سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نانڪ يوسف جو ڪلام

صفحو :2

سچل سرمست سان ملاقات

رستي ۾ اوچتو اچي طوفان لڳو ڪن راوين ان کي عشق جو طوفان سڏيو آهي. اهو طوفان اهڙو هو جو فقير يوسف رستو ڀلجي اچي درازين پهتو اهو وقت اسر جو هو ۽ سچل سرمست سماع جي محفل ۾ ويٺو هو. فقير يوسف جي ڪن تي سماع جو پڙلاءِ پيو ۽ پاڻ وڌي اچي در وٽ بيٺو، سچل ان وقت راڳ جي رنگ ۾ جذب ٿيو پيو هو، تنهن جي نظر فقير يوسف تي پئي ۽ هيڏنهن فقير يوسف تي سچل سرمست جي سماع، ان جي رعبدار ۽ پرُ وقار شخصيت جادو ڪري ڇڏيو ۽ هن پنهنجي منزل کي پنهنجي اکين آڏو ڏٺو، جنهن جي ڳولا ۾ سالن جا سال ڏک ڏولاوا سهندو رهيو ۽ هو جهنگ جهر ڀٽڪندو رهيو هو.

هن سماع جي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيو ڇو ته راڳ، ناچ ۽ بيخودي ننڍي هوندي کان ئي سندس فطرف ۾ شامل هئا، سچل سرمست هن کي تڙي ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. فقير يوسف ٻاهر نڪرڻ کان نابري واري،تان جو سچل سائينءَ جي معتقدن کيس ٽنگا ٽولي ڪري ٻاهر ڪڍيو ۽ هڪ وڻ سان ٽيڪ ڏياري ويهاري ڇڏيائونس. نانڪ يوسف جي ڪن سوانح نگارن هن مرحلي تي نانڪ يوسف ۽ سچل جي وچ ۾ دلچسپ گفتگو جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن سرمست جا معتقد يوسف کي ٻاهر ڪڍڻ لڳا ته يوسف جو هٿ هڪ پير  ۾ پئجي ويو (جنهن کي سچل طوبي سڏيندو هو)، ائين ڪرڻ سان يوسف جا هٿ پير  ۽ سينو ڇلجي پيا.سرمست ڏنو ته هي فقير صد ٿو  ڪري سو چيائينس  ته حڪم نه ٿو  مڃين؟“  ان تي يوسف جواب ڏنو ته سر به سٺو انم پر مرشد جي جوءِ کان جدا ٿيڻ نه ٿو پڄي“. سچل چيس ته ”تون به عزازيل وانگر حڪم جي انحرافي ڪري شيطان ٿو بڻجين!“  ان تي يوسف وڏو ٽهڪ ڏنو ۽چيائين ” مبارڪ آهي يوسف کي اڄ محبوب وٽان شيطان جو عاليشان لقب مليو آهي“.

فقير يوسف سماع جي محفل مان تڙجڻ کان پوءِ انهيءَ وڻ هيٺيان ئي ديرو  ڄمائي پيو هوندو هو ، جتي هن کي سرمست جي ماڻهن ڇڏيو هو اتي به هن تن کي تسياتون ڏنيون ۽ ٻارهن مهينا اتي ويٺو رهيو اتي ويٺي ويٺي سندس حال هيڻو ٿي ويو ۽ ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪو جيئرو مڙهه هجي.

هڪ دفعي سچل سرمست جوڻن جي ڳوٺ دعوت تي وڃڻ لاءِ نڪتو ۽ ان وڻ وٽان لانگهائو ٿيو جتي يوسف نيم جان وانگر پيل هو. سرمست يوسف جي حالت ڏسي پنهنجي خليفن کان پڇيو ته ”هي  شخص جيئرو آهي يا مئل؟“ هنن چيو ته ”هي مئل ٿو ڀانئجي“. جنهن تي سچل سائين چيو ته ”هي مئل نه پر جيئرو آهي.“ ۽ حڪم ڪيائين ته جڏهن موٽي اچون ته هن کي حلقي ۾ داخل ڪيو. موٽ تي يوسف کي سچل سرمست جي حلقي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ مٿس ننگر جي بٺيءَ لاءِ ڪاٺين گڏ ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو. يوسف سڄو سال اهو ڪم ايمانداريءَ ۽ محنت سان ڪندو رهيو ۽ ايترو لا طمع هو جو ڪاٺين پهچائڻ جي باوجود ماني ڪڏهن به نه گهريائين، جتي ڪنهن ڏنس کائي ڇڏيندو هو ۽ جي نه ته بس. ٻارهن مهينن جي انهيءَ خذمت کان پوءِ هن تي مٽين ڀرڻ جو ڪم رکيو ويو جيڪو هن سهڻي ريت سر انجام ڏنو. انهن خّذمتن کان واندڪائي جي وقت ۾، هو سچل سرمست جي خذمت ۾ رهندو هو.

هڪ دفعو سچل سائينءَ سان گڏ پنهنجي اباڻي مرشد صالح شاهه وٽ به ويو. صالح شاهه ۽ سرمست، يوسف جي باري پڻ ڳالهايو. سچل سرمست صالح شاهه کان سندس فيض جي گهر ڪئي، ته جيئن ان سان گڏ پنهنجو فيض به يوسف جي حوالي ڪري.

سچل سرمست جو هڪ معتقد هو يعقوب فقير. سچل جو مٿس گهڻو راضپو هوندو هو. هو سهڻي صورت جو صاحب هو ۽ رات جو سرمست جي خذمت ۾ رهندو هو. هڪ رات يعقوب فقير ڀر واري ڳوٺ ۾ راڳ جي محفل ۾ ويو هو. سچل سرمست رات جو يعقوب فقير کي سڏ ڪيو، پر هو موجود ڪونه هئو ۽ يوسف موجود هو جنهن جواب ڏنو ”يعقوب ته ڪونهي سندس پٽ يوسف حاضر آهي“ حضرت يعقوب جو پٽ حضرت يوسف هو. ان اصطلاحي معنيٰ ۾). سچل سرمست ماٺ ٿي ويو ۽ ٿوري ويرم کان پوءِ، يعقوب فقير کي سڏ ڪيائين، اڃا يعقوب راڳ تان ڪونه موٽيو هو، ان ڪري يوسف ساڳيو ئي جواب ڏنو، ان تي سچل سرمست يوسف کي اندر سڏيو ۽ رات يوسف فقير کي پنهنجو فيض ڏنائين. ان رات کان پوءِ يوسف فقير سرمست کي ويجهو آيو ۽ سرمست جي خاص خليفن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. گڏوگڏ يوسف فقير ننگر لاءِ ڪاٺين ڪرڻ جو پراڻو فرض پڻ بجا آڻيندو رهيو. ان کان پوءِ يوسف فقير سچل سرمست جي اجازت سان پنهنجي موجوده ڳوٺ (اڳڙن جي ڀرسان) ۾ اچي رهيو، ته جيئن اتان سرمست ڏانهن ايندڙ ويندڙ معتقدن جي خذمت ڪري سگهي.

ميرن سان تعلق

نانڪ يوسف جي سوانح نگارن هن واقعي کان پوءِ خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي باري ۾ روايتون بيان ڪيون آهن، جن مان گهڻيون تاريخي لحاظ کان ضعيف آهن. هڪ اها ته مير علي مراد (خيرپور جي حاڪم) کي ڪن ۾ سور پيو ۽ هن سچل سرمست کي ان جي دعا ستيءَ لاءِ ماڻهو موڪليو. سچل سائينءَ خليفن مان ڪنهن کي وڃڻ لاءِ چيو، ڪنهن به هام ڪانه ڀري، پر نانڪ يوسف وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. نانڪ يوسف مير علي مراد کي ڪن کان وٺي چماٽ هنئي، جنهن سان هو بيهوش ٿي ويو ۽ نانڪ يوسف اتان هليو ويو. جڏهن مير علي مراد کي هوش آيو، ته ڪن ۾ سور موجود ڪونه هو ۽ هن حڪم ڪيو ته ان فقير کي وٺي اچو. مير جي ماڻهن فقير کي ڏجيءَ جي ٺڪريءَ کان وڃي هٿ ڪيو. مير علي مراد اتي فقير کي نديون ٺهرائي ڏنيون ۽ هڪ کوهه سندس حوالي ڪيائين. فقير يوسف سچل سرمست وٽ واپس ويو ۽ چيائنس ته مون ته فقط مير علي مراد جي ڪن جو سور لاٿو آهي، پر ان کي درگاهه جو مريد پڻ ڪيو اٿم.

چون ٿا ته ان کان پوءِ، جڏهن به مير علي مراد فقير يوسف وٽ ويندو هو، ته پيرين پيادو پنهنجا هٿ رومال سان ٻڌي عجز ۽ انڪساريءَ سان پيش ايندو هو. فقير يوسف کي مير علي مراد لاڙڪاڻي پاسي به جاگير ڏني هئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ مير علي مراد ماڻهن کان پڇيو ته ”فقير يوسف جو ڪهڙو حال آهي؟“ ان تي ماڻهن چيو س ته ”يوسف فقير وٽ لاڙڪاڻي جون رنگيليون ٿيون اچن، ته انهن کي ٿو چوي، ته محبوب حڪم ڪيو! ۽ پوءِ ڪو ديرو ڪنهن کي، ته ڪو ڪنهن کي ڏيئي ٿو ڇڏي. جاگير مان ڪوبه هڙ حاصل نه اٿس، اهو ئي ڳاڙهو پاجامو پائي، گهنگهرن جي ڇير پيرن ۾ ٻڌي، لاڙڪاڻي جي بازارن ۾ گهٽين ۾ نچندو ڳائيندو ٿو وتي. اجايو وٺي سرڪار کي بدنام ڪيو اٿس.“ اها ڳالهه ٻڌي مير صاحب کانئس جاگير واپس ورتي ۽ ڪجهه نقدي ڏيڻي ڪيائينس جيڪا فقير نه ورتي.

فقير يوسف پوءِ مستقل طور پنهنجي موجوده ڳوٺ ۾ رهيو، جنهن کي پهريون رنگ پور سڏيائين، پر پوءِ اهو ڳوٺ (جيڪو اڳڙن جي ڀرسان آهي) سندس ئي نالي تي فقير نانڪ يوسف جو ڳوٺ سڏجڻ لڳو.

حيدرآباد جي ميرن جي باري ۾ به اڪثر سوانح نگارن عجيب و غريب روايتون بيان ڪيون آهن، ته اتي يا ته فقير پڳ جو فيصلو ڪرڻ ويو هو يا ته انهن جي نياپي تي ساڻن بحث ڪرڻ ويو هو. اتي وڃي شينهن جو روپ ڌاريائين.

بهرحال اهي ۽ ٻيون لاهور جي سفر واريون ڪرامتون ۽ امرتسر جي سفر ۾ جادو جهڙ اڪرشما، انهن خوش اعتمادين جو  نتيجو آهن، جيڪي سنڌ جي هر بزرگ يا صوفيءَ جي باري ۾ عام آهن.

نانڪ جو لقب ملڻ

سچل سرمست هڪ دفعي ٿلهي تي پنهنجي فقيرن سان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، جتي ڳالهه ڪيائين ته صوفياڻو شعر ٻين سڀني ٻولين ۾ آهي، پر اوهان مان ڪو هندي ٻوليءَ ۾ اهو وحدت جو نياپو آڻي سگهندو؟ ان تي فقير  يوسف اها هام ڀري ۽ ان کان پوءِ هندي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي شد، چوپايا ۽ ٻاڻيون ٻڌايائين. يوسف فقير شعر چوڻ وقت ايترو ته جذباتي ٿي ويندو هو، جو سندس وار به ڪانڊار جي ويندا هئا، ۽ ڪنهن وقت ته مٿي جا وار به اڀا ٿي ويندا هئس. سندس هندي ڪلام کي سچل سائينءَ پسند ڪيو ۽ ان کان پوءِ کيس امرتسر وڃڻ جو حڪم ڏنائين ۽ کيس نانڪ جو لقب ڏنائين. ائين فقير ”نانڪ يوسف“ سڏجڻ لڳو.

