڏائيندو رهيو، ليڪن لِکيل نه هوس، جو ويران اڱڻ آباد ٿئيس ها. کيس هڪ نياڻي هئي، جنهن جو نسل قائم رهي نه سگهيو.

حاجي خانڻ جو گَلو البته گهگهو هو، پر آواز ٻاڙو نه هوس. ڳائڻ ۾ رس ۽ ميٺاج اهڙو هوس، جو چوڌاري وَهه واهه ٿي ويندي هئي. هڪ روايت مطابق: لاڙڪاڻي ۾، گهاڙَ ڀَرِ تي راڳ جي محفل مَتل هئي. حاجي خانڻ جي اڙي لَئي لَڳي، جو جيڪو آواز ٻڌي، سو اُتي! ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مايون، توڙي ڀُنگين ۾ ويٺل، ٻاهر نڪري، اچي ڪچهريءَ ۾ ويٺيون، ليڪن حاجي خانڻ کين چيو ته : ”امڙيون هليون وڃو.“

ڳائڻ وقت ڪجهه نه وٺندو هو، جيڪڏهن ڪو زميندار پَهرياڻي پهرائيندو هوس ته خوشيءَ سان قبول ڪندو هو. راڳ سندس ذاتي مشغلو هو، جنهن ۾ سندس صحت جو راز مضمر هو. جيڪڏهن راڳ نه ڪندو هو ته دل تي وڏو بار سمجهندو هو؛ ايتري قدر جو هلڪو بخار به محسوس ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو حاجي خانڻ کي، ڪڏهن به مهينو سانده، ڳوٺ نه ڏٺو ويو. شاديءَ جي سَڏَ يا ميلي ملاکڙي جي موقعي تي، توڙي ڪوٺايل ڪچهريءَ ۾، خوشيءَ سان ويندو هو. توڙي جواني، جواب ڏيئي ويس، پر تڏهن به محفل جو مور هوندو هو. هڪ روايت مطابق 1915ع ۾ گذاري ويو. §

حاجي خانڻ جي ڪلام ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو عمدو نقشو چٽيل آهي، جنهن ۾ پڙهندڙن کي ، ساري سِٽا سامهون اچي بيهندي. جيتوڻيڪ اُن وقت رستم لغاري، عثمان سانگي، ڇتو سانگي، طور پيو مسڻ وغيره جون ڪافيون به هلنديون هيون، پر حاجي خانڻ جي ڪافين کي وڏي اهميت هئي، جو راڳي به کائنس ڪافيون وٺي ويندا هئا.

سرائڪي شعر به جهجهو چيو اٿس، جنهن مان ڪن هنڌ حقيقت ۽ صوفيانه پهلو کي به هٿان نه ڇڏيو اٿس:

سي حرفي:

جيم- جڏان تون جوڳ ڪماوين،

صاحب دي دَر، تڏان سِباوين،

 ٿِي خوش خَندان، کاوَڻ کاوين،

ڪُلهي تي ڪوڏر، قَلبي چاوين،

 اَسر ويل، ٻَنِي وچ آوين،

پاڻي پِرتئُون، پوک پِلاوين،

ڏيهه اُهو، ٻي طرف نه جاوين،

پوک ڪڻڪ، جؤ ٻاجهر ٽوڙ.

پوک پڪي هَئِي، پيها جوڙ،

معنى مخفي، مُنهن نا موڙ.

’ساڳئي سِي حرفي‘ ۾ چوي ٿو.

دال-    دليون مَنَ مَنَهن سينگار،

آخر آوُسِي، تيڏي وار،

چڪر مثل، دنيا چوڌار،

ڦر ٖي فَلڪ دٖي، هر هر وار،

عقل دي اِرِڙي، آوُ سُئي ڪار،

لَٺ گهَت تِيڏي عمر ڄمار،

پَڪڙِ مُنا، جو هي مهندار،

ڪاڃڻ ڪَنبدِي، ڳئي ڪروڙ،

پوکي پڪي هئي، پيها جوڙ،

معنى مخفي مُنهن نا موڙ.

