سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :7

 

الک سان پير پاتائون،

تنين جي گهور هڪ گهايو-

جڏهن هي ڄاڻ ڄاتائون،

ڀلو سڀ برهه ڀاتائون،

ڇني ٿو ڇوهه مان ڇاتي

سري ۾ سر سڃاتائون، ”حسن بخش“ ڄاڻ ڄاتائون،

اتي وڃي نينهن لاتائون جتان وري ڪونه ڪو آيو.


 

وڌائون ”وَجھ حقّ“ ۾ جهاتي.

ٻيو مثال سندس همعصر نوّاب ولي محمّد خان ولد غلام حيدر خان، لغاري (1839ع 1917ع) صوفي القادريءَ جو آهي. جنهن صاحب امين سائينءَ جي هيٺين ڪافيءَ واري زمين ۾ صوفيانه ڪلام ٻڌو آهي.

امين سائين

بانگ اَلستُ رَبِّي، چئي عشق جن تي آيو،

ميدان، معرفت ۾ ڪونتل تنين ڪڏايو.

نوّاب ولي محمّد:

جوڙي قلب بيت ربّي، انسان ۾ سمايو،

ڏسي ذاتي کي صفت ۾ مَلَڪن ٿي سر نمايو.

سندين ڪافين ۾ جو سوز ساز ۽ گداز رکيل آهي سو به هن صاحب جي  رنگ جو آهي ۽ ٻين کان نرالو. سندين ڪافين جي ڪڙين ۾ محبّت جا ميخ اهڙا ته پختا مڙهيل آهن، جو ”من تو شدم تو من شدي“ جو آواز پيو اچي ۽ نفس اماراه ڪهڙو به ٿو زور لڳائي ته به بندي جو ”نفس لوامه“ ائين چوندي نظر ٿو اچي ته:

دلبر کي دام وڌا ڪيئن،    ”لاعبدي“ چئي لاهيان لاهيان

 وحدت جا تن ورق ورايا،

پير پرت ڏي پايان پايان،

نايا نينهن اندر منجهه نارا نارا،

ڳالهه تنين جي ٿو ڳايان ڳايان،

تن طلب ۾ تارون تارون،

ڇا ڪعبي ڏي ما ڪاهيان ڪاهيان،

هونِ هميشھ سي هم حاليون،

آءُ ته عجب ۾ آهيان آهي

ادنى کان منجهه عبدي آيا،

قرب قرابت رمز ريجهايا،

جان جگر ڪري پارا پارا،

وِرهه اچي ڪيا وارا وارا

باهه برهه جي ڪيون گلزارون،

ڇا بتخانه مسجد واڙيون،

”امين محمّد“ عشق جون ڳالهيون،

پرت وارن جون چرکيون چاليون،

 

مولود: مولود حضرت رسول ڪريم ﷺجن جي مبارڪ هستي لاءِ  نذر عاجزانه آهي. ”مولود“ لفظ مان ظاهر آهي ته اهو نظم، جو  رسول ڪريم ﷺجي  ولادت جي موقعي ملهائڻ لاءِ چئجي پر سنڌي ادب ۾ ائين نه آهي. ان صنف ۾ سنڌين پاڻ چڱو موکيو آهي. ڇو ته سنڌ، هن خطي لاءِ ”باب الاسلام“ آهي ۽ هن ديس جي واسين جي دل، حبِّ  رسول ﷺسان  ٽمٽار آهي، ۽ گنبد خضرا جي ڀلاري زيارت جي امنگ انهن جي دلين ۾ هميشھ جائگير رهي ٿي. ان ڪري ان صنف ۾ سلام به هوندو آهي، عرض به هوندو آهي، ساراهه به هوندي آهي. مطلب ته فنافي  الرسول جي منزل جو پرو ”سنڌي مولود“ مان پوريءَ طرح پوندو آهي. هي سمو مولود شريف جي محبتي ميا جو هو. اسان جا سادا سودا شاعر گنبد خضرا کي پنهنجن نگاهن جو مرڪز ڪري ڪلام جي توسن کي رام ڪندا هئا. اهوئي سبب آهي جو انهن يارن جو ڪلام قرب وارو ۽ هاڻوڪو ٺاٺ ٺوٺ کان دور آهي. رمضان ڪنڀر، الله سائين مرهيس، وصال وقت، ڪيئن نه وصال رسول ﷺجي  اشتياق ۾ هيٺيون مولود ٺاهيو آهي:

مون کي مولا ميڙين مصطفى ﷺ ڏسان دوست سندو ديدار،

منهنجو محب مٺو منٺار، مون کي مولا ميڙين مصطفى ﷺ

هاڻي امين سائين جي محبِ مرسل ﷺ جي مام پرجهو:

ريءَ جانب جيئڙوجلي، ساهه سڪي ٿو سيّدا ﷺ!

منزل رسائج مدعا، هي تنهنجو توهي سيئن.

واري وصل وصال جو، ڪو حيلو ڪريان هيئن.

ڪاف ڪشالا ڪيترا، ريءَ لطف لگهنديس ڪيئن.

عشق احمد ڄام جي، ننگ نهوڙي نينهن.

وسن شال وجود تي، من ميڙائي جا مينهن.

ورج وسيلا واهرو، هيڪڙائيءَ ۾ هيئن.

دور دلين جا وريا، رڳي چوڏس شرطن سيئن.

وڍايون بن وندر ۾، منجهه جفعَل جوڙي جيئن.

”امين“ اوهان جي آسري، ويٺو ڏکيا گهاري ڏينهن.

مرثيو: جيئن ته هر مسلمان لاءِ يادِ ڪربلا عبرت و موعظمت آهي، تيئن هي سائين ته هن ته هن محبت جي معمي کي حل ڪرڻ ۾ هم تن مصروف هئا وڏي مسرت جي ڳالهه آهي ته هن معمّي جو حلّ به ڳلي لڌائون ته ”پاڻ وڃائي هوُ لهه“ سندن وقت ۾ مرثي گو شعراءِ به چڱا ٿي گذريا آهن، جن مان شاهه نصير، غلام محمّد شاهه ”گدا“ مرتضائي ٺٽوي، سيّد مصري شاهه جا نالا نشانبر آهن. سندن حاضري جو نوڪر پريل منگسي به، وقت جو چڱو مرثيه گو شاعر ٿي گذريو آهي. پير نصير جي مرثيي جو مثال اڳ ڏنل آهي. هت امين سائينءَ جي متقدم بيدل سائينءَ جي مرثيي مان چند بند ڏجن ٿا:

ڪربلا ۾ شھ جڏهن مهمان ٿيو،

درد غم جو اُت وڏو گهمسان ٿيو.

ڪربلا ۾ آيو جڏهن ابن رسول صه،

جان نشين مولا، جگر گوشئه بتول،

درد واريءَ دل ۾ ڪيو نرمل نزول،

سوز سورن جو سڀو سامان ٿيو.

برهه جي برسات سائين سر جهلي،

سر وڍائي سرخرو ٿيا ات هلي،

مقبلن منصف لڌو قربئون ڪلي،

ان مٿئون عشقئون عطا احسان ٿيو.

يا امام العارفين نيهؤن نهار،

شاهه ”بيدل“ کي برهه بهرو ڏيار،

سوز سڪ جي سيّدا سرڪي پيار،

درد تنهنجو دل سندو درمان ٿيو.

امين سائينءَ جو مرثيو، جو ٻٽيهه بندن تي مشتمل آهي، انهن مان چند بند خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا.

(1)

السّلام، اي سرّ ”سُبحانَ الَّذِي اَسرى“ امير،

السّلام، اي سيد يــٰس- طـــٰھ  مهر منير،

السّلام، اڙين اجها، اي دل دکين جا دستگير،

السّلام، اي مرسلن جا مقتدا صدر سرير،

السّلام، اي سر جدا، سردار سرور السّلام،

السّلام، اي شافع في اليوم محشر السّلام،

(2)

جڏهن حسين رضه ابن علي رضه پيدا ڪيو پروردگار،

حڪم ٿيو ان وقت جبرائيل کي از ڪرد گار،

ڏي مبارڪ مصطفى صه کي وڃ مديني جي ديار،

لوڏ ان پياري جو پينگهو ويهي نيڻن واهي نار،

”في الجَنانِ نَهرََ لَبَنِِ“ هيءَ لال کي لولي ڏجانءِ،

هَي حسينا هَي حسينا،هيئن چئي ڪورنش ڪجانءِ.