امرتسر جو سفر

سچل سرمست نانڪ يوسف کي صوفياڻي متي جي تبليغ لاءِ موڪليو، ته جيئن سکن ۽ مسلمان صوفين کي هڪٻئي جي ويجهو آڻجي. سکن جي گرو نانڪ جي تعليم پڻ صوفين جي وحدت اديان جي متي کي ويجهي آهي. شايد ان ڪري ئي سچل سرمست پهريون سکن کي ڌيان لائق سمجهيو ۽ انهن ڏانهن پنهنجو سڀني کان ويجهو فقير سفير طور ڏياري موڪليو ۽ ان تي نانڪ جو نالو رکيائين.

هن امرتسر واري سفر ۾ به سوانح نگارن عجيب معجزا بيان ڪيا آهن، جيڪي سمجهه کان ٻاهر آهن. انهن ۾ تلاءَ جو  پاڻي زهر ٿي وڃڻ ۽ وري ساڳي صورت ۾ اچڻ، هڪ عورت جو گهوڙي تي وڃڻ، لاهور شهر جو مينهن ۾ ٻڏڻ، ۽ ٻيا اهڙا ڪيترا ئي من گهڙت واقعا آهن.

هن سفر ۾ نانڪ يوسف سان گڏ سندس معتقد پڻ هئا، جن مان عبدالله فقير، ڊنڊڻ فقير، الهداد فقير (جنهن فقير کي اٺ فقير چوندا هئا، ڇو ته سفر جو سامان هيءُ کڻي هلندو هو) ۽ بلو فقير اهم آهن.

امرتسر ۾ پهچي نانڪ يوسف، گور نانڪ هجڻ جي دعوا ڪئي ۽ گرو نانڪ جي گاديءَ تي وڃي ويٺو. سکن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ هنن نانڪ يوسف کان اصلي گرو نانڪ هجڻ جي ثابتي گهري ۽ کيس تتل تيل جي ڪڻاهيءَ ۾ ٽٻي هڻڻ لاءِ چيو. روايتن موجب نانڪ يوسف ڪڻاهيءَ ۾ جيئري جاڳندي ڪول ڏسي پاڻ به ٽپو ڏنو ۽ ٽٻي هڻي جيئرو جاڳندو نڪري آيو ان وقت هي ڪلام چيائين:

ڌو پڙ ۾ ڌپو عشق جي آڙاهه ۾

ڏي ٽاهه ٽنگر ٽپو.

ڪجهه ڏينهن نانڪ يوسف امرتسر ۾ رهيو ۽ اتي ڪيترائي سک سندس معتقد ٿيا. اڃا تائين ڪيترا سک سندس درگاهه جا مريد آهن ۽ ڪجهه سال اڳي تائين سندس درگاهه تي حاضري ڏيندا هئا. امرتسر ۾ کيس سچل سرمست جي بيمار هجڻ جي خبر پئي ۽ پاڻ موٽي درازن آيو. جتي سچل سرمست جي وصال وقت ساڻس گڏ هو.

نانڪ يوسف جي شخصيت

نانڪ يوسف جو لاڙو ننڍي لاڪون راڳ، ناچ ۽ غور فڪر ڏي هو. هو مهينن جا مهينا نڪري ويندو هو ۽ مراقبن ۽ چان وسيلي، حقيقت جي ڳولا ڪندو هو. پهرين هڪ ديني عالم وانگر شريعت جو پابند هو، پر تصوف جي رنگ ۾ رڱجڻ کانپوءِ، ڇيريون ٻڌي وچ بزار ۾ نچندو هو. کيس کاڌي پيتي جو فڪر به نه هو. جڏهن درازن ۾ ننگر تي ڪاٺيون پهچائيندو هو، ته ڪڏهن به ماني گهري نه ورتائين. لاڙڪاڻي جي رنگيلين تي سڄي ملڪيت ناس ڪرڻ سندس حسن پرستي ۽ لا طمع هجڻ جو دليل آهي. ايتري قدر جو جڏهن مير علي مراد روڪڙ ڏيئي ڪيس، ته کيس انڪار ڪيائين. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هن درويش صفت صوفيءَ کي پئسي سان پيار نه هو.

هڪ ڀيري ربوءَ نالي هڪ شخص بهاولپور مان پنهنجي ٻن سدا ملوڪ ڌيئن کي مير علي مراد وٽ وٺي آيو ۽ راڳ ٻڌاريائين. مير علي مراد کين جيڪي پئسا ڏنا اهي پورا نه هئا، ربو اهي ٻئي سدا ملوڪ ڇوڪريون نانڪ يوسف وٽ وٺي آيو ۽ انهن سهڻين ڇوڪرين نانڪ يوسف کي پيرين پئي ڀاڪر پاتو، ته نانڪ يوسف پاڻي ٿي ويو ۽ چيائين ”بس محبوب، هاڻي حڪم ڪريو.“ پوءِ نانڪ يوسف جي سفارش اهڙو اثر ڪيو، جو مير علي مراد ربوءَ کي جاگير ڏني ۽ ٻنهي ڌيئرن سان هڪ وقت شادي ڪيائين.

فقير نانڪ يوسف جي راڳ جي چاهت جي باري ۾ مشهور آهي، ته سندس ڳوٺ جو اسماعيل حجم (جيڪو سندس مريد هو) سندس آڏو ڳائيندو هو، ته فقير بي حال ٿي ويندو هو. اڳتي هلي اهو فقير ”نانڪ جي ڪڃري“ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سندس ڏهٽو ڇٽو حجم هينئر به درگاه تي ڳائيندو آهي ۽ سندس راڳ ۾ به ساڳيو ئي سوز سمايل آهي.

نانڪ يوسف جا صحبتي

نانڪ يوسف جي صحبت، يعقوب فقير جتوئيءَ، شير علي ڀنڀري، بيدل روهڙيءَ واري، گهرام فقير جتوئيءَ، محمد صالح ڀٽي دونهي واري، محمد صديق، حاجي عثمان چاڪيءَ، فقير محمد صالح لاڙڪاڻي واري، مخدوم عبدالخالق کهڙن واري ۽ شادي شهيد سان رهي.

نانڪ يوسف جا طلب

نانڪ يوسف جي شخصيت ۽ شاعريءَ پنهنجي دور تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ ڪافي عرصي تائين سندس طريقو ۽ اسلوب جاري رهيا، جن مشهور شاعرن يا صوفين نانڪ يوسف جي شاعريءَ جو اثر قبول ڪيو ۽ هن جي شاعراڻي يا صوفياڻي طور طريقي کان متاثر ٿيا، انهن مان حاجي عبدالله فقير، ڊنڊڻ فقير ناريجو، الهداد فقير (اٺ فقير)، بلو فقير، باهو شاهه ۽ حسن شاهه (پنجاب جا)، حيدر شاهه ڪيمياگر، وڌو فقير، مهنوال فقير، دين شاهه، پير شاهه موٽو فقير اڳڙن وارو ۽ غلام حيدر شر (مشهور شاعر) هئا. انهن کان سواءِ مير علي مراد (خيرپور رياست جو والي) به سندس عقيدت مندن مان هو.

نانڪ يوسف جي وفات

نانڪ يوسف 9 جمادي الاول 1269هه مطابق 1853ع تي وفات ڪئي، سندس وفات جي تاريخ سندس مشهور همعصر شاعر بيدل فقير فارسي شعر ۾ محفوظ ڪئي آهي. جنهن جي صحت تي سڀ سوانح نگار متفق آهن. اها تاريخ هيٺين ريت آهي.

اين چه دوري که در زمان رفته
عارف ڪامل از جهان رفته
يوسف مصر جان عزيز وجود
جانب ملڪ جا ودان رفته
نور حق مدتي به پستي ماند
باز بر اوج لا مڪان رفته
سال وصلش خرد بجست سروش
گفت طائر به آشيان رفته
1269هه

 

نانڪ يوسف جون شاديون

نانڪ يوسف ٽي شاديون ڪيون. سندس پهرين گهر واري مائي خانزادي هئي، جيڪا مائٽن مان هيس. ان کان پوءِ مائي ايمڻان ۽ مائي ڌاڻوءَ سان شادي ڪيائين. مائي ڌاڻو لاڙڪاڻي ضلعي جي لنڊ ذات مان هئي. پهرين گهر واريءَ مان نانڪ يوسف کي اولاد ڪونه ٿيو، پر پوين ٻن گهرن مان اولاد ٿيس.

نانڪ يوسف جو اولاد ۽ شجرو

نانڪ يوسف کي چار پٽ هئا: محمد يونس، جهنڊل، عبدالرحمان، نورالدين ۽ کيس ٻه نياڻيون هيون، هڪ مائي غلام فاطمه، جيڪا درازن جي درگاهه تي خواجه نجم الدين کي ڏنائين، جيڪو سخي قبول محمد ٻئي جو والد هو (سخي قبول محمد ٻيو، نانڪ يوسف جو ڏهٽو هو.) چون ٿا ته شاديءَ کانپوءِ عمر تائين اُن نياڻيءَ جو منهن نه ڏٺائين ڇو ته اها مرشد جي گهر واري ٿي چڪي هئي. ٻي نياڻي مائي ڀاڳ ڀري، نعمت الله جي پٽ الهندي فقير کي ڏنائين. ميان نعمت الله فقير  نانڪ يوسف جي ڀيڻ پرڻيل هو. انڪري سندس نياڻو الهندو فقير سندس ڀاڻيجو پڻ هو. الهندي فقير مان سندس ڏهٽاڻ جو سلسلو شروع ٿيو.


 

شجرو

مولوي محمد هاشم

نانڪ يوسف

محمد يونس   جهنڊل عبدالرحمان    نورالدين

بخت علي فقير        هادي ڏنو              مولابخش

علي نواز               ٻڍل فقير               فقير محمد

(موجوده گادي نشين)

عمر اٽڪل 55 سال

امام بخش فقير

(بنا اولاد فوت ٿيو)            مولا بخش فقير

بشير حسين   ذاڪر حسين


 

نانڪ يوسف جي ڏهٽاهڻ جو شجرو

ميان نعمت الله

الهندو فقير

الاهي بخش فقير

بخشڻ فقير    ڪوڙل فقير    خدا بخش فقير        ميانداد فقير

الهرکيه فقير   هادي بخش فقير

غلام نبي           دوست محمد  عطاحسين        خادم حسين       خدا بخش

الاهي بخش   بخش علي

مختيار احمد   اعجاز علي     عاشق علي

شاهه محمد

منير احمد

 

نانڪ يوسف ۽ سندس پونيرن سان ميرن جي لاڳاپن هئڻ ڪارڻ، فقير صاحب جي سڄي ڳوٺ تان ڇيڙ معاف هئي ۽ درگاهه وارن کي هڪ ڪاٺ مليل هو ۽ اختيار پڻ، ته جنهن کي به وڻين، ته ڪاٺ ۾ وجهن، پر هنن ڪڏهن به ڪنهن کي ڪاٺ ۾ نه وڌو. ون يونٽ تائين نانڪ يوسف جي ميلي توڙي محرم جي خرچ لاءِ، رياست خيرپور جي حڪومت خرچ ڏيندي آئي. ميرن پاران فقير يوسف کي اڳڙن جي ڏکڻ ۾ ڪچي منجهه جاڳير ۽ ستابي طرف پڻ جاڳير مليل هئي، جيڪا اڃا تائين فقير صاحب جي پونيرن کي آهي. فقير صاحب جي رهڻ واري جڳهه پڻ مير علي مراد ٺهرائي ڏني هئي. جنهن ۾ ٽي گهر آهن. هڪ فقير نانڪ يوسف لاءِ، هڪ سندس پٽ ۽ هڪ سندس نياڻيءَ لاءِ.