        حاجي خانڻ جو هڪ جهونو قلمي نسخو نظر مان گذريو، جنهن جي ورق ورق تي حاجي خانڻ جي مُهر لڳل هئي، جا سندس مُنڊيءَ جي ٽِڪ ۾ اُڪريل هئي؛

(20 چنجڻي

حاجي خان محمد 13)

        قلمي نُسخي تي، خليفي غلام الله ڪلهوڙي، چَودرائي (تعلقي واره) جا اکر لکيل آهن، ڇاڪاڻ ته حاجي خانڻ جا اکر ڪَچا هئا، اهو قلمي بياض ڇهه سَؤ صفحن تي مشتمل آهي، جو اڄ به مرحوم قربان علي کهاوڙ (ڳوٺ حاجي کهاوڙ) جي پوين وٽ محفوظ آهي.

        مٿي ڏيکاريل آهي ته محفلن ۾، حاجي خانڻ جي لَئي هوندي هئي، جيتوڻيڪ راڳ ڪندي، ٻين جا گلا، ٽَليءَ جيان وڄندا هئا، پر ڇاڪاڻ ته حاجي خانڻ مهل جون راڳڻيون ڳائيندو هو، تنهنڪري محفل تي ڇانيل ايندو هو. اهو راڳ جو علم، ڪنهن کان سِکيو، تنهن جو پورو پَتو پئجي نه سگهيو آهي، پر ميان عزيزالله ڳنواس جي روايت مطابق: حاجي خانڻ وٽ چار ڳائڻا رهندا هئا، جن جي سَنگَ ۾ رَچي ريٽو ٿيو. سازن ۽ راڳڻين جي ڄاڻ جو ثبوت، سندس تصنيف: ’سيف الملوڪ‘ مان ملي سگهي ٿو:

 

ڳاون ڀَٽ ڪَلاوَنت، ڪر آوازيٖ،

رَکينديٖ نَوبَنو، اوهُ رُوپ تازي.

وَڄاون سُر مَنڊل، ڌُڪڙ دُوماري،

اُٺاون تانَ وَه وه! ڪر هوشياري.

تَنبُوري تيزُ هونديٖ، اوهُ ستاران،

لاونت لاوان، تي ڳاون الّڪاران.

وَڄَن دلي سَر نگيان، چوتار ڳاڙهيٖ،

عشاقان ڪُون سَبَق، رَبّ آپ پاڙهي.

چُونگارن چَنگ، تي مَردنگ هزارين،

اِٿان ڪَر ڪَر، ڪهڙي بيان چاڙهين؟

وڄي ڪَرناءِ تي، شرناءِ شودِي،

ڌَنَڪ ڌُم ڌَنّ، چا دلڙي وَٺوندِي.

سعد جي شاديءَ جو نقشو، هن ريت بيهاري ٿو.

ڀيرم تي ڀيروي، سندي بهاري،

مِلِي مالڪَونس ڪون، مَهّل موچاري.

اَساوري، مالسَرَّي، نِتّ نازَون،

ڪريندي ٻول سهڻي، ڪڍ آوازون،

مَلاري، ميگهه، سارنگ، طرحين طرحين،

جهَجهونتي ڪُون مُڙاون ڦُوهه ڦُوهين.

تِلنگ وِچ تانَ مارن، ڪَر هُوشياري،

سورٺ ڪون سَهس، ڏيون لَلّڪاري.

عجب هنڊول راڳان، روپ چايا،

بَسنت لَلونت، اَتي وه! رنگّ لايا.

نَها آکَن کنڀاتان، رامڪَلي،

پهاڙيان، تي ڪلياڻان، رمز رَلّي.

بلاوليان تي آسام، رهگذاري،

کَڙيٖ صد جوڳ، جهنگلي ڪَون تَنواري.

ديپڪ دي راڳ، ڪيهي ڪر سڻاون،

ڪاموڏ، ڪادرا، گُذار ڳاون.

ڪَسُوري ڀِيم وڏهوس رُوپ ٻولن،

کَڙي سَر مِهر ڪُون، چُست چولن.

پُرج بَياس، گجري، مَهل ڳاون،

ڪلاونت تي مِراسي، سُر ملاون.

ڪاريهر پُوبيان، ڀِي ڪَم نه آکان،

ٿئي رنگ روپ، اوهه ڪِروڙ لاکان.