(3)

ڇا لکان تيغ ور تبر ۽ ڇا هنن ڇاتي چوان،

هي حياتيءَ ۾ هميشھ صرف صفاتي چوان،

”ڪُلُّ شيءِ يَرجِعُونَ“ جيئن ذات ۾ ذاتي چوان،

يا ”امين محمّد“ اهي ئي سِر سماواتي چوان،

هي مدد تنهنجي ڪندا دوجڳ ۾ ۽ دنيا و دين،

ڪر صبر سرّ ڄاڻ ”ان اللهَ مَعَ الصّابِرِينَ“

لولي: لوليءَ جي صنف  به سنڌي ادب ۾ نرالي پسچي ٿي. اهڙي صنف صنف ٻئي ڪنهن ادب ۾ ناهي. اهي صنفون پنهنجيون آهن. پر افسوس جو ديسواسين انهن ديسي داڻن کي پنهنجن ڪچڪولن ۾ داخل نه ڪيو آهي. ”لولي“، درد فراق سوز ۽ ڦوڙائي جي انساني محسوسات جو اهم ذريعو آهي. امين سائينءَ جي وقت جي ورونهن هن صنف کي پاليو ۽ وڏو ڪيو. ڏسو مولوي غلام محمّد صاحب جن ڪهڙي نه دلڪش پيرايي ۾ لولي چئي آهي. (لوليءَ ۾ بند الف- بي وارا هوندا آهن، ازان سواءِ ان کي وراڻي به هوندي آهي،جا هر هڪ بند بعد ايندي آهي.)

الف. اُليلن کي ڏني خمر خماري،

سرڪي سري صرف جي جن پيتي پياري.

آيا ”انااعرف“ مان ٿي ورهه واپاري،

تن ڪا ڏيکاري، مايا ملڪ عميق جي.

لک ٿورا سڄڻ لک ٿورا، تنهنجي موٽي ملڻ جا!

ب. بس ٿيا بس ۾ جتي بس نه بهيرن،

فڪر فقيرن جو فنا پرک نه پيرن،

ڪل قروبت جي نڪو عقل اڪيرن،

سر نه سفيرن، سڌ نه صيادن جي.

لک ٿورا سڄڻ لک ٿورا، تنهنجي موٽي ملڻ جا!

امين سائينءَ جي لولي ٽيهن بندن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ستاويهه سنڌي الف- بي جا حرف آهن، ان جي وراڻي آهي:

آءُ وري تو سري واهر ڪر يار، آءُ تولئه چري،

دک ماري دردن جي آءُ وري.

وڌيڪ بيت هي اٿس:

ب. براتون يار جون اجهي مون آيو،

بابو بهرياب ٿيا آين اوساهيون.

سڀ سُهاوا سئرٿيا ڪَٽجي ڪارايون،

پڌرٿا پايون، ڳجهيون ڳجهيڙيون ڳالهيون.

ڪ ڪثافت دور ڪريو، جوڳي جلائين

اٺئي پهر الک سان آديسي آهين،

”لا“ لانگوٽين کي وڻي، آڻ ۾ آهين،

”هُو هُو“ هُلائين، ٽلي ڏانهن ٽري ويا.

ل لباسئون دور ٿيا، ڌاڳا ڌريائون،

هٿ ڪنگڻ، ڪن  ڪيوٽيون قابو ڪڙيائون،

ويراڳي وصال کي، چت ۾ چِٽيائون،

منگهٽ ماڻيائون، هاڻي هليا هنگلاج ڏي.

مان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته هن لوليءَ جو حواليو ”ديوان فاضل شاهه“ جي مقدمي، صفحي 51 تي محترم محمّد صديق مسافر به ڏنو آهي. پر ان ۾ لوليءَ جي چوڻي هيءَ لکي اٿس:

”آ وري، آ وري، آوري سڄڻ تو سري.