نانڪ يوسف جي گادي

نانڪ يوسف کانپوءِ سندس پٽ محمد يونس، ان کانپوءِ سندس پوٽو بخت علي فقير گاديءَ تي ويٺا. بخت علي فقير جو پٽ فقير عي نواز سندس ئي حياتيءَ ۾ فوت ٿيو، ان ڪري بخت علي فقير جو پوٽو امام بخش فقير گاديءَ تي ويٺو، جيڪو بنا اولاد جي گذاري ويو ۽ گادي نانڪ يوسف جي ٻئي پٽ نورالدين جي اولاد مان ٻڍل فقير کي ملي، جيڪو هن وقت گاديءَ ڌڻي آهي.

فقير صاحب جي ڏهٽاڻ مان الاهي بخش فقير ۾ سندس پٽ خدا بخش فقير ڪامل بزرگ ٿي گذريا آهن. خدا بخش فقير نانڪ يوسف جو ڪلام گڏ ڪيو ۽ پاڻ به شاعر هو. سندس پوٽو خادم حسين نانڪ يوسف جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو آهي ۽ اڃا تائين درگاهه تي راڳ جي محفل ۾ شامل ٿيندو آهي.

نانڪ يوسف جو ميلو

هر سال 9 جمادي الاول تي نانڪ يوسف جي ڳوٺ ۾ سندس ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ رندي ۽ صوفياڻو ڪلام ڳايو ويندو آهي.

نانڪ يوسف جو زمانو

سياسي حالتون

نانڪ يوسف جو زمانو 1792ع کان 1853ع تائين آهي.نانڪ يوسف جو دوءر سياسي لحاظ کان وڏن انقلابن جو حامل رهيو آهي. 1792ع ۾ نانڪ يوسف جو جنم ٿيو. 1793ع ۾ سنڌ کي ٽي ٽڪر ڪيو ويو ۽ مير فتح علي خان ان ورهاڱي جو ذميوار هو. اتر سنڌ مير سهراب خان جي حصي ۾ آئي ۽ خيرپور به ان حصي ۾ شامل هئي. ان دوءر ۾ سنڌ تي ٻه ڪاهون ٿيون. 1803ع ۾ شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ان بعد رنجيت سنگهه. 1811ع ۾ مير سهراب خان حڪومت مير رستم خان جي حوالي ڪئي ۽ 1830ع ۾ پاڻ ماڙيءَ جي دريءَ تان ڪري فوت ٿي ويو.

نانڪ يوسف جي ئي زماني ۾ انگريزن سنڌو درياهه مان فوجون لنگهايون ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جا سالياها شروع ڪيا. ان ئي دوءر ۾ مير رستم خان جي وزير کي انگريزن جي فوجي آفيسرن جي آڏو ڪرسي نه آڇي بي مانو ڪيو ويو. ان ئي دوءر ۾ مير رستم خان انگريزن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بکر جو قلعو کين ڏنائين، پر انگريزن جي من ۾ ڪا مدي هئي ۽ هنن سندس ننڍي ڀاءُ مير علي مراد سان سندس اڻبڻت کي استعمال ڪري، کين ويڙهايو ۽ نيٺ 1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ ۾ مير علي مراد کي سنڌ جي فوجن خلاف استعمال ڪري، کيس گاديءَ تي وهاريائون ۽ سڄي اتر سنڌ بدران، هاڻوڪي خيرپور ضلعي جي محدود ايراضي سندس ”وفاداريءَ“ جي ”انعام“ طور ڏنائون، جنهن جي خلاف آخر تائين مير علي مراد خان انگلنڊ جي راڻيءَ تائين، بنا ڪنهن کڙ تيل نڪرڻ جي درخواستون ۽ اپيلون ڪندو رهيو.

نانڪ يوسف ننڍو هو ته سنڌ ٽڪرا ٿي. هو سنڌوءَ جي ڪپ تي ويٺل هو، هن انگريزن جي فوجن کي لنگهندي ڏٺو هوندو. هو  ننڍو هو ته شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهي آيو، مير رستم ۽ مير علي مراد جي اڻبڻت جو اکين ڏو شاهد هوندو، ڇو ته راويتن موجب ننڍي کان ئي مير سندس معتقد هئا. هن انگريزن جو سنڌ جي سياست ۾ ادا ڪيل ڪردار پڻ گهريءَ ريت مطالعو ڪيو ٿو ڀانئجي، ڇو ته ڪيترن هنڌن تي سندس شعر ۾ انگريزن کي بد دعائون ڏنل آهن. هو مياڻيءَ جي جنگ، ۽ سنڌ جي غلاميءَ تائين جيئرو هو، ۽ مير علي مراد جي رياست قائم ڪرڻ کانپوءِ به ڏهه سال جيئرو رهيو.

ان افراتفريءَ، سازش، خانه جنگيءَ ۽ سنڌ جي ٽن ڀاڱن ۾ ڪپجڻ کان وٺي سنڌ جي مڪمل غلاميءَ ۾ اچڻ واري دوءر هن تي ضرور اثر ڇڏيو هوندو. ان مان هڪ اهو، جيڪو سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن تي ملڪي حالتن جو ٿيو آهي، اهو آهي سندن فراريت. سنڌ جا صوفي شاعرن اڪثر ڪري حالتن جي ناسازيءَ کان لنوائيندي، تصوف جي خول ۾ پناهه وٺندا آهن. نانڪ يوسف به ائين ڪيو، پر هن تي هڪ مثبت اثر به ٿيو، اهو آهي انگريزن جي خلاف نفرت جو اظهار ۽ تعصب ۽ تنگ نظريءَ خلاف پرچار. نانڪ يوسف جي دوءر ۾ اهو ئي هڪ هٿيار هو جو سنڌ جا ماڻهو، تنگ دلي ۽ مذهبي ڪٽر پڻو ڇڏي، انگريزن کي منهن ڏئي سگهن ها.

ادبي ماحول

نانڪ يوسف جي ادبي نيپاج لاءِ سچل سرمست جي رندي ۽ بي باڪ شاعراڻو مڪتبه فڪر ڪافي هو. هن سچل سرمست کي ڏٺو، سندس معتقد ٿيو، سندس خدمت ۾ رهيو ۽ نيٺ سندس قرب ۽ ويساهه حاصل ڪيائين. اها هڪ اڀرندڙ شاعر لاءِ وڏي ۾ وڏي نعمت آهي، ته کيس سندس دوءر جي ئي عظيم ترين شاعر جو قرب ۽ ويساهه حاصل ٿئي، پر تنهن هوندي به نانڪ يوسف جي شاعريءَ جو دوءر، سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو سونهري دوءر هو. نانڪ يوسف کان ٿورو اڳ ڪنڊڙيءَ جو روحل فقير پنهنجي هندي ۽ سنڌي شعر ۽ نثر سان ادب ۽ ٻوليءَ تي ڇاپ هڻي چڪو هو. نانڪ يوسف ننڍو هو، جڏهن روحل فقير وفات ڪئي (1804ع ۾). روهڙيءَ جو بيدل سائين، نانڪ يوسف جي ساڳئي سرمستي ميخاني جو پياڪ هو. شڪارپور ۾ سامي (1743-1850ع) ويدانت جي فلسفي کي، سنڌي تصوف سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سلوڪ لکي مٽ ۾ وجهندو ٿي ويو. نانڪ يوسف کي ويجهو ئي پير ڳوٺ ۾ پير علي گوهر شاهه اصغر (1816ع کان 1847ع) جون پرسوز ۽ دردناڪ ڪافيون گونجي رهيون هيون. نانڪ يوسف جي ڀرسان ئي خير محمد فقير هيسباڻي (وفات 1871ع) تصوف جي روايتي شاعريءَ ۾ ندرت پيدا ڪري رهيو هو. ساڳي ئي دوءر ۾ ڪجهه اڳتي هلي مصري شاهه (1828-1904ع) سنڌي ڪافيءَ کي عروج تي پهچايو. هوڏانهن خليفي گل محمد هالائيءَ (1807-1888ع) ۽ آخوند محمد قاسم (1806-1881ع) غزل کي سنڌي شاعريءَ ۾ باقاعدي داخل ڪيو. اهو دوءر هو، جنهن ۾ نانڪ يوسف ڄائو نپنو، وڏو ٿيو ۽ سندس شاعري وڌي ويجهي ۽ اڳتي وڌي.

نانڪ يوسف جي شاعري

نانڪ يوسف سچل سرمست جو عقيدتمند توڙي خذمت گذار ٿي رهيو هو. سندس ذهني پرورش سچل سرمست جي ئي اثر هيٺ ٿي ۽ سندس شاعري انهيءَ  رندي مڪتبئه، فڪر ۾ وڌي ويجهي، انڪري پنهنجي همعصر بيدل وانگر، نانڪ يوسف جي شاعريءَ تي به سچل سائينءَ جي فڪر توڙِ اسلوب جي گهري ڇاپ آهي. نانڪ يوسف نه رڳو سچل جي اسلوب توڙِ فڪر جي ڇاپ قبول ڪئي، پر سرمست جي روايتن کي اسلوب توڙي فڪر لحاظ کان اڳتي وڌايو. ان لحاظ کان نانڪ يوسف سنڌي شاعريءَ ۾ اهم آهي.

سچل سرمست جو اثر

سندس شاعريءَ ۾ سچل سرمست جو اثر ڪيترن ئي طريقن سان آيو. هن سڌو سنئون پنهنجي شاعريءَ ۾ سچل سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي ۽ کيس مرشد، هادي، رهبر، يار ۽ دوست سڏيو آهي.

دوست درازين نانڪ يوسف يار ڏٺو مون ڏولي

*

نانڪ يوسف يار سچل جا آهن هٿ مٿئون

*

نانڪ يوسف نينهن نواري، دل زين دوست درازي

*

ديس درازين ديرا جنهن دا، هي پيتم بي در تنهن دا

نانڪ يوسف سچل سرمست جي ساراهه ۾ ڪيتريون ٻاڻيون لکيون آهن. جن ۾ سچل سرمست کي گرو ڪري سڏيو اٿائين ۽ انهن ٻاڻهين جي وراڻي آهي.

واهه گرو جي شاهه درازي

سچل سرمست جي اثر جو ٻيو اهڃاڻ جيڪو اسان کي نانڪ يوسف وٽ ملي ٿو، اهو آهي گهاڙيٽن جي هڪ جهڙائي. ڪيتريون نانڪ يوسف جون ڪافيون انهن ساڳين گهاڙيٽن تي چيل آهن، جيڪي سچل سرمست جي ايجاد آهن ۽ اهي گهاڙيٽا سچل کان اڳ ۾ نه ٿا ملن.