عجب ٺاهي، بِهاڳ ڪُون رکيندي،

پِرهه دِي مَهَل، پِرڀاتِي ڪريندي.

        قبول ٿو ڪجي ته ڪافيءَ جو وکر، ڍيرون ڍير آهي، پر حاجي خانڻ جون ڪافيون به گهٽ اهميت نه ٿيون رکن. هينئر به جڏهن فقير يا راڳيندڙ کان خانڻ جي ڪافي ٻڌجي ٿي ته سندس ياد تازي ٿئي ٿي.

 


 

داستان -1

گل بڪاولي

الاهي آ اسان کي آس تُنهنجي،               صفت ساراه ڪيان ٿو راسِ تُنهنجي،

الاهي ڏي اسان کي تون وَسيعَت ،   هجان منجهه شوق شافع جي شريعت،

الاهي معرفت پنهنجي ڏيکاريو،               سبق سبحان مون ثابت سيکاريو،

الاهي آءٌ گُهران تُنهنجون پناهان،              هجن تو، هرزِنِدي تي نت نگاهان،

الاهي مير محّمدَ جو نظارو،            ڏيکارين منجهه حياتيءَ جي منارو،

محّمدَ مير جي محبت جني کي،              ناهي ڪو خوف منجهه مَحشر تني کي،

محّمدَ مير جون ڪيان ٿو صفاتان،    سڻن سمجهن سکن هر عام واتان،

محّمد مير جي تعريف سارِي،         لِسان ڪيئن ڪري سگهندي وِچاري؟

محّمد مير جو تعريف نامو،            ٿيو نت عاشقن جو خاص طعامو،

محّمد مير جي تعريف توحيد،                 پڙهڻ سان ڪن ڀَلارا نوبنو عيد،

محّمد مير جون جن کي پَچارون،              لَٿيُون سڀ خوف جون تن تَئون ميارون،

محمد مير جون جن کي سَنڀالان،     نَيون نِت ڪِدن فرياد نالان،

محّمد مير مرسل مجتبا مَڃ،          نوي نِت نياز سان سر آل ڏي سَڃ،

رکج محبت مدامي ڏَنهُن ڀَلارن،              سدا رک سِڪ سَچي يارن پيارن،

سچو صديق سَرورَ ساڻ سُونهين،              آهي سردار جو بر راز روحين،

عمر امير آءِ عادل اَمر ۾،              پيشاني جي نشاني آءِ قمر ۾،

عجب عثمان گوهر گنج الاهي،                ڪيائين فرقان گڏ ٿِيس شانُ شاهي،

هڻي حضرت علي ڪوفي ڪنبايا،    ڪيئي ڪافر اڳيون اسلام آيا،

هُئو حَسنَيَن جو نعرو نظارو،            قصو ڪيان ڪربلا جو ٿئي پسارو،

خدا خاتونِ جنت کي اُپايو،             تڏهن احمد اُمتين مانُ پايو،

اُچو عباس حضرت مون وَسِيلو،                مدعي بُلَهوَس جو ٿيو مُنهن پَسِيلو ،

ٻارهن امام حاجِي، مَڃّ هادِي،                 ڪڏهن توکي ڪندا نا بي بنيادي ،

هاڻي هن ڳالهه جو ٿيو شوق باري،    حاجي خانڻ ڪجي ترت تياري،

قصي کي نَوبَنو تون ڪر ظاهر،                سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڪر تون شعر شاعر،

