سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نانڪ يوسف جو ڪلام

صفحو :3

 

سنڌي ڪافيون

 

تو پڙ ۾ ڌپو، سڄڻ ڌو پڙ ۾ ڌپو
عشق جي آڙاهه ۾، ڏي ٽاهه ٽنگر ٽپو.

 

هادي هردم همت توسان، چاڙهه عشق جو چپو،
لا جو هڻ الا ڪهاڙو، غير کي هڪ لپو.
بنا دوستيءَ دوست جي، ٻيو خان کپت کپو.
هادي هردم حاضر ناظر، امڙ نڪو ابو.
هئه هئه عمر ائين وڃي ٿي، ڳپل کائڻ ڳپو
ٻيو مڙيئي ٻن ڏئي، نام صاحب جپو.
هي جڳ بازي ڪوڙ پسارو، دنيا ڀولي ڀپو،
ڪڪو ڇڏي گگو ددو، للو تتو پيو،
نانڪ يوسف نيهڙو ڏس، نيڻن مرشد مڪو،
آءٌ پڻ گهوري گهور تنهن تان، جو عاشقن تپو.
  *

اکڙين منجهه الله پرير، تنهنجي اکڙين منجهه الله
سچي مرشد ڳالهه انهيءَ جو ڏنو سچ ويساهه
پاڻ ڏسي ٿو پاڻ پسي ٿو ديدن موءن داناهه
ڪل اسان کي ڪيهڙي ميان ڪهڙو ڏوهه گناهه
تون تان مالڪ ملڪ جو آهين ٻيو تان سڀ سپاهه
يار يوسف کي ٿاپڻ ڪوٺن ڪيئي نانڪ شاهه
 *

وري وريون قطارون جيجان جوڳيئڙن جون.
هيس ميراڳڻ جن لئه منجهه درد ڌمارون.
قرب سڃاڻي پنهنجو موڙي ماڳ مهارون.
نوري ناٿ نوازي پنهنجي مهر منجهارون.
پورپ نيندا پوربي لاهي مندن ميارون.
اڱڻ مون مسڪين جي لايون برهه بهارون.
ڪريان ڪاپاتين جي هن محبت تنواريون.
يوسف يار مهر موءن لڌيون سامين سنڀارون.
   *

رنگي رنگي ٿي آيو آهين سهڻا آدم منجهه سمايو آهين
ڳلي ڳليءَ ۾ تال تماشا عجب سئر مچايو آهين.
حسن هزارين عشق بهاري نيڻن جو جهڙ لايو آهين.
عشاقن جي دل تي دم دم دردن بار اٺايو آهين.
موهن مهڻيون پهري پوشاڪان پاڻ کي پاڻ پسايو آهين.
تو سر شملو شاهنشاهي چيرو سر چڙهايو آهين.
نيڻين يوسف يار سڃاڻي فضل پنهنجو فرمايو آهين.
                 *

سارو ئي گرد غبار ڏسڻ ۾ جو آيو،
ڪرڙو قلزم ويرون واڪا ڪڙڪا ڪارونڀار.
لڙجهڙ لهريون لس وهي ٿو شمعن ناهي شمار.
آب حيات به آهي اتهين تحقيقات تڪرار
پيئڻ ڏسن ڏک ڪم ڪنهن جو سوجهي پس سنسار.
سچي مرشد ڳالهه سچيءَ جو ڏنو سر اعتبار.
مار نغارو اناالحق وارو پاڻئون پاڻ بيزار.
نانڪ يوسف يار مون ڪل نا عشق الهه اسرار.
 *

هادي تنهنجي حسن جا، ڪيها ڪهڙا نظارا،
سينگار سو رنگن ۾، بي انت پر پسارا.
سڀ روپ ۾ نيارو، آهي سندءِ اوتارو،
محبوب تون سچارو، سڻ شوق جا شوڪارا.
عاشق ديدار ڪاريو، جنهن تنهن کي منهن ڏيکاريو،
سوليءَ اتي سينگاريو، هڻي نينهن جا نغارا،
اسلام ڪفر ڪاري، مهتر ٿيو شڪاري،
ڪٿ شاهه ڪٿ بيکاري، خوش عشق جا اشارا.
تنهنجي حسن جون هاڪون، آهن حشر ڪيڏاڪون،
دل درد ۾ تڏهاڪون، زاري هزار بارا.
يوسف نگاهه ياري، معشوق جي مهاري،
فانڪ ڳلي ۾ ڳاري، زلفن جا ڪيس ڪارا.

 

 

هي جان جسم دم آهين، تون آهين تون

 

ڪي ٿا ڀائن ڪو ٻيو.

ونحن اقرب اوڏڙو، ائين ڪير چوي جو ناهين تون؟
ڪڏي گنگا جمنا دئارا، ڪاڏي طرف ڪم ٿو ڪاهين تون؟
سو لک بازيون برهه سندءِ جون، ناهه ليکن ٿو ٺاهين تون.
نانڪ يوسف يڪدل ياري، توڙي سوز فراقن ساهين تون.
 
 *

هي ٿا ڀائن هتڙي عاشق، هو تا هنن سان هنن سان،
سميع بصير پلڻ ۾ ڏسن، ڌان ڌان ڌنن سان ڌنن سان.
پهري آيو پاڻ پرين، رنگ رنگي جنهن سان جهنن سان.
عشق نه جن الله جو، منهن ڪارا تنن سان تنن سان.
دل روح ٻئي پاڻ ۾، عشق عينن انهن سان انهن سان.
نانڪ يوسف يار جو، عشق دائم دنن سان دٺن سان.
 *

عشق ديوانڙي ڪئي ڪئي ڪئي،
پيارا تنهنجي درد ديوانڙي ڪئي ڪئي ڪئي.

 

بولو بئنسر جهمٽن جهاما، نينوءن ٻاڻ نڻن جون مامان،
پاڻ ۾ ڪن ٿا رامان رامان، دين ڪفر ٻٽ ٻئي ٻئي ٻئي.
جڻيان جهم جهم ڪرن قطارون، موهن مونکي ڏئي ڏيکاريون،
دلبر ڌاڙي ڪارڻ داريون، سمجهه هيءَ ڪل پئي پئي پئي.
سارو سڀ سينگار ڪيائون، محبت ۾ من موهي نيائون،
تا ڳڻ ڳڻيان ڇا هيان آءٌ، ٿا ٿا بر هئون ٿئي ٿئي ٿئي.
ڪيهون ڪيهون عشق گفتارون، سڌ پئي اچن جي پارون،
ڪيها ڪيها بسنت بهارون، ڏس تا رمز رئي رئي رئي،
نانڪ يوسف يار پچارون، سچي مرشد ارل اشارون،
پنهنجي پارون پاڻ بيزارون، جي نه سمجهڻ ٿا نئي نئي نئي.