آدم جس ڪا نام مولا ڪون ڪهاويگا
پريم گرو ڌم دام باتين برج بناويگا
              (سچل سرمست)

آدم ڪس ڪا نام مولا ڪون ڪهاويگا
پريم گرو ڌم ڌام باتيان برهه بناويگا
                                                           (نانڪ يوسف)

انا احمد بلا ميمي آپ ڪريم رحيم رحيمي
ڪر ڪي قتل عام منڪر مار مناويگا
    (سچل سرمست)

آنا احمد بلا ميمي آپ ڪريم رحيم رحيمي
آپ ڪري قتلام منڪر مار مناويگا
      (نانڪ يوسف)

هن سجھي ڪافيءَ ۾ نه رڳو گهاڙيٽو ساڳيو آهي، پر مفهوم ۽ ذري گهٽ لفظ به ساڳيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته اها ڪافي سچل سرمست جي هجي، جنهن کي غلطيءَ وچان ڪاتبن نانڪ يوسف جي ڪلام ۾ لکي ڇڏيو هجي، پر نانڪ يوسف جي ڪلام جي نسخن ۾ ڪافيءَ جي آخري ٻه بند ٻڌائين ٿا، ته اها ڪافي نانڪ يوسف جي آهي.

هڪ بند آهي:

چوچڪ شهر درازين ٿاڻا، گر بسي اوڌاري ڀاڻا
آپ آرياڻي ڄام، سچو نام سڏاويگا.

 

اهو بند سچل جي سرائڪي ڪالم ۾ پڻ آهي، پر ڪن جزوي تبديلين سان. ان ۾ سچل لاءِ عقيدت جو اظهار آهي. ظاهر آهي ته سچل پنهنجي پاڻ سان عقيدت ظاهر ڪونه ڪندو. نانڪ يوسف جي ڪلام جي نسخن ۾ آخري بند ٻڌائي ٿو، ته اها ڪافي نانڪ يوسف جي آهي.

نانڪ يوسف عشق ٻليندا، هر جا اپنا حڪم هليندا
غيب الهه الهام، صاحب درس دکاويگا.

 

سچل جي هڪ ٻي ڪافي آهي:

سر اسا ڏي آيا، وو يار، عشق زور ان زور ڀي
مئي دا پيالا ڀر ڏتوئي، هوش سارا لٽ نيتوئي
ايڪ پيالا ٻيوڻ دي نال، دل کاڌا دور ڀي.

 

نانڪ يوسف چيو آهي ته:

عشق ذاتي ڪيا هي يار، ڪيا ڪريندا ڪام ڀي
آ جهين ڪون گوش ڏيندا، پهلي تهيندا هوش نيندا
زهد تقوي ڇڏ وي يار، ڪٿ ڪفر اسلام ڀي.

 

مٿين ٻنهين ڪافين جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي ۽ نانڪ يوسف تي سرمست جي فڪر جو اثر پڌرو آهي. سچل جي ڪافي آهي:

ڪيها ڪيها چيٽڪ لاندا، رانجهن يار اسان نون

نانڪ يوسف جي ساڳي ئي قسم جي هڪ ڪافي:

تيري نينان جادو لايا، ڪيها ڪيها چيٽڪ لايا

واريان مئن واريان

جادو لايا جادو لايا، بيبا انهان رنگ ڀريان

(سچل)

اڇا رنگ لايا ڳوڙها رنگ لايا، ڍولڻ تيريان رمزان

رنگيليان رس ڀريان

(نانڪ يوسف)

نانڪ يوسف جي هيٺين ڪافين ۾ سچل سرمست جو رنگ جهاڪا پيو ڏئي ۽ صاف پيو ڏسجي، ته اهي ڪافيون سرمست جي اثر هيٺ لکيون ويون آهن:

غير خدا حق ناهين يار ناهين
اهو ساڳيو آهين پاڻ سڃاڻين
اچي صورت آدم ۾، ٺاهه ليکن ٿو ٺاهين
گنگا جمنا دوارڪا ڏس، ڪعبي ڏي ٿو ڪاهين
پنهنجا حڪم ٿو پاڻ هلائين، يار، آءٌ ته ناهيان وچ۾
ڪفر ۾ ڪٿ ڪافر ڪارو، ڏوهه ثوابن ۾ آ نيارو
سڀ رانديون يار رسائين.
*

سو لک بازيون برهه سندءِ جون
ٺاهه لکين ٿو ٺاهين تون
 *

ڪڏان ڏوهه ثواب دي ڳالهين، ڪڏهان تسبيح تالي وهوا
ڪڏان مشرڪ مومن ملحد، ڪڏان مرد موالي وهوا
ڪڏان جڻيا تلڪ لڳيندا، ڪڏان لئيندا لالي وهوا

 

مٿي ڏنل ڪافين جي ٽڪرن، توڙي ٻين ڪيترين سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين مان نانڪ جي ڪالم تي، سچل جي رنديءَ ۽ سرمستيءَ جو رنگ ڇانيو پيو آهي. اهائي ٻوليء، اهي ئي محاورا، اهي ئي بي ڊپا اظهار جا طريقا، اهي ئي مترنم ۽ والهانه رقص جي موسيقي رکندڙ گهاڙيٽا نانڪ يوسف جي ڪلام ۾ ملندا، جيڪي سڀ سچل جي شاعريءَ جا ڳڻ آهن.

سياسي حالتن جو اثر

نانڪ يوسف جنهن افراتفري ۽ غير يقيني حالتن جي دوءر ۾ پيدا ٿيو، ان جو ذڪر هن کان اڳ اچي چڪو آهي. اهو دوءر سنڌ جي ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي شڪست تائين پکڙيل آهي. ان دوءر ۾ غداريون ۽ ويساهه گهاتيون به ٿيون، ته بهادر سورمن سرن جا سودا به ڪيا. نانڪ يوسف جي شاعريءَ به ان دوءر جو اثر قبول ڪيو. هڪ ڳالهه جيڪا چٽي ۽ پڌري آهي اها آهي نانڪ يوسف جي شاعريءَ ۾ انگريزن خلاف ڌڪار. ڪٿي اها ڌڪار سڌي سنواٽي اظهار ۾ آهي، ته ڪٿي وري بد دعا يا پيشن گوئي جي طور تي.

نانڪ يوسف جا خيرپور جي ميرن سان سڍا ناتا هئا. روايتون آهن ته مير علي مراد خان ننڍي عمر ۾ ئي سندس عقيدتمند ٿيو ۽ پاڻ کيس دعا ڪئي هئائين. مياڻيءَ جي لڙائيءَ وقت مير علي مراد انگريزن جي پاسي هو، پر نانڪ يوسف انهن ناتن ۽ مير علي مراد جي ڏنل جاگيرن، توڙي ٻين رعايتن کي پاسيرو رکي، کليو کلايو انگريزن جي خلاف ڌڪار ظاهر ڪئي آهي. اها وڏي همت ۽ جوان مردي آهي. هن جڏهن انگريزن کي سنڌوءَ جي سير مان ويندو ڏٺو، ته چيئ ڏنائين:

فوجان فرنگين سنديون گم ٿينديون منجهه غار
جي پڻ پاس انهن جي سي خارج ٿيندا خوار.

 

بيتن ۾ نه رڳو فرنگين کي، پر انهن جي پاسي وٺڻ وارن کي پڻ بد دعا ڏنل آهي ۽ انهن ۾ مير علي مرا د پڻ اچي وڃي ٿو. هڪ ٻي ڪافيءَ ۾ پڻ انگريزن کي پٽي ٿو:

دشمن تنهنجا وڃي گم ٿيئڙا، نصراني پس هاويءَ پيئڙا

کامي ٿيئڙا کاڻ، ٻيلي

اهڙي هڪ ٻي ڪافي آهي:

ٿيو انگريز خراب، هاديءَ حڪم هلايو پنهنجو

شعري خصوصيتون

ايئن برابر آهي ته نانڪ يوسف سچل سرمست جي سرمستانه ۽ رندانه مڪتبئه فڪر جو اثر قبول ڪيو، پر ان جي باوجود هو هڪ منفرد شاعر هو. هن فن ۾ فڪر ۾ ڪيتريون ئي ندرتون آنديون. هن جي طرز هڪ نرالي طرز ٿي پئي. هن سچل جي شاعراڻين روايتن ۽ طور طريقن تي اڪتفانه ڪئي، پر انهن روايتن کي اڳتي وڌايو ۽ پنهنجو منفرد اسلوب پيدا ڪيو. نانڪ يوسف جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون اهڙِون خاص ڳالهيون ملنديون، جيڪي سندس منفرد اسلوب جي شاهدي ڏين ٿيون. سرمست جي شاعراڻي مڪتبئه فڪر جو هي شاگرد اڳتي هلي پنهنجي منفرد اسلوب ۽ رنگ سبب ايترو ته مشهور ۽ مقبول ٿيو جو پوءِ ڪيترا شاعر سندس شاعريءَ جو اثر قبول ڪرڻ لڳا. جن مان: غلام حيدر فقير شر، مينگهو فقير ۽ قائم فقير اهم آهن. نانڪ يوسف جي ڪلام ۾، شاعراڻيءَ موسيقي جو هڪ عجيب ۽ نادر قسم ٿو ملي، جيڪو کانئس اڳ توڙي پوءِ جي شاعرن ۾ موجود ڪونهي. البت سچل جي شاعريءَ ۾ ان جا ڪجهه اهڃاڻ ملن ٿا. اهو  آهي نرت تال. ايئن ٿو لڳي، ڄڻ اهي سٽون بيخوديءَ ۾ والهانه قسم جو سرمستي ناچ ڪندي چيون ويون آهن ۽ انهن سٽن جي لفظي اچارن جو لاهه چاڙهه ناچ جي قدمن، طبلي جي تال، يا دهل جي آواز سان هم آهنگ ٿي ويو آهي:

ٽولي لوڪان تيڏي مئن ٽولي روز ازل ٻوليان دي ٻولي

ٿاٿا ٿاٿا ٿيا، عشق انا الحق نگاهان

هن ڪافيءَ ۾ به والهانه رقص جي موسيقيءَ جو تاثر ملي ٿو:

ٿا ٿا عشق نچايا ڪرسي ٿيان ٿيان

الٽيان سلٽيان بازيان ڏيندا

مشڪل سمجهڻ پيان.