هندي ٻوليءَ ۾ اڳ هِي فَسانو،               ٻُڌوسي تان جوڙيل آهي شهانو،

تاج الملوڪ جي باري ڪهاڻي،               قصو جوڙڻ جو ڪيو دلڙي نماڻي،

الَہَ جي آسري ڪر شعر هاڻي،                 خبر اِن ڳالهه جي ٿو رَبُّ ڄاڻي،

اَلَہ جي آسري ڪر بيت بازي،                 ڀَلي محبت وارا ٿين مرد راضي،

ڀَلي من ڪو ڪري شاباس شادباش، سدا بلبل وٺي هر گل جو واس،

بِنا گُل جي ڪيهو بُلبُل جو نالو،      هجن گل بلبلان جنهن رنگ نرالو،

زين الملوڪ شرڪستان آهي،         عجائب بر زمين سلطان آهي،

رکي رعيت اُتي هر عظم باري،               رکي هر عدل تي هر عظم باري،

عدالت ۾ هميشه عمر آندي،          بنا حق ناڪرن ڪنهن شخص باندي ،

لکين لشڪر سپاهي نال سِپر،     رکن دَر دست شاهي تِير تَبّر ،

عدالت سان هميشه خوش گذاري،      نظاري سان همه اسباب ڌاري،

جشن خطن هميشه در سپاهي،             زنگي جنگي ڍَڪن زرهه ڪُلاهي ،

شهر شيراز جو سارو اَمر ۾،            نزاڪت نوبنو پنهنجي نظر ۾،

ڪَڇي قلات ۽ ڪابُل بُخارا،          عَجم ۽ اِصفهان تائين اُمارا ،

شتُر گهوڙا رکي هر دم هزاري،    چڙهي جاڏي لهي ٿو فتح سارِي،

دنيا جي هر لذت ۾ هو ديوانو،                ماڻي نت باغ بنگلو ۽ شمانو ،

ولايت پاڻ پورب ۾ رهي ٿو،               اول خوش خوب پوءِ ڏکڙا سَهي ٿو،

حاجي خانڻ هاڻي حڪايت ڪَرِيجي، شريعت تي قدم قابُو ڌَرِيجي،

زين الملوڪ جا پٽ چار چوان،                 تنيجا شعر ۾ ڪر بيت سنوان،

چارئي بادشاهه جا ها شاهزادا،          چنون، هوتو، پُنون جي پيش پيادا،

ڪڏهن گل بلبلان گڏ زاغ سُونهن،       سدا مجلس چمن چراغ سُونهن،

جڏهن چراغ جي ٿي روشنائي،                 تڏهن دائيءَ ڏنِي تَنهنجي وڌائي ،

ڄائو جَڏِ شمس، تمر گم ستارا،                ڏٺا حُسن سندا هر دم نظارا،

پئجي وئي هاڪ حُسن جي شهر ۾،      ٿيون مشتاق ٿي مڇليون بحر ۾،

شمع ٿيو شاهزادي جي حُسن جو،              ٿيو خادم بندو ڪُلي خطن جو،

يَمن ياري مڃي پَر پُٺ ملڪ جي،    ڪندا سي ڳالهه ڀي تنهنجي فلڪ جي،

جڏهن دائي ٻڌائي ٿي وڌائي،          ڪري وسواس ويس دلڪون  جُدائي،

ٻُڌي سا ڳالهه حُسن جي تمامي،              آرامي ٿي، گهڻو ٿيو بي آرامي،

ولايت جا نجومي نزد آڻي،                حسن جي ڳالهه هڪ هڪ ساڻ ڄاڻي،

لکين موجود ٿيا ناميا نجومي،    بدخشان گل بُل ۽ شام رومي،

نجوم وارن مڙي جڏهن ڪئي ڪچهري،      ڪڍي سا ڳالهه شَهَه زهناً اُٻَهَري ،

پِسر منهنجي جي حسن هاڪَ هُلي،      مڙيئي مجذوب ٿيا هر خلق ڪُلي،

اڃا ڄاڻو اڄوڪي رات آهي،            ڏسڻ جي ڪاڻ آيا ملڪ ڪاهي،

حسن جي هر طرف ٿي ڪامراني ،         ڏسڻ سان ٿي ويا ٿَس ڏيهه ڏانِي ،

اڃا ماءُ پيءُ ڏِٺس نامُنهُن پيارو،               ڏسڻ لاءِ هر ولايت ڪيو اُمارو،

نجومي سڀ ڪريو تدبير سَچّي،              خدا جو سَنهُه، نه ڪِيجو ڳالهه ڪَچّي،