دل ماري دردن جي، آ وري“

سه حرفيون: سه حرفي کي سنڌيءَ ۾ ٽيهه اکري چئجي ٿو، هن ۾ الف- ب جا ٽيهه حرف ڏبا آهن، هر هڪ بند ان حرف جي آواز سان شروع ٿيندو. هي به ويچارن وڏڙن جي ورلاپن جي آلاپڻ جو واجب وسيلو هو. ان ۾ فقيري رنگ جي علاوه محبّت مرسل صه وغيره جو به اظهار ڪندا آهن. امين سائينءَ جو زمانو به سه حرفين ڪري نام ڪٺَيو هو. پهريائون فقير احمد عليءَ جي سه حرفي جا ٻه بند ڏئي، ان بعد امين سائينءَ جي سه حرفيءَ کان محظوظ ٿيو. فقير احمد علي فرمائي ٿو:

 

 

الف الفئون احد هڪ سان اريون، آڌوتن انگ،

ڀڳا ظاهر ذڪر کان، ٿيا تسبيح ڪنان تنگ،

پيهي ويا پاڻ ۾، ڏٺائون رحماني رنگ،

”واذڪُر رَبّڪَ فِي نَفسِڪَ“ جيءَ سان لاتئون جنگ،

ڪَين نيهن نسنگ، اچي احد کي اوڏو ٿيا.

ب  بيئون بنب هاشمي قريشي قريب،

”لولاڪَ لَمَا“ جي لقب سان ٿيو، خاوند خاص حبيب،

عرش فلڪ ارضين اتي، ٿيو اطهر شاهه  عجيب،

اِنس جنّ حيوان ڪل، مڃيو دلئون ماهه مجيب،

ٿيو امت واهه نصيب، صَلو عليه وآلھِ!

امين سائينءَ آر پروڙيو:

”الف“ ”بي“ ”تي“ بات جي ”ثي“ ۾ ثباتي،

”جيم“ جئار جندڙو، ”هي“ ۾ حياتي.

”خي“ خوشيءَ جون خبرون، پهتيون پر ڀاتي،

سنوارو ساٿي، اٿي جيئاريو جوڳ کي.

”دال“ دليري دائما، دل کان ڪرنه دور،

”ذال“ زڪر ذاتيءَ جو ڏيهه نه اٿئي ڏور،

”ر“ رياضت سان رهو، تان پهچو پهرين پور،

”ز“ زمين ضرور، ڪئي کاهوڙي کپائيا.

”س“ سڌر سرڪار جو، اٿئي ايءُ ڪتاب،

”ش“ شريعت سان رهو، برهه پڙهايو باب.

”ص“ صبوريءَ جو اچي، خاوند کان خطب،

”ض“ ضروري ضاب، طرح طريقت ۾.

امين سائينءَ جي ظرافت:

سندن ڪچهري به روحانيت جي ريجهه رس سان پُر هوندي هئي. بعضي بعضي کِل چرچو به هوندو هو. هڪ دفعي ڪنهن ڪوڏئِي ڪچهريءَ ۾ مذاقيه طور چيو ته ”قبلا، ”عشق نه شدَ چٽي شد!““ هڪدم امين سائين چار سٽون تيار ڪري حاضرين مجلس کي ٻڌايون، جن ۾ ڏاڍو حظ ڏنو. حقيقت به ائين آهي ته ڪلام جي موزونيت جو زور ٻئي فارسي ڪلام کان انهن ۾ زياده نمودار ٿئي ٿو. اوهان به محظوظ ٿيو!