هيٺين ٻولين لاءِ روايت آهي ته نانڪ يوسف وچ بزار ۾ ڇيريون پائي، نچندي ڳايا هئا. انهيءَ ڪافيءَ جي گهاڙيٽي ۾ ئي نرت تال جو اثر آهي:

وهه ديکا هي اسرار، برهه بازار، تماشاهه پل پل ڪا وهوا
مئن جائون کي ٻلهار، هماري يار، حسن ڪي جهل جهل ڪا واهوا

 

نانڪ يوسف جون ٻه مقبول ڪافيون به ساڳيون ئي اثر رکن ٿيون:

هم گرو جي هم گيان، نانڪ لڇڻ ميرا نام

*

ڌو پڙ ۾ ڌپو، سڄن ڌو پڙ ۾ ڌٻو
عشق سندي آڙاهه ۾، ڏي ٽاهه ٽنگڙ ٽپو

 

هڪ ڪافي جيڪا رڳو لفظي ترنم جي سهاري لکي وئي آهي. ان جو مثال ڏيڻ ضروري آهي:

اگن گگن گم گرجت بوندن برشت ڀاويگا

ڪي ڪلام بي معني، پر مترنم لفظن تي ٻڌل آهن ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي تراني جي طرز تي آهن جيئن:

توم توتن در تو ديد داني، تو ديد داني تو ديد داني

تا تمر تراني

تنار پتاني تي تان نانا نونم نونم

پريم تا ٿي ٿي ٿاٿا ڀئي ڀئي تنرا تنت تار تار

تو رتي باجي ڪا نانا گهن گهن گهونم گهونم

ان ڪلام پڙهڻ سان لڳي ٿو، ته نانڪ يوسف کي ڪلاسيڪي سنگيت سان گهرو لڳاءُ هو. هڪ ٻيو اهڙو ڪلام آهي:

ڪاري ڪاري رين دائون، دري درک نين، پيا ٻولي بين

تن تن ڌاري، ري پياري ري ڀائي

برشت برشت لرجت لرجت گرجت گهن گهاري

جهنڪت جهنڪت ڌنڪت ڏنڪت ڦنڪت ڦن ڦنڪاري

مٿئين ڪلام ۾ ڪجهه لفظ با معني آهن، ڪجهه مهمل، بر ليء جو احساس آهي. اهڙو هڪ ٻيو ڪلام:

جهن نا جهن نا ناچ نچاوت، گاوت چغلت چغلت جاوت

مئن من ڀاوت ڀايو

*

آهي توم توم تن اندر تانا تانا

ڌي ڌي ديهه ڌيم ڌيم

ٿاٿات ٿئي ٿئي پريم نچيا

گگن تي گرجت بدرت برجت، ماٿا جيئڙو درجت چمڪت

گجرت ڪاڪا ڪاڪا سن ڌن انحد ڌيا

۽ ائين سڄي ڪافي موسيقيءَ جي تال ۽ طبلي ۾ آواز جو تاثر کڻي بيٺي آهي. نانڪ يوسف ننڍي هوندي کان ئي ڌمال جو شوقين هو. ڌمال کان کيس شريعت جي پابند والد روڪيو هو. ٿي سگهي ٿو، ته ان وقت ڌمال يا ناچ جو شوق سندس لاشعور ۾ دٻجي ويو هجي، جيڪو پوءِ سندس ڪلام ۾، انهي والهانه رقص جي تاثر رکندڙ شاعريءَ ۾، اوچتي من اڇل جيان، اڀري آيو هجي. نرت تال کان پوءِ، نانڪ يوسف جي ڪلام جو ٻيو ڳڻ آهي، سندس شاعري ۾ موسيقيت ”ناچ، ڌن“ جو کهرو تاثر، نانڪ يوسف وٽ اهو لفظي سر جو تاثر پنهنجي همعصر توڙي اڳ جي شاعرن مان سڀني کان اڳرو آهي. نانڪ يوسف لفظي نغمگي جي باري ۾ انتها پسند آهي، جو ڪٿي ڪٿي ڪيترائي مهمل ۽ بي معني لفظ رڳو موسيقيءَ جي تاثر ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيا اٿائين. ڪٿي ته سٽن جون سٽون، بندن جا بند، تان جو سڄيون ڪافيون مهمل ۽ ٻي معني لفظن جو ميڙ آهي، پر اهي موسيقيت جو هڪ لطيف اثر ٿيون ڏين. ڪٿي ڪٿي قافيي مان موسيقيت جو تاثر پيدا ڪيو اٿائين جيئن:

سهڻي زلف معشوقان دي، وهه مئن دل اٽڪي اٽڪي
ڪنڍي ڪاري پيچ ولوول، آڪر اٽڪي مٽڪي
ڪوءن انهان نون موڙي هوڙي، ڏنون سٽڪي سٽڪي
يوسف زلفان دام جهين دل ساڪين ڦٽڪي لٽڪي

 

ڌڙ ڌڙ ڌڙيون، ڇل ڇل ڇوليون، گهور ڪرن جي گهريون
حسن معشوقن فوجان ڇٽڪيون، ٻيلي طرف عشاقن پهريون

 

بحر لهر جان موجان ڌڙيون
پاڻهي پاڻ سان ڪڙڪا ڪڙيون
ٻيلي مشڪل سمجهڻ مان هي، دم هادي اسرار منهنجو

 

هيٺين سٽن جي نغمگي ڏاڍو اونهو تاثر ٿي ڇڏي:

بڇو هي بشيهر نپڪي پر گهٽ گهٽ ڦرڪي ڦريگا

*

سڀ سکيان مون هير ڏنگي، دک نيهه برهه برسايا

*

جهڳ مڳ جهمڪي دامني، چمڪي ديهه سون دنگ لايا
بوندن جهرمر جهور جهڪور، بجلي ديک ڊرايا
گگهه گگهه گهور گروڙ، ٽڪوران بادر ڪاجر ڪائي
چمن چمن ۾ پئي گلڪاري، رانجهن بين بجايا
   *

هن ڪافيءَ ۾ ترنم ۽ نغمگيءَ جي عجيب ڪيفيت آهي:

آيا حضرت عشقا آيا، آيا رنکڙا لايا هئه
جهان نان جهوم تانا تان تن اندر مچ مچايا هئه
دن دن ڌنڪا نورا نيور باجن باج سنديا هئه
انحد گهوري گهور ٽڪوران برهي باغ بنايا هئه

 

هيٺين ڪلام ۾ قافئي ۾ ”ڙ“ جي استعمال سان موسيقيت پيدا ڪئي وئي آهي:

تن آگ لڳي جيءُ ٿڙڪي، باهه برهه دي ڀڙڀڙ ڀڙڪي
چقمق چڻگان ٻاهر پنيان، جهڳ مڳ جهڙ جهڙ جهڙڪي

 

ڪن سٽن ۾ بيساختگيءَ ۾ موسيقيءَ جو گڏيل تاثر آهي:

لايان برهه بهاران، بادل برسن چمڪي بجلي

گهن گهن گهنگهور سيون

ڀونئري چونئري ويس گلابي، ڪيا هي جلوا آفتابي
ڪيهي ڪيهي شور شرابي، هي اور انهان دل دوءر سيون

 

هن ڪافيءَ ۾ قافئي جي عجب سٽاءُ وسيلي موسيقيءَ جو تاثر قائم ڪيو ويو آهي:

دل نون تانگهه وطن دي گهڻيري

چٽڪي چٽڪي سو چٽڪ رهي

سوز فراقئون آهان آهان، زلف معشوقان وچ نگاهان

لٽڪي لٽڪي سو لٽڪ رهي

۽ سڄي ڪافيءَ تي ڪافئي جي اهو عجب سٽاءُ نغمگيءَ جو اثر ٿو ڇڏي.

نانڪ يوسف وٽ موسيقيت جو هڪ ٻيو قسم آهي. اهو انوکو به آهي ته عجيب پڻ. اهو آهي ”ذڪر جو ترنم“ ذڪر ڪرڻ وقت ذاڪر ”الله هو“، ”هو هو۾ جو ورد ڪندا آهن.

نانڪ يوسف هڪ ڪافيءَ ۾ انهيءَ ذڪر جي لئي کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:

الله هو الله هو الله هو هو هو هو
حرف الله وچ هو سجائي دل دريا تو تو تو
چالي ماني دم نه مانبانا دم دم نال گهو گهو گهو

 

نانڪ يوسف جي ڪلام جو ٽيون ڳڻ آهي قافئي ۾ لفظن جي تڪرار تي وڌيڪ زور ڏيڻ، ۽ ان شعر م بيساختگي، بي اختياري ۽ ترنم جو اثر پيدا ڪرڻ. اها خصوصيت ٻين سنڌي شاعرن وٽ نه آهي، پر نانڪ يوسف کان اڳ رڳو ان جا اهڃاڻ ملن ٿا. نانڪ يوسف وٽ ان جا ايترا ته گهڻا مثال اهن، جو سندس سڄي شاعريءَ تي ان جو اثر ڇانيو پيو آهي. نانڪ يوسف کان پوءِ ايندڙ شآعرن وٽ به ان قسم جو ڪلام ڪٿي ڪٿي ملي ٿو.

هڪ ڪافي آهي:

پالڻا هئاه ننگ پالڻا هئه محبوب ننگ پالڻا هئه

وو نماڻيان داري عريبان داري

روز ازل ڪنون مئن نماڻي، در تيڏي تي آ وڪاڻي

نالڻا شوقئون دل نالڻا هئه

سڄي ڪافيءَ ۾ پالڻا، نالڻا ۽ اهڙن ٻين قافين جو ورجاءُ آهي:

سهيون ڪيها ڪيها ڪيها ڪيها
عشق انهه شهوزور وکيندا، زور وکيندا
اول جسم دي پل، سر سٽيندا شهه وچ نيندا
هي ايها ايها ايها ايها، جور جفا جور وکيندا

 

هيٺين ڪافيءَ ۾ قاقيي ”حال“ ۾ ان کانپوءِ ”حالڻا“ ۽ ساڳي طرح ٻين قافين جي استعمال مان پيدا ٿيندڙ تاثر ڏسو:

قول ڀلا تون اپالي مال پال پالڻا
معلوم توجهه ڪون همارا حال حال حالڻا
صاحب سانچي تم هو مانجي تيري وئي
ساٿ ميري تم ڪمار فار وال فالنا

 

هن ڪافيءَ ۾ قافيي جي ڪر جي ڪيفيت ڏسو:

آتما عشق غيبئون ٻُلي ڊولي لولي
  اولي لهرلي حاوان
ظاهر باطن حق هادي حق سچ سبحاتا سوڪ ڳو شڪ
اولي نهين او يار ٻيٺا چولي چولي چولي
                                                          اولي گهولي جاوار
      *

هن ڪافيءَ ۾ به هڪ انوکو قافيو آهي ۽ ان جو انوکو ورجاءُ آهي:

سهڻيان دي نين ڪريندي، ديکو ٺڳڙي ٺڳڙي مگڙي

دل اڳڙي

نانڪ يوسف جي ڪافيءَ ۾ هڪ ٻئي انوکي قافيي جو مثال ڏسو:

گم هوڪي ويک نظارا، آپ سارا، محبوب ڪي صورت ۾
برهين بيخود هوڪي، جند جان ڪنون هٿ ڌوڪي
پڇي مارين نينهن دا نعرا، اناالحق وارا محبوب ڪي صورت ۾
انهيءَ قافيي جي بي ساخته ورجاءَ جا ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. نانڪ يوسف جو اهو اسلوب به منفرد آهي. نانڪ يوسف جي ڪيترين ئي ڪافين جي اسٿائي تمام ڊگهي ٿيو وڃي.نانڪ يوسف جي ڪافين جي اسٿاين جيتريون ڊگهيون اسٿايون شايد ئي ٻين شاعرن جي ڪافين ۾ لڀن. نانڪ يوسف جي ڪلام جا گهاڙينا گهڻو ڪري اهي ئي آهن، جيڪي سچل جي ڪافين جا آهن، پر تنهن هوندي به نانڪ يوسف جي ڪافين جون ڊگھيون اسٿايون سندس گهاڙيٽن کي نواڻ ٿيون ڏين.

نانڪ يوسف جي ڪلام جو هڪ گهاڙيٽو آهي ”ٻاڻي“ اهڙيون ساٺيڪو کن ٻاڻيون سندس ڪلام ۾ آهن ۽ انهن جي ٻولي صاف هندي ناهي، پر هندي آميز سرائڪي يا سنڌي آهي. انهن ۾ هڪ ڳالهه نئين آهي، اها آهي بحر جي تبديلي. گهڻو ڪري سڀئي ٻاڻيون هڪ ئي وراڻيءَ واريون آهن جيڪا آهي ”واهه گروجي شاهه درازي“ ۽ انهيءَ کان پوءِ مثنويءَ جي قافيي جي ترڪيب استعمال ڪيل آهي.جنهن ۾ هر ٻه سٽون هم قافيه آهن. بند کان پوءِ وري ساڳي وراڻي ورجائي ٿي وڃي. ان ۾ ڪٿي ڪٿي ساڳيو بحر ”واهه گروجي شاهه درازي“ آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي مختلف بحر استعمال ڪيل آهي جيئن:

مانگه ۾ رب جهات آپ نفي اثبات
لهر بحر ڪي لات ويک سچي ثبات

۽ ان کان پوءِ وري ساڳي وراڻي آيل آهي. اهو سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون نڪور تجربو آهي.