حُسن اهڙو نه ڪاٿي ڪو ٻُڌوسي،     پِنِي شَهه پِيرَ کؤن هاڻي ڳِڌوسي،

ڪهڙو طالع ٿيندو هن تاج ملوڪ،        ٿيا ماندا ملڻ لئه مرد مخلوق،

نجومي ڀِي هڻِي ڍارو ٻُڌايو،   جو ڪجهه منجهه قياس جي ڪَهڻ ڪاڻ آيو،

ٻُڌائڻ ڀي گهڻو آڏو ادب سان،                 شمع محلي ۾ ڇُپي ڪنهن سبب سان،

بيٺا کولي لِسانُون لک ويچارا،                ڏٺائون سي ڏَسيائون سڀ نظارا،

چيائون شاهه کي چِٽو چِتائي:         ڏسي نابين ٿيندين ڪنڌ نوائي،

زين الملوڪ کي ٿيو زخم باري،              اکين اڳيون وريس اوندهه انڌاري،

ٻُڌي ڳالهه ٿي ويو شَهه آوارو ،             ڪوئي سمجهي اهو باري اشارو،

نهايت شاهه پٽ پنهنجو رلايو،                ولايت ڪنهن اُتي تنهن دم تڙايو،

تاج الملوڪ جي مادر تڙيائون،                پيارڻ کير ڪاڻ پاسي ڪيائون،

وڇوڙو هِن ويچاري کي وِڌائون،                 آنڊا تنهن جا ڇِني آڙَهه وڌائون،

پيو طرفين کي ڏاڍو وڇوڙو،            نماڻي کي لهي ناڳَلّ ڳوڙو،

وڏا تنهن وس ڪيا واڪا ويچاري،     پَچي ڪيئن پوک، جنهنجو پهر ماري،

ولايت جنهن اُتي طفل سٽيائون، وري تنهن ملڪ کان مُنهنڙو مَٽيائون،

تاج الملوڪ آيو دست دائي،           نيئِي گهر نينگرو دم دم رَهائي،

پياري کير ٻيو بادام لوئي،            دائيءَ جي گڏ گِنديءَ ۾ ساڻ سوئي،

ويچاري جو وسيلو شاهه علي،          دائي جو سونُ ٿيو ايوانُ گَلي،

اَبر عربيءَ سندو ارشاد سارو،           دائي جو مَرُ ٿئي دُهرو چارو،

اصل مانجهي مُدّ مِغ شاهه سياڻو،    تاج الملوڪ ڀي لائق ساماڻو،

حُسن جو هُل هميشہ ساڻ سونهين،   ڪيون مجموع خلق راز روحين،

پياري ساڻ سونَهنِ يار سهڻا،          مٺا محبوب نازڪ مرد مُهڻا،

ڪري شبروز سعيو ويس رنگي،               بخمل گلبدن پهري ڪلنگي ،

سونهري هر ڪچهري دار ڏياري،              جيڏا سينگا بيٺو سَهسين سينگاري،

چڙهي پيو نت شڪارين شير شائق،   ٿيس مرسل سندا سر لطف لائق،

ڏسو تدبير تقدير نيڙي ،           سُتلَ جي ڪيئي سُڻيجي ننڊ اُکيڙي،

زين الملوڪ ڪيو سعيو شڪارين،    سپاهي هُل ڪري هليا هزارين،

آيو بادشاهه ڪنهن بيابان ڪاهِي،    لٿا ڪنهن بير تي سامان لاهي،

آيو تاج الملوڪ ڀي اُتاهين،           لٿو زين الملوڪ ڀي جٿاهين،

ڏسي نابين ٿي پيو ملڪ ماندو،              آيس سر بار بارن ۾ هيڪاندو،

اَمر حق پاڪ جو ٻيو ڪير لاهي،              چڙهيو منصور ٿي پاڻ ڦاهي،

هجي راضي هميشه حقّ تعاليٰ،               محمّد ميِرِ ٽاريندو ڪشالا،

چئن يارن جي مان دامن گِهنان ٿو ،    پَنجَن تَنَن سندي پاکر پنان ٿو،

مدد هر مومنن جي پير پيران،         ودي دامن سندي مون دستگيران،

وري آيو اوطاقين شاهه سلطان،                جوڙي ڪم هر ڪنهن جا رَبّ رحمان،

زين الملوڪ ٿيو نابين نانگو،          سُڪي ويو سوزَ ۾ ٿيو ماند ڀانگو ،