 

 *

هت پرين ڪهڙي پڇندا، سرتيون ڳالهه نه ڄاڻان،

 

ڪيهي ڪيهي ڪيهي.

هينئڙو منهنجو حيرت هن ۾، ڏيل ڏکي پرڏيهي ڏيهي ڏيهي،
عالم عبرت ۾ اچي عقل جو، دردچوان دل ويهي ويهي ويهي.
عيبن هاڻي آءٌ نماڻي، جيهي آهيان تيهي تيهي تيهي.
حال انهن سان آهي اسان جو، رمز جنهن دل ريهي ريهي ريهي.
پنهنجون پوڻيون ڪين ڇڏيندا، پاڻ ايندا پکي پيهي پيهي پيهي.
نانڪ يوسف يار سان رهجي، سچي اچي سچ ايهي ايهي بئي.

 

 *

نيڻن تو سان نينهن پرين، اصل آهي ئي ايڏاهين.
ڏاڍو ڏاهن مون ڏنو، شوق تنهنجي جو شينهن پرين،

 

پار نه ٻئي ڪنهن ڪيڏاهين.

توريءَ ڀانيان ڪينڪي، رات نه ڪوئي ڏينهن پرين،

 

ديس ويس آءٌ جيڏاهين.

نانڪ يوسف يار جو ميان، اُٺو محبت مينهن پرين،

 

تانگهي سچي دل تيڏاهين.

*

هئي هڻي اسان نه جھاڻون، ڇاتان ٿيو ٿيو،
هن دل کي درد ڪهڙو، ويڙهي ويو ويو.
ڏينهن رات بيقراري، توبهه هزار زاري،
ڪو پور دل نيارو، پر دل پيو پيو.
هيو ڇا هئڻ حياتي، هن کوءن ڀلي مماتي،
موتو قبل مري جي، هي سر ڏيو ڏيو.
صورت حقيق هادي، رک نقش دل شهادي،
پر پار تون پرينءَ جي، ٻاري ڏيو ڏيو.
ڪنهن موج ۾ پياسي، نينهڙي نسنگ نياسي،
هي خيال دل اسلامي، ڪفروءن ويو ويو.
يوسف بهار يار، دل عشق جا شوڪارا.
ٻيو محض مور ناهي، حق جو ليو ليو.

 

*

درد حسن ديوان ڪيوسي. موج انهيءَ مستان ڪيوسي،
مرڪ ڏسي محبوب مٺي جي، جان جسم قربان ڪيوسي.
هي سر سوليءَ اتي حاضر، نينهن نظر نيشان ڪيوسي.
نانڪ يوسف يار سدائي، سر صحيح سلطان ڪيوسي.

 

*

دلداريون ته ڏجن ميان، دلبر درد مندن کي.
قول سچا پرين پانهنجا، نباهيون ته نجن ميان.
مهروءن مشتاقن کي، بدڪاريون بخشجن ميان.
نالائقن سان سپرين، پنهنجا قرب ڪجن. ميان.

 

*

هيڻن تي هر حال ۾، دست پرين ڌرجن ميان.
جيها تيها پانهنجا، پير ڀري، پڇجن ميان.
ٻيڙيءَ چاڙهي سپرين، ڇر ۾ نه ڇڏجن ميان.
يار يوسف جون زاريون، عرض قبول ڪجن ميان.

 

*

حالڙو جيڏيون مون سو حالڙو، حال هاديءَ جو آءٌ قرباني.
ڪو تان ڄاڻي ڪوئي نه ڄائي، پاڄائي کي پاڻ سڃاڻي،

 

دوست مٺو دلجاني.

راتيان ڏينهان عيبن آرو، پسڻ پرينءَ جو نور نظارو،

 

عشق الهه سلطاني.

حال وارن جا جي منڪر هوندا، ٻنهي جهانن ابتر هوندا،

 

قسم رسول رباني.

ڪوڙن موڙهن قال نظر ۾، لوءن وارن کي لال اندر ۾،

 

سر سارو سبحاني.

يوسف يار جون رمزان سهڻيون، محبت ڀريون من جون مهڻيون

 

هوءِ جن دلڙي ديواني.

*

ڇا پڇو ٿيون ڪير ڙي آهيان؟
خاڪ ڀسم جي ڍيرڙي آهيان.

 

سندو همت حال سدائي، دم اهو تان خيال خدائي،

 

نت آءٌ ڪميني ڪيرڙي آهيان.

مون سنهن ورچي ناهيان ناهيان، طرف نه ٻئي ڪنهن ڪاهيان ڪاهيان،

 

پير پرين آءٌ پيرڙيءَ آهيان.

عيب اسان ۾ هئڙا ڪيئي، مرشد معاف ڪيا مڙيئي،

 

ٿوڙي مندي ميرڙي آهيان.

پاڻيءَ مان ٿيو پارو پيدا، ڏسي طلسم ٿئڙين شيدا،

 

تاتيرڙي نه ميرڙي آهيان.

نانڪ يوسف يار جي ٻولي، عشق لقارو هر جا هولي،

 

نت ساڳي ڏاهه ڏڦيرڙي آهيان.

*

چرنن جي آءٌ کيهڙي آهيان،
ٻيلي رمز هادي دل ريهڙي آهيان.
ڪي ٿا پانئڻ ڪٿي وسي ٿو،
ڏيهه سندين جي ڏيهڙي آهيان.
سندن گولين جي گولين جي،
جوڙ جتين جي نه جيهڙي آهيان.
ادلي گدلي بدڪار بدلي،
پريم پرينء جي ساڪيهڙي آهيان.
قادر مون ۾ عيب مڙيئي،
جيهي چئو آءٌ تيهڙي آهيان.
نانڪ يوسف يار جي درجي،
آهيڙياڻي آءٌ ايهڙي آهيان.

 

*

منهنجي دل سان توسان لڳي،
لڳڙي سان آر ارڏي.
تو شهه جنهن سا ڪئڙو نظارو،
لائي پرت نا ڇڏي.
ونحن اقرب هيءَ اشارت،
ڪل توسان تند گڏي.
موتو قبل جي آسري،
تو عاشقن دل اڏي.
موڙي محبت آهه عاشقن،
ملڪ نڪو مال مڏي.
زهد عبادت راهه برهه ۾،
ساڙ ڪفر دين هڏي.
راتيان ڏينهان سانه اداسڻ،
جا دل تو سان سڏي.
نانڪ يوسف يار سدائي،
واهر تنهنجڙي وڏي.

 

سرتيون سڀ ۾ پاڻ آهي، رنگ رنگ ديد نظارو،

 

ڏسو يارو حسن وارو.

آدم صورت بني آيس، ورهي ڪيم وٿاڻ.
لڪ لڪوٽي خاڪ لنگوٽي، موهيس تن هن ماڻ.
ڏسي صورت معني مورت، چشمان چارئي چاڻ.
ڪارونڀار ۾ ٿي وڃي گم، اچي منجهه سڃاڻ.
دردن دل ۾ دکن دونهان، حيرت هن ۾ هاڻ.
عبرت اونهو سر اوانگهين، جتي ڀاڳين ڀاڻ.
عاشقن کي نيڻ نهوڙن، سندي عينن آڻ.
نانڪ يوسف يار تماشو، پٽ پئي ڪن پاڻ.
 *

سڄڻ تنهنجي سڪ، ٻيلي، سدا آهي ساهه کي.
ڳالهيون ڳارن ڳجهيون، هينئڙي کي هڪ هڪ،
ٻيلي درد آهي ارواح کي
مون من مستانو ڪيو، پرين پياري تو پڪ
ٻيلي ڏاڻ ڏنو هن ڏاهه کي.
سوز گدازوءن تنهنجي، نيڻ دريا يڪ،
ٻيلي معلوم آهي الله کي.
نانڪ يوسف يار جي، لعل لنگوٽي لڪ،
هيءَ ڪل آ شاهنشاهه کي.
 *

يار دوستي آهي اُهي، ڏسڻ ديدار اکين جو اکڙيون.
بنا دوستيءَ دوست جي يارو، بيو تان ڇاهي ڇاهي؟
روزا نمازان ورد وظيغا، ٺاه لکين ٿو ٺاهي ٺاهي.
جانب جاڏي ڪاڏي وسي ٿو، ڪعبه ڪاڏي ٿو ڪاهي ڪاهي.
ڳالهه اهائي انهن جي يارو، منصور چڙهيو ڦاهي ڦاهي.
ظاهر باطن آهي اهوئي، ٻيو تان ناهي ناهي.
نانڪ يوسف يار سچل جو، ڏس ڏنو ڪنهن ڏاهي ڏاهي.
 *

شرڪ ويا شڪ شوڪ، برهه بهاريءَ جو جهڙ لايو،
اندر اوطاقون عشق وسايون، ٿيون سرهيون سي سڀئي جايون،
هاڪ حسن جنهن هوڪ، اڱڻ اچي تنهن پيرڙو پايو.
عاشق هردم ڪرشڪرانا، پرهه پرينءَ ڏنهه آيا پروانا،
آهي هاڪ جني جي لوڪ، اندر ٻاهر سندن سايو.
عشق جي صلئون روزازل کئون، محبوبن جي مست مهل کئون،
پئي مون ڪن برهين ڪوڪ، سو سڏ هڪ مون ساهه سيبايو.
عشق الله کئن جو جيءُ پاسي، ڄاڻ ته جهڙا روح مئاسي،
سي ته خامي خار جي خوڪ، هت هت صورت سمجهڻ آيو.
نانڪ يوسف يار سڃاتو، درس درازين دلبر پاتو،
ڌرئون منڪر کي هڻن ٿوڪ، عاشق مرشد ماڪ آيو.
 *

سڻ عشق جا سنيها سنيها، عاشق توتي مهر سدائي،
لحمڪ لحمي هيءَ اشارت، دمڪ دمي عشق عبارت،

 

اها تان پاڻ پرينءَ فرمائي.
 

بات برهه جي بي اختياري، ڳجهون رمزان يار جي ياري،
 

مون دل پير مغان پرجهائي.
مار دماوءن دم اناالحق، وحد وحيدوءن شڪ ويو شڪ،
عاشق تو هيءَ ورهه وڌائي.
نانڪ يوسف يار جي درجي، آهيان گنجڙي گولي بازرجي،
ڳوٺ ڳلي تنهنڪري گدائي.
سير ڪر الهه لقا، جاڳ اٿي بندا.
ساک سچي توسين چوان، سڻ تون صاحب سندا.
غفلت ڪهڙي پئين تون، خيال نه ڪر مندا.
وڃن قربدار برهه ۾ ڪنبندا.
وهم ڪهڙي وڪوڙيئي، تاڻي ڪوڙا ٻندا.
عشق ريءَ الله ٻيا خسته کنڌا.
محبت جي ملڪ ۾، اچي ڪر انندا.
هاديءَ جي حضور ۾، عاشق نينهن نچندا.
دوستي درڪار ٻيو ڪين ڪي پڇندا.
هستيءَ هن حيران ڪيا، ڪوڙين گير گندا.
يوسف يار حضورسي، اُچو ڪرڪندا.
عشق جن الله جو، مرد سي مرڪندا.
   
 *

ماروئڙا ته منهن جا سانگيئڙا سي ديس آيا،

 

الله ملايا.

 اڪنڊ اکين کي هڻي اوڏاهون، راتيان ڏينهان خيال تيڏاهون،
 

واليءَ سي ورايا.

پهون پکڙن مٽ مارن ناهيان، اوٽ اباڻن نه ته مون ڇاهيان،
 

ڪنبي ڪٿي ڪايا.

هيس انهيءَ اڳ ڏيهه ڏوٿيائي، اڱڻ مون آيا قرب سڃاڻي،
 

مولا مونکي ملايا.

 

جيءُ جهانگين سان ڏٿ مون ڏاڏاڻو، نير مون پيرين عمر اباڻو،
 

سڪندي سال لنگهايا.

 

نانڪ يوسف يارن ياري، سانگيئڙن سان دم دم رازي،
 

عشقي پيچ پايا.

محبتي مخمور، جيجان جوڳينڙن سان

 

نور اکين ڀرپور.

آيل! اُجهي ڪين ڪي، مڙهين جو مذڪور،
عينن برهي بار اٺايا، پورپ پاسي پور.
راتيون ڏينهن روح ۾، دم ديدن جو دستور.
سنمامين جي سوز ۾. عاشق مست معمور.
نانڪ يوسف عشق انهن سان، ورهه ڪيو وهلور.

 

*

جو جسم ڏسڻ ۾ آيو ٿي، آيو ٿي،

 

هي تان آهي ڪونه ڪو.

وجهه نگاهه نگهه ۾ ساري، ڏس اتاهون پاڻ بيزاري،

 

ائين پير مغان فرمايو ٿي، فرمايو ٿي.

پاڻ وساري حڪم هلائين، هوڪو حق جو چست چلائين،

 

واه يار سچل رنگ لايو ٿي، لايو ٿي.

مار نغارو شاهنشاهي، ظاهر باطن حق همراهي،

 

رمز وارن اهو رايو ٿي، رايو ٿي.

چهچٽو شمشير چوڌاري، کيڏ برهه بات سچاري

 

هو ڪو حق هلايو ٿي، هلايو ٿي

نانڪ يوسف يار اهوئي، اندر ٻاهر مرشد جو ئي،

 

عشق جنهن جو سر چايو ٿي، چايو ٿي.

 

پنهن جو پاڻ ۾ نهار، آهي پرتوو پرين جو،
الهه جو دم سنڀار، آهي پرتوو پرينءَ جو.
توسين هزار حيلا، پر دل ڪيا پتيلا،
نالو جسم وسار، آهي پرتوو پرينءَ جو.
اول نفي نيارو، پوءِ الا الله اشارو،
منجهه عشق هيئن گذار، آهي پرتوو پرينءَ جو.
سر تان قدم صفائي، الله عشق ذاتي،
شڪ شبه مڙئي مار، آهي پرتوو پرينءَ جو.
سڻ نينهن جو نظارو، اقرب اليه اشارو،
عاشق سخن سچار، آهي پرتوو پرينءَ جو.
يوسف کي يار ياري، تنهن جي سدا بهاري،
نه ته آهيان بيڪار، آهي پرتوو پرينءَ جو.

 

*

يار اسين گم انهيءَ ۾، آهي پاڻ پرين پاڻ هين

 

ٿو پنهنجو رانديون رسائي.

ڪاٿي مورک مسخرو، سو خلق کلائي،
ڪاٿي دانهه درس آ، ڪيئي هنر هلائي،
ڪاٿي شرما شرع ۾ بحثي، ويٺو وعظ سڻائي،
دڙڪا دوزخ جا ڏيون، لک دليون دهلائي،
ڪاٿي اناالحق جا، ٿو طبل وڄائي،
مرسل صورت سڀڪا، توڙي تلڪ لڳائي،
يوسف سمجهه سر کي، هادي مرشد من لائي.

 

*

جا فرمائن سائين، دم حاضر ناظر سائيان
غم اهو دم حال هاديءَ جو، د سهڻن سوز سدائي.

 

وهه نوبت نينهن وڄايان.

پاڻ ٿو پنهنجون کيڏون کيڏاري، جنهن پتلي ڏور اڙائي،

 

ٿي تن سان ورهه وسايان.

آءٌ ته وچ ۾ ناهيان ناهيان، مون دل قسم خدائي،

 

کين پاڻ نه ڪو وچ ڀايان.

حڪم هاديءَ جو بر سرچشمان، من برهين موج مچائي،

 

نت ڇيريون ڇم ڇمڪايان.

ڪفر اسلام کان بيحد برهو، منجهه سمجهڻ ڳالهه سجائي.

 

دم هوڪو حق هلايان.

نانڪ يوسف يار جون رمزان، ڏنهه عشق الله وڌائي،

 

ٿي جنهن جا آءٌ ڳڻ ڳايان.

*

جيڏيون وري وطن ويندا سون،
وڃي پنهنجي راڄ رهنداسون.

 

هادي تاهمت حاضري، نيبهه نينهڙو نينداسون.
جهم جهم نيڻ جهمندا، هلي هيڪاندا ٿينداسون.
ٻن پٽ پٽيهر تنهنجا، لکين لوئي ڪنداسون.
رمي تا مارن ماڙ ۾، سيڪي سڱر کينداسون.
ڪين قبوليم کيت ريءَ عيش، جان ڪي جيئنداسون.
درد رسي دل مارئين، چيدا حرف چونداسون.
پهون اباڻي پار جون، جهلي جهنگ چارينداسون.
نانڪ يوسف يار سان، سچي پرت پاڙينداسون.

 

*

ڏاڏاڻو اٿم ڏيهه، ڏاڏاڻو اٿم ڏيهه.
سومرن جو آن راڄ سري تون،
تون اتي خوش ويهه
عمر پنهنجي ماڙين محلين،
ساجهر پکڙي پيهه
يوسف يار پرينءَ ريءَ پلڪان،
ٻن ٻيو پرڏيهه.

 

*

ٻڙي، منهنجو ماروئڙن ڏي، نت نت ساهه سنڀارون،

 

تن من تانگهه تنوارون.

سوزئون سنگهارن جي ميان، روح ڦٽي ٿيو ڦارون.
واهر ويڙهيچن جي ميان، آهي چت چوڌارون.
سڻي ايندا سڏڙا ميان، دل درد پڪارون.
ايندا نيندا پاڻ سان ميان، ڪري آجو آزارون.
اينديون اباڻن ڏي ميان، هلڻ جون هشڪارون.
اول آخر اوڏاهين ميان، لاهي لوڪ ميارون.
وريون وطن پار ڏي ميان، ڪوءنجن جون ته قطارون.
رهڻ اسان ڪين قيد ۾ ميان، هت حيف هيڪارون.
آيا سنبها سهڻا ميان، ڏس پرينءَ جي پارون.
يوسف يار ملير ڏي، سگهيون موڙ مهارون.

 

*

هي جو اسين آهيون بندا،
سڀئي سائينءَ سندا.

 

پالڻ هار پرين هر ڪنهن کي، ڇا ميرا ڇا مندا.
ٽنڊا منڊا گونگا ٻوڙا، ڪاڻا ڪوجها انڌا.
ڀلو ڀانئڻ هر ڪنهن کي، پاڻ هيٺاهين هلندا.
ڀلو ڀانئڻ پنهنجو جن وڃايو، مرد سي مرڪندا.
عشق الاهيءَ ٻاجهوءن ٻيا ڪل، ڪوڙا ڌوڻ ڌنڌا.
ڍول ڍڪيندو عيب اسان جا، جهڙا تهڙا چندا.
اڱڻ جنهن جي عشق بهاري، تنهنجي من انندا.
ڪي ٿا الله اورن، ڪي رام رام ڪندا.
صورت مرشد من سان لائي، هستيءَ جا ڇن تندا.
لاتقنطو من رحمته الله، آهيون آسروندا.
درد مندن سان پنهنجي قربئون، پاڻ پرين پرچندا.
يوسف يار توڪل سچي، واهر ٿي ور ڪندا.

 

*

وري ايندم ڪيچيئڙا، ڪوهيارا ٻاروچا شهر ڀنڀور ۾.
آهي اميد الله ۾ هاريون، دوستن جي در لک لک زاريون،
دم شوق وارن سان، ٻيليئڙا ٻيليئڙا ٻيليئڙا پرشور ۾.
لئون جن کي لڳڙي لوري، حال تنين دل دم دم هوري،
آهي سوز تنين، ساٿيئڙا ساٿيئڙا ساٿيئڙا هي هور ۾.
سرتيون دل درڪار دعائون، محبوبن کي تون ڇا آئون،
ڪنهن سانگي درد ۾، سانگيڙا سانگيڙا سانگيڙا دل ڏور ۾.
نانڪ يوسف يار جي پارون، آيا سنيها برهه بهارون،
سائين الله ملايا، پانڌيئڙا پانڌيئڙا پانڌيئڙا دل اور ۾.

 

*

ڀلو آءُ پرين ته اوريون پاڻ ۾ يار!
ڳالهڙيون ڳالهڙيون درد واريون ڳالهڙيون.
هڪ اڳي مون درد تنهنجي جون،
پيڙ پٽيون آلڙيون آلڙيون آلڙيون.
پرين قبوليم پٿر اوهان جون،
ٻن ٺاهه گلم غالڙيون غالڙيون غالڙيون.
ڪڏهن سناسي ڪڏهن اداسي،
تنهنجي درد عجب چالڙيون چالڙيون چالڙيون.
نانڪ يوسف يار سڄڻ لئه،
هت ڦيرائي ڦالڙيون ڦالڙيون ڦالڙيون.

 

*

ٻيلي آيو يار جو، سنيهڙو سنيهڙو سنيهڙو،
اڏر پکيئڙا پار پرينءَ جي.

 

اٿئي پهر اداس گذاريون، رويون رويون راهه نهاريون،

 

روح عجيبن ريهڙو ريهڙو ريهڙو.

پرين پنهنجو پاڻ سڃاڻي، پاڻ گهرائي هيءَ پاڄاڻي،

 

فضل سندن لک ايهڙو ايهڙو ايهڙو.

حيف رهڻ هت گهڙيون گهڙيون، وس نه پنهنجي ٻڙيون ٻڙيون،

 

درد چوان دل ڪيهڙو ڪيهڙو ڪيهڙو.

قاصد قدمن تئون قرباني، گهورون گهوريان جيئڙو جاني،

 

حال يتيمن جيهڙو جيهڙو جيهڙو.

حڪم ٿو پنهنجا پاڻ هلائي، نونو بازيون برهه بنائي،

 

دوست درازين نيهڙو نيهڙو نيهڙو.

نانڪ يوسف پر پروانا، يار يڪا هي نينهن نشانا،

 

هلي پسئون پنهنجو ڏيهڙو ڏيهڙو ڏيهڙو.

 

*

ڀلي ڀلي جا ڀاڻ آئي، ساڀي نه ڀلي يارا.
آدم حوا اول ڀولا، پوءِ ڀولا سئنساري،
عشق پرولي پرجهڻ هي تان، معني سمجهڻ ساري،
هوجاوري تي وثاڻ آئي، محبت موءن تا ڇلي ياران.
داڻي ڪيڏو درد اٿاريو، ڦٽي ٿئڙا ڦارون سي،
وڇڙيا وري واحد ميڙيا، ٿيئڙا هوندهيڪارون سي،
هوءَ جار يجهي منجهر هلڻ آئي، چاه منجهوءن چلي يارا.
تنهن کان پوءِ پيغمبر ٿئڙا، نالا ذاتيون ظاهر ني،
شاه ٿيا بادشاه گدائي، قادر سڀ ۾ قاهر ني،
هوجا رسي منجهه رساڻ آئي، ڳالهه ڳجهي کلي يارا.
ٻارڻ ٻريو عشق منجهارون، ذات فقير نماڻوني،
يوسف يار بهانو جوڙيو، ڪڻڪ سندوتان داڻوني،
هوجا سرتيون منجهه سڄڻ آئي، سا هادي ساڻ هلي يارا.

 

*

ڀلي ڪري آيون، ري جاني ڀلي ڪري آيون،
ڀلي ڪري آيون، تا ساهه سيبايون.
تنهنجي ڪارڻ سهڻا سائين، هت ٿا ورهه وسايون.
تولئه سڪندي سال ٿيا ها، مولا آڻ ملايون.
اڱڻ اسانجي دم دم گهرجين، هونديون ورهه وادايون.
سو هوايون هينئڙي اندر، برهه تنهن جي ڀڙڪايون.
پاڻ اچين ٿو پنهنجي سرتي، برهه جا بار اُٺايون.
درد جني کي دل ۾ دلبر، تن جي خاڪ چمايون.
صورت مرسل موسي عيسي، فرعون اسم سڏايون.
آدم شيث يعقوب ۽ پرنس، هار حوا ڳل پايون.
نانڪ يوسف مرشد ڄاڻي، ڪهڙو سر سڻايون.

 

*

پنهنجا حڪم ٿو پاڻ هلائين، يار آءٌ ته ناهيان وچ ۾
ڪاڏهن آدم شيث ۽ يونس، عشق زليخا ڪاڏهن يوسف،

 

سڀ کيڏون پاڻ کيڏائين.

ڪفر ۾ ڪٿ ڪافر ڪارو، ڏوهه ثوابن ۾ آ نيارو،

 

سڀ رانديون يار رسائين.

ملان ٿيڙو ڪاڏهن قاضي، ڪاڏهن عاشق در درازي،

ٿو سوريءَ سر چڙهائين.

بحر توحيد ۾ گم ٿيا سي، درد دلبر در پيا سي،

 

مون پير مغان پرجهائين.

نانڪ يوسف نالو چالو، مرشد مولا نور نظارو،

 

ٿو پنهنجي توهه تڳائين.

*

اندر منجهه اليل، جيڏيون عشق مچايا.
راهه سانول جي روز نهاريان، ايندم شال سويل.

 

ويندا ڏک ڏولاوا.

ڪر نه اچي ڪانڌ ريءَ، ڦڪا تيل ڦليل،

 

جي مون لڱين لايا.

طعنا تنڪا لوڪ ساري جا، ڀانيم هار سهيل،

 

جي مون ساهه سيبايا.

يار يوسف کي دوست جو مليا، ڏيندم سهڳ سويل،

 

ٿيندم بخت سوايا.

*

قاصد آيو منجهه پرينءَ جي پار جو رهبر رات جيڏيون.
اچي خوشيءَ جا خط کوليائين، وايون وصال جون ٻيهر ٻوليائين،

 

پروانا پرڀات جيڏيون.

پاڄاڻيءَ جي پکڙي پيهي، آيا مون ڏي محب نيهي،

 

موکي مشڪلات جيڏيون.

معاف مندايون ميريون منهنجون، سچوءَ ڪيون اهنحون سهنجيون.

 

شڪر هادي حق ذات جيڏيون.

درداسان دل ڪيڙيون قطارون، نانڪ يوسف يار جي پارون،

 

عشق ڏنائون ڏت جيڏيون

*

آيا آيا، الو پانڌي پرينءَ جا، ٻڙي جيڏيون.
راتيان ڏينهان درد سنڀارون، دل کي دم دم پرينءَ پارون،

 

مون ٿي ورهه وسايا.

خبر خوشيءَ جي خيال ڪيائون، نئون نياپو نينهن ڏنائون،

 

ٿئڙم بخت سوايا.

آءٌ تنهن پانڌيءَ پر قرباني، جيڏيون آيا جيءَ جاجاني،

 

ڀينر ڀاڻ وسايا.

ساڻ انهن جي دل آهي تياري، دم دم دل کي بيقراري،

 

نيڻن ٻاڻ چکايا.

يوسف يار جون عشق پڪارون، طرف معشوقن تانگهه تنوارون،

 

هي دم هت اجايا.

 

ڪل ڪل ڏٺي سين کولي، پرينءَ جا پرجهائي،

 

عشق اندر يار ٻولي.

واهه واهڙ ۾ آب اهوئي، ڄول اهو ڏس ڄولي،
رات منجهارون روز ٿيو پيدا، نانهه اکين کئون اولي،
هينئڙو حيرت هن نيوسي، ڪيو ڇڪن ڪنهن ڇولي،
ساور مطلب مرشد منهنجو، ٻولي اندر مون چولي،
دوست رازين نانڪ يوسف، يار ڏٺو مون ڳولي.

 

*

ڪل پوي تي ڪانه، هستي هئڻ جسم جي،
شاه درياهه ۾ گم ٿياسي، موجان جت مهراڻ.
لڙجهڙ لهريون لس پسي، ڪاهن منجهه طوفان.
جنکي خوف نه خطرو سرجو، مرد اهي مردان.
عاشق مرد عجب منصوري، سوليءَ سر سلطان.
مرڪي محبوبن ڏي هليا، نيزي سر نيشان.
مرڪيا مرد نه مڙيا اڌاهون، توڙي ڪيا ترارن تان.
جنکي درد خدائي دل ۾، عاشق سي انسان.
گم ٿيڻ ۾ مطلب سارو، قسم سچي سبحان،
جهڙي تهڙي حال سان، هن مرشد مهربان.
يوسف اسين تون ڪاٿي، جانبن جولان.

 

*

ٻيلي حيرت هن ۾ آهيون، بيرنگي سڄڻ رنگ لايو.
ٿي آيو آدم نالي، اچي پئڙو منجهه ڪشالي،
هت جوشن ۾ ٿو جالي، هو اصل اهو تنهن رايو.
پنهنجو پاڻ ڇپايون، سو نالا نانو ڪهايون،
منجهه ويسن وير ڀلايون، وري سير حسن سرمايو.
هي بازيگر جي بازي، ناهي استقبال نه ماضي،
آهي آدم غنيمت غازي، جنهن عشق الله جاڳايو.
رک خيال جي خبرداري، ۽ دم دم جي هشياري،
اها مرشد ڳالهه سچاري، اتي ٻيو سڀ پنڌ اجايو،
ڪن مڙهيون هت اختياري، ڪن ڪعبه سرت سچاري،
اسان نانڪ يوسف ياري، چايو درد سرچايو.

 

*

بي رنگي رنگن ۾ آيا، ڏس تان ڇل ڇڪايو،

 

سير مچايو، پاڻ ڇپايو.

ڪهڙيون ڪهڙيون بازيون بنائي، پاڻهي کيڏي پاڻ کيڏائي،

 

شورن شور مچايو، رنگڙو لايو، ڏسڻ آيو.

انا احمد آهي اهوئي، ميما مالڪ محمد سوئي،

 

هاديءَ حق سمجهايو، مون من لايو، منجهه سمايو.

هڪ دم سو لک راند رسائي، هردي هردي آپ سمائي،

 

واڄٽ ورهه وڄايو، ڪن فرمايو، جوت جڳايو.

ڏسڻ اتاهون نظر اڳاهون، گم هئڻ هت پاڻ پراهون،

 

عشق حسن گيت ڳايو، مچ مچايو، غير نه آيو.

نانڪ يوسف ٻار ٺهائي، ڪل سڀائي عشق وڌائي،

 

اتحد ناد بجايو، حڪم هلايو، مرشد آيو.

*

سوئي تان گم ٿيو سين، جنهن ڀانيو ٿي جوئي آهيان.
عشق اناالحق ٻولي ٻولي، هينئڙي هل پيو سين.
شهه دريا جي شهه اندر، وٺي تان ورهه ويو سين.
پير مغان جي در تي ڊوڙي، پرزا پاڻ ڪيوسين.
جان جسم جو ڏک ڏيکارو، وسري وهم ويو سين.
نانڪ يوسف يار سچل جي، ناگهه نينهن نيوسين.

 

*

ڏسي سگهي ٿو ڪير، ڏسڻ تنهنجو آهي مشڪل بازي.

 

هدي صورت حق حقيقت، جلوو جابر ڀير.
موسي جان ڪوهه طور جون ڳالهيون، جل جل جلي سمير.
ڪاند ڀلو ڪنهن ڳالهه نه سسئي، ناهي ڏوهاري ڪوڏير.
گم ڪرڻ دم ذات الله ۾، ويري نه ڪو وير
نانڪ يوسف مرشد ڄاڻي، سندو سپرين سير.

 

دل ۾ دوست نهار، تو ۾ حضرت عشق الله جو،

 

وهم الله غم دم الله جو.

جي تون ڄاڻين پاڻ سڃاڻين، ڪنهن کي ڪين  آزار.
وحدت واري واٽ ۾، واري پاڻ وسار.
قياس ڪري پس پاڻ ۾، سهڻا سڀ سينگار،
اوجر ٿيندو عشق مون، عشقي پاڻ اوجار.
پريم ڪر نگاهه ۾، ٽيڏائيءَ کي ٽار.
نئون نئون يوسف نينهڙو، هاديءَ سان هرتار.

 

*

پلڪون گذارڻ آيون، پرينءَ ريءَ پرڏيهه ۾.

اهنجون سهنجون ساڻ محبوبن، دردن واري هن ديهه ۾.
عشق وساري هستي هيءَ عاشق، نيڻن سندي پس نيهه ۾.
پاڻ حياتي ويندي وحدت، سڄڻ جي ساڙيهه ۾.
آب فراقون رت جا ريلا، رمزن واري ڏس ڏيهه ۾.
يوسف يارن هونداسون هردم، خوش پيزارن کيهه ۾.

 

*

گم ڪرڻ هت پنهنجو پاڻ، هوش عقل جي بات نه ڪاتي.
جان جسم ڪر تولا تولا، ڳالهه اها ڳجهه ڳجهه ۾ ڳولا،

 

لونءَ لونءَ ۾ آهي ساجن ساڻ.

گم ٿي وڃ منجهه درد الاهي، عشق الله ريءَ ٻي گمراهي،


آهي انهيءَ جو حق اهڃاڻ

هڻه هئه ڪهڙي چال چلن ٿا، ڪهڙي ڪهڙي راند رون ٿا،

 

مست وهي ٿو مئي مهراڻ.

نانڪ يوسف يار نظارو، ظاهر باطن نينهن نغارو،

 

رمز اناالحق چشمان چاڻ.

*

هي تان آهي ڪير، سڃاڻج ٿو ڪري گفتار تو سان.
اندر ٻاهر الله مولا، ڪم ڪري ٿو سڀئي سولا،

 

ڏس شاهه شفا جو شير.

جاڏي ڪاڏي صورت سهڻي، هاديءَ حق جي مورت مهڻي،

 

وهه دلبر يار دلير

تون سڀن ۾ سڀئي ڌوئي سان، سهڻا ڪوجها پٽ لوئي سان،

 

چئو چهڙو ڏاهه ڏڦير

ذاتن ضربن ۾ ٿي آيو، خاڪ لائي تنهن پاڻ ڇپايو،

 

هي تان ڦند ڪيائين ڦير.

نانڪ يوسف يار نه اولي، بي خبر جڇا ڀولو ڀولي،

 

ڪڍ مرشد تن کان مير.

*

سڻ يار يار ياري، تو سان اسان جي زاري،
مسڪين هيءَ نماڻي، پرتي اوهان آرياڻي،
ڄاڻي يار نه ڄاڻي، پنهنجي وس نه هيءَ ويچاري.
ديوانا درد ڪياسي، بيخود خودي ٿياسي،
موتو قبل حيا سي، وارڻ هزار واري.
اختيار مون نه ڪوئي، اسرار يار توئي،
ڪنهن کي سڻايان روئي، تنهنجي فراق ماري.
يوسف يتيم ياري، نانڪ نگاهه واري،
ڪئي مرشد سچي سچاري، محبن جي مهر ستاري.

 

*

زاري سوسو واري، اي آيل! آديسن ساڻ،

 


زاري جانان زاري.

ويسهه ڄاڻون سرتيون، دل محبت مون تاري.
عاشق قيد زلف ۾، منجهه حسن هزاري.
حاضر منجهه حضور جي، ڪري عرض ويچاري،
هستي پنهنجي هئڻ کئون، مان بلڪل بيزاري،
يوسف ستگر سونهن سهڻا، پنجتن چو ياري.

 

*

نينهڙو نئون لڳو، لڳوڙي سڄڻ،

 

توسان منهن جو نيئڙو.

عشق اوهان جو مون دل گهرجي، ويس نه ٻيو وڳو،

 

وڳوڙي سڄڻ.

يار يقينا مون نه ڇڏيندو، پارت پرين رڳو،

 

رڳوڙي سڄڻ.

جابر جيڏيون مون تن ڳل ۾، برهه سندو سڳو،

 

سڳو ڙي سڄڻ.

سندءِ صورت پسي پريم، غير خيال ڀڳو،

 

ڀڳو ڙي سڄڻ.

عشق بنا آدمي، ڍور اٿو ڍڳو،

 

ڍڳو ڙي سڄڻ.

نانڪ يوسف نينهن نيڻن سان، يار مون آهي لڳو.

 

لڳو ڙي سڄڻ.

*

آئيني منهن عشق جي عاشق، لکين حيران ٿي ويئڙا،
ڪيئي ڪاڏي ڪيئي ڪاڏي، ڪيئي حق موج منهن پيئڙا.

 

ڪيئي هستي حقيقت ۾، شناسائي شريعت ۾،
طريقت معرفت ڪي ڪن، ڪيئي گل پل ۾ گم ٿيئڙا.
ڪني کي علم ناسوتي، ڪني ملڪوت جيرو تي،
ڪني لاهوت هاهوتي، تڪيا توحيد ڪن ڪيئڙا.
ڪني سر ساز سودائي، ڪني دل دور دينائي،
ڪني رخ رنگ رعنائي، گهوري تن جي خود ويئڙا.
عمر ريءَ عشق افرادي، بنا ساغر تا بربادي،
درد الله دل شادي، رکن هت هوش جي جيئڙا.
بسم ڪر پاڻ گم سارو، الله ۾ عشق اوڀارو،
وڃي اوندهه ته انڌارو، تون ڏس ٻاري، اکئين ڏيئڙا.

 

*

نه نانڪ يوسفا ڪوئي، نفسي اثبات ۾ سوئي،
مگر سمجهن اهو هوئي، حڪم هادي ته هي ڪيئڙا.
پرين ناز دلنواز، تنهنجي نيڻن جو نمونو.
آهي عشق طبل باز، تنهن جي نيڻن جو نمونو.
ڪري گهور، سندي نور، لٽين دلبر دليون،
ڪاري عشق جو شهباز، تنهنجي نيڻن جو نمونو.
المست خودپرست، ٻئي ٻلڻ تو ماريا،
پسي دل ڪن گداز، تنهن جي نيڻن جو نمونو.
اسرار بي اختيار، تنهن جي نيڻن ۾ الول،
ڳجهي رمز ربي راز، تنهن جي نيڻن جو نمونو.
اگهور ۽ شهزور، تنهن جو عشق اصل کئون،
وڄي درد سندو ساز، تنهن جي نيڻن جو نمونو.
يڪ يار سان همراز، هئڻ يوسفا مدام،
منجهه پرت جي پرواز، تنهنجي نيڻن جو نمونو.

 

*

مارن سان ته منهنجو جيءُ جڙيو جيڏيون.

 

گڏ مارن سان سي ڏينهن سڀاريون،
ياد ڪيون ڳڻ هنجڙيون هاريون،
تن ڪارون ڪيون ڪيڏيون.
ڪهڙي ڪيائون جيئري جدائي،
سوز سنگهارن ساهه سدائي،
هاءِ ڪيائون هيڏيون.
درد ٻڌي دل ايندو اوراهون،
روز نهاريان جن جون راهون،
مهران اُن ايڏيون.
مون دل مارن درد الاهون،
نانڪ يوسف يار نگاهون،
پڙهيون ورهه ويڏيون.

 

اجهي وطن آيا، سپرين منهنجي اڱڻ مهر ڪري.
وري وطن وريا، هو جي هئڙا پنڌ پري.
پاڻ سڃاڻي پنهنجو آيا، پاڻئون پير پري.
بخشائون لک بديون، الا! ڪاڪيون ڪهل ڪري.
مون من مستانو ڪيو، سندن ذوق ذري،
يوسف يار رحم جا، ٿو، دم دست ڌري.

 

*

آڻيندو الله پرين، ويٺڙي واٽ نهاريان.
ياد ڪيون ڳڻ ٿو ڳري، پهر اٺئي ارواح پرين،

 

سوز منجهئون نت ساريان.

دردمندن جو ڪونه ڪو، توريءَ شافع شاهه پرين،

 

هت هت وارڻ وار يان.

توکي ساري سپرين، سڏڪي سڏڪي ساهه پرين،

 

سهرا عشق اوساريان.

توکي معلوم جالڙو، دلبر تون داناهه پرين.

 

تو سين سور سڌاريان.

عاشق توسين آهيون، يوسف سڃ ويساهه پرين،

 

هاءِ هنجون گڏ هاريان.

*

آڻيندن الله، مولو ميڙيندن سرتيون،
سانگيئڙن کي منهنجي ماروئڙن کي.
واڪا وانگي وير جي، اديون هي ارواح،
اديون هي ارواح، صاحب سيريندو.
ٻڌي دانهون درد جون، ڪندا قيد ڪوتاهه،
ڪندا قيد ڪوتاهه، وري ويڙهيندو.
اسين ڏوئي ڏٿ جا، ڄاڻي شاهنشاهه،
ڄاڻي شاهنشاهه، جهانگي نه جهيڙيندو.
سڀ ڏوراپا ڏيل ۾، پرين پاڻ داناهه،
پرين پاڻ داناهه، ڇيلا نه ڇيڙيندو.
نانڪ يوسف يار تو، عشق هادي همراهه،
عشق هادي همراهه، گوندر گهيريندو.

 

*

ايندا تان نيندا گڏ گڏيندا، ماڙيچا ٻڙي ماڙ ڪري،
ماروئڙا مسڪين کي، آءٌ ويٺي ورهه وسائيان.
آهي ٻر ٻر حال اسان جو، پرين ڪرم ڪريندا پانهنجو،
سچي آڌر عشق اڙيل کي، آن تاڪوڙين ڪانگ اڏائيان.
ٿيا مينهن مهر ڏس ڏيهه ۾، سدا سوز وارن ساڙيهه ۾،
ڪندا ياوري يار يتيم کي، لڳ پرينءَ پاڻ پڇائيان.
سڱر پڪا کنڀ ڀوڪڙا، کٽو کنڀيون کنبڙان ڇوڪڙا،
پسون دوست ڪيون خوش کين کي، آءٌ گهوري پاڻ گهمائيان.
دم نانڪ يوسف نينهڙر، سان مارن محبت مينهڙو،
ڪندا شربت شور سقيم کي، آءٌ تان ويٺي مشڪ ملائيان.

 

*

ماروئڙا هو مارو وري وطن ايندا،
مون کي نال نيندا.
لوئيءَ واري لوءِ ۾، گولي گڏيندا،
نيبهه نينهڙو نيندا.
اٿم سجو ساٿڙو، بديون بخشيندا،
واهر والي ٿيندا.
ان تان آهيان ڪينڪي، ڏوهن ڏي نه ڏسندا،
اچي حامي ٿيندا.
نانڪ نينهڙو سنگهارن سان، ساڻ وٺي ويندا،
يوسف ياري ڏيندا.

 

*

ماروئڙن سان، ماروئڙن سان، ٻڙي جيڏيون،

 

منهنجو پهه پاهت،

کنڀيون کائيندس کيت سان، مڙي ملڪ ملير،
پسيون ڏونر ڏيهه جا، ماکيون مٺڙو ملير،

 

پاڻي رو پس ڀت

ايندا ايندا لوءِ لوءِ، ڀڃي قيد ڪلا،
پاڻ سڃاڻي پنهنجو، مون ۾ لک گلا،

 

ساهه گهوري ست رت.

خوب کٿي مون لوئي، لاکيڻي رنگ لعل،
ٻن زيور زر بافتا، عمر ماڙيون مال،

 

ساهه سانگين سين ست.

موک ڪندا مسڪين جو، جنهن ۾ سهو گناهه،
بندياڻيءَ کي بند ۾، آهي آس الله،

 

خوشيءَ ايندو خط.

سي ڪندا ور واهرو، آهيان جي جي نام،
نيندا يوسف نال مون، محب مٺا منجهه نام،

 

هستي هسندو گت.

ماروئڙن ڏانهن ماڙ، ماروئڙن ڏانهن ماڙ،

 

الو الو آهي مون نماڻيءَ جي.

رمز اکين سان ڏسي جيان ٿي، ويڙهيچن جي واڙ.
درد وصاوءن آهي انهن جو، همدم هينئڙي جو هار.
پٽ پٽيهر جوڙا ظلمين، ساڙيون سامرا ساڙ.
اصل لاڪون ماروئڙن جي، آهيان آءٌ اجاڙ.
نانڪ نينهڙو نباهيو، نه ته هيس بيمار.
يوسف ياري يار سچي سان، سائين آهه ستار.

 

*

ماروئڙن جي موڪ، ماروئڙن جي موڪ،
الو الو من ۾ محبت مون جيڏيون.

 

عشق انهن جو آهه اندر ۾، جهانگيئڙن جي جهوڪ،
سنگهارن سان چونڊيان سڱريون، سڦرو کائي سوڪ،
پڪا ڏونرا پيرون پٽ جا، پنهنوارن جي پوک.
يار ماروء سان نانڪ يوسف، لوئي ساري لوڪ.

 

*

ماروئڙن جي آهي، ماڙ سدا ڙي، جيڏيون ماڙ سدا،

 

اڱڻ ايندا ئي گڏ نيندا.

آءٌ بندياڻي ميري مندڙي، جيهي تيهي سائن سندڙي،
اباڻن تئون اديون ساهه فدا، واهر ٿيندا وٺي ويندا.
آءٌ نماڻي آهيان نڌري، عشق انهن جي ساهئون سڌري،
بند بند برهه جي ورهه وڌا، چڱي ڪندا نيبهه نيندا.
آءٌ اَڄاڻڻ لوئيءَ واري، ايل پنهنوارڻ ذات پنهنواري،
پر دل پور ٻڌا، بديون بخشيندا ڏڻ ڏيندا.
قوت اسان جو پيرون پڪڙا، ڏٿ ڏاڏاڻو ڦوڳن ڦڪڙا،
سچي ته سڻ عمر ادا، چاڪ چيٺيندا اڱڻ ايندا.
نيڻن يوسف نيبهه نينهڙو، محبت محبن سان مارن ميڙو،
درد دل شور سدا، عيب ڍڪيندا خوشيون ڏيندا.

 

*

نت مون ماروئڙن جي ماڙ، آهيان تن آڌار.

ڪونه ڏسان ٻيو ڪونه چوان ٿي، رمزن واري راهروان ٿي،

 

ٻڙيون پر ٻڪرار.

پانڌياڻيءَ جون بديون بخشيندا، ويڙ هيچا اچي واهر ٿيندا،

 

رکندا پت پنهنوار.

لوئيءَ جي لڄ پاڻ نباهي، چوءبنديءَ جو وس ڙي ڇاهي،

 

اڻ ڄاڻي آچار.

مارن ملڪين مينهن مانڊاڻا، وسون ٿئڙيون ڏيهه ڏاڏاڻا،

 

ويڙهيچن جي وار.

نانڪ يوسف يار تنوارون، پرت پڪارون درد ڌڪارون،

 

پلئه لوئي نه لاڙ.

*

دم نيبهه نينهڙو نيندا، پرين ايندا واهر ٿيندا،
مون جيهي مسڪين سان، اچي پنهنجو ڪرم ڪريندا،

 

نئي گولي گڏيندا.

فائق فيض نگاهه موءن، دل سارو ورهه ونڊيندا،

 

پرين اجها پريت اڏيندا.

ڪوهيارا ڪوهه ڪاف تي، رسي دانهن دست ڌريندا،

 

ماٽ مهروء نظر ڀريندا.

آرياڻي عاصئڙن کي، ڏسي ڏوهه بخشيندا،

 

وري ڇپر ڪين ڇڏيندا.

يوسف هن يتيم کي، پنهنجي ساٿ سڏيندا،
 

ڍڪيون عيب ڍڪيندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org