نانڪ يوسف به سچل سرمست وانگر فارسي بحر وزن جي اثر هيٺ، قافيي جي غزل واري سٽاءَ تي ڪلام چيو آهي، پر ان ۾ ڪي بحر اهڙا استعمال ڪيا اٿائين، جيڪي سچل سرمست وٽ نٿا ملن جيئن:

دم دم اسان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳلهيان
يڪ خيال ياد مئن نون محبوب واليان

 

سچل سرمست به هيٺيون وزن استعمال ڪيو آهي، پر، ان ۾ رڪن جو تعداد ۽ مستزاد جو نمونو نانڪ جي نواڻ آهي:

پرين پانهنجي رحم سان تار تارن
اجارن سيهه دل مهر موءن نهارن
پسي پس ڀلن کئون ته آخر ڀلائي

 

هن ڪلام ۾ ڪافيي جو استعمال ۽ تڪرار وڻندڙ آهي.

هئه هئه اسين نه ڄاڻون، ڇا تان ٿيو ٿيو
هن دل کي درد ڪهڙو، ديڙهي ويو ويو

 

نانڪ يوسف جي ڪلام ۾ سنڌي شاعريءَ جون صوفياڻيون روايتون موجود آهن، پر هن تصوف جي پيچيدگين کي شاعريءَ ۾ آڻن لاءِ پراڻا ۽ روايتي طريقا به استعمال ڪيا آهن، ته پنهنجي لاءِ نت نوان رستا پڻ گهڙيا آهن.

شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين شاعرن ”سامي“ ”گور کناٿ“ گنگا“ ۽ ”رام“ جا اهڃاڻ هندي شاعري توڙِ ديومالا مان کنيا آهن، پر نانڪ يوسف انهن سڀني اهڃاڻن کي استعمال ڪندي به سکن جي مذهب مان شاعراڻا اهڃاڻ چونڊيا آهن. هن جي شاعريءَ تي اهو اثر سندس امرتسر جي سفر جو ٿو ڀانئجي. سندس ڪي شعر روايتي اهڃاڻ وارا آهن. جيئن ته:

ڪاٿي مورک مسخرو سو خلق کلائي
ڪاٿي دانهه درس آ ڪٿي هنر هلائي
ڪاٿي اناالحق جا ٿو طبل وڄامي
مرسل صورت سڀڪا توڙي تلڪ لڳائي
    *

ڪاڏي گنگا جمان دوارا ڪاڏي طرف ڪعبي ٿو ڪاهين تون

انهن روايتي اناالحق ۽ ڪعبي، گنگا جمنا جي اهڃاڻن اکان اڳتي هلي، سندس شعر تي امرتسر جي سفر جو اثر اجهو هيئن ظاهر ٿو ٿئي:

گرو گوبند تئون ٻلهاري جس گيان بتايو وهوا
ستگرو ستگر ڪي ڄاڻي، ڄاڻڻهار گروهر ٻاڻي
ڀائي گروڪي ريت پياري تس ڌيان لڳايو وهوا
   *

نانڪ يوسف يار عريبي، واٽ وٺڻ ويچار
ڌيان سچي گرچرنين لايو، حاضر همدم يار
 *

آ پن پنج تت برما، آ پن چاري گوبند پياري جي
ميخانه بت خانه ڪعبه، گنگا ٺاڪر دواري جي
ڀائي عشق بنا دل اڀوڳي، توڙي ڪاشي جمنا جاسي

 

ٻاڻين ۾ چوي ٿو:

نانڪ ڪهتا وينتي، سستگر ڪي ڀرساء
وچن گروڪا ڪهون گي، آگي سنگت ساءُ
وچن گروڪا سانچ هئي، سانچا من ڀرساهه
سانچ مئن نون ري سکي، سانچي ڪا سچ راهه

 

هن ڪلام ۾ شيام جو اهڃاڻ آهي:

همدم حڪم سناويگا شيام سندر ڪي پار وهي منجهه
لحمڪ لحمي، دمڪ دمي، ڪهيا ڪوءن سناويگا
نانڪ يوسف يار دمادم، انا حق ناد بجاويگا

 

مٿئين ڪلام ۾ شيام جو اهڃاڻ به آهي ته ”لحمڪ الحمي“ ۽ ”دمڪ دمي“ جون صوفياڻيون رمزون به آهن. هندي شاعري جي روايتن کي سنڌي تصوف سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي.

هڪ ٻئي ڪلام ۾ آهي:

ستگران ڪي مئن دامن لڳڙي

گرمک سانچي وانچا

هڪ ڪلام ۾ بندرابن جو ذڪر آهي:

اي بابو بندرابن ۾ بئنسري باجي ري

گگن گر جي ري

هڪ ڪافيءَ ۾ سڌو سنئون ٿو چوي:

ڀائي رام رام ٻولو، ڪي ڪٿي هون ڪون هون؟

*

رام سمر پرڀات، ميري رام سمر پرڀات

مطلب ته نانڪ يوسف جي ڪلام ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون خاصيتون ملن ٿيون، جيڪي الڳ اسلوب هئڻ جي ثابتي آهن ۽ نانڪ يوسف کي هڪ منفرد ۽ صاحب طرز شاعر بنائين ٿيون. ٿلهي ليکي اهي آهن ”ناچ تال“، ”لفظن جي موسيقي“ ”قافيي جو ورجاءُ“ سان شعر ۾ زور پيدا ڪرڻ، ڊگهيون اسٿايون، ڪي نوان گهاڙينا، سندس شاعريءَ تي هندس شاعريءَ ۾ سکن جي باڻن جو اثر. انهن منفرد خصوصيتن کان سواءِ هر وڏي شاعر وانگر پنهنجي ذاتي مشاهدي جي فنڪارانه اظهار جا سٺا مثال ٿا ملن، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ اصليت ۽ انفراديت جو ثبوت آهن.

پائي کڙي ڳل ڳاري، در تيڏي يار سهڻا
کل الايو ناگهند پايو نال اسان يڪ واري

 

هن شعر ۾ ”ناگهنڊ پايو“ انفرادي اظهار آهي. هڪيت ۾ مقامي ماحول جي ڪهڙي نه چٽي عڪاسي ٿو ڪري:

سڱر پڪا کنڀ ڀوڪڙا کٽو کڀيون کيڙان چوڪڙا

يا هڪ ٻي سٽ آهي:

داڻي ڪيڏو درد اٿاريو ڦٽي ٿيئڙا ڦارون سي

”ڦٽي ڦارون ٿيڻ“ جو محاورو به انوکو آهي. هڪ هنڌ نهٺائيءَ جو عجيب اظهار آهي:

ڪڃر ڀڳتي مست ممولي، ناچو نٽڪي باندر ڀولي
مئن تيريان تون اولي گهولي، سرڙا گهول گهمايا هئه

 

نانڪ يوسف جو ڪافي ڪلام قلمي نسخن ۾ ريختي جي عنوان سان آيل آهي ۽ ڪجهه ڪلام هندي چيو وڃي ٿو. ان مان اڪثر مليل جليل زبان ۾ آهي، جنهن ۾ فارسي، سرائڪي، هندي ۽ پنجابي ٻولين جي آميزش آهي.

نانڪ يوسف جي هڪ ڪافي بلوچي زبان ۾ به ملي آهي. ٿي سگهي ٿو ته فقير صاحب جو بلوچي ۾ وڌيڪ ڪلام به هجي، ڇاڪاڻ ته سندس اباڻو ديس بلوچستان هو. نانڪ يوسف جو ڪجهه ڪلام گهڻو ڪري بحر، وزن يا گهاڙيٽن تي پورو ناهي ۽ ڪيترائي لفظ مهمل ۽ بي معني لڳن ٿا.

ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهي ٻوليون نه ڄاڻندڙ ڪاتبن لکيا آهن، ان ڪري صحيح صورتخطي نه هئڻ سبب اهي وزن بحر يا گهاڙيٽي ۾ پورا نه آيا آهن ۽ معني نه ڄاڻڻ ڪري مهما ۽ بي معني لفظ شامل ٿي ويا آهن. پر تڏهن به اهي هن نسخي ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جيئن ضايع ٿيڻ کان بچي وڃن.

اهڙن چند ڪلامن کي ڇڏي، نانڪ يوسف جو باقي ڪلام پڪو، پختو، لفظي ۽ معنوي خوبين سان ڀريل، ڪيترين ئي ندرئن جو حامل، سر مستانه ۽ والهانه بي اختياريءَ سان چيل آهي.

نانڪ يوسف جي ڪلام ۾ اهي سڀ خوبيون آهن جيڪي هڪ وڏي، صاحب طرز صوفي شاعر جي شعر ۾ هئڻ گهرجن.

نانڪ يوسف جي انهن خوبين تي نظر ڪندي اهو محسوس ٿو ٿئي، ته سرستي سرچشمي جو هي رند شاعر، پنهنجي دوءر ۽ همعصرن ۾ سڀني کان اڳرو هو، ۽ سندس مقام سنڌي صوفياڻي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ اهم آهي.


 

نانڪ يوسف جي ڪلام جا نسخا

ماستر محمد موسي سومري جو بياض

هي بياض سن 1901ع ڌاري لکيو ويو، جيڪو زبون حالت ۾ محترم خادم حسين عباسيءَ کان مليو. هي بياض 413 صفحي کان شروع آهي ۽ اڳيان ورق ڦاٽل اٿس. هن بياض ۾ نانڪ يوسف کان سواءِ ٻين شاعرن جهڙوڪ شاهه لطيف، سچل سرمست، بيدل، بيڪس، شاهه نصير، روحل، دريا خان، مراد فقير صوفي خير محمد هيسباڻي، عثمان سانگي، ڇتو سانگي، غلام حيدر شر، مينگهو شر، قائم فقير شر ۽ ڪيترن ئي ٻين شاعرن جو ڪلام پڻ آهي.

ماستر عبدالوهاب شر واو نسخو

هي نسخو ماستر درگاهي فقير چئي 1359هه ۾ لکيو. هن نسخي ۾ ڪل 535 ڪافيون آهن. هن نسخي جا به پهريان ورق ڦاٽل آهن ۽ ڪافي نمبر 154 کان شروع ٿئي ٿو. هن ۾ ڪتابت جون ڪيئي چڪون آهن.

غلام علي مغل وارو نسخو

هي نسخو خليفي هادي بخش شڪارپوريءَ واري نسخي مان اتاريل آهي، جيڪو سڀ کان آڳاٽو ۽ معتبر نسخو هيو، ان ڪري اهو نسخو نانڪ يوسف جي ڪلام جو صحيح ۽ معتبر ماخذ آهي. اهو نسخو 1927ع ۾ اتاريو ويو.

خادم حسين عباسيءَ واري نسخو

هي نسخو فقير خدا بخش عباسيءَ جي نسخي تان ورتل آهي، جيڪو سندس پوٽي خادم حسين عباسي اتاريو. خادم حسين عباسي، نانڪ يوسف جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو آهي ۽ کيس نانڪ يوسف جو اڪثر ڪلام برزبان ياد آهي، ان ڪري هي نسخو به ڀروسي جهڙو آهي.

عبدالرحمان تنئي وارو نسخو

هن نسخي تي به ڪافي محنت ٿيل آهي ۽ محترم عبدالرحمان ٽئي سنڌي، سرائڪي ۽ ريختو ڪلام ڌار ڪري لکيو آهي ۽ روايتن تي مشتمل سوانح عمري پڻ لکي آهي، پر هن نسخي ۾ ڪلام گهٽ آهن.