ٿيو يعقوب وانگي نِت عذابي،                 ويس محبوب دَستؤن ماهتابي،

روئي ريهون ڪري حيلا هلاڪي،      لحم لِڱڻن اُتي وڃي رهيس باقي،

ٿيا حيران حسرت منجهه وزيرين،              مڙي مصلحت ڪئي عمدن اميرين،

 ٿين سلطان جو ارمان باري،           ٿيو باڪو آزاري بي قراري،

وزيرن ٿي ڪئي مصلحت عجوبان،    پسند پيئي شاه کي وه خاص خوبان،

نجومين ڀي هنيو ڍارو نظارو،          ٻڌايو ڳالهه هي ڪهڙو ستارو،

بندي جي باب ۾ هي ڪهڙي بَڻِي آ،        لاهي غم ڏي خوشي منهنجو ڌڻي آ،

ڏِئي جو ڏاتِ نا ذاتيون پُڇائي،                ويهي ويو شاهه غم گادي وڇائي،

آيا ناميا نجومي هڻن ڍارو،            لڌائون شاهه جو مقصود چارو،

آڻي ڪو بَڪاولي ارم وارو،            تني سان شاهه جو ٿئي ڇوٽڪارو،

لائي جي گل اکين کي وهه صفائي،   عذابن کئون ڇُٽي هيءَ جُند جائي ،

عجائب نور ٿئي تنهنجو نرالو،                سنڀالي ڪو مڙد اهڙو ڪشالو،

چارئي پُٽ تيار ٿيا ڪري سَچائي،    وزيرن ڳالهه هيءَ دل سان پَچائي،

چارئي پُٽ شاهه جا ڪرن تياري،              وزيرن ۽ اميرن فوج باري،

خزانن کي کڻي ٿيا رَهه روانا،              روانا ٿيا روانا ٿيا روانا،

سپاهين جو جڏهن ٿيو صاف سعيو،   پڌر روئي پٽن کئون موڪلايو،

خزانن جا کنيائون ساڻ هاٿي،          سَٻَر سهڻا کنيائون ساڻ ساٿي،

ڪيون پوشاڪ شاهي مسافِرَ،          ماڻن مطلوب کي ڪيئي سياه ڪافِر،

سعيو ڪيائون سفر جو ٿيا بيراڳي،    لڌائون يار نه هڪ رات جاڳي،

نهوڙيا ننڊ جي نت نت نشي ۾،              هوا گُم غار غفلت جي غشي ۾،

تکا تازي شُتر گهوڙا کنيائون،             هنبارين سان سوين ساٿي نيائون،

تُنبو ۽ تخت قناتون ڪڙيائون،                هيرا موتي جواهر ٿي جڙيائون،

هڻي نعرو هليا ڪنهن ڪست ڪاهي،     سوين سَڌڙيا سَٽيا هِن عشق ڊاهي،

هي ڀي سَڌڙيا ها، ناسِڪَ سچي،              مجازيءَ کئون هلي ڪيئن بوم بچي؟

تنبا ڪشتيون کنيائون ڪچڪول واريون،     هي ڀي هليو دلق سارو سينگاريون،

آڏو دلبر لڪان، جو دام ڦاهِي،                 ڇڏي سلطانَ ويٺا تخت شاهِي،

حسن ماري هزارن کي ڦٽِي ڪيو،     ويو هڪ راند ڀي هُت نا کٽي ڪو،

حسن جي هڪل تي ها سو سلامي،   سلامي ٿيا ڪَلامي ٿيا غلامي،

حسن ماري نوايا مرد غازي،           کيڏي دلبر لِڪان سان خوب بازي،

شهر فردوس جي آيا قلعي ۾،                 حاڪم رضوان جي آيا ضلعي ۾،

عجب رضوان حاڪم رمز وارو،                 دنيا دولت سندو ناهي پَسارو،

تنهن جا چو طرف چوڏول چلندا،               هٿيارن سان سپاهي ساڻ هلندا،

عجائب باغ بنگلي جون بِناهون ، رکي رعيت اُتي هردم نگاهون،

وڄي رضوان جو شاهي نغارو،          اچي اُت ساٿَ ڪيو پهرو اُتارو،

اچي باغ جي اڏين قناتون،             وساري سالڪن جون برهه باتون،

حسن جي هاڪ ٻُڌي پيا هِجر ۾،     آين سجدو نه هٿ پهريون فجر ۾،