قطعه

آتشِ عشق تو در سينئه من ”بٺي“ شد،

هرڪه شيرين جهان بود، همه ”کٽي“ شد،

جان و دل دادم و باقي چه د گرمي طلبي،

دلبرا! راست بگو: ”عشق نه شد ”چٽي“ شد“

سندن ڪلام جي مقبوليت: ڪنهن به شعر جي مقبوليت جا چند نمايان اسباب آهن. هڪ ته سندس شعر اهڙو بامحاوره، عام فهم ۽ جاذب هجي جو عوام کيس جلد از جلد پنهنجو ڪري ڇڏي، هر ڪنهن صغير خواهه ڪبير جي وات سندس ڪلام هجي، ڳوٺن جا ٻهڳڻ ان جي ٻولن کي ٻولين ۽ عوامي ڳائڻا ان جي ڪافين ۽ بيتن کي ڳائين ۽ عوام ۾ اهو جذبو پيدا ڪن ته شاعر ”اسان جو“ آهي، هن جو ڪلام به اسان کي پنهنجو آهي. جڏهن اها پنهنجائيءَ جي ريت پيدا ٿيندي، تڏهن شاعر مقبول عام ٿيندو. ان ڏس ۾ امين سائينءَ جو ڪلام عوام کي ڏاڍو پسند آهي. اهو ئي سبب آهي جو امين سائينءَ جو ڪلام فقيرن ۽ صوفين جي سٿ جو ساٿي آهي ۽ ادبي مجلسن جو مور. سندن ڪافيون، ملڪ ۾ ايتريون مقبول عام ٿيون، جو ڪافين جو ڪتاب جو هر ڪو  انتخاب، امين سائين جي ڪافين کان خالي نه هو.

چڱو اچون ٿا انتخاب جي تحقيق تي: ڪافين جو پهريون مجموعو بعنوان ڪافين جو وڏو ڪتاب، امين سائينءَ جي دوست ۽ معتقد فاضل شاهه 1900ع ۾ گڏ ڪيو. ان ۾ امين سائينءَ جون ٻه ڪافيون ڏنل آهن. انهن جا مطلع هي آهن.

       دلبر دل کي دام وڌا، ڪيئن لاعبدي چئي لاهيان لاهيان،*

جي مئخان ملندو مولا، بتخاني ۾ ڇاهي ڇاهي  *

 ٻيو انتخاب ان بعد پوڪرداس تاجر ڪتب، شڪارپور واري جو شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ به امين سائينءَ جو ٻه ڪافيون شايع ٿيل آهن. هڪ نمبر پهريون اڳ واري ۽ ٻيءَ جو مطلع هي آهي:

نيٺ اچي نيندا الا، مون کي ماڳ مارن جي.

ٽيون انتخاب ”سرها گل“ آهي، جو اسان جي سنڌ جي سهاڳي سڄڻ ڊاڪٽر دائود پوٽي (مرحوم) جو چونڊيل آهي. اهڙو معياري انتخاب ويجهڙائي ۾ ان بعد نظر نه آيو. ان ۾ ڊاڪٽر صاحب، امين سائين جي ساراهه ڪندي، جيڪي به ڪافيون ڏنيون آهن. انهن کي ناياب سڏيو آهي. انهن ناياب موتين جا مطلع هي آهن:

*  بيرنگي بازار ٿئي هن عشق جي اصلات جي،

*  مرد ٿي محلات ڀڃ ته واٽ ٿئي وصلات جي،

*  ڪاڪلِ قهري ڪمند ۾، برهه جي بازار ٿئي،

*     عاشق هجين تان سر اڇل، درشن سندي درڪار ٿئي.

ٻين گهڻن ئي صوفين، فقيرن ۽ بزرگن امين سائينءَ جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، هت فقط مان ويجهي ڇڪ واري مشهور صوفي مشرب واري مستاني فقير محمّد کٽيان (1296- 1359هه) جو فقيراڻو فڪر پيش ٿو ڪريان. فقير صاحب سائين پکن ڌڻيءَ لاءِ چوندو هو ته ”حضرت پکن ڌڻيءَ جو ڪلام جڏهن مون ٻڌو، تڏهن مون کي دل ۾ عشق پيدا ٿيو، ان بعد خيال آيو ته پکن ڌڻي، جي حيات هجن ها ته ساڻن ملاقات ڪريان ها!“ فقير صاحب جن، پکن ڌڻيءَ جي قبر تي اچي هڪ ماهه مراقبو ڪيو هو. فقير صاحب ائين چوڻ لڳو ته ”اسان کي حضرت پکن ڌڻيءَ وارن صاحبن کان باطني عشق جي راهه ۾ امداد ٿيل آهي“ اها ثابتي فقير صاحب جي هن بيت ۽ ڪافي مان ملي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org