عطا محمد حاميءَ وارو نسخو

هي نسخو هوبهو عبدالرحمان تنئي واري نسخي جهڙو آهي ۽ ڪلام پڻ ساڳي ئي نموني ترتيب ڏنل آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو گڏ ڪيل مواد

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪيترين ئي ڪافين کي فقير خدا بخش عباسيءَ واري نسخي تان سوڌي سنواري لکيو آهي. اهو مواد محترم خادم حسين عباسيءَ ۾ ماستر محمد بخش سومري مهرباني ڪري مون کي ڏنو.

ماستر محمد حسين ڀٽيءَ وارو بياض

هي بياض به ڪافي پراڻو ٿو ڀانئجي ۽ ان تي تاريخ لڳل ڪانه آهي. ان ۾ نانڪ يوسف، هيمن، بيدل ۽ ٻين سچل سرمست جي طالبن جو ڪلام آهي.

موجوده نسخو انهن سڀني سرچشمن کي ڀيٽي ترتيب ڏنو ويو آهي. مختلف نسخن مان جيڪا پڙهڻي مناسب ۽ صحيح لڳي اها اختيار ڪئي وئي آهي. حاشئي ۾ مختلف پڙهڻيون نه ڏنيون ويون آهن، جو ان سان پڙهندڙ کي مونجهارو ٿو ٿئي ۽ معياري متن جو تصور ختم ٿي ٿو وڃي.

 

سنڌي بيت

اک وچڙي مک سان، بندوقڪيو ٺڪاءُ،
ڪوڙا سڀ ڪري پيا، سچن لڌو بقاءُ،
لوڪان منجهه لقاءُ، ٿيو نيڙي يوسف يار جا.
  *

ائين پڻ پنڌ الله جي، ابتي سستي سڃ،
پوءِ وسنءُ کي ويجهڙو، بک ۾ ڀانئس رج،
پنڊڻ ڀائي ڪانڪا، سڀڪا ڀائي جج،
درد ورهه ريءَ واٽڙي، ڌوڙ ڌرم ۽ پڃ،
نانڪ اکين اڃ، آهي يوسف يارن هڪڙي.
      *

اڃ اکين کي آءِ، نانڪ عين محمد،
سمجهي ڏس اندر ۾ معني، نانڪ نالو ناءِ،
نفي اثبات وٺج تون، نيڻئون زير زبر دل لاءِ،
وفي انفسڪم فرقانئون، بر حق قول خداءِ،
يوسف ياري آءِ، مرشد نيڻن نينهڙي.
 *

اڄڻو ڄاٽو جن، ڏک ڏيئي ڏس ڏيل کي،
سور اٿاريو سرت کي، ساز سريا من تن،
بيخود بحر عميق ۾، ٿا ڪوڙين ڪيرت ڪن،
دل دردئون واجهه وجهن، نانڪ يوسف يار جا.
  *

اڄڻ سڄڻ آهيان، ڪوڙين عيب اندر،
تون سرپوش سچا ڌڻي، تون والي آن هر پر،
عاشق عاجز تو مڻي، هجين گهوٽ سدا تون گهر،
توريءَ اقرب اوڏڙو، مون دل ناهه مگر،
جاني هن جمروت کئون، توبه تائب اپر،
يوسف ياري سر، مرشد شهر دراز ۾.
   *

اديون عشق الله جو، شال هجي سڪ سر،
دعا ڪيو مون جيڏيون، روزان روز اپر،
گهوٽ اچي مون گهر، هي سرگهوران گهوريان.
 *

ابتڙي اوٽاه ۾ جيڪو اڇلي آپ،
جو آپو اوڙاه ۾ سور نه تنهن کي تاپ،
يوسف ايءُ سراپ آيو عشق عجيب جو.
*

ابتڙي اوڙاه مان جيڪو ڪڍندو ڪر
اونهو سر الله جو، سو پڻ پروڙيندو پر،
يوسف يار اڏر، ڏاڍو پنهن جو پاڻ کئون.
  *

آءٌ ته گهوري ان تئون، محبت موهيا جي
لکن منجهئون لئون وارا، لعل لڀندا ڪي،
آسڻ ان سورن ۾، هردم هوندا سي،
يوسف يار سڀي، عاشق ويا اوڏيهن.
       *

مون تن جنجي تار، سي تار ڪشن ٿا ترا مئون،
قلب ته ڪش معشوق جي، ساهن ڳئڙي سار،
عمر اجائي ائين وڃي ٿي، غفلت منجهه گذار،
هي تان ڪاٿي ڪونه ڪو، جيءُ جڳائڻ يار،
تنهن هردم سار سنڀار، آهي نانڪ يوسف يار کي.
       *

گوندر تون گلزار، تنهن جي رمزين ڪو رهي،
اندر ٻاهر سوجهرو، برهه بسنت بهار،
نانڪ يوسف يار، هڪ تون گهرجين دوست مون.
  *

گوندر گذارين، ڪڇن ڪنهن سان ڪين ڪي،
ڳالهه پروڙي ڳجهه جي، هئه هنجون هاريون،
نانڪ نهارين، يوسف راه رسول جو.
 *

گوندر گڏ عقل، ڪڏهن ڏٺوسين ڪونه ڪو،
ڀڃي عشق عقل کي، بڻجي ويو کلکل،
اندر ٻاهر آه سو، ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل،
نانڪ نينهن اصل، يوسف ياري يار جي.
  *

جو ڄاتو سو نانهه، آهي منهن مقابل سپرين،
ڄاڻ پراهون پاڻ کئون، ڏيهه ڏٺو جن ڏاهه،
ساڙج سرت اڄاڻيا، ڏيئي برهه جي باهه،
نانڪ يوسف ناهه، يار چوڻ کئون اوڏڙو.
      *

پري پيريءَ جو نئين، بزرگيءَ کئون بر،
ڇڏي تسبيح تال جي، گهير عشق جو گهر،
دور دڪانن کئون رهين، سمجهه سريءَ جو سر،
مڪر مصلا گودڙيون، ظاهر اٿي ضرر،
ٻيا سڀ ساڙ فڪر، نانڪ يوسف يار ريءَ.
      *

عاشق ان احوال ۾، ناهي تفاوت تر،
خلق الاشياءَ فهو عينها، پاڻئون سڃاڻج پر،
دل ڏسي ديوار مئون، وٺي نانءُ نگر،
ڳالهه سچي سچ يار جي، عاشق نه ڀانئج ار،
آهي منجهي ئي مر، نانڪ يوسف يار جو.
   *

تو ۾ تنهنجو تال، ساز وڄائين، سرت جا،
ساڙج سرت عقل جي، عاشق وٺ احوال،
طلسم سير ڏسڻ ۾، نقش رنگي رهوال،
موهيا موهه عميق کي، سرت عقل سر حال،
هي هڪڙو خاص خيال، نانڪ يوسف يار جو.
 *

مون ۾ عيب عميق، تون ڏاتار ڏڏن جو،
هادي هدايت جو ڌڻي، راحم رمز رفيق،
تڪيو تو ريءَ ناهه ڪو، توڪل شاه شفيق،
يوسف يار حقيق، تنهن جا موهن مرڪ مون.
  *

مون ۾ عيب اپار، آهن اڪيچار ڪي،
ناهي ڳاڻاٽو ڳڻيان، بديون بي شمار،
پاڻ نه ڀانئيان پانهنجو، تر نه تو ريءَ وار،
هئڻ تنهنجو تون سدا، آهين بسنت بهار،
تون هنسين تون رئين، ٿو، گويا تون گفتار،
نانڪ يوسف يار، تو ريءَ تڪيو ناهه ڪو.
 *

مون ۾ عيب ائين، چوڻ چارو ناهه ڪو،
پوڙيون پر تقصير جون، ڪيون معاف ميين،
توکي پرتو سپ پرين، جاني يار جئين،
يوسف يار ڏئين، دلاسو دلگير کي.
  *

عيبدار اڄاڻ، آءٌ پڻ آهيان اي ميان!
هر نقطي هر حرف ۾، تون پرين آهين پاڻ،
مون من موهي مست ڪيو، سندو روح رهاڻ،
مڪا مسجدون مڙهيون، سڀ تنهنجا سير سٽاڻ،
سچا يوسف ساڻ، يار نه توريءَ ڪو پيو.
*

عاشق ٿيو نه اداس، اسين توسان آهيون،
دم دم تنهنجي درد جو، هت ناهه نهان ڪو ساس،
آهيون دل عشاق جي، ڏس پاس موءن انفاس،
يوسف مذرت ماس، آهي يار يارانو هيڪڙو.
  *

عاشق ۽ معشوق جو، آهي ياراڻو هڪ،
آيو عاشق نانوء ۾، خود ڪري لڪوٽي لڪ،
تان ويهي مور نه وڪ، ڪر يوسف نالان نينهن جون.
   *

دم دم نالان نينهن جون، خوش محبوبن من،
صبر صلاح عقل جي، غازي گوش نه ڪن،
صلح صلاحان ظاهري، ٻنهي جهانن ٻن
عشق اصل کوءن هيڪڙو، بي رنگ صورت جن،
عشق اجهاڳ اندر ۾، ثي هي سر سمجهو ڪن،
سي ٻيئي ڏيئي ٻن، ٿيا گم يوسف يار ۾.
 *

مالڪ ملڪ ميان، هادي هيڻن جو ڌڻي،
هيڻي حال اوهان ڳري، دم دم آهه عيان،
ته هجان هميشه تيڏڙي، حاضر منجهه هنيان،
هئڻ هلڻ من جو، تنهنجي توهه جيان،
توريءَ محض ميان، هيڻن هادي ناهه ڪو.
  *

مسڪينن مدام، آهي هادي هيڻن عربي،
شافع شاهه عشق جو، آهي در درازين دام،
ياور يار يتيم جو، آ مير محمد ڄام،
سو سو تنهنجي پار ڏي، يوسف ساهه سلام،
نانڪ ناهي نام، ڪلمي ڳولهيو ڳالهڙي.
   *

تون هادي همراز، آن دائم درد مندن جو
توريءَ وس نه واهه ڪا، هر قبلي هر باز،
ننگيون ابرو اوچتو، ڪري عشق سندو آغاز،
کستوريون خوشبوءِ ٿي، مشوقوءن شهر دراز،
نانڪ يوسف ساز، يڪ يار اوهان جي عشق جو.
   *

عاشق پاڻ اڌار، اوکي پاند نه وچ اچين تون،
خيال هاديءَ مهديءَ کوءن، مستيءَ منجهه مچين تون،
راتيان ڏينهان اندر اهائي، پرين پرت پچين تون،
پاڻ نه ڄاڻج حق سڃاڻج، نگهه رنگ رچين تون،
رک نگاهه نگاهه ۾، گام نه گل گڃين تون،
پير مغان جي در تي يوسف، نانڪ نينهن نچين تون.
  *

لکين ليکو ناهه ڪو، عشق اڻانگو پنڌ،
نفي لنگهي اثبات کئون، اکيان راهه برهه جو رند،
ڪسدي ڪسجن ڪينڪي، هيٺوءن ڪاتيءَ ڪنڌ،
حق سان هلي نه ڪنهن جو، فڪل فريب نه ڦند،
سوجهي لهن سڌ، نانڪ يوسف يار جو.
 *