فجر جو وقت اُوپر فيض وارو،               طالب مطلوب جو ويکو نظارو،

فجر جو وقت وَه وَه رنگ الاهي،                ملائڪ ڏِئي سِگهو تنهن جي آگاهي ،

فَجر جو وقت هي هُوندَ نا وسارِين،     نِجس ناقص نِدورو نفس مارِين،

فجر جي وقت جي آ خاص چاڙهي،    پوياڙي آ پوياڙي آ پوياڙي،

ٻُڌي دلبر لِڪان جي ڳالهه ٻانهن،     ڪري پنڌ ڪيترا ڪيائون ساڻ خانن،

ڏيکاري اک هڪڙي لَک ناڻي،                تنهن کي ڪونه ڪو هر مرد ماڻي،

ڏيکاري اک اُتي اکڙِي نرالي،          ٻُڌم ڪو دامَ کئون ويو ڪونه خالي،

سپاهي ٿي ويا سو شيرَ بانڪا،    سَڄڻ ٻاجهَون سُڻي ٻيو ڪير واڪا،

چارئي پٽ شاهه جا ٿي ويا ديوانا،     هُوَن دَر دَست کاڻيون ۽ خزانا،

ڀانيائون ٿا ڏيون هِڪ لکُ ناڻي،              ناهي پرواهه جي ڏِيون نِيلَ ناڻي،

ويا محلات وٽ سي موڙَ ٻَنڌي،               وڃي ٿيندا ويچارا قيد بَندي،

ٿيا غافلَ گِلا جو پِيُنِ گهانگهو،               محبت سان ملڻ آهي مهانگو،

حاجي خانڻ ڏِئي شل، يارُ ياري،               سُجهي ڏاڍو اڻانگو سفر باري،

ڪري وَڪِيل هڪ ٻُڍڙي مُسڪائون، قصو ڪُل حال جو تنهن کي چيائون،

ڏيُون ٿا لَک ناڻي، ڪر ڀَلائِي،                 نه ڪر، دم دير، ٿِي تون حال ڀائي،

وڃي محلات تي ٻُڍڙيءَ ٻُڌايو،                ڏسڻ جي ڪاڻ اڄ سلطان آيو،

دَرِي کولي ڏٺائون شاهزادا،             گهمن پيا باغ ۾ پيا سي پيادا،

ڏٺو جَڏِ، شاهزادن دور دلبر،             وَهِي وَيُنِ وات مان ’الله اڪبر‘،

ڏٺائون حُسن جو ٿِيڙو تماشو،          ڪَري چَنبّين، کڻي وِيُنِ بره باشو ،

ڏَئِي ڏَهه لَک، ٿيا نزديڪ ناميان،      سنگت ساري رُلائي پاڻ خاميان،

آيا محلات ۾ جَڏِ پير پائي،           بيٺي هر ڪا ڪنيزڪ هَنڌُ وِڇائي،

سوين هارين صراحيون عطر واريون،        رَکن گل ذات جون وه سبز ٽاريون،

شرابي دار کي شبروز شادي،           جڏهن ويهي ملائڪ مَلڪ زادي،

آئي دلبر لڪان ٿيو بخت تازو،                ويٺا گڏ شاهزادا گل گُدازو،

ڏسڻ سان ٿي ويا مخمور مَئي پِي،    لڳي آبروءَ جي ويئي درسينه سيني،

چيو دلبر لڪان ڪا راند کيڏو،                رکو لک ٽڪ تي ٻيو يار جيڏو،

مڃي سا ڳالهه ويٺا مرد ويجهو،               لڳي وين ڪان ڪارِي ڪو ڪَليجو،

پَتن جي راند وَه دلبر بَنائي،           ڏِيئو ٻاري ٻليءَ جي سِر ڪرائي،

ڪُئو ڪَلَ جو جوڙيل بي تخت آيو،   پَتو ڪنهن طرح ٿي اُٿلايو،

ٻِليءَ جي سر ٻَري ڏِيئو ڏهاڙِي،                اَڪابِرَ سو اُتي ٿِي ويا اَناڙِي ،

پوي جَڏِ راند ڪنهن جي ٿي رَمل ۾،         ڪُئو ڦِيري پَتي کي ٿس عَمل ۾،

خزانا شاهزادن ڀي کَپايا،               ڏيڻ سِرَ ڀي تنهِين پنهنجا سَهايا،

رکيائون سر بازي ٿڀي بهائي،                 پَتي جي بات تن کي دست نائي،

ميان عزيز الله سان، سندس ڳوٺ ڳنواس ۾- تاريخ 1955-08-18 تي ڪچهري ٿي.

’اما‘ اشارو آهي ’مينهن‘ ڏانهن، جا سندس گهوڙي سان اچي لڳي. هُونءَ به ٻهراڙيءَ ۾ اڃا تائين ”مينهن“  کي ’اما‘ سڏيندا آهن.

 اڀا= اُڀو = سنڌ جو مٿيون حصو. لمان، لمون= سنڌ جو هيٺيون حصو.

1 چئو شاهن(شاهه محمد) سياڻي کي، ڇو ڳالهائين ٿو نياڻي کي،

2  چئو خانڻ ڀاڙِي کي، ڇو ڏَڪائِين ٿو ڏاڙهي کي.

 § حاجي خانڻ 1840ع ڌاري ڄائو هو.

 راس = پوري.

. وسيعت = وسعت، طاقت.

. زندي = زنده.

. لِسان = زبان.

نالان= دانهون.

. بلهوس = هَوَس رکندڙ، لالچي.

. ٿيو منهن پَسِيلو= پاسيرو منهن ٿيو يعني ڀيلو منهن ٿيس، شرمندو ٿيو.

. ڪندا نا بي بينادي = بي بنيادي نه ڪندا يعني پُٺ پڌري ڪندا، توکي نرينو اولاد ڏيندا.

. باندي = قيدي.

. سپر= ڍال.

. تبر = ڪهاڙي؛ تلوار.

 جوش، زرهه.= . جش

 زنگي = بهادر.

ڪلاهي = ڪلاهه واري ٽوپيءَ واري.

. شتر = اُٺ.

.  شمانو = شاميانو، تنبو.

. پورب = اوڀر.

. زاغ = ڪانءُ.

. چراغ = ڏيئو، بتي.

. وڌائي = واڌائي، مبارڪ.

. هاڪ = مشهوري.

. بحر = سمنڊ.

. نزد = نزديڪ، ويجهو.

. ناميا = ناليرا، مشهور.

. ذهناً = ذهن مان.

. اُٻهري = جلدي، تڪڙي.

. پسر = پٽ.

. ڪامراني = فتح، ڪاميابي.

. ڏاني = ڏنُ ڀريندڙ.

. سَنهُه = قُسم.

. طالع = بخت.

. ڪهڻ = چوڻ.

. آوارو = پريشان.

. باري = باريڪ.

. طفل = پُٽ.

. مر = ڀلي.

. مانجهي = بهادر.

. مدمغ = دماغ وارو.

. ڪلنگي = تاج، ڇٽ.

. نيڙي =ويجهو.

. بير = کوهُه.

. دامن = پلاند.

. گهنان ٿو = وٺان ٿو، پڪڙيان ٿو.

. پاکڙ = مدد.

. ودي = ورتي.

. ماند = مثل، وانگر.

. ڀانگو = سُڪل ڪاٺي.

. لحم = ماس، گوشت.

. باڪو = بانڪو، بهادر.

. جائي = بيشڪ، سچ پچ.

. رهه = راهه، رستو.

. پدر = پيءُ.

. هنباري = پالڪي، ڏولي.

. قناتون = تنبوءَ جا پردا.

. شتر = اُٺ.

. بوم = چٻرو.

. دلق = گودڙي.

. بناهون = پاڙون؛ ڀتيون.

. اوپر = افضل.

. آگاهي = خبر.

. نجس = ناپاڪ، پليد.

. ناقص = نقص وارو.

. بانڪا = بهادر.

. ٻاجهون  =سواءِ.

. نيل = 100 کرب.

. باشو = شڪاري پکيءَ جو قسم.

. صراحيون = گهگهيون.

.ابرو = ڀرون.

. اناڙي = جاهل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org