سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نانڪ يوسف جو ڪلام

صفحو :12

ٻاڻيون

 

واهه گروجي شاهه درازي، صاحب رضا ۾ عاشق راضي
نانڪ بولي گورڪي ٻاڻين ساڌ سنگت ۾ صاحب ساڻين
اپن ڪردا سير سو ڄاڻين هم ڪس روپ اروپ پڇاڻين
بيرنگي هر رنگ سمايا ڪفر اسلام اور دين بنايا
هر ڪوئي ڪهتا دين همارا جهڳڙا خالي ڪرتي ڀارا
باهتر فرقي ڪا جهڳڙا آپ آپس ۾ ان ڪا بڳڙا
دنيا دار دنيا وچ ڪوري مغز تنهان دي خالي کوري
ڪرسن دنيا سر خرابي بهت حيران هو سن غذابي
رات ڏينهن وچ حرص حيران چڱندي ٽڪر نصيبان نان
توڙي دانا تي مستان نانڪ يوسف حق سبحان

 

واهه گروجي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

دنين مذهب ڪوڙا جهڳڙا رندي رهزن ڪي سر لڳڙا
دنيا سارا مڪر فريب خارج تس دا خيال خريب
دنيا دار دنيا وچ انڌي ڌو ڌو ڪرن اجائي ڌنڌي
دنيا دقيانوس گنوايا دريا وچ فرعون ٻوڙايا
ڪيتس قارون دا منهن ڪالا شدادي مراد مسالا
نانڪ يوسف پريم ڪي ٻاڻين ساک سچي سڻ عشق ڪهاڻين

 

واهه گروجي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

ترڪ دنيا دا عاشق ڪردي مرڪر جيندي ڦر نه مردي
دنيا ڌوتي ڊوهه تي بازي فارغ تس تئون عاشق غازي
واهه گرو واهه گرو وڏائي ستگر سچي سچ ڪمائي
ڦل اس ني هر گرڪي پيتي هاري راند اسي نر جيتي
گرڪاشبد سمرمن سڌري بن ڪرپا گر اڌر نه اڌري
نانڪ ڪري نماڻا آزي اڳي صاحب گرو درازي

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

مئن بندي ٿون بهت خطايان صاحب ڪرسين آپ ڀلايان
صاحب اپنا آپ پڇاني بنديان دي سرڪوي خصماني
صاحب بنديان عيب ڪڄيندا مندي ميلي نون بخشيندا
رام رازق رضائين والا جيدا صاحب تيڏا نالا
بندي سي بدعمل جو هوتي رات ڏينهان تس دردين روتي
عمر اجائي گذري ڀائي ڪيتم ڪچي راند سڀائي
عمر افرار مئن ڪچ ڪمايا حرص هوائين ڪوڙ هوايا
بندي مئن بدڪار آياڻي ڄاڻڻ هار تون آپن ڄاڻين
ڪچ ڪمايا هٿ ڪي آيا نانڪ يوسف سانچ ستايا

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

ٻيهون تقصيران مئن ٿون پيان ستگر بخشي مديان ميان
فقراسين درويش اداسي اپناسي بيراڳ سناسي
جيسي تيسي حال وڪاڻين نانڪ يوسف يار سڃاڻين

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

فقر الله دي ذات لوڪان هاسا بهانا
آدم مين هيهات لوڪان هاسا بهانا
مانگهه ۾ رب جهات آپ نفي اثبات
سن ڪر برهي بات درد خدا دم ڏات
هاٿ انگوٺي رات ڀول ڳئي مصلات
پڳڙي بانگ صلات عشق بنا ٻي طاعات
ورد وظيفه وت جادو تعويذات
عاشق عشق ثبات گهات برهه ڪا ڪات
لهر بحر ڪي لات ويک سچي صفات
ڪوڙي ڪرامات نانڪ عشق بساط
يوسف برهه برات لوڪان هاسا بهانا

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

نانڪ يوسف يار بلاتا تار طنبورا مند منه گاتا
آپن نچ نچ ڏيندا ڦيري آپن ويکڻ آندا سيري
اپنا ويکي آپ نظارا سب رنگ ريجهي يار پيارا
نانڪ يوسف يار تماشا صاحب سچي ستگر آشا

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

سڀ رچنا گر آپ رچائي اگهم نگهم سن ميري ڀائي
هر گر هي پر اپڪاري ميرا پر اپڪاري مرد مٿيرا
هر گر پرک اتاري تت گر ڪي ستيا مت اگت
گرڪي جوت ڀئي پرڪاس پاني درت پون آڪاس
جل ٿل محل ڪوهه اور ڪاف صاحب هر صورت ۾ صاف
آپن جوڳ ڪماندا جوڳي آپن جوڻ جنم جم ڀوڳي
آپن برهه برهما اليک آپن سورم سچ سوء ديک
آپن برهه سهگم ٽليان آپن فقر لباس او رليان
الکون ايڪ پيا تو انيڪ آپن اونچا نيچا ليک
نانڪ گنهگار اور نيڪ قاضي پير ڀيا ڪٿ شيخ

 

واهه گرو جي ستگر سچا
عاشق الله دم حقا

 

*

نانڪ يوسف يار اداس داسنڪو جيءُ همرو داس
صاحب ڪيسي ڪم ڪريندا سڀ رسيلي رنگ ڀريندا
اس دي قدرت تئون قرباني هئه هئه جان جسا دم فاني
هر نعمت اس ڪا شڪرانا شڪر هزارين لک لک جانا
حمد الله ڪا الا الله ايڪو ستگر ايڪ فتاح
ايڪ مسلمان هندو شاهه آپن رام رحيم پناهه
آپن شاهه گدا سپاهه آپن ڪفر اسلام گناهه
آپن سورج ڪتيان ماهه آپن جان جسم ارواح
نانڪ يوسف گرو فتاح سڀ ڪنهن صورت ايڪ الله

 

واهه گرو جي شاهه دراز
عاشق سچا سچ آواز

 

*

نانڪ يار ڪا سمرو نامان دم دم بولو سوهن رامان
سندو سرجن من منه شامان شبد گرو ڪي ڪل نه عامان
ساڌو سوهن شبد اپارا الله مولا هو حق سارا
هادي مرشد ايڪ نظارا رام رحيم پيغمبر پارا

 

نانڪ جس سمريا سو پيارا
واهه گرو جي ستگر سچا
عاشق الله دم حقا

 

*

دل ۾ ديکو کول پران يار مندر ۾ رمز رهاڻ
ديهي ديک نه ڀول اگيانا ڪايا سايا ذات زمانا
بت مانڪ پاڇولا ذات ديو پڇاڻڻ هي سون رات
ٻاجهون شمس سايا هوتا هر سياهي ۾ سج کڙوتا
هر مورت ۾ ايڪ روشنائي سن ري نانڪ يوسف ڀائي

 

واهه گرو جي شاهه دراز
عاشق سچا عشق آواز

 

*

مشت ڪول ۾ ايڪ نشانا سميع بصير آپن سلطانا
قادر عليم ڪليم جهانون هردي اپني ديک پڇانون
گنبذ ايڪو دشت بلا ۾ آتا جاتا الله الله ۾
گنبذ ۾ آواز آتا ڪسي پڇاتا ڪسي نه ڄاتا
بيرنگي سڀ رنگ بناتا اچرج رخت حسن حيواتا
اپني آپ آپن ۾ آتا پرک اوتاري پنٿ بتاتا
نئون نئون پنٿ پريم بناتا ڀولي دل اپني مت لاتا
جوذڪر آدم شيث بيان هابيل قابيل رمز نهان
ڪيتي نوح نبي طوفان نانڪ يوسف الله امان

 

واهه گرو جي شاهه دراز
عاشق سچا سچ آواز

 

*

نسبيان غوثان قطبان تاري هوندي مرد اوتاري ٻاري
ٻارهن چوڏهن ساڌ سچاري نانڪ يوسف ڀڳت ياري

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

ڀڳت ڀگت ۾ اس ڪا بانا سنتان ۾ هر آپ سمانا
سنتان هرڪا هي سرپوش صاحب وسدا گوش بگوش
برج ڪا پوجن هوش به هوش چاهه عشق به جوشان جوش
مئي محبت نوشان نوش نانڪ يوسف صبر خموش

 

نال معشوشان دوشان دوش
واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

نانڪ جوڳ ڪماون هڇي ساڌو ستگر ڪي سنگ سڇي
پونجا پاڻي پاهڻ مڇي ٻي سڀ ڪوڙي بات ڪولڇي
ساڌو ستگر سنگ سڌارا بن گر ڪاڻا انڌا انڌارا
بن گر سوجها نهين نه تارا بن گر سانت نهين سک چارا

 

نانڪ يوسف ڪهي بچارا
واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

تون صاحب وڏائي تيري مئن عاجز هون ڀسم ڪي ڍيري
هون بندي بدڪار نماڻي تون بخشين پر عيبان هاڻي
صاحب سچي سچ دکالي رمز گروڪي اعليٰ عالي
صاحب تون هين قدرت والا تون حق پاڪ سچا سچ نالا
تم نون پاڪي پاڪ وڏائي تم نرمل هو نور صفائي
نانڪ يوسف ڪهي خدائي بات پريم ڪي عشق ڪهائي

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

نانڪ يوسف گر ڪي آس گرڪي درسن ڪي هون داس
سچي گر ڪا سچ ڀرواس همري پياري سن ارداس
نانڪ يوسف عشق اداس گر ڪي ٻاڻي گر ڪي راس

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

سڀ گن تيرا مهين کولو بات برهه ڪي انحد بولو
تم سورم ٻلهاري واڏا تم سندر هر صورت ساڏا
عاشق رنگ الله ۾ لاڏا ايڪو الک نه تاڏا ماڏا

 

نانڪ يوسف عشق سهاڳا
واهه گرو جي شاهه دراز
عاشق سچا سچ آواز

 

*

عشق سهاڳا غير اتاري سياهه دليان آپ جاري
تسيان نون ترت آپ ٻليندي لک فرسنگئون دوست مليندا
رونديان او آپ هسيندا روٺي نجي روح پهيندا
سهڻي سهڻي جوڙ جوڙيندا وگدي دريا رڃ بڻندا

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

اوهون سوهون اهنڪار نه آڻن تياڳن آکن هم فقرانا سون
ڪام ڪروڌ ڇا ڇڏن ڇن سين گيان نه رکن گيانا سون
آڌا ڪبر ڪي سمجهه نه ساڃهه پرهندي بيد پرانا سون
ڀنگي ڀنگ رهائي پوتئون دام دوئي ڪي دانا سون
ڪبهون جوڻ نه پاون سي نر جي مرجيون جانا سون
رارو رام جسي پڇانا مار کلا بي ڌيانا سون
بن گر سانچي سانچ نه پرکن ڀولي ڦرن گمانا سون
نانڪ هر قدرت ديو ڪي هي سف يار يگانا سون

 

واهه گرو جي شاهه دراز
عاشق سچا سچ آواز

 

*

وڏا صاحب هي وڏي ڀاڳي جس ڪي جوت جمالون جاڳي
نارائڻ ڪا ڦريا روپا هٿ ۾ لئيا طنبا ڪوپا
اپنا جهور جهپا هي جهوپا جڳتر بنايا سايا ڌوپا
نانڪ ۾ آئي مستڪ لوڪا ڪي جاني گينواري لوڪا
بي خبري ۾ ڦردي مردا بن گرو سا يا ڪوئي نه سردا

 

نانڪ يوسف روپ انوپا
واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق سچ آواز

 

*

پانچ پڇانو تت هي چار همارا گهانوء بولي شري مهراج ڪا نانوء
ساڌو ستگر سنگ هي وچن اس ڪا سچ
گرو گئو پال ديال هي خاڪ بندي مئن چچ
نانڪ غيبئون غيب هي يوسف عشق اليک
پنج تت ڪا مرغ هي مون حجت انيڪ

 

واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق سچ آواز

 

*

نانڪ بولي وينني سن ون گرڪا سک
وچن گرو ست هان لي تم سين لگي نه بک
جوت ڦولي پرڪلش ٿا آدم دوجڳ رنگ
برسيا سارنگ پر زمين ڦول ڦُل پئي رنگ
سک سنو دم وينتي نانڪ يوسف حق
پريم بلاتا وي ڪا حق به اناالحق

 

واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق سچ آواز

 

*

وچن بگهاڙي بگهڙ جا سانت ڪسي نر نانهه
سانت اسي نر آوهين جو گر پورن مانهه
نانڪ دم اوتار هي يوسف صورت رام
دس اوتار انيڪ هن گهٽ گهٽ نيڇي نام

 

واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق سچ آواز

 

*

تم هو گرڪي ياري سک تم سين لگي نه ڪس ڪي بک
تم هو رمل سات سچاري هون ساڌان پر واري واري
هر گر ميري راکي پٽ وچن گرو ڪا مانو ست
جس نون پريم گرو ڪا ڌيان تس پر راضي ڀڳوان
جس ڪو پريم گرو ڪا ڌيان تس پر راضي هي ڀڳوان
جن ڪا نيڀا گر ڪي نال اس پر هر گر بهت ديال
ستگر ڪي سنگ جونر سانچا ڪال نرڳ سون سونرباچا
گرڪا شبد سمر سک مني تس ڪي پرکي هر گرڌني

 

واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق عشق آواز

 

*

ستگر بڙا غريب نواز ليو غريبي عشق دراز
هر هون گرڪي داسن داس گرڪي جوت لهر پرڪاس
گر ڪا وچن اوپر آڪاس ڌرتي ڪنگر پر هراس
گرڪي چرن ڌياوڻ ڀائي گر ڪا گن گاوڻ دم رائي
گر ڪي وچن اوپر هشيار آٺ پهر ۾ خبردار
خوف گرو ڪا هردي پيارا جونر راگي تسي سڌارا
جس نه هر گر چيت نه آيا سونر جيوڻ جيت ۾ جايا
ڪهي نماڻا نانڪ زاري يوسف آگي سنگت ساري

 

واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق عشق آواز

 

*

وچن بولاتا ستگر يار غيبئنو عشق الله اوتار
نانڪ ساڌ اوتار جو پايا ترڪان ۾ رنت ترڪ بنايا

 

واهه گرو جي شاهه درازي
صاحب رضا ۾ عاشق راضي

 

*

هر گر مورت هي نرهنڪار اپني اپني ڀاوي سار

 

ڪر ڪا ڪرم ڌرم ڪي ڪار

 

واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق عشق آواز

 

*

سنوري سورم سک گيان کولو هردا سرو پران
شبد گروڪا هٿ ڪر ٻاڻ مارو منڪر بي ايمان

 

هر گر همت تيري جان
واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق آواز

 

*

وچن گرو ڪا ڪوءن نه ماني ڪافر ڪيجو مسلمان
نانڪ يوسف ياريگاني گر ڪا حڪم هليا هر جاني

 

واهه گرو جي شاهه دراز
سچا عاشق عشق آواز

 

*

تون صاحب تون ستگر ميرا تيراهي ڀرواس
تين لوڪ ۾ ڀڄن تمارا آڪاسئون هر ڪاس
ڀڳت ڀلي مهراج تماري پاتالئون پاتال
سڀ جيئڙي ۾ نظر تماري تم هرگن هر پال
تم داتا تم راجا رهبر تم هو رب رحيم
تم هو سرت سڀي ست ميرا پورن پرت ڪريم
تم ٻلهاري هو ٻل ميرا تم هو ديا وان
تم خالق تم خاوند ميري ستگر سر سبحان
تم هو روپ انوپ همارا تم هو گر گوپال
تم نر سندر سورم ساکي مهاديو مهپال
ڪرپا سنتان اوپر تمري ڪي ڪرني ڪجهه نانهه
گهت ڪرم کي ڪوئي نه ڄاڻي پريم ڪي حق تانهه
ڪرپا گرني ڪرمون پهنڪي ڪرپاگر نياري
سانچ روهي گرچن ڌيا تاري گران ري تاري
گر ارداس رکو دم ساس سچا ڀرواس پياري ڪا
جوت سدا پر ڪاس پرم ڪي هر جا نور نظاري ڪا
ناس سڀئي ڪل خطري خامي ديکا سر سچاري ڪا
ابناسي پل پايا پريمئون هرگر مست متاري ڪا
هر گر شاهه قبل محمد مرشد مئن بچاري ڪا
تين لوڪوءن پرتاب گرونر حامي مئن بدڪاري ڪا
گرديو ضامن روز ضعيفان گرمک گنهگاري ڪا
ديا پال ديا جس جلوا سير عجب اسراري ڪا
چندا چير ڪيا جس دوٽڪ دي انگشت اشاري ڪا
نوق تحت اڪاس اور ڌرتي باجي طبل تباري ڪا
ناد نفيلان تريان تال ڇيريان ڇم ڇمڪاري ڪا
پوپليا شرنايان سن ڌن سنک ستاري ڪا
پريم نغارا باجي چوچڪ ڌو ڌو ڌم ڌڌڪاري ڪا
سارنگيان سرمنڊل سرندي باجي دمر دفاري ڪا
سير ديکو سر هريڪ اپنا تن ناتن تن تاري ڪا
ڌو ڌو ڌڪڙ طنبور ستاران ناچ سهڻا نچڪاري ڪا
ڌو ڌم دهل دوبنگ اپنگ سچنگ بجي بچاري ڪا
ڌن انحدسن من منه گهوري هوري کيل کلاري ڪا
موهن مرليان الغوزي رڻ سنگ بجن بجڪاري ڪا
خنجريان مرچنگ مرونڊي يڪتاري گنهگاري ڪا
بوڙينڊي مرڌنگ ربابي ڪرنائين گهپ ڪاري ڪا
ٻڳتي ڀانڊ ميراثي جاجڪ ڀاٽ ڪلوءنت ڪداري ڪا
سڀ جڳ سوالي در تيڏي تي ميٽن عيب آزاري ڪا
ساڌ سڀي سچ ڀڄن ڪريندي تيرا شبد سڌاري ڪا
مئن داسن ڪي داس تماري سرن پڙي پت ڌاري ڪا
سرن پڙي ڪي لاڄ تمهين ڪون تم صاحب سرساري ڪا
چوراسي لک جوڻ اپاڻي جڳتر بنيا بن ساري ڪا
آپن وچ تماشي آيا رنگ بيرنگ بکاري ڪا
نانڪ يوسف يار نظارا انت نهين اناري ڪا

 

واهه گرو جي واهه
سچا درازي شاهه

 

*

گرڪا حڪم اوپر هرجان پاني پون اوپر جنان
اگني ڌرت پٿر آسمان نانڪ يوسف نينهن نيشان

 

هرجا ستگر حڪم زبان
واهه گرو جي واهه
سچا درازي شاهه

 

*

نانڪ ڪهتا وينتي ستگر ڪي پر ساءُ
وچن گرو ڪا کول ڪي آگي سنگت ساءُ
وچن گرو ڪا مانيو سانچ رهڻي برست
همرا ڪو ڪجهه بس نهين هر گردي پيهي مت
وچن گرو ڪا سانچ هي سانچا من په ساهه
سانچ مئن نون ري سکي سانچي ڪا سچ راهه
وچن گرڪا جينودا جاري حڪم ربان
ناس جڳت ابناس هي گرڪا ڌيان گيان
وچن گروست نام هي جابر تيني لوڪ
جن مانيا سو سانچ هي اوران محنت ڦوڪ
ستگر صورت نام ڪي ڪهون رحيما نام
آپن اچرج روپ هي ڪفر آپن اسلام
نانڪ ڪهتا ويني سن ميري تم يار
سانچي ساک بلاوتا بولي رب اسرار

 

واهه گرو جي واهه
سچا درازي شاهه

 

*

جي تون آدم پوتري بچن سنو گر ست
ست ڀرواسا نر هر گر ڪا جان پساهه ست
گرڪا ڪهيت اڪهيت هي انت نه پايو جاءِ
روم روم ۾ وو رچا گهٽ گهٽ رهيو سماءُ
وچن گرو جن مانيا سچي توڪل آس
نانڪ يوسف واريان هون تن داسن داس

 

واهه گرو جي واهه
سچا درازي شاهه

 

*

وچن گرو ڪا حڪم هي صاحب سچي حضور
سانچ ملاتا نانڪا يوسف حق دستور
جي جانون منصور هون شيخ عطار اوتار
بلا دم شهباز مئن نانڪ يوسف يار

 

واهه گرو جي واهه
سچا درازي شاهه

 

*

 

واهه گرو جي واهه
سچا درازي شاهه

 

سچا هي مرشد سچي هي ٻاڻي نبي هي ساڌو برهه ڪهاڻي
عاشق عاشق گرو ڪي برحق
گرو گيان ڪي پربي پرچو بازي سيان ٻوجهو تمهين نه لرجو
مارو چامنڪا چنانڪ مينڌر ديکي طلسم بحر بر
هٽا نه اس ڀرجلا جهڳانا عاشق يگانا
برهه عمل مون اگن اجهل مون
حلاج ماريا برهه نغارا انهون ني يارا ديدار پارا
ڪيا نظارا اسي نه سارا پايا سچا سچ سچارا
ڀيا اس ڪا قرب ڪرارا سنياهي عالم دوجڳ ۾ سارا
بولي انا حق حقا هو حق
سولي نظارا معراج سرا نبي سونهارا گورو همارا
مٺاني مرشد جسي نه ارشد ڪيا سچي سچ
سچاهي صادق نبي ڪي نينون عمر هي عادل دو عين عينون
علي ڪا عاشق ڪمال ڪامل هميشه شامل
امير عثمان علي ڪي دل جان همن هون قربان
علي ولي ڪا سخي رضا ڪا
و الله باالله علي ڪي عينون ديکا هي هي نينون
هڪو تجلا همارا گر ديو الله الا والله باالله
نهين ڪواس ڪادو جڳ ۾ ثاني اگرچ خواني بدل زماني
يقين داني بحق مرشد خدا خواني
امام پنجتن چهار باني اگر تو مردي باسم راني
چو ڪامراني نهين ڪو ديکا نهين ڪو ليکا
نهين ڪو پايا نهين سمايا نهين ڪو ڪايا
ايڪنت ايڪو گرو مهين ڪا بسي جوهر ۾ سرسائين ڪا
جيون جو تارا راهه نيارا پيکو جسي ۾ وسي نيارا
ديکا ٿا يوسف سچا جو پايا سچا سمايا
معشوق ميمون پايا هي هردي فرق جيمون
عجب تماشا برهه غرق ۾ گرو ڪي ڪرپا دنيا ترڪ ۾
بدن ترڪ ۾ ترڪ ترڪ ۾
سنوري سنتو نفي ڪي باتان صحيح اثباتان
ثبوت ثابت نقي ڪي ناهون الله آهون
کل هي مکڙي چلي هي جکڙي
ڪول ڪنول ۾ بهار هوئي کلون ڦلون ۾ هٻڪار هوئي
معشوق عاشق جيا جي تم سين پيا ڪي تم سين
برهه بشارت فتج مبارڪ آئي هي تم پر نظر پيغمبر سر علي سر
علي بحر بر علي عين در
بدم دم علي لحم هم دمي وهم غم بهار همدم
شڪر شڪر وهه فياض بر تر
حضور والي نگاهه عالي
هميشه نيبهه شڪر هي الله
توري هون گمراهه هادي هي همراهه
يقين يوسف ڪهو بنانڪ چنانڪ نينڪ
ڪجامت نڪته اگر تو داني رموز عشقش اگر بخواني
بدل زباني قسم شهاني شاهه جيلاني
چهار پنجتت دوام همت ما راز تهمت جنجال خجلت
ڪشال قلت نهاس ناست خناس خاصت ڪذاب قاضت
امان نموده پناهه داد هه
شڪر هي الله هدا هي هادي ميرا او مهدي
وهاب وحدي شهاد شهدي
مجهي هي زاري اسي ڪي در پر
همن هون مسڪين ماراست ڌسڪين مڪن تون تمڪين
اوپر نغارا ز حق تلقين برهه بقارا اگرچ فهمي تو عشق هارا
قسم خدارا غريب رهنا ڪسي نه ڪهنا
چراست چون چون بيرنگ بيچون چنان نه چون چون
ازين ڪه قصه دلم پر خون نمي توبيني نهين هومسڪين
سخن زور آور غريب پرور يتيم ياور علي است سرور
گرو پيغمبر عليٰ اڪبر زعرش برتر رحيم رهبر
عجب تماشا ديکان معشوقان
ڪه ناز عالي چه لااُبالي
ڪڏان هي مستي ڪڏان مولالي ديکاهي هر جگهه چون رنگ لعلي
سنوري سنتونفي تونانڪ شريڪ لاشڪ
وحيد واحد احد احد
رحيم رحمان ڪريم ڪرمان
نهين ڪو اس ڪا دوجگ ۾ ثاني
جس ني ديکا اسي ني پايا، دلم ڪي اندر اسي ڪا رايا
گرمجهي منه روحي بلايا سنوري ساڌو نانڪ ڀائي
ڪهي نماڻا عرض نوائي ڳل وچ بلڙا رمز خدائي
خاڪ فقير گرچرن سدائي وچن ڪي اوپر قرار جائي
صفا رهڻ وهه من ڪي صفائي گروسچاگر سچي ڪمائي
صنم ڪي درڪي هم هون گدائي برهه ڪي نوبت برهه بجائي

 

ڪهان هي بچين مني منائي

ووهي چولي ووهي ٻولي ووهي لولي ووهي ڏولي
ووهي ناچو ووهي ڍولي ووهي جوڳي ووهي جهولي
ووهي بلبل گل اور خارا ووهي گل گل اوپر بهارا
ووهي بلبل خمر خمارا ووهي گل گل همئه هزارا
ووهي غل غل گردغبارا ووهي فلڪ بر فلڪ ستارا
ووهي ڪرسي ملڪ متارا ووهي فرشي عرش منارا
ووهي پٿر ٿر جبل جوهارا ووهي آبي آگن بخارا
ووهي پون ۾ پون پسارا پسي جوهر ۾ رهت نيارا
نهين ڪودو جهان مني يون ٻوجها سچي جي گرديو صحِح دکايا
جمال روشن نظر ۾ آيا شڪر خدايا اگهم نگهم سڌ سمجهه ڪي لايا
سچا هي گرديو گرو پيارا جسي ڪي اوپر همئه همارا
مدارهي هي قسم خدارا آپن ووجانت ڀائي بتارا
عجب نظارا دکاهي نينون ڪهون ري ڪينون سوري نينون
وڏار مبنون رموزرينون پڪڙلي عينون ڪهون ڪي تينون
سنوري سنتو گرو پياري گنگا جمنا ٺاڪر دواري
بيڍ گرنت پرانا سيپاري طلسم ڪوڙ بدوڙ پڌاري
نانڪ هرگر چرني چاري نانڪ هرگر واري واري
يوسف يارا سولي ڍاري گر عاصي هون سڌر سڌاري

 

هزار واري
سنو پياري

 

*

 

واهه گرو جي واهه
سچا درازي شاهه

 

انحد ٻاڻي عشق ٽڪوران موج بحر ڪي زور بزوارن
برسن بادل گهن گهن گهوران پريم پيتم ڪي ڪل نه ڪوران
نهين ميدان محبت آون حرص هوائي خيال اُٺاون
پريم دي اندر پير نه پاون نفس ڪي پيڇي خوار لڳاون
ٿاٻي ٿڏي هردم کاون اپني دل نون خوب رنجاون
رشوت روڳ رنجيندا کاون اپني اڀمان آپ مساون

 

*

واهه گرو جي واهه
سچا درازي شاهه

 

ڪرن اهنڪار نه سمجهن آپا ڪوڙ ڪذب نت ڪردي کاپا
غير خيالون سنگ سياپا نيه سچي بن ٻيا سڀ تاپا
جي تون عشق ڪهاڻي ڄاڻي من منه ٻوجهي گيان اڳياني
فرت رکين گر سرت سياڻي خبر نه جاندي عمر وهاڻي
جسي ني هر گر اوئي پڇتا اپني پيءَ ڪا مقصد پاتا
صحيح سڃاتا دل ۾ داتا جسي ني ڄاتا اسي ڪا ناتا
بيٽا نا ماتما سنو ري سنتا
عينان ڪي انگ مون جهمر ڪي جهنگ مون
درد ڪي دنگ مون جهمر ڪي جهنگ مون
درد ڪي دنگ مون مزگان ڪي منگ مون
چران ڪي چنگ مون نينان ڪي رنگ مون
پيا هي پرڪر پريم پيالا سچي جر گرديو نگاهه والا
ڇوٽا جي ڪالون هي سکالا وهان هي نانڪ ايڪوئي نالا
اوجهامي جهگڙا ٽلا ڪشالا ڪهان هي يوسف ڪهان هي نالا
آپن آپن مک آپ سمايا آپن سو گايا آپ نچايا
آپن مچايا آپن بلايا
آپن هلايا برهه ڪا بانا قسم خدا مجهه سنو بيانا
جيون جو تارا پاني نيشانا پسي جوهر ۾ رهي نيارا
اسي ڪي حيرت ڪهون ڪي يارا غريق عبرت شهه سوارا
علي به لشڪر چهار يارا اگر تو پسني عجب نظارا
گرو پيارا ووهي هي اندر ووهي مند ووهي هي بندر
ووهي سندر ووهي هي چندر ووهي چم اندر
ووهي مندر ووهي جلندر ووهي اگن در ووهي چمن در
ووهي تڪ اندر ووهي سمندر ووهي قلندر ووهي تن اندر
ووهي ڪڇ اندر ووهي رڇ اندر ووهي مچ اندر ووهي سچ اندر
بڙا بازيگر ديکا رانديگر
جسي ني سارا ڪيا نظارا
نگهه مون اپني نظر مون اپني نيڻ مون اپني بصر مون اپني
پيغمبر آرا نبي سونهارا گرو همارا
دراز والا علاوء اعليٰ بقاءُ ياالله الله والا
سدا سکالا سدا پيارا سنو ري يارا
دو جڳ ڪا والي هادي هدارا مهر مون اس ڪي ڀيا سڌارا
مهر گرو ڪي درد اشارا پيکن سون اس ڪي دوديد دائرا
کليا هي سنيان دوجڳ نظارا گرو پيارا هزار وارا
هون ٻلهارا بيان ڪهن ۾ ڪجا شمارا
قلم نه ڪاغذ ڪهان پسارا بي انت اس ڪا قبال ڪارا
سنو پيارا هي پسارا اگن جي جل ۾ ڪيتي عمل ۾ سيما محل ۾ صفا رهل ۾ سنگيت ٽهل ۾ گرو پهل ۾
پڙي هون يارا سجن پيارا آ سيس اس ڪي ڀيا سڌارا
اجل ڪي اجلون دنيا ڪي دجلون دينار رجلون شمار سجلون
خمار ڪجلون الف الف ۾ الف پکايا الف ڪا نالا الف ۾ آيا
گرو همن ڪون صحيح بتايا الف مون آدم بن ڪر آيا
اسي ڪي طلسم جو رنگ لايا نظر ۾ آيا
الف الول ممين مون پايا ممين ٻوجهايا ڪوچن کو چايا
الف سڌايا سرسري ۾ آيا سري بلايا
الف ڪي حرفون پڇانو ممان نه ديک سو تم جمال جمال
ڪرو تماتم تمام طمان ڀڳت هي يون ڪرمڪت زغمان
عمل عمل بن ابو نه امان ديکا هي ديدون ديدار دمان
ڪهان ووگرديو سلام رامان ڪهان ملسم ڪهان برهمان
ڪهان هي گوبند ڪهان هي نامان ڪهان پيغمبر اڪال جامان
ووهي ڪريم رحيم رحمان اس ڪي سرن پڙي هون سامان
گروڪي تلقين وڏا رهون مان گروڪي ڀرني گروڪي ڌرني
سر گروسر گروڪا فرمان گروڪا جولان گروڪا دامان
گرو ڪا جامان گرو ڪا سامان گرو ڪا نامان
گروسين سيوو گروسين ديوو گروچرن هر گروسين ليوو
گرو گيان بن مڪت نه هووي گرکرپا بن ڀڳت نه هووي
گرڪرپا بن جڳت نه هووي گرڪر پابن سنگت نه هووي
گرڪرپا بن سگت نهووي نانڪ داس ڪهي سن پياري

 

واهه گرو جي شاهه سوڀاري
دهه درازي عاشق ياري

 

*

گرو ڪي چرن روئي منه راکو يون ڪررس پريم ڪي چاکو
گرڪي مورت انيڪ جانو انيڪ جانو به بيڪ جانو
وويڪ جانو وويڪ جانو
نيني سين نالون ڪڪي سين ڀالون ممين سين مانون ممان مياني
ممان گياني ممان ڌياني
ممين ڪا جامان ممين ڪا نامان ممين ڪا رامان
ممان هي ضامن گرو بهرڪا ممان مغان هم اڌارنڌ ڪا
سو روپ سر ڪا روز محشر ڪا
سنوري سنتو حڪم حضوري گروڪاشبد سمرمن صوري
گر آرادهي آشاپوزي گرآرادهي هت صبوري
گرآرادي امرت صوري خودي نه بيخود فرق نه دوري
چال فقر ايڪ دم دستوري دم ڪي اوپر هشيار رهنا
نانڪ يوسف يا ر يگانا نهين جو ٻوجهي لوڪ آگيانا
درد بنا ٻهون ڦري ديوانا ڪهي نماڻا نانڪ بانا
هادي هر دم من منه مانا همرا جانا هزار تانا

 

واهه گروجي واهه
سچا درازي شاهه

 

*

حضور حاضر نظر به نظر
ادب انديشا صبر گذارا عمر هزارا هئه پلڪارا
جون چمڪارا ابر بخارا گرد غبارا سمجهه ۾ يار
گرواشارا سنو پيارا نانڪ داس لگا گرچرني
ذات فقر هرسنگ سرني ڪال اجل ڏرسان نه ڏرني
جي مرني مرجي مرني ڪال اڪال سين ورڪي ڪرني
نانڪ داس ڪهياسن جانو گرو ڪا وچن گرومن مانو سانچا سانچ ويساهه پڇانو سن تو ميرا سجن سجاني
جهار دليل نه دلپر آني تان تون ويکين رمز رباني
چو چڪ ايڪ گيان گياني خيال سجن بن هوا گياني
دو جڳ سپنا خواب نيشاني ڪسي نه رهنا فنا فاني
گرفرمودا حق سبحاني ستگر سائين حق حقاني
قطب رباني غوث صمداني قريش قادر حضور حاضر
ايڪو ئي جائي ايڪوئي جاني ايڪوئي ماني ايڪو شهاني
يڪاست جبله يڪ است قبله يڪ است ڪعبه يڪ است گنگا
يڪ است ديست يڪ است دمنه يڪي است چمنه
يڪ است خورم يڪا ست غمنه يڪا ست رمنه يڪ است امنه
تياڳ طمنه هماري سجنه سچا گرو سچ گرو ڪمائي
هماري ڀائي دنيا دو رنگي واهه وڏائي
ڪوڙ ڏکالا ڌوڙ سڀائي

 

واهه گروجي شاهه دراز
سچا عاشق عشق آواز

 

*

نانڪ ڪلجڳ آيا هٿ جوڳ روڳ
رام رحيم رمائڪي باندو سانچي جوڳ
نانڪ ناما الک هي الکو بينا انيک
سا سرت چتا رتن بنا بهت نه بيک
الک ناما ايڪ هي صورت مورت ڀوگ
نانڪ دوجها جو ڪهي يوسف تس نرروڳ
ساڌو پنٿ نه پير نان نان گهتنا گهت جوڳ
نانڪ نينهن پراوڻا يوسف يار بروڳ
نانڪ نيهئون چاوڻا جورا جور بيراڳ
فقر چٽا پٽ چولڙا مٿ بيک لاڳي راڳ
يوسف ستگر سنگ هي ڀاڳي هون بڏ ڀاڳ

 

واهه گروجي شاهه دراز
سچا صاحب عشق آواز

 

*

نانڪ داسن داسڙا هرگر چرني کيهه
پات پات منهه مائيو جون گاجر ڪي ريهه
نانڪ نام ڌيا وئا گروچرنا رک نيهه
سرت قدم دم لاوڻا آيا پريم سنيهه
نانڪ نام ڌياوڻا جون ڪر نينان تار
ديکن ۾ دو رنگ هي چاڪن ۾ يڪتار
نانڪ نام ڌيا وڻا ڪس بت سو بيچار
مرڪر جيوڻ پاوهين ايڪو ايڪ اڌار
نانڪ هرگر سو مليا جو ايڪ انيڪ اوتار
ايڪوءن ايڪ انا ڀئي الف الک اسرار

 

واهه گروجي شاهه دراز
سچا صاحب عشق آواز

 

*

نانڪ نيهه پرائيا يوسف ياري رک
رک ڏارو تس مک ۾ جس نيهي ناري رک
رک ديجي سک نام ڪي واهه گروڪي رک
هرگز مرشد دونه ڀياگر گيان ڪي رک
هادي مهدي ايڪ هي جون ييهي جنجين رک
رک پيکو رخ روح ۾ ڪوءن پکاري بک
ايڪو نام ڌياوڻا ايڪو چتر پرک
ايڪو ايڪ انيڪ هي مڪا گنگا مک
سيوڪ سيون سوهرا ٻوجهه بنا بهه جک

 

واهه گروجي شاهه دراز
سچا صاحب عشق آواز

 

*

ايڪ انيڪوءن دو ڀيادو جها ٽوڙ گمان
جونڪر نظار نورڪي بيرنگ ايڪ بيان
پاتالئون پاتال انيڪا اڪاسئون آسمان
سو نر موهيا مات ۾ جس بهتا هي اڀمان
آپ سمجهاوي آپنا صاحب ڪا فرمان
سيس ديا سک پايا هردم جان جوان
عشق بنا تن مات هي ستگر نينهن نيشان
هون ٻلهاري پياري دي پياري داس ديوان
سانچ ڪهوري سکيا سانچي ڪا فرمان
نانڪ داس غريب هي داسون ڪا دربان
نانڪ چونڪي نينهن ڪي پرگٽيو پروان
تس نر سمر جڳ موهيو پنجتن توڪ طولان
پنجتن بنيو پوتلو دک بهه چڀ چوگان

 

واهه گروجي شاهه دراز
سچا عاشق انالحق ساز

 

*

يوسف يار پراوڻا داسن ڪا رهه داس
وهه بولي بک مک سين تم شيرين بولو راس
دم ڀرواسا وهه گرو سرت چرن ڪي ساس
ستگر سرني هون پڙي سرفي ڪا ڀرواس
ست ڀرواسا نر هر دي توڪل ڪي تروار
دوجڳ سپنا خواب چون عاشق هي پرار
نانڪ نينهن اپار هي ڪهتا سد سچار
جس گر پورا آوءڪا آدون انت اپار
بن آدون گر سيوتا جيون مجور بجار
ڪري مجوري موهه ڪي ڪي ڪرتا قوت گذار
آءُ بنا گر نا منون درد بيا بچڪار
نانڪ نينهان اُد ڪا گر سورم سردار
نينڪ نيها آدڪا گر چرني آڌار
نينهن لگا تن بسريا آپون آپ بيزار

 

واهه گروجي سچا ستگر
اِڌر اُڌر هويا رهبر

 

*

نهين لڳا سک پائيا ستگر ڪي پرساد
ستگر مليا سڀ دک ٽليا برها هردي ياد
ياد لگي تن سندر سرجن سني فقر فرياد
فقر چرني جو پڙا ڪالئون ڀيا آزاد

 

واهه گروجي سچا ستگر
اِڌر اُڌر هويا رهبر

 

*

ڪال اجل ايڪ نام هي ايڪو ڀوڳ ڀونگ
صورت مانک مور پڇانو نينان اچرج رنگ
هندو مسلم ايڪ هي ديکن نين دو رنگ
جو نڪر لعلي پان ۾ وهه رنگريزان رنگ
نام ڇپا هر روپ ۾ جون نشادا رون ڀنگ
عشق بنا هر ديهه ۾ جون پسون ٻولي منگ
لگي ٻاهتر فرقي آڪر ديک آپس ۾ جنگ
فتح گرو ڪي واهه گرو وهه قادر مست ملنگ

 

واهه گروجي سچا ستگر
اِڌر اُڌر هويا رهبر

 

*

واهه گرو همراهه گرو وهه سانچا سچ ويساهه گرو
گر امرت هي تين لوڪ ۾ عين عشق ارواح گرو

 

واهه گروجي سچا ستگر
اِڌر اُڌر هويا رهبر

 

*

نانڪ بولي ستگرو قدرغيب حڪيم
جي تم ٻوجها ايڪ هي ايڪو رام رحيم
صاحب ايڪو سڀ ۾ ايڪو رام رحيم
ووهي رام رحيم هي ووهي قرب ڪريم
ووهي صاف زلال هي ووهي سرت سليم
ووهي جبر جلال هي ووهي حال حليم
ووهي ستگر هي سمنون مندر مانه
ستگر همرو سبد هي سمر سمر سڪ تانا
ستگر بيد پران هي من منه ٿريو ٿانا

 

واهه گروجي سچا ستگر
اِڌر اُڌر هويا رهبر

 

*

ستگر الکون الک هي انت نه پايو جائي
روم روم ۾ وهه رچا گهٽ گهٽ رهيو سماءُ
ايڪو ايڪ وکاڻي دوجها نهين بتائي
دوجها جس نر جانيا تس نر بڏا نڀاڳ
جو نر موهيا موهه ۾ سو نر ڪرت قزاق
نانڪ پريم اداس هي چاون برهه بيراڳ
سنگت سيوا تهل ۾ ستگرو سهاڳ
سانچي ساک سچا گرو تن من ڏيجي تياڳ
تڏهن سڌر سڌار هي جڏهن اڪ سهاڳ
نانڪ ڪوءن سهاگني ستگر ڪي درٻار
پٿر روتي خوف ۾ صاحب ڪي سرڪار
دوزج جهل جهلڪ هي دم دم درد ڌڪار
واهه گرو سري سر هي سر بولي گفتار
هر گن ڪهتا غيب مون گرو جبار ستار
بن گر سڌريا ڪوئي نه ديکا ڪي جو پير فقير
بن گر سانچي سنچ نه ڀائي عقل نهين تدبير
گرسانچا سروهه ڪهو جو هوي سانچي سير
سانچا سوداگر ديودا پيو پريمين ڪير
نانڪ رک دونين ۾ نرڀو ويک نظير
دونينان يڪ عين هي عينوءن عين امير
دونينان يڪ نور هي دوني دوني چار
چار لگي ايڪ رنگ ڀيا ايڪو سيد سرير
نانڪ پنجتن پوتو نينڪ عين علي
هر چارو ۾ غيب کلي غيبئون غيب کلي
آتا جاتا غيب ۾ ديکي ڪوءن کلي
نانڪ پيالا پريم ڪا برابر ني ڪوئي
رس چکي جس پريم ڪي تس نرهوري هوئي

 

واهه گروجي سچا ستگر
اِڌر اُڌر هويا رهبر

 

*

نانڪ پيالا پريم ڪا ميٺا ميٺ
بيان بيان مئن ڪيا هون ڏٺا نينوءن ڏيٺ
يوسف ياري يار ڪي بيرنگ تاروءن تار
جس لاگي سو جانتا اوران ڪي هي پچار
نانڪ لوگ اگياتيا بهر ڦرتا اندر گام
مانه ڪروڌ هوا نفساني رمتا تس مشام
جس نر پريم نه پئي ڪا سو نر لوڀي دام
ڪام ڪروڌ تياڳ تن هي پرڀو ڪا پيام
پرڀو ملهين پيٽ ۾ دمدم بولو رام
نانڪ چرن ڌيا وڻي يوسف گر سترام

 

واهه گروجي سچا ستگر
اِڌر اُڌر هويا رهبر

 

*

پنٿ گرنٿ ڪتيب بيان گنگا جمنا مڙهيون مڪان
پوٿيون گنگا ويد پران ڪاشي دوارا ٺاڪر ٿان
پوڄڻ آتش ۽ بتخان پاڻي سورج ۽ چنڊ ڀان
عشق الله ريءَ عقل ڌيان ڪوڙا ڪوڙن ڪوڙ گيان
نانڪ يوسف يار يگان هيئن فرمايو مرشد شان

 

درد بنا ٻيو ڪوڙ پسارو
واهه گروجي پرت پيارو

 

*

ڳالهه برهه جي مڃي نه ڪوئي، هئه هئه هينئڙي حيرت هوئي
عشق بنا جڳ وڃي ڀلوئي، ڪنهن کي حال چوان هي روئي
نانڪ يوسف يار يگان، هيئن فرمايو مرشد شان

 

درد بنا ٻيو ڪوڙ پسارو
واهه گروجي سچو سوڀارو

 

*

ڪاڻ دنيا جي وتن ديوانا ٻانڀڻ قاضي ۽ ملوانا
سيوڪ سامي شيخ شهانا عالم عاقل علم خوانا
درد بنا ٻيا ڪوڙا بهانا دنيا ڌوتي مڪر مڪانا
نانڪ يوسف يار يگانا هينئن فرمايو مرشد شان

 

درد بنا ٻيو ڪوڙ پسارو
ستگر سچو سچ اشارو

 

*

جوڳي ڀوڳي ڪي ڪن چير پرک مهابير دنيائي مير
دانشمند فقير امير راجا پرجا شاهه وزير
هن ڪلجڳ جا بزرگ پير محض دنيا لئي حال حقير
دانهه دل جا پر تدبير علم عقل جا ڪن نظير
نانڪ يوسف يار يگان هيئن فرمايو مرشد شان

 

درد بنا ٻيو ڪوڙ پسارو
واهه گروجي سچو سونهارو

 

*

دم دي نال رکين ٻهون ياري هردم دي رک خبرداري
مطلب دي ڳالهه سڻ تون ساري عشق الله بن رين انڌاري
اي دم سر ارواح الله دا اي دم نور نگاهه الله دا
اي دم خالي مول نه ڇوڙين آپ اهين دريا وچ ٻوڙين
ٻڏ ڪي پڇي عين اگهوڙين سدا عيش الاهي لوڙين
يوسف لڳڙا عشق ربائا جنهن دا زور دريا يگانا

 

*

اهين دم دي هن زور پساري جيڪو پڪڙي تنهن ڪون تاري
ماري اناالحق دي نعري ٽوڙ دنيا دي ٽڳي ساري

 

يوسف لڳڙا عشق ربانا
جنهن دا زور دريا يگانا

 

*

ٻاجهون دم سڃاڻڻ ڀائي مرشد ڳالهه اها فرمائي
پڙهيا علم تي پرجهه نه آئي اس دي ڳئي سڀ عمر اجائي
پڙهه فرقان چاختم ڪريندي مويا جينديان ڪون بخشيندي
رمز رباني نهين سمجهيندي راهه برهه ۾ قدم نه ڌريندي
جٺ ڦٺ تنهن دي جيوڻ تي لعنت کاوڻ پيوڻ تي
زال زن ٻچي ٻال اتي ٻيا وت اهندي حال اتي

 

يوسف لڳڙا عشق ربانا
جنهن دا زور دريا يگانا

 

*

سڙا بزرگ پير سڏاوڻ فتنايان دي بار اٺاوڻ
عشقي ٻاجهون ڪوڙ ڪماون اي سڀ ڇائي منهن وچ پاوڻ
بزرگ پير ٿيوڻ جڙ آپي ڪوڙا ان دي نت ڪرندي ڪاپي
ايوين نه حق دا راهه سڃاپي کٽ آون گهر تڏهان ڄاپي
هادي ڏتا اي تسلا ڪاذب دا اصلوءن منهن ڪالا

 

يوسف لڳڙا عشق ربانا
جنهن دا زور دريا يگانا

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org