جي وهان ٿي وير ۾، تان ٿئي ٿو هي نه ٽڪاءُ،
وير ورائي سير ۾، اونهو عشق لقاءُ،
هي پڻ رهي ڪونه ڪو، جي سارو تو تان سماءَ
وڻ وڻ وائي هيڪڙي، پرينءَ جو پڙلاءُ،
نانڪ يوسف نانءُ، بلڪل پنهن جو پاڻ ۾.
 *

سلڻ آهي ساهه کي، ڳالهه اڻانگو ڳجهه،
پنهنجو پرجهج پاڻ ۾، ڏس کڻي تان ڳجهه،
رمزهڪا رک روح ۾، راهه نه ٻئي ڪنهن رجهه،
ٻولي ٻي نه ٻجهه، نانڪ يوسف يار ريءَ.
 *

ليکن ليکو ناهه ڪو، اُلٽو برهه بيان،
دم دم دل ۾ دانهڙيون، اڌما درد ديوان،
لا الله کئون اڳي عشاقن، جوش جبر جولان،
ساڻ شمشير عشق، ديو مارن دوفان،
ڪل يوم هو في شان، عشق الهه نئون شان،
ڪوڙين ٿيا قربان، نانڪ يوسف يار تان.
      *

غم وهم اندوهه ۾، ٿا عاشق گذارين،
سندي پرينءَ پار ڏي، فرتئون نهارين،
هنجڙيون هارين، رويون رويون رت ڦڙا.
    *

سڪ جني جي ساه کي، سندي سپرين،
هڪ ٿيا سي هوءِ ۾، ڏئي ٻيائي ٻن،
محبت رکيائون من، واصل ٿيا وحدت ۾.
   *

سڪ جني جي ساه کي، سي پڻ سڃاتا،
ڪڇن ڪنهن سان ڪينڪي، وحدت منجهه وطن،
مرد سيئي مرڪن، جن کي عشق الله جو.
   *

نماڻيءَ جي نجهري، آڻيندن الله،
جن جي جولان ۾، اٺئي پهر ارواح،
دلبر تون داناهه، مهر ڪندين مسڪين تي.
 *

محبوبن جي مهر ۾، عاشق سدا بهار،
پرينءَ هيئن فرمايو، ونگو نه تن جو وار،
حاضر ناظر آهيون، هت هت نور نظر،
وهو معڪم اپنما ڪنتم، دل ۾ پس ديدار،
گم ڪر هستي حال ۾، عشق سندو اسرار،
يوسف سچو يار، سو جو پاڻ نه ڄاڻندو.
 *

ڄاڻ پنهنجو پاڻ کي، هيءَ خرابي بس،
ڪير هلي چلڻ ۾، رمز اها ڏس ڏس،
خالق آهي خلق ۾، حڪم نه ڪنهن وس،
ڳالهه ڳجهي ڳجهه عشق جو آهي، عاشق گس،
دٻي دوئيءَ کي دس، يوسف يار جئين سدا.
 *

تحقيقئون تڪرار، تون آهين تون ٿو وسين،
هر صورت ۾ سپرين، آهي سنڌو اسرار،
بر ٿر باغ بهاريا، سهڻو سڀ سينگار،
پرتوو پرين تنهن جو، جيئن سورج جو جهلڪار،
يوسف دل ديدار، هادي هر دم ٿو وسين.
   *

مان مان تون تون ۾، تون هين تون هين تار،
ملڪ فلڪ آ خلق ۾، گويا تو گفتگار،
يوسف سمجهيو يار، توهوءن توکي تو پرين.
   *

دل ڇل ڪيون ڪهڙا، ٿو پهرين پوشاڪون
هو هوا موءن الف ٿئين، آدم دم خاڪئون،
سڀڪنهن صورت سوجهرو، ٿيو نورنبي پاڪئون،
احمد احمد آن تون، لائق لولا ڪئون،
اندر اوطاقون، يوسف يار اوهان جون.
*

هرڪو ڳولي آن کي، عاشق ڳولن رب،
دنيا ڌوتيءَ جي ولوٽيا، ڪارا تن قلب،
سارو ان مطلب، جي يوسف هوندا يار سان.
 *

جيئن جيئن ڳولن اُن کي، آهي الله ڳولن تيئن،
ونحن اقرب اوڏڙو، آهي الله دل جينءَ سينءَ،
وفي انفسڪم حق فرمايو هينئن،
سي ٻئي بن هوندا ڪيئن، جي يوسف ريڌارام سين.
*

هو جي حرف صحيح ڪري، هاهوت ۽ باهوت،
هي سڀ حرف عشق جو، ناسوت ۽ ملڪوت،
پوتا پور پرينءَ جي، جابر ۾ جبروت،
يوسف يار آ ڌوت، مليا من بهار ٿيو.
    *

راتيان ڏينهان روح ۾، آهي سڪ هادين جي سر،
اڌما عاشق عجيب جا، لهريون لس لهر،
آهي اميد الله ۾، مان ملن ڪنهن پر،
وس نه مون من پانهنجي، بيوس ماءُ مگر،
آءُ اپهرو ميم لئه، واليءَ پوندو ور،
سڀ اختيار انهيءَ جو، آهيان نانءُ نڌر،
يوسف يار نه ڪر، نا اميدي عشف کئون.
 *

لاتقنطو من رحمت الله، فائق جو فرمان،
پرينءَ پاڻ فرمايو، کولي پس قرآن،
تن تقصيرون پاڻ ۾، اوڏانهن سڀ احسان،
بخشيندو ٻد ڪاريون، صاحب سچ سبحان،
يوسف يار جولان، آ سدائي عشق جو.
  *

درد مندن جي دائما، پرينءَ آهي پاس،
خاطر خوشيءَ سان سچي، مرڻ برهه ۾ باس،
يوسف سڀ رنگ راس، آهن عشق الله سين.
  *

نماڻيءَ جي نجهري، پرين پيهي آءُ،
هن هيڻي حال جو، توکي سڀ سماءُ،
سندو محبت ساءُ، يوسف دل درڪار مون.
 *

وٿ نه وجهجي ايتري، محبت وارن ڏاهه،
درد جني کي دل ۾، روز نهارن راهه،
سڻي آهون عاجزيون، آڻيندن الله،
يوسف ساهه پساهه، سندو محبت موهيو.
  *

ڏک وارن جي درد جي، ڪل نه ڪنهن کي ڪاه،
محبت جي موج ۾، سڌ سورهين کي آءِ،
عاشق ڪاهن عشق ۾، هو ليئڙو هاءِ هاءِ،
يوسف سچ سڻاءِ، هي گم ٿيئڙا هوءِ ۾.
 *

پرين پاڄاڻيءَ جي، وري واهر ڪر،
نافع نانءِ الله جي، سندا لائق ڪر،
مسڪينن تي مهرمنون، نظر نوري ڌر،
هميشه هر حال ۾، هجي عشق تنهنجو اپر،
مرشد ميان مکر، يوسف تڪيو تنهنجو.
  *

ميان مسڪينن ڏي، مهروءن وري واجهاءِ،
اڱڻ آسروند جي، قدم مبارڪ پاءِ،
سندا محبت مينهڙا، وري تون وساءِ،
دلبر سان دل لاءِ، يوسف يار غريب تون.
 *

ميان مسڪينن جو، تو ريءَ ڪير ٻيو،
راحم رحمئون پانهنجي، لالڻ پاءِ ليو،
هئان اوهان جي عاشق ۾، منجهه خمار کيو،
اچي يوسف يار پيو، يڪ دل در اوهان جي.
  *

دوست اوهان جي در جي، پورهيت پاڄاڻي،
وٺيون ويٺي آهيان، تنهن جو نجهرو نماڻي،
آهيان هٿ اوهان جي، ڄاڻي نه ڄاڻي،
اصلئون آرياڻي، آهيو يوسف سندو آسرو.
    *

يوسف سندو آسرو، توڙئون تڪرار،
لاتقنطو سپرين، سچو سندوء اقرار،
صاحب صورت جو ڌڻي، تون ستاري سردار،
بدڪارن بڇڙن جو، آتو سر مرد مدار،
يوسف گهرجين گهوٽ تون، هت هت دم ديدار،
نور سندو نروار، پرين پسان نت نور سين.
  *

سڀ توفيقان تون پرين، تون مالڪ مختيار،
اصل لاڪون آهين، اڙين جو آڌار،
لک چوراسي جيئڙا، تون پالين پر پروار،
وڏي وڏائي تنهنجي، تون ڏيهه ڌڻي ڏاتار،
دلبر ڏي ديدار، يوسف کي هر حال ۾.
 *

آءٌ تن ساڌن آهيان، سندي چرنن کيهه،
جي گر پورا پنٿ ۾، نرڀو اندر نيهه،
يوسف يار سنيهه، هي سڻ عشق عجيب جا.
  *

سمجهڻ ساڌن کي، محبت جو مذڪور،
وڏي وڏائي رام جي، نور اعلي نور،
هينئڙي حب گروءَ جي، مرسل مڙني مور،
يوسف يار حضور، دل سچيءَ ۾ سچيان.
       *

تحقيقا تڪرار، ايندا مرد ايران جا،
ڪاهه ڪندا ڪفران تي، ڪٽڪ ڪارونڀار،
همت چارئي يار تني سان، هوندا پنجتن پاڪ بيار،
چوءرنگ چرهندا چاهه موءن، ڪري غازي گرد غبار.
هاديءَ هيئن فرمائيو، جذبئون قسم جبار،
فوجان فرنگين سنديون، گم ٿينديون منجهه غار،
جي پڻ پاس انهن جي، سي خارج ٿيندا خوار،
قتل ڪندا ڪفران کي هي فرمودو سردار،
سر مردودن منڪرن، پوندي مولا جي مار،
حڪم آهي الله جو، گويا هي گفتار،
چوي چوائي پاڻ ٿو، اونهو سر اسرار،
آءٌ ته پاند نه وچ ۾، هي ڪم ڪيا ڪلتار،
بچندا سي باهين کوءن، جي فائق فقر يار،
آڙاهه ابراهيم جيئن، ٿيندا باغ بهار،
سرتيون سچا صدقي تن تان، عاشقن ۾ اعتبار،
سرتيون سچا ڀيڙ نه پسندا، ونگو نه تن جو وار،
يوسف حق جا يار، نانڪ هوندا نانو سين.
          *

مالڪ هوندا نام سين، سدا سکالا سک،
منڪر جي مغز جي، ماري ڪڍندا مک،
نانڪشاهي ناميا، هونگ جنين جي هڪ،
غازي جن گروءَ جي، پيتي پرتئون پڪ،
سمجهڻ ساڌن کي اها، مام لنگوٽي لڪ،
ڪوڙا پرجهن ڪينڪي، چلڙ غرقيا چڪ،
دنيا دٻايا ڪيترا، پتي ڀاڙن تي ڀڪ،
عاشق رهه رنگ رام سين، ڪرڪوڙن کي ڪڪ،
دنيا بازي دورنگي ڪر، ڪوڙ ڏيکاري ڏک،
سي تار نه پسند اتک، جي نانڪ يوسف گر چرنيز لڳا.
                  *

ساڌ ڀڳت سي سهڻا، جي ساکوءن سڻائين،
سچي ساک ڀڳت جي، ڇهند نه ڇپائين،
لاهي کل بوتي، ڌڪڙ مڙهائين،
گهڻ گهڻ گهنگهرو، پيرين ناچو نچائين،
ڪري آسيسون ان ٿي، رنگ ۾ ريجهائين،
ميڙي مهاڄن معرڪا، خوشيون کارائين،
سير سچو تن ۾، جو ڪلمو ڪهائين،
جاڏي عالم آسرو، منهن اوڏهن ڦيرائين،
لئون گر سان لائين، يوسف ساڌن واريان.